ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو

لاڙڪاڻي جي وانجهيل ماو مڪانن ۽ شخصيتن بابت لکيل مضمونن جو ھي ڪتاب ڊاڪٽر غلام علي ھمت علي سانگي جو لکيل آھي. ڊاڪٽر غلام علي سانگي جي ھن ڪتاب ۾ لفظن ۽ جملن جو استعمال نج ڳوٺاڻو آهي. بيان جي جوڙجڪ، فقرن، جملن جي بيهڪ کي اهڙو سينگاريو ۽ سنواريو ويو آهي. محترم سانگي صاحب هن ڪتاب ۾ تاريخ جي هڪ نئين باب کي جنم ڏنو آهي. شامل ڪيل مواد ڏوري ڏسي، مشاهدا ماڻي، روبرو ملاقاتين ذريعي بيان حاصل ڪري، اڳين ڪتابن ۽ ڊائرين کي اٿلائي پٿلائي ڄاڻ حاصل ڪري ڪتاب سرجيو آهي. ڪتاب ۾ ڳوٺن ۽ اوطاقن جا احوال اهڙا ته اچاريا ويا آهن جو پڙهڻ مهل ٻهراڙين جي بيٺڪن جو ڀرپور عڪس اکين اڳيان پيو گذري.
Title Cover of book لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو

آگاڻي وڏو ڳوٺ

آگاڻي وڏو ڳوٺ

هي وسندي تعلقي لاڙڪاڻي اندر پٺاڻن جي وسايل چئي وڃي ٿي، کين ”آغا“ چوڻ ڪري آغاڻي لفظ جڙيو، معنيٰ آغا وارن وارو ڳوٺ. اڳتي هلي هن لفظ جي صورت بگاڙي آغاڻي مان ”آگاڻي“ ٺاهيو ويو، ڪيهر ڳوٺ جي اتران لاڙڪاڻو نئوديرو روڊ مان لنڪ روڊ اوڀر اتر وڃي هن ڳوٺ ۾ پوي ٿو، آگاڻي دادو ڪئنال جي اوڀر ڪڇ ۾ وسندڙ، وڻن سان ڍڪيل، سبزي ۽ باغات جي جهجهائي، مٺي پاڻي وارو وڏو ڳوٺ آهي، سرسبزي ۽ گهڻي آباديءَ جي ڪري ڄڻ ته هي ڪشمير جو هڪ جزو آهي، ڳوٺ جي آبادي به ڏاڍي ڳتيل آهي، ملڪي ورهاڱي کان اڳ ۾ هتي هندو ڳوٺ جي آبادي جو چوٿون حصو هوندا هئا، هتي جي زرعي زمين ڏاڍو مٿي هئڻ ڪري پراڻي دور ۾ نهري پاڻي گهاڙ واهه وارو کلي آوندي نه ايندو هو، ان ڪري هتي هڪ پهاڪو جڙي ويو:
”توڙي گهاڙ واهه وهي تارون تار، ته به آگاڻين جي اها ئي ڪار“
گهاڙ ٽمٽار وهندو هو، تڏهن به هتي جي زمين کي پاڻي نه لڳندو هو، ان حالت ۾ زمين کي نار ۽ ائٽ رستي پاڻي پهچائي آبادي ڪئي ويندي هئي، ڪچي جي زمين مٿان کهڙن ۽ آگاڻين جو کيٽو رهندو اچي.

ڳوٺ جون شخصيتون:
1. اهم شخصيت مولانا محمد صالح ڀٽو.
2. مستري ارباب علي ڪيهر، وڏو ڪاريگر ۽ شاعر هو، برٽش دور ۾ مائٽن جي دشمني جي ڪري ڪنهن ڪيس ۾ ڦاسائي، ڪاري پاڻي (انڊما ٻيٽ) سزا طور موڪليو ويو، جيڪا سزا ڀوڳي هو واپس آيو.
3. ماستر محمد موسيٰ ڪيهر، وڏو خوش نويس هو، سندس قلمي قرآن پاڪ پوين وٽ محفوظ آهي.
4. وڏيرو ارباب علي ڀٽي کي ڪتابن جي ذوق ڪري پنهنجو ڪتب خانو هوندو هو.
5. شوڪت ڪيهر، ڊرامه ۽ ڪهاڻي نويس، سندس هڪ ڪتاب ”پل تي ويٺل نوجوان“ ڇپيل آهي.
6. ملڪ آگاڻي، شاعر، اديب، ماستر، ڊرامه نويس، هارين تي ڪتاب ”بغاوت“ لکيائين.

ذاتيون:
آگاڻي، ڀٽا، ڪيهر، مير بحر، ڦلپوٽا، حجم، سيد، شيخ، مڱڻهار، دايا، ڪلهوڙا، چانڊيا، گهڻائي ۾ آگاڻي ذات آهي.

مولانا محمد صالح ڀٽو:
سندس والد جو نالو زميندار فيض محمد ڀٽو ڳوٺ وڏا آگاڻي، تعلقو لاڙڪاڻو، جنم 1919ع، ڪپڙي لٽين سدائين سنواريل، جسم مضبوط، ڀورو رنگ، قد پورو پنو، ڀريل بدن، وارن کي سدائين ميندي ڪيل، ملنسار، سخي عالم، دين ۽ تعليم مٿان خرچ ڪندو هو.
تعليم هيٺين ريت پڙهي تحصيل ڪيائين:
مدرسو لاهوري لاڙڪاڻو، مولوي محمد کوکر کيس پارسي پوري ڪرائي، مدرسو ٻيڙو چانڊيو، مولوي غلام رسول عباسي وٽ 3 سال رهي ڪنز قافيه تائين پڙهيو.
مدرسو گهوٽڪي، مولوي عبدالرزاق ڀٽو وٽ اٺ سال پڙهيو، جيڪو علم ميراث بيتن جي وسيلي پڙهائيندو هو، ان لاءِ چوندو هو ته اسلامي دنيا ۾علم ميراث مان ئي بيتن ذريعي پاڙهيندو آهيان، هتي شرح جامي، قطبي مير تائين پڙهيو.
مدرسو مٺڻ ڪوٽ، مولانا عبدالواحد پنجابي، اعليٰ خوبين سان نوازيل، جنهن وٽ ملا حسن، قاضي مبارڪ، تفسير بيضاوي شريف ۽ حديث شريف پرائي.
مدرسو خانپور ڪٽورا، بهاولپور رياست ۾ علامه سراج احمد، اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ، زيرڪ، ذهين، نهايت سادو، سٻاجهو، ڪيترن ڪتابن جو ليکڪ هو، مولوي محمد صالح علامه کي عرض ڪيو ته مدرسي گهوٽڪي ۾ مولوي عبدالرزاق ڀٽو علم ميراث بيتن وسيلي پڙهائيندو هو، ان ثابتي لاءِ ٻه بيت به کيس پيش ڪيائين، جنهن جي رد ۾ علامه ٻڌايو ته مولوي عبدالرزاق هن وٽ پڙهيو ۽ هتان علم ميراث بيتن ذريعي سکيو، پوءِ علامه پنهنجو اصل قلمي نسخو ڏيکاريو، اڳتي هلي ان کي ڇپائي، هڪ ڪتاب مون کي ڏنائين، جيڪو منهنجي لائبريري ۾ آهي،

علامه جي تحرير:
هڪ ڀيري خانپور جي ٻن ڌرين ۾ ملڪيت جي ورهاست مٿان ڦڏو ٿيو، علامه تحرير لکي ڏني، جنهن ڌر کي ڪس لڳي اها ڌر ديوبند وئي، اتي مولانا اعجاز علي کان تحرير ڪڍائي، مولانا حسين احمد مدني کان صحي ڪرائي ورتي، جڏهن اها ديوبند واري اختلافي تحرير خانپور پهتي، ته علامه اها اختلافي تحرير ۽ ڌرين جا ٻه معتبر ماڻهو ساڻ ڪري ديوبند پهتا،علامه انهي تحرير کي ديوبند جي ٻن عالمن جي روبرو ٽيڪا ٽپڻي ۽ دليل ڏئي مذڪور عالمن کي سندن غلطي مڃائي، کين ڪيل جهول جو احساس ڏياريو، ان کان پوءِ مدرسي بريلوي ويا، ۽ ساڳي تحرير علامه احمد رضا صاحب کي ڏنائون، جنهن علامه سراج احمد واري تحرير وانگر تحرير بيان ڪئي.
ٽيون مثال: فقيه امام محمد فقه جي مسئلن کي بيان ڪندي، ڪجهه جملا ڪن سببن جي ڪري رهائي ڇڏيا، صدين پڄاڻان علامه سراج احمد انهن رهيل جملن جو پورائو ڪري ڇڏيو.
مدرسو مراد آباد، صدر الافاضل مولانا حضرت نعيم الدين سائين مراد آبادي وٽ هڪ سال رهي دورو حديث پورو ڪيو، ۽ فيض فضيلت جي سند ورتائين، هي مدرسو ڀارت ۾ هو، شاگرد ديني تعليم وٺندا هئا، مراد آباد شهر جي مسجدن جي پيش امامت هن مدرسي جا شاگرد عالم ڪندا هئا، اتان جيڪو عوض ملندو هئن اهو شاگرد کڻندا هئا.
مذڪور مدرسن ۾ ماني جهجهي ملندي رهندي هئي، فقط هڪ مدرسي مٺڻ ڪوٽ ۾ 30 شاگردن کي جيڪا ماني ملندي هئي، ان مانيءَ مان ست ڄڻا شاگرد ڍءُ ڪري سگهن ها، مٺڻ ڪوٽ ۾ مهري دال ۽ ڪڻڪ جي ماني ملندي هئي، اڪثر ڪري ديني مدرسن ۾ ڪپڙو، تيل ۽ صابڻ هر هڪ شاگرد پنهنجو وٺندو رهندو هو، مولوي محمد صالح 23 سالن ۾ پوري ديني علوم جي تحصيل ڪري ورتي ان کان پوءِ پاڻ ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ کان شروع ڪري پوءِ جدا جدا هنڌن تي مدرسا قائم ڪري دين جي سکيا ڏيندو رهيو.