آڏي جاگير ڳوٺ
قنبر تعلقي جي پاسن ۾ پيل ڳوٺ، چانڊيا ذات وارن جي ويجهو ٻن تعلقن قنمبر ۽ وارهه جي دامن تي لاڳيتو جاگير جو وسيع پرڳڻو، جنهن منجهان هڪ اوڏڙي ۽ ويجهڙي جاگير آهي، تنهن کي آڏي جاگير ڪري سڏيو وڃي ٿو، نهري پاڻيءَ جي پهچ کان پري هجڻ ڪري هتي جي زمين گهڻي ڀاڳي ڪلراٺي ۽ ڪساري پاڻيءَ واري هجي ٿي، پوءِ به ڳوٺ جي ڀرپاسن ۾ ڪرڙن جون ڪنڌيون جهجهي نموني آهن. ()
هن وسنديءَ ۾ سرائي سائينداد کوکر جي زمينداري هئي، هو نهايت ديندار ۽ نيڪ ماڻهو هو، ان ڪري ڳوٺ جي مسجد ۽ ديني تعيلم تي وڏو ڌيان ڏيندو رهندو هو، جملي کوکر دين جي سکيا ۽ مسجد سان وڏو ذوق رکندا هئا، مسجد ۾ سرائي سائينداد جو پٽ سومهڻي جي نماز پڙهي تهجد جي نماز لاءِ مسجد ۾ ننڊ پئجي ويو، جنهن کي ننڊ ۾ شهيد ڪيو ويو.
مٿين واقعي جي ڪري، کوکر آڏي جاگير مان ٽپڙ سهيڙي 1920ع ۾ باڊهه جي ڀرسان ڀائيٽي جي نالي ”فيض محمد کوکر ڳوٺ“تيار ڪرائي ويهي رهيا، جتي اڃا سوڌو پيا گذارين. ()
ذاتيون:
سيد، مغيري، مڱڻهار، مڱڻيجا، ٽوٽاڻي، عمراڻي، چانڊيا، ابڙا، لوهر، دايا، گهڻائي ۾ چانڊيا آهن.