جيلاني سيد شرف الدين عرف علي شاهه
1923ع ڌاري بغداد شهر (عراق ملڪ) ۾ پيدا ٿيو. ڪراچيءَ ۾ لياري جا گبول ذات وارا بغداد جي جيلاني سيد خاندان جا معتقد ۽ مريد هئا. ان ڪري انهيءَ جيلاني گهراڻي مان جيلاني پير علي شاهه لياري جي گبول مريدن وٽ ايندو رهندو هو. اڪثر ڪري عبدالستار گبول مريد وٽ خاص بيٺڪ رهندي هئي، جتان راڻي پور جي جيلاني پير مور شاهه لياري ۾ اچي ڪري کيس دعوت ڏيئي پاڻ سان راڻيپور وٺي آيو، سنڌ ۾ اهڙي نموني ڪيترن هنڌن تي سندس مريدن ۽ مڃتا وارن ۾ تيزيءَ سان واڌارو ايندو رهيو. انهن مريدن ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو تعلقو رتيديري جا زميندار ۽ ڳوٺائي به اچي ٿي ويا. ساڳي تعلقي جي ڳوٺ طيب مان ز ميندار عبدالخالق ابڙو مريد ٿيو، جنهن پنهنجي مرشد کي ڪوٺ ڪري ڳوٺ ۾ هڪ گهر ۽ اڍائي ايڪڙ آباد زمين نذراني ۾ دستاويز ڪري ڏنو. ان ڪري سنڌ ۾ پير صاحب جي پهرين رهائش گاهه طيب ڳوٺ کان شروع ٿي. ان بعد خيرو ديري ڳوٺ جي زميندار قاضي عبدالله انهيءَ تعلقي واسي پير صاحب ڏانهن طيب ۾ وڃي ڪري مريد ٿيو ۽ کيس ڪوٺ ڏيئي پاڻ وٽ وٺي آيو. خيرو ديري ڳوٺ ۾ سڪني زمين جا ٻه ايڪڙ بخشش ۾ عطا ڪيا، جتي هڪ مسجد، گهر، ۽ مريدن جي رهائش لاءِ لانڍيون ٺهرائي ڇڏيائين. پاڻ خيرو ديرو ۾ دائمي ٿاڪ ڪري رهڻ لڳا، سندس مريدن ۾ بي ڳڻت واڌارو ايندو رهيو. دودائي ڳوٺ تعلقي لاڙڪاڻي جا ميمڻ به سندس معتقدن ۾ آيا. جيڪب آباد ۾ به مريدن جو حلقو پيدا ٿيو، جن ۾ عبدالحڪيم سومرو پوليس جمعدار ڪراچي مريد ٿيو، جنهن کان پوليس نوڪري ڇڏرائي، ذڪر الاهي ڌن ۾ لڳايو. نوڪري کان پوءِ هو ڪراچي توڙي جيڪب آباد مان لڏياچي دائمي خيرو ديري ۾ بزرگ جو خليفو مقرر ٿيو، جتي خلافت جو فرض ادا ڪندو رهيو. ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ پير صاحب سخت بيمار ٿي پيو، مريدن کيس کڻائي ڪراچي ۾ علاج ڪرائڻ شروع ڪيو، جتي سندس وڏو فرزند ڪئپٽن محمد ابراهيم شاهه به پهچي ويو. علاج دوران اسپتال ۾ 11 جمادي الثاني 1479هجري برابر 31 ڊسمبر 1958ع تي الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو. سرت دوران سندس فرزند بغداد ڏانهن هلڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو، پر هن وصيت ڪري ڇڏي ته وفات پڄاڻا کيس خيرو ديرو ۾ رکيو وڃي. سندس چوڻ پٽاندڙ ڪئپٽن محمد ابراهيم شاهه ۽ مريدن هن کي ڪراچي مان کڻائي خيرو ديرو ۾ دفن ڪرايو. خليفي عبدالحڪيم جي لاڏاڻي بعد ڪئپٽن محمد ابراهيم شاهه جيلاني جي پٽ سيد طلال شاهه جيلاني عراق مان اچي هن جي ڏوهٽي محمد يعقوب سومري کي پڳ خلافت ٻڌرائي، انهيءَ ٻئي نمبر خليفي جي جاءِ تي سندس پٽ محمد علي کي به سيد علي شاهه جي پوٽي طلال ابراهيم ولد ڪئپٽن سيد محمد ابراهيم جيلاني خليفو مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن جي نگرانيءَ ۾ هن جماعت جو شيرازو هلندو رهي ٿو.
پوري جماعت جي چندن، ڦوڙي فراد مان گڏ ٿيل رقم خليفي جي هٿن ۾ رهندي آهي، جنهن مان خليفو هر مهيني جي 11 تاريخ تي واعظ ۽ ڪلام پاڪ جو دور صلات سان گڏ ننگر جو بندوبست به وڏي ڍنگ سان ڪندو رهندو آهي. وفات واري ماهه جي 11 ۽ 12 تاريخن تي ديني محفلون ۽ ننگر ٿيندا آهن. ماهوار تي 3000 ۽ سالياني عرس تي 6000 کان مٿي مريد ايندا رهن ٿا.