ڀانڊو قبو
سنڌ جي واهڻن، ننگرن ۽ شهرن نالن جي مزيدار تاريخ آهي، ان ريت هن وسنديءَ جي نالي جي به هڪ مثالي اتهاس آهي، سنڌ مٿان ڌارين جون ڪاهون ۽ هلائون ته اڻ ڳڻيون ٿينديون رهيون آهن، پر خاص ڪري، افغاني لٽيرن جون اتر سنڌ تي اوچتو يلغارون پئي ٿيون آهن، انهن حملن ۾ سنڌي وسندين مان سون، چوپايو مال وغيره ڦري هليا ويندا هئا، هن ڳوٺ رتي جلباڻي بهادر جي اڳواڻيءَ ۾ اڳرائي ڪندڙ افغانين گهلرن سان مهاڏو اٽڪايو، وڏي ويڙهه ٿي، جنهن ۾ ڳوٺ وارن جي هار ٿي، گهلر رتي خان جو سر مبارڪ لاهي، پاڻ سان کڻي ويا، ڳوٺ وارن شهيد جلباڻي رتي صاحب جي ڌڙ مٿان هڪ قبو ٺهرائي، ڳوٺ جو نالو ”ڀانڊو قبو“ رکيو.
ڌڙ معنيٰ ”ڀانڊو“ هن ڳوٺ جي وچان سم نالو نڪري ٿو، جنهن ڪري مذڪور وسنديءَ کي ”نالي“ جي ڪري طبعي نموني ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جڏهن ته اصل ۾ هڪ ئي بستي چئي وڃي ٿي، قبي جي اولهه ۾ سيال ذات وارن جو ڳوٺ ۽ قبي جي اوڀر ۾ ڊکڻ ذات وارن جو ڳوٺ آهي، ان ريت ڀانڊو قبو وسندي ڄڻ سم واهه جي ڪري ٻن ڳوٺن ۾ ونڊجي ويو، 1988ع ۾ 100 گهر، آدمشماري 2000 کن رهي ٿي.
ڳوٺ جي زمين وچولي، پاڻي کارو، وڻڪار جهڪي، ذاتيون: ڊکڻ ۽ سيال، جن ۾ گهڻائي سيالن جي آهي.
ڳوٺ وارثڏنو ماڇي:
تعلقي رتيديري ۾ هن ڳوٺ جي وسائڻ جو سهرو وارث ڏني ماڇيءَ جي سر تي سونهين ٿو، ان ڪري هن وسنديءَ تي سندس نالو پيو ڳائجي، ڳوٺ محمد پور اوڍي روڊ جي اوڀارين ڀر تي آهي، ڏکڻ ۾ رائيس مل ۽ اتر ۾ پرائمري اسڪول کڙو ٿيل اٿس، ڳوٺ جي ديهه جي زمين زرخيز، پاڻي مٺو، وڻڪار جهجهي، وڻن ۾ نم ۽ سرنهن جا درخت گهڻائي ۾ آهن، 1980ع ۾ هن وٿاڻ جي 200 آدمشماري کن هئي.
ذاتيون:
ماڇي، ڪاسائي، سومرا ۽ نوناري آهن، جن ۾ گهڻائي واري ذات ماڇي آهي،
ڳوٺ جو اڏيندڙ وارث ڏنو ماڇي ڏاڍو سخي ماڻهو ۽ بهادر انسان ٿي گذريو آهي، ڪلهوڙا دور حڪومت ۾ سرڪار هن کي هڪ تلوار انعام ڏني، جيڪا هن جي پوين وٽ اڃا ٿانيڪي آهي، هن جو ننگر خانو هلندو هو، ماني کارائڻ ۾ واهرو ۽ ويري ۾ ٻيائي نه رکندو هو، 1740ع ڌاري ايراني بادشاهه نادر شاهه هن وستي کان لنگهيو ٿي، ان سمي کيس ۽ سندس ڪٽڪ کي هن سخي ماڻهو ماني کارائي.
پراڻي دور ۾ اتر سنڌ مٿان افغاني پٺاڻن جا ٽولا، ڦورو، ڌاڙيل اوچتو ڳوٺن مٿان حملا ڪندا هئا، انهن حملي وارن کي سنڌي ماڻهو گهلر چوندا هئا، جنهن منجهان گهل!گهل!! جا لفظ ٺهيا، هو گهلر ڳوٺن جا ڳوٺ ويران، فصل ڀيلي، ماڻهو قتل ۽ چوپايو مال زوري ڦري ڪاهي ويندا هئا، هڪ ڀيري هن ڳوٺ مٿان گهلر اچي ڪڙڪيا، ڳوٺ وارن پنهنجا ڏاٽا کڻي، ڦورن مٿان نعارا هڻي، ڪاهي پيا، گهلر هن لڙائيءَ ۾ پنهنجا پيٽ ڦاڙائي، هار کائي وٺي ڀڳا، ڌاڙيلن چيو، ته ڳوٺ جي سنهڙن ماڻهن، ننڍڙن ننڍڙن اوزارن سان اسان مٿان مقابلو ڪري، ماري ڀڄايو، مذڪور جنگ کان پوءِ وارث ڏني ماڇي جي ڳوٺ سنهڙا ماڇي هڪ پاڙو سڏبو رهيو آهي، جن جي وڏن گهلرن سان مهاڏو اٽڪائي کين ميدان مان ڀڄايو ۽ سوڀارا ٿيا.
مولانا سلطان احمد جتوئي:
مولانا جي والد جو نالو ملا سالار جتوئي هو، شاهه جو ڳوٺ فيض واهه، تعلقي ڳڙهي ياسين ضلع شڪارپور ۾ 1911ع ۾ پيدا ٿيو، تعليم 11. 12 سالن جي وهي ۾ شروع ڪيائين، هيٺن هنڌن تان سکيا ورتائين،
مدرسو رتي ديرو: مولانا خادم حسين جتوئي جي نگرانيءَ ۾ ديني تعليم ورتائين.
مدرسو جندو ديرو: مولانا محمد مبارڪ ڀٽي جي نظر هيٺ اسلامي سکيا وٺي چڪو.
مدرسو ٻيڙو چانڊيو: مولانا غلام رسول عباسيءَ وٽ ڪجهه وقت پڙهيو.
مدرسو نصير آباد: مولانا محمد عظيم سولنگي جي اعليٰ صلاحيتن هيٺ رهي تعليم ورتائين.
مدرسو دارالهديٰ ٺيڙهي: هن مدرسي جي تعليم ۽ تربيت مان فائدو ورتائين.
مدرسو پاٽ: جڳ مشهور درسگاهه ٿي گذريو، جتي مخدومن جي اعليٰ صلاحيتن سان ديني تعليم حاصل ڪيائين ۽ اتان ئي سند حاصل ڪري آيو.
تعليم پرائڻ کان پوءِ شاهه جو ڳوٺ فيض واهه مان لڏي دائمي رتي ديرو رهائش ڪيائين، جتي مولانا خادم حسين جي وفات کان پوءِ رتي ديري جامع مسجد جو پيش امام ٿيو ۽ استاد جي مدرسي کي 1924ع کان هلايائين، هن کي پڙهائڻ کان وڌيڪ واعظ سان گهڻو شوق رهيو، 5 جنوري 1975ع تي واعظ ڪندي واپس ٿيو ته وفات ڪري ويو، هڪ ”ڪتاب سلطاني مولود“ لکيائين.