نادر شاهه جي ڪاهه ۽ ڪلهوڙا دور جي بي وسيءَ جو جائزو
سنڌ جي ڪلهوڙا حڪومت هندوستان جي مغل شاهي جي ڍلڀرو رياست هئي، 1739ع ۾ ايراني نادر شاهه مغل شاهي مٿان ڪاهي ويو، ان ويڙهه جي نتيجي ۾ سنڌ ملڪ ايران شاهي جي حوالي ٿي ويو، نادر شاهه هندوستان ڦري ۽ لٽي ڪابل ۾ پهتو، جتي سنڌ جي والي نور محمد ڪلهوڙي کي پاڻ گهرائڻ ٿي چاهيو، جيڪو نادري حڪم کان لنوائي ويو، ان کي سيکت ڏيڻ خاطر نادر شاهه سنڌ مٿان هلان ڪري آيو، بنا مقابلي سنڌ کي لتاڙي عمر ڪوٽ ۾ ڪلهوڙي حاڪم مٿان گهيرو ڪيو، ذلت جهڙن شرطن تي نادر شاهه آڏو سنڌ جو والي پيش پيو، اهي شرط هئا:
1. ڪلهوڙي والي جا ٽي پٽ يرغمال ٿي ايراني درٻار ۾ رهندا.
2. سنڌ ملڪ مٿان ڳري ڍل مڙهي وئي.
3. سنڌ جو خزانو ۽ ڪتب خانو ڦري، ايران کنيو ويو.
ايران ۾ نادر شاهه جي قتل ٿيڻ کان پوءِ سندس افغان جنرل احمد شاهه ابدالي افغانستان کي آزاد ڪري پاڻ بادشاهه ٿيو، جنهن سنڌ مٿان چڙهايون جاري رکيون، جنهن کي بهادري واري موٽ نه ملي.
حقيقت ۾ ڪلهوڙي واليءَ کي نادر شاهه سان ميداني جنگ يا گوريلا ويڙهه لاءِ تيار رهڻ گهربو هو، جيڪڏهن مقابلي ڪرڻ جي همت نه هئي ، ته نادري حڪم جي مڃتا پوري ڪري ها، ڪابل نه وڃڻ جي ڪري نادر شاهه سنڌ مٿان ڌوڪي، سنڌ کي لتاڙي، عمر ڪوٽ پهچي ويو، ڄڻ ته ايران مان لنگهيو ٿي ويو. ڪلهوڙو حاڪم عمر ڪوٽ کان ٻاهر نڪري نيچو ٿي پيش پيو، جيڪا هن جي تاريخي عظيم غلطي هئي.
نادر شاهه کان پوءِ افغان احمد شاهه ابدالي سنڌ مٿان ڪڙڪي پيو، جيئن ته ڪلهوڙا حاڪم غير ملڪي حملن کان پٺي ڏئي مري ويا هئا، ان ڪري ابدالي جي هلان وقت ايترو نڪري ويو جو سنڌ جي سرحد کان ٽپي جيسلمير جي علائقي ۾ فوت ٿي ويو، ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ جي سائين پنهنجي ڪلام جي وسيلي سنڌ جي وارثن کي سورهيائيءَ جي ڏاهه ڏيندي فرمايو:
سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
سنڌ جي داخلي ٽڪساٽ ۽ مانڊاڻ ۾ ڪلهوڙا حاڪم ڏاڍا بهادر هئا، جهوڪ جي صوفي فقيرن ۽ کهڙن جي عباسي عالمن جي اسرندڙ اجتماعي قوت، ميڙاڪا ۽ گهڻائي واري جوڙجڪ سهي نه سگهيا، انهن بزرگن جي جدا جدا سگهاري تنظيم کي ملڪي خطرو ڄاڻي ڪري، مٿن چڙهايون ڪرائي، کين هميشه لاءِ ختم ڪرايو ويو.
مٿين ڏس ۾ سنڌ اندر سنڌي سورمن جي فقط ٻن جنگين جا مثال ڏجن ٿا:
1. ترخان دور ۾ مغل شهنشاهه اڪبر اعظم جي ٻه ساله جنگ.
2. حر گوريلا ويڙهه ۽ انگريز سامراج سان ڪيئي سال مقابلا.
هندوستان ۾ مغل شهنشاهه اڪبر اعظم مغليه دور جو وڏي زور وارو حاڪم هو، جنهن لاءِ تاريخ معصومي صفحو: 160 کان بيان ڪري ٿي، ته سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ شهنشاهه اڪبر جنرل محمد صادق کي روانو ڪيو، جنهن سنڌ جي جنگ ۾ توبخانو تباهه ڪرائي، لشڪر چٽ ڪرائي، جنگ جي ميدان کان نڪري ڀڄي ويو، اها هار اڪبر بادشاهه کي دل ۾ ڪنڊي وانگر چڀندي رهندي هئي، ان ڪري سنڌ کان بدلي وٺڻ لاءِ 1590ع ۾ مشهور فاتح جنرل عبدالرحيم خان خانان کي موڪليو، هن سان هندوستاني فوج جا چونڊ بهادر 50 جنرل پنهنجن پنهنجن جٿن سان روانا ڪيا، شهنشاهه پاڻ لاهور کان ٻيڙن تي چاڙهي کيس الوداع ڪرڻ آيو ۽ لاهور ۾ ويهي سنڌ جي لڙائي مٿان نظر رکندو رهيو، مغلي ڪٽڪ سان سنڌ ۾ چپي چپي تي جنگ شروع ٿي وئي، اها لڙائي ڪيترا سال هلندي رهي، ڊگهي جنگ کان خان خانان تنگ ٿي چڪو، ان ڪري سنڌين کي صلح جي آڇ ڪيائين، انڙ پور شهر ۾ صلح جو معاهدو ٿيو، ان ڪري خان خانان سنڌ مٿان آگسٽ 1591ع تي گهيرو کنيو.
حر گوريلا ويڙهه ۽ عالمي سامراج انگريز:
حر سنڌ جي پيداوار، سنڌ ماڻهو، جنگ جي جديد فن کان ڪورا، بنا هٿيارن، بنا خزاني، ملڪي توڙي غير ملڪي مدد کان پري ۽ بنا ليڊر ۽ جنرل جي سالها ويڙهه جاري رکيائون، جڏهن ته سنڌ ۾ عام مثال آهن.
1. بنا خزاني جي ٿيڻ سلطان مشڪل آ،
2. بنا هٿيارن جي جنگ لڙڻ اجايو آ،
3. جتي پڄڻ نه آهي پات، تتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو،
حرن مٿين ٽنهين مثالن خلاف جنگ وڙهي، پوري دنيا کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون، حقيقت ۾ انگريز سامراجي طاقت هو، ان ڪري چوندا هئا، انگريز فيل مست (چريو هاٿي) آهي، 1942 ۾ حرن جي روحاني پيشوا کي قيد ڪرڻ کان پوءِ مٿن مارشل لا لڳائي وئي، بنا هٿيار، بنا خزاني حرن پنهنجي سرواڻ ۽ رهبر جي غير موجودگي ۾ سامراج خلاف گوريلا ويڙهه جاري رکي، حرن راتين جو اوچتو، انگريز پوليس ۽ فوج مٿان ڇاپا ۽ ڪاهون شروع ڪري ڏنيون، جن ۾ اول ته هٿيار ڦر ڪيائون، انهن ئي ويرين جا هٿيار هٿ ڪري دشمن فوج ۽ پوليس سان وڙهندا رهيا، ايستائين جو 1947 ۾ انگريز هندوستان ۽ پاڪستان ڇڏي هليا ويا، هزارن جي عدد ۾ حر شهيد ٿيا، سندن وسنديون وٿاڻ ساڙيا ۽ ويران ڪيا ويا، کين عورتن ٻارن سميت جيلن ۽ لوڙهن ۾ بند رکيو ويو، پوءِ به حرن جا ڪيترا گوريلا جٿا حڪومت انگريز خلاف وڙهندا رهيا، جنهن جو مثال فقير رحيم هنڱورو هو، جنهن جي ٽولي کي 1952 ڌاري گرفتار ڪيو ويو، کيس حيدرآباد جيل ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو.