ڳوٺ وليداد گابر
تعلقي رتي ديري جو سدا آباد ڳوٺ ٻن حصن ۾ هڪ وليداد ۽ گابر آهن، ٻنهين وسندين وچ ۾ واهه وهي ٿو، واهه جي ويڪر واري وٿي 50 فوٽن کان به سرس پوي ٿي، ڳوٺ وليداد جو زميندار وليداد ذات جو ويسر هو، گابر ڳوٺ جو چڱو مڙس گابر جوڻيجو هو، ان ڪري ٻن ڳوٺن جي ٻن نيڪ مردن جي نالن تي ”وليداد گابر“ ڳوٺ ٺهي پيو، سنڌي پرائمري اسڪول به ساڳئي نالي تي قائم ٿي چڪو، 1980ع ڌاري هن ٻن ڳوٺن جي گهر شماري 300 ۽ آدمشماري 1500 هئي، ٻنهين وسندين جو عوام هڪ ٻئي جي ساٿ ۽ سهڪار ۾ رهي ٿو، وليداد بستيءَ جي ڪجهه حصي جو پاڻي مٺو رهي ٿو، جڏهن ته گابر وٿاڻ جو پاڻي هر گهر ۾ مٺو آهي، ملڪي ورهاست کان اڳ ۾ هتي هندن جو مندر سڄي سنڌ ۾ ناميارو هوندو هو، ان ڪري هر سال سڄي سنڌ جا هندو ياتري گڏ ٿي، اچي ميلو ملهائيندا هئا.
تعلقي رتي ديري ۾ ٻه ڳوٺ سرڪاري مخصوص نوڪرين جي ڪري گهڻو هاڪارا رهيا آهن، ڳوٺ زنگيجا ۾ تپيدار شماري جام ۽ وليداد گابر ۾ ماستر شماري گهڻي رهي آهي، ان لاءِ ٻئي وسنديون مشهور رهيون آهن.
ذاتيون:
وليداد گابر جون، سيد، سومرا، مير بحر، جوڻيجا، جسڪاڻي، ويسر، ڪلهوڙا، چنا، دايا، گهڻائي ۾ جوڻيجا ذات آهي.
ڳوٺ جي قدآور شخصيت:
محمد عثمان ولد گلاب خان چنو، ڳوٺ وليداد گابر تعلقي رتي ديري ۾ جنم 20 سيپٽمبر 1909ع تي ٿيو، ابتدائي تعليم آبائي اسڪول ۾ پڙهي، باقي سنڌي فائينل نئوديرو پرائمري اسڪول مان پاس ڪيائين، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان 3 سال تربيت ورتائين ان کان پوءِ ڳڙهي خدابخش پرائمري اسڪول ۾ استاد ٿي رهيو، دودائي اسڪول ۾ ٻارن کي سکيا ڏنائين، 1939ع ۾ تعلقي سيوهڻ ۾ پرائمري تعليم مٿان سپروائزر ٿي رهيو. 1947ع تي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ساڳئي عهدي تي آيو، ان کان پوءِ رتي ديري، شهدادڪوٽ، ڳڙهي ياسين تعلقن مٿان انهيءَ درجي تي هليو، آخر ۾ تعلقي لاڙڪاڻي جي تعليم مٿان نگران ٿيو، جتان 16 جولاءِ 1963ع تي وفات ڪري ويو، کيس وليداد گابر جي مقام ۾ دفن ڪيو ويو، کيس هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون.
مرحوم محمد عثمان خانبهادر محمد ايوب کهڙي جو گهرو دوست رهيو، لاڙڪاڻي جي سياسي صلاحن ۽ مشورن ۾ کهڙي صاحب جو محمد عثمان چنو اول ڪڙي واري شخصيت هئي، کهڙي صاحب مٿان هن جو جادوءَ جهڙو اثر هو، هن دو رجي سياسي ميدان ۾ هن کي مرڪزي اهميت هئي، کهڙا دؤر جي مسلم ليگ سياسي رٿا ۾ هن جو اهم ڪردار رهيو، هو راڳ جو شوقين هو ۽ پاڻ به سريلو ڳائيندڙ ۽ يار ويس ماڻهو هو، سندس لاڙڪاڻي واري اوطاق ماڻهن کان خالي نه رهندي هئي.