ڏاهو ۽ رهبر استاد رحمت الله ابڙو صاحب
سندس والد بخشل خان ۽ ڏاڏو ٻڍو خان ابڙو (جيهو) ڳوٺ ٻڍو جيهو، ديهه ۽ تپو بهمڻ تعلقي رتيديري ۾ 2 فيبروري 1942ع ۾ ڄائو، 1945ع ۾ سندس والد گذاري ويو، جيڪو انجنيئري بنگلي ۾ چوڪيدار رهيو. 1950ع ۾ ڪيهر ڳوٺ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ اچي ويٺا. هن ڳوٺ جي ريلوي لائين تي هن جو چاچو در محمد ۽ وڏو ڀاءُ ٻڍو خان گينگ مين هئا. ڪيهرن ۾ ٻه جريب ڪڙمت به ڪندا هئا. مسٽر رحمت الله کي پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ مليل ورثي طور ڏيڍ ايڪڙ زمين به هوندي هئي، جنهن جي پيداوار هن کي ملندي رهندي هئي. هن جفاڪش ۽ سڄاڻ استاد پنهنجي محدود وسيلن سان پنهنجا 4 پٽ ۽ هڪ نياڻي اعليٰ تعليم سان سينگاريا جن جو هيٺ احوال ڏنو ويندو. ساڳي وقت استاد سان گڏ شاعر به آهي، جنهن جو هڪ شعر به هيٺ رکيو ويندو.
تعليم: سنڌي ٽي درجا پرائمري اسڪول بهمڻ ۾ پڙهيو، باقي تعليم ست درجا سنڌي ۽ ٽي درجا انگريزي پرائمري اسڪول ڪيهر ۾ پڙهيو. سنڌي فائينل پرائمري اسڪول آگاڻي ۾ ڏنائين. شادي 1969ع ۾ ڪيائين. سندس والده 1981ع ۾ گذاري ويئي.
نوڪري: منڍ ۾ ايريگيشن ۾ ٽيليفون آپريٽر ۽ داروغو رهيو جيڪا نوڪري ڇڏي، پير صاحب پاڳاره جي سفارش سان 20 مارچ 1964ع تي پرائمري اسڪول مسو حب ۾ هيڊ ماستر الاهي بخش ميراڻي وٽ نائب ٿيو. ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جدا جدا اسڪولن ۾ نوڪري ڪندي، 15 اسڪيل ملڻ کانپوءِ مسجد اسڪولن جو سپروائيزر ٿيو. 31 جنوري 2002ع تي کاتي کان رٽائرڊ ٿيو. 2000ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻي مان ٽپڙ سهيڙي قاسم آباد، حيدرآباد ۾ وڃي آباد ٿيو آهي. 2010ع ۾ پاڻ ۽ گهرواري ساڻ ڪري حج ڪيائين.
ابڙي استاد جي ڪرامت جو ڪمال اهو آهي جو پنهنجن پنجن ٻارن جي ابتدائي سکيا جو بنياد پاڻ رکيائين ۽ باقي تعليم جي رهبري ۽ سنڀال ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏيائين. ان ڪري ڪو به ٻار تعليم ورتل گس کان ويسلو نه رهيو. ابڙو صاحب پاڻ استادي پيشي سان گڏ شاعر به رهيو آهي. شاعريءَ ۾ تخلص نماڻو اٿس.
هڪ شعر نماڻي جي تخلص سان هيٺ ڏجي ٿو:
جلدي هل نه تون پير ڍلا ڪر ڙي
ملاءِ مون سان منهنجو مَنُ ميهر ڙي
وچ سير ۾ سڏ سڏڪار ٻڌ
رڙيون دانهون مينهن جا ڌنار ٻڌ
والي وارث وير ۾ وَرُ ڙي
ڪونهي ڪُنَ ۾ بچڻ جو اُپاءُ ڪو
سگهو ساهڙ اچي لهه سماءُ ڪو
وريا واڳون سوين سيسر ڙي
ڏوهه ناهي نماڻا ڪنڀار جو
مونکي مٺو آهي منهنجي مقدر ڙي
سڄاڻ استاد جي چئن پٽن ۽ هڪ نياڻي جي ڏيٺ ويٺ:
مسٽر ثناءَالله ابڙو:
مسٽر ثناءَالله 1971ع ۾ ڪيهر ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سنڌي پرائمري ڪيهر پرائمري اسڪول تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پوري ڪري پنجين جماعت جو پاس سرٽيفڪيٽ وٺي ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو، جتي ڇهين کان ڏهين جماعت پڙهي، مئٽرڪ ۾ سوڀارو ٿيو، انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري ورتائين، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پنهنجي اهليت تي بي اي سول ۾ داخل ٿيو، انهيءَ دوران پرائيويٽ نموني هن ڊبل ايم اي به ڪري ورتي. ساڳي سمي ڪميشن جي تياري به ڪندو هليو، جنهن ۾ به سوڀارو ٿيو. 1995ع ۾ سيڪشن آفيسر مقرر ٿيو. آخر ۾ هن سي ايس ايس جو امتحان به ڏيئي ڇڏيو. 2000ع ۾ ڪسٽم کاتي ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٿيو. نوڪري جي سمي ٽريننگ لاءِ جاپان، چين، سريلنڪا، ڪئناڊا ۽ آمريڪا موڪليو ويو. 2004ع ۾ شادي شڪارپور جي دراني پٺاڻ خاندان مان ڪري ورتائين، آمريڪا دوران کيس فرزند عطا ٿيو، جنهن کي آمريڪا جي شهريت ڀاڳين پئي.
مسٽر سيف الله ابڙو:
پنهنجي وڏي ڀاءُ ثناءَالله جي پيروي ڪندي سنڌي تعليم ڪيهر اسڪول ۾ ورتائين. سيڪنڊري سکيا ڊي سي هاءِ سڪول مان پرايائين. هايئر سڪينڊري ڊگري لاءِ ڪاليج لاڙڪاڻو ڏٺائين. جتان سٺن نمبرن ۾ سند لڌائين، ان ڪري هن کي مهراڻ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ سولائيءَ سان سيکارڻ لاءِ مڪينيڪل ۾ بي اي جي اميدوار جي حيثيت ۾ اچڻ ڏنو ويو. پرائيويٽ جي ڍنگ سان هن ايم اي ايڪانامڪس ۾ ڪري ڇڏي. ان بعد بئنڪنگ ۾ ڪميشن جي امتحان ۾ سوڀارو ٿيو، ان لاءِ بئنڪ ايم سي بي ۾ آفيسر ڪري مقرر ڪيائون. ان وچ ۾ فيڊرل ڪميشن ۾ سوڀارو ٿي ويو، جنهن۾ هن کي اڪائونٽس گروپ مليو. وري سنڌ ڪميشن ۾ ڊي ايم جي گروپ ڪڻين حاصل ڪري ورتائين، نئين نصيب سان سنڌ اندر روينيو کاتي جي ڪيترن ئي عهدن مٿان مقرر ٿيندو هليو، هن سمي ضلعي لاڙڪاڻي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهي ٿو. سندس شادي گهر آبادي لاڙڪاڻي شهر جي قاضي خاندان مان ٿي سندس پيدائش 1976ع آهي.
مسٽر صفي الله ابڙو:
ڪيهر ڳوٺ ۾ 1980ع ڌاران پئدا ٿيو. وڏن ڀائرن جيان سنڌي سکيا ۽ ثانوي ساڃاهه ڪيهر پرائمري اسڪول ۽ ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جون ياترائون ڪيائين. هايئر سيڪنڊري ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جون پوري لڳاءَ ۽ ذوق سان حاضريون ڀريائين، گريجوئيشن انجنيئرنگ جي گس تي نه هلندي، ميڊيڪل ڏانهن روانو ٿي ويو. پنهنجي تعليمي لياقت جي حيثيت سان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ چونڊجي ويو. ايم بي بي ايس جي پنجن سالن تائين پڙهي پرکي پورو ڪري، هائوس جاب کي لڳو، ان بعد ڪراچي جي ڪيترين اسپتالن ۾ ڪم ڪندو رهيو. نيٺ آمريڪا ويو، جتي ٽي سال رهي، مقرر امتحان پاس ڪري، واپس وطن ٿيو، سعودي عرب ۽ عرب امارت پنهنجن ملڪن جي لاءِ پاڪستان مان هوشيار ڊاڪٽرن جي چونڊ لاءِ ڪميشنس مقرر ڪيون، جن ۾ هي چونڊجي ويو، پر پاڻ سلطنت مسقط عمان کي ترجيح ڏنائين، جيئن ته اتي هن جي ڀيڻ جو گهروارو ڊاڪٽر عرفان مهر ۽ سندس ڀيڻ نوڪريون ڪندا ۽ رهندا هئا. تنهن ڪري هن عمان کي پسند ڪري، اتي ڊاڪٽر ٿي رهڻ پسند ڪيو. 2015ع ۾ شڪارپور جي دراني پٺاڻ خاندان مان شادي رچائي، جا پڻ ڊاڪٽري پيشي سان لاڳاپيل آهي.
مسٽر مسيع الله ابڙو:
پنهنجي گهرو ڀائپي جي تعليمي ريس ۽ ڀيٽ ۾ هن اڳتي وک وڌائڻ جو تئونکرو ڏيکاريو. ڪيهر ۽ لاڙڪاڻي شهر جي تعليمي ادارن جي فرمانبرداري بجا آڻڻ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪيائين. تعليم جي مقرر ڪيل ڏهاڙن کي محبت سان نباهيائين. پهرين ۽ ٻئي ڀاءُ جيان مٿس کي پسند ڪندي انجنيئرنگ لاءِ اين اي ڊي يونيورسٽي جي تاڙ ۾ رهيو، جنهن جي آزمائشي امتحان مان پار پيو. ان ڪري هن جي سکيا جا در هن اداري ۾ کليل رهيا. پنهنجن ڀائرن جي گس تي هلندي. خانگي نموني ايم اي ڪري ورتائين. اين اي ڊي کان واندڪائي حاصل ڪري، زيبسٽ يونيورسٽي ڪراچي مان ايم بي اي پاس ڪري، نيشنل بئنڪ جي ڪميشن جي ويهڻ جي اوسيئڙي ۾ رهيو، نيٺ اها ڪميشن پاس ڪري ويو. ان سوڀ جي ڪري هن کي ڪلاس ٽو آفيسر ڪري کنيو ويو. بئنڪ طرفان آمريڪا جي ورجينا يونيورسٽي ڏانهن ڇهه مهينا ويو. هن سمي وڌيڪ ڄاڻ لاءِ آسٽريليا وڃي رهيو آهي. سندس جنم 1984ع آهي.
بي بي فرزانه بيگم ابڙو:
ڪيهر ڳوٺ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ استاد رحمت الله ابڙي جي سڀاڳي گهر ۾ بختاور نياڻي بي بي فرزانه هوش سنڀاليو، اهو نيڪ سمو 1980ع جو سال هو. ڪيهر وسندي ۾ اٺ جماعتون پڙهي ڪري نئون ديرو گرلس هايئر سيڪنڊري اسڪول مان مئٽرڪ ۽ انٽر ڪري ورتائين. وڌيڪ سکيا جي لاءِ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي ايس سي ڪيائين. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ائڊ ۾ سوڀ پاتائين. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ايم ايس سي لاءِ ٻه سال هاسٽل ۾ رهي ڪري جدا جدا استادن پروفيسرن جا ليڪچرس ٻڌائين ۽ لکيائين. ان ريت زولاجي ۾ ماسٽر ڊگري جي نعمت هٿ لڳس.
شادي: پنهنجي والدين جي چونڊ ۽ باهمي مشوري سان نبيرو ڪري شڪارپور جي هڪ ڊاڪٽر عرفان مهر سان نڪاح پڙهائي ناتو ۽ واسطو جوڙيو ويو. ڊاڪٽر مهر آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ ميڊيڪل آفيسر ٿي رهيو. سلطنت مسقط جي ڊاڪٽر ڪميشن جي چونڊ ۾ سوڀارو ٿيو. ان ڪري جوڙو انهيءَ خوشحال ملڪ ۾ رهندو اچي ٿو.