پبلڪ سروس امتحان يا ڪميٽي امتحان يا ورنيڪيولر فائينل امتحان
ڏسڻ ۾ ته ائين اچي ٿو ته سنڌي ابتدائي شاگردن جي پهرين کيپ 1853ع کان جاري ٿي، جنهن جي هر هڪ سال ۾ آزمائش ٿيندي رهي، امتحان کان پوءِ ڪامياب شاگردن کي سنڌي ابتدائي اسڪولن اندر درجو ٽپائڻو پوندو هو. ان ريت سنڌي شاگردن جي پهرين ٽولي سنڌي اسڪولن جي مڪاني امتحان ڏيندي رهي، ان روءِ جملي شاگرد ڇهه امتحان ڏيندا رهيا، ان امتحان شماريءَ ۾ ٻاراڻو ڪتاب، پهريون ڪتاب، ٻيون ڪتاب، ٽيون ڪتاب، چوٿون ڪتاب، ڀاڱو پهريون، چوٿون ڪتاب ڀاڱو ٻيون، جملي ڇهه ڪتاب ٿيا.
مذڪوره ڪتابن مان هڪ ڪتاب جو هڪ سال ۾ امتحان ٿيندو رهندو هو، جڏهن ته هي ڇهن سالن جو ڪورس ڇهن امتحانن وٺڻ سان، ڇهن سالن ۾ پورو ٿيندو هو، مگر هن ”ڇهه سالي ڪورس“ کي ”پنج درجا“ سڏيو ويندو هو، ٻاراڻي ڪتاب کي پورو سال پڙهڻ ۽ امتحان ڏيڻ کي نه ڳڻيو ويندو هو، ڳڻپ ۾ رڳو پهريون درجو، ٻيون درجو، ٽيون درجو، چوٿون درجو، ۽ پنجون درجو هوندو هو، جنهن کي ”پنج درجا“ چيو ويندو هو.
مٿيان پنج درجا پڙهي، ڪامياب ٿي، بعد ۾ پبلڪ سروس امتحان يا ڪاميٽي امتحان جي تياري ڪرائي ويندي هئي، اهڙو امتحان بامبي يونيورسٽيءَ جي نگراني ۾ ورتو ويندو هو، ۽ نتيجو پڌرو به يونيورسٽي ڪندي هئي، هن امتحان جو پهريون ڌڙو ستن سالن کان پوءِ 1860ع ۾ امتحان ڏيڻ لاءِ ويٺو، پوءِ هر سال ان قسم جو امتحان بامبي يونيورسٽي وٺندي رهي.
1874ع ۾ ”سنڌي ڪتاب پنجون“ مسٽر ڪوڙي مل چندن ملکاڻي لکيو،( ) چوٿون ڪتاب ڀاڱو ٻيون، جنهن کي پنجين درجي جي لاءِ پاڙهيو ويندو هو، انهيءِ کي رد ڪري، نئون پنجون ڪتاب، سنڌي ڪورس تي رکيو ويو، سنڌي ابتدائي اسڪولن ۾ پنجن درجن کي 1853ع کان 1895ع تائين 42 سالن جو عرصو هلايو ويو.
1896ع ۾ ساڳي ليکڪ ڇهون ڪتاب لکي ورتو، جنهن بامبي سرڪار سنڌي ابتدائي اسڪول ڪورس ۾ شامل ڪري، پنجن مان ڇهن درجن جو ڪورس مقرر ڪري ڇڏيو، ڇهن درجن جي ڪورس کي پنج سال هلايو ويو، انهيءَ ڏس ۾ شاگرد ڇهن درجن جو ڪورس ڪري پوءِ ڪاميٽي لاءِ تيار ٿيندا هئا.
1900ع ۾ ستون ڪتاب مسٽر ڪوڙي مل چندن مل گلاڻي لکيو. جنهن کي سنڌي اسڪول ڪورس ۾ شامل ڪري ستين درجي لاءِ مسٽر بهار مل ريجهو مل خوشحالاڻي جي شاهدي مناسب لڳي ٿي، جنهن پنهنجي مضمون ”منهنجي ماستري ۽ منهنجو آزمودو“ ۾ لکي ٿو، اڳي سنڌي ابتدائي اسڪولن ۾ ڇهه درجا هئا، مان 1901ع ۾ ڪاميٽي جو امتحان ڏنم ۽ پاس ڪيم، هاڻي سنڌي ست درجا آهن“ سنڌي ستون درجو 1900ع کان 1960ع تائين سنڌي ابتدائي اسڪولن جي ڪورس تي 60 سال ڇانيو رهيو، 1915ع ۾ سنڌي ابتدائي اسڪولن ۾ ستن درجن جو نصاب هيٺ ڏجي ٿو:
(1) ٻاراڻو ڪلاس:
پهريون هيڊ: ڪتاب پڙهڻ، بيت ڳائڻ، سوليون آکاڻيون پڙهڻ،
ٻيون هيڊ: سليٽ ۽ پٽيون لکڻ،
ٽيون هيڊ: 100 تائين انگ، جوڙ ڪٽ، 5 تائين کوڙا.
دستڪاري:
(2) پهريون درجو
پهرين هيڊ: ڪتاب بيت ڍنگ سان پڙهڻ
ٻيون هيڊ: سليٽ پٽيون لکڻ، صورتخطي لکڻ
ٽيون هيڊ: 1000 تائين انگ ڳڻڻ ۽ درجا لکڻ، 16 تائين کوڙا، ضرب ۽
ونڊ.
دستڪاري:
(3) ٻيون درجو:
پهريون هيڊ: ڪتاب، بيت پڙهڻ
ٻيون هيڊ: سليٽ، پٽيون لکڻ، صورتخطي لکڻ.
ٽيون هيڊ: هڪ لک تائين انگ ڳڻڻ، ضرب ونڊ، 20 تائين کوڙا ۽ اڻپور
چوٿون هيڊ: اسڪول، ڳوٺ ۽ تعلقي جو نقشو ڪڍڻ، تعلقي جاگرافي
دستڪاري:
(4) ٽيون درجو:
پهريون هيڊ: ڪتاب بيت پڙهڻ، بيتن جو 75 سٽون ياد ڪرڻ،
سولا دستخط پڙهڻ،
ٻيون هيڊ: سليٽ پٽي ۽ بوڪ تي لکڻ، صورتخطي، خط لکڻ، سولي آکاڻي ٻڌائڻ،
ٽيون هيڊ: ڪروڙ تائين انگ ڳڻڻ، درجا لکڻ، 20 تائين کوڙا، اڻپور سمجهائڻ، برو واج ڪرڻ، چورس ڪنڊ ماپ سيکارڻ
چوٿون هيڊ: ضلع جاگرافي
دستڪاري
(5) چوٿون درجو:
پهريون هيڊ: ڪتاب بيت، بيتن جون 100 سٽون ياد، سولا دستخط پڙهڻ،
ٻيون هيڊ: گرامر، ڳالهائڻ جا لفظ سڃاڻڻ، اسم ۽ ضمير جا گردان ڪرڻ،
ٽيون هيڊ: ٽرقمي، گڏيل ٽرقمي، سادي حصي رسي، ننڍو عام ۽ وڏي عام اپت، اڻپور،
چوٿون هيڊ: جاگرافي، بمبئي کاتي ۽ هندوستان جي طبعي ۽ ملڪي صورتحال تاريخ سنڌ آکاڻين رستي،
دستڪاري
(6) پنجون درجو:
پهريون هيڊ: ڪتاب بيت پڙهڻ، بيتن جون 125 سٽون ياد، سولا دستخط، گرامر فصل جا ڦيرا،
ٻيون هيڊ: بوڪ، خط، صورتخطي لکڻ، سولي درخواست لکڻ،
ٽيون هيڊ: وهنواري اڻپور، ڪنڊ ماپ، ٽٻڪي وٽ ٽڪنڊون، ڀر واريون ڪنڊون چوٽي واريون آمهون سامهون ڪنڊون،
چوٿون هيڊ: جاگرافي تاريخ هنڌ 1712ع کان 1761ع تائين،
دستڪاري
(7) ڇهون درجو:
پهريون هيڊ: ڪتاب بيت، بيتن جون 150 سٽون ياد، سولو دستخط، گرامر ڏکيري ترڪيب،
ٻيون هيڊ: صورتخطي، سولو مضمون يا درخواست لکڻ،
ٽيون هيڊ: في سيڪڙو، نرو ۽ گڏيل وياج، نفعو نقصان، سراسري، زباني ۽ ڏيهي حساب،
جاميٽري: پور وڇوٽي سنيون ليڪون، ٽڪنڊي جون ليڪون، مربع جون ڪنڊون، يڪسان، ٽڪنڊا، اڻپور پاسا ٽڪنڊا، نئين ليڪ تي عمود ڪڍڻ،
چوٿون هيڊ:
جاگرافي ايشيا يورپ، تاريخ 1761ع کان 1915ع تائين.
(8) ستون درجو:
پهريون هيڊ: ڪتاب بيت پڙهڻ، بيتن جون 150 سٽون ياد پڙهڻ، دستخط پڙهڻ گرامر سڄو ۽ اشتقاق،
ٻيون هيڊ: انگي حساب، ٻيون مول، پئمائش، ڏيهي حساب، جاميٽري سڌيان کي اوزارن سان جاچڻ پور وڇوٽي واريون چوپاسي شڪليون ساڳي پاسي تي ٽڪنڊا ۽ مستطيل
جاگرافي: دنيا جي جاگرافي، ضلعي ۽ ملڪي جاگرافي، واپار، هند جو نقشو ڪڍڻ،
تاريخ: پوري هند جي تاريخ ۽ حڪومت جو نمونو.
جيئن ته پبلڪ سروس امتحان 16 سيپٽمبر 1903ع کان هلندو، ساڳي وقت بامبي يونيورسٽيءَ ٺهراءُ منظور ڪيو آهي ته 1904ع کان اسڪول فائنل امتحان سرڪار پاڻ بندوبست ڪري، بامبي يونيورسٽيءَ اهو امتحان نه وٺي ڇو ته هن کي ٻين امتحانن وٺڻ جو بار اڳي ئي گهڻو آهي، ( ) اسڪول فائينل امتحان جيڪو اڳ ۾ بامبي يونيورسٽي وٺندي هئي، سو هاڻي سنڌ ايڊيو ڪيشنل ڊپارٽمنٽ وٺندي.
اسڪول فائينل امتحان اڳ ۾ بمبئي، پوني، احمد آباد، درواڙ ۽ ڪراچي ۾ ٿيندو هو، هاڻي هر هڪ پرڳڻي ۾ الڳ ٿيندو، اسڪول فائينل جو آخري امتحان 1903ع ۾ بامبي يونيورسٽيءَ ورتو، تنهن امتحان ۾ سنڌ جا سمورا اميدوار شاگرد 78 ويٺا ۽ انهن ۾ ڪامياب 22 شاگرد ٿيا، ( ) 1904ع ۾ بامبي يونيورسٽيءَ اسڪول فائينل جي امتحان لاءِ هيٺيان ٺهراءُ منظور ڪيا. ( )
1 اسڪول فائينل امتحان 28 نومبر کان شروع ٿيندو.
2 سنڌ جي شاگردن کان اسڪول فائينل امتحان ڪراچي ۾ وٺڻ ايندو.
3 اسڪول فائينل امتحان لاءِ درخواستون پهرين آڪٽوبر کان اڳ ۾ اي آءِ يو کي موڪلڻ گهرجن.
4 اسڪول فائينل امتحان جا اميدوار 16 سال عمر کان گهٽ نه هئڻ گهرجن.
5 اسڪول فائينل امتحان ڏيڻ لاءِ اهي شاگرد لائق هوندا جن امتحان کان اڳ۾ 8 مهينا ڪنهن به سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيو هوندو.
6 اسڪول فائينل امتحان جي لاءِ درخواست شاگرد هيڊ ماستر جي معرفت موڪليندو ۽ هڪ درخواست تي سرڪاري في 00_2 رپيا وٺڻ ۾ ايندي.
7 اسڪول فائينل امتحان لاءِ هيٺين مضمونن ۾ امتحان ٿيندو.
1 حساب ۽ پئمائش
2 انگريزي
3 ڏيهي ٻولي
4 هند جي تاريخ (برٽش دور واري)
5 جاگرافي دنيا (انگريزي حڪومتون)
انگريزي ۽ ڏيهي ٻوليءَ ۾ امتحان زباني ٿيندو ۽ ٻين مضمونن جو امتحان لکت ۾ هوندو.
نوٽ: ٺهراءُ (4) جي لاءِ 24 مارچ 1924ع تي بامبي ڊاريڪٽر تعليم جي سفارش تي ورينڪيولر فائنل امتحان ۾ ويهڻ لاءِ عمر جي پابندي کي ختم ڪيو ويو، هاڻي شاگرد ڪيتري عمر وارو به ورنيڪيولر فائينل ۾ ويهي سگهندو. ()
اڳي اسڪول فائينل امتحان ۾ ديسي ٻولي جو امتحان زباني ٿيندو هو، جنهن لاءِ هاڻي بامبي سرڪار هڪ ٺهراءُ ذريعي 1917ع ۾ اسڪول فائينل امتحان لاءِ ديسي ٻوليءَ جا ٻه پيپر منظور ڪيا. ()
1 زباني: ڪتاب پڙهڻ، بيت ياد ٻڌائڻ، دستخط پڙهڻ، 40 مارڪون
2 لکت: نثر نظم جون سمجهاڻيون، گرامر، ترڪيب، 60 مارڪون
سنڌي ابتدائي تعليم ۾ اٺ درجا آهن، جن کان پوءِ اسڪول فائينل امتحان آهي، () 1939ع ۾ سنڌي اسڪولن ۾ اٺ درجا هئا، () 1942ع ۾ ٻاراڻو ڪلاس ختم ٿيو ۽ ٻار جي عمر 6 سال ٿي، پر 1960ع ۾ ٻار جي عمر 5 سال بحال رکي وئي. ()
”بابنامو يا ٻاراڻو ڪلاس“ مٿان ٽيڪا ٽپڻي:
هن ڪتاب جي پڙهائڻ لاءِ پهرين اکر جا جزا ڪم آندل آهن، جيڪي اکرن لکڻ ۾ مدد ڪندا آهن، اکر سڃاڻي، سکي، پوءِ اکرن کي آوازن سان ڪم آڻي، لفظ جوڙيا وڃن ٿا، پوءِ لفظن مان جملا ٺهن ٿا:
سنڌي ٻوليءَ جا ماهر ۽ ورتا ڪندڙ چون ٿا، ته ٻاراڻو ڪتاب غير فطري سکيا جو رستو آهي، ان نموني پڙهائڻ ۾ ٻار بي ڌيانو ۽ بي ذوق ٿيو وڃي، سچ پچ ٻولي سيکارڻ جو طريقو لفظن ۽ جملن سان پڙهائڻ هڪ فطري عمل آهي، جنهن سان ٻار ۾ سمجهه ۽ شوق اڀري ٿو، ماءُ به ان فطري ڍنگ سان ٻولي سيکاريندي رهي آهي.
ٻاراڻي مٿان لاهڻي لاهيندي سنڌي جا ماهر استاد چون ٿا، ته ”ٻاراڻو“ هڪ قسم جي بيماريءَ جو نالو آهي، جيڪو ٻارن کي مرض ۾ وٺندو آهي، ۽ ڪتاب جو ٻاراڻو نالو به غير فطري آهي، جيئن ته انگن جي انداز ۽ ڳڻپ جي حساب سان ٻاراڻو نه پر پهريون، ٻيون، ٽيون، وغيره صفت قطاري جي واٽ سان ٺهي ٿو، ته اهڙو هڪ مڃيل راهه ڇو نه اختيار ڪجي، ۽ ٻاراڻي کي تعليمي ڪورس مان رد ڪري ڪڍي ڇڏجي، ان جاءِ تي پهريون ڪتاب رکي تعليم پرائڻ ۾ ٻارن جو هڪ سال به بچائي سگهجي ٿو، ٽيون ته ٻاراڻي ڪلاس جي پڙهائيءَ جو رستو هلڻ سان وقت جو وڏو کاپو آهي.
ٻاراڻي ڪلاس جي واکاڻ:
جنوري 1931ع ۽ ڊسمبر 1933ع جي تعليمي اخبارن ۾ سنڌ جي تعليمي ماهر ۽ تعليمي آفيسر هن ڪتاب جي باري ۾ پنهنجا تاثر ڏنا آهن:
”ٻاراڻو ڪلاس تمام مکيه ڪلاس آهي، سڄي اسڪول جي واڌاري سڌاري ۽ ترقي جو بنياد آهي ٻاراڻو ڪلاس، جيڪڏهن ٻاراڻو ڪتاب چڱي طرح پڙهجي ته پوءِ ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم لهي ويو،“ () مسٽر علي خان ابڙي صاحب پنهنجي ذاتي تجربي سان پنهنجن پٽن هر هڪ جمال ۽ ڪمال کي ٻاراڻو ڪلاس پڙهايو، ان باري ۾ سندس چوڻ آهي ته:
مان جمال کي پنج سالي اوستا ۾ جزن کان هٽي ڪري، اکرن ۽ آوازن مان لفظ ڪڍائي ٻاراڻو ڪلاس پڙهايو ۽ سيکاريو، هو پنجن مهينن جي عرصي ۾ ٻاراڻو ڪتاب پورو ڪري ويو، انگ 100 تائين سکي ويو، ٻاراڻي پڙهڻ سان اڻپڙهيل به لکي پڙهي وڃي ٿو، سبق ائين پڙهي ٿو، جيئن ڳالهائبو آهي“ ()
جائزو:
مسٽر علي خان ابڙو تعليمي آفيسر جي حيثيت سان برٽش دور ۾ هڪ مصروف ترين سرڪاري پگهاردار تعليم جو نگران رهيو، پنهنجي نوڪريءَ جي جوبدارين کان واندو ٿي چند منٽ پنهنجي اولاد جي پڙهائيءَ تي ڪم آندا، ان جو نتيجو اهو نڪتو ته مسٽر ”جمال ابڙو“ پاڪستان جو اديب ٿي اڀريو، ان سان گڏ علامه دائود پوٽو ٻاراڻي جو شاگرد ايشيا ۾ دانشور ٿي آيو، ٻيا کوڙ سارا ماڻهو جن ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙو، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، عثمان علي انصاري صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب وغيره، ٻاراڻي ڪتاب جا طالب رهيا، هونءَ به مڪتبن علامه غزالي، ابن سينا، ابن خلدون، ابن رشد، علامه رومي، شيرازي صاحبان وغيره پيدا ڪيا، ته پوءِ اڄ سنڌي تعليم ٻاراڻي کي ڪڍي، سنڌي ڪورس سڌاري سنڌ ي تعليم کي معراج تي نه پهچائي سگهي آهي، ان جو خاص سبب آهي ته سنڌي استاد سنڌ ۾ هارين ۽ مزدورن جي ٻارن کي نه پاڙهڻ جي ساک کڻي سنڌي تعليم جو بنياد رکيو آهي.
ٻاراڻي ڪتاب مٿان اخبار تعليم جي پراڻي دور ۾ اڻ کٽ تنقيد ٿيل آهي، پر پوءِ به ٻاراڻو ڪتاب سنڌي نصاب تي چوڏهينءَ جي چنڊ جيان 89 سال (1853ع کان 1942ع) هلندو رهيو، ۽ ڪيئي اڻ ڳڻيون هستيون سنڌ ۾ پيدا ڪيائين، جن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل آڏاواڻي، ديوان ليلا رام خاڪي، مسٽر ڪيو لرام سلامت راءِ، منگهرام ملڪاڻي وغيره صاحبان سنڌي ادب جا شهسوار ٿي رهندا.
ٻاراڻي ڪتاب مٿان تنقيد:
”ٻاراڻو“ هڪ بيماريءَ جو نالو آهي، انگن جي ڳڻپ ۾ پهريون، ٻيون، ٽيون وغيره آهي، ٻاراڻو ڇا آندو ويو، تعليم ۾ هڪ سال جو اجايو واڌارو ۽ نقصان آهي.
1960ع واري تعليمي پاليسي:
هن پاليسيءَ پٽاندڙ اڳوڻو سنڌي نصاب ستن درجن واري کي ڊاهيو ويو، ۽ سنڌي فائينل امتحان کي به هميشه لاءِ ختم ڪيو ويو، ان جاءِ تي سنڌي نصاب کي مختصر ڪري ”پنج جماعتون“ رکيون ويون، هاڻي سنڌي تعليم فقط پنج جماعتون آهن، جن کي پنجن سالن ۾ پورو ڪيو وڃي ٿو.