ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو

لاڙڪاڻي جي وانجهيل ماو مڪانن ۽ شخصيتن بابت لکيل مضمونن جو ھي ڪتاب ڊاڪٽر غلام علي ھمت علي سانگي جو لکيل آھي. ڊاڪٽر غلام علي سانگي جي ھن ڪتاب ۾ لفظن ۽ جملن جو استعمال نج ڳوٺاڻو آهي. بيان جي جوڙجڪ، فقرن، جملن جي بيهڪ کي اهڙو سينگاريو ۽ سنواريو ويو آهي. محترم سانگي صاحب هن ڪتاب ۾ تاريخ جي هڪ نئين باب کي جنم ڏنو آهي. شامل ڪيل مواد ڏوري ڏسي، مشاهدا ماڻي، روبرو ملاقاتين ذريعي بيان حاصل ڪري، اڳين ڪتابن ۽ ڊائرين کي اٿلائي پٿلائي ڄاڻ حاصل ڪري ڪتاب سرجيو آهي. ڪتاب ۾ ڳوٺن ۽ اوطاقن جا احوال اهڙا ته اچاريا ويا آهن جو پڙهڻ مهل ٻهراڙين جي بيٺڪن جو ڀرپور عڪس اکين اڳيان پيو گذري.
Title Cover of book لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو

ملا ابڙا عالمن ۽ مشائخن جو ڳوٺ

ملا ابڙا عالمن ۽ مشائخن جو ڳوٺ

هاڪڙي درياءَ جي منهن ڦيرائڻ جي ڪري، چنيهه جو شهر ٻوڏ جي هيٺ اچي ويو، ان ڪري چنيهه جا جيها ابڙا لڏي ويا، جن مان ڪي چنيهه جي اولهه ڇيڙي تي ”ڳڙهي موصل ڳوٺ“ ٻڌي ويهي رهيا، ان ڳوٺ جو زميندار 1978ع ۾ دين محمد جيهو ابڙو هو.
چنيهه مان سراج احمد جيهو ابڙو تعلقي ٽنڊي باگي جي ”ڳوٺ خاناڻي“ ۾ رهائش ڪيائين، ڪجهه سمي بعد هن جي اولاد مان مولوي محمد صالح راڄي خاناڻي ڳوٺ مان نڪري ڏوڪري تعلقي ۾ اچي ويٺو، هن بستيءَ کي هڪ داڙ مٿان ٽڪنڊي ڍنگ سان رکيو ويو، ڳوٺ لاڙڪاڻو ڏوڪري روڊ جي اولهه پاسي حيدر بروهي ڳوٺ ۽ روڊ کان 2 ڪلوميٽر پنڌ تي آهي، لاڙڪاڻي شهر کان 6 ڪلوميٽر ۽ ڏوڪري شهر کان 16 ڪلوميٽر ڏور آهي، هن واهڻ جو پهريون نالو ”ملا محمد صالح جا ڀاڻ“ پيو، اڳتي هلي ”ملا ابڙا ڳوٺ“ مشهور ٿي ويو آهي، ڳوٺ جي زمين زرخيز ۽ پاڻي مٺو آهي، جڏهن هي بستي آباد ٿي، ته محمد نالي ڪنڀر به هتي اچي ويٺو، 1978ع ۾ ملا ابڙا ڳوٺ ۾ 80 گهر جنهن ۾ ابڙن جا ۽ ڪنڀرن جا چار هئا، جملي 84 گهر ٿيا، جن جي ماڻهو شماري 600 کن هئي.
”ملا ابڙا ڳوٺ“ علم ادب جو مرڪز ٿي رهيو آهي، وڏا وڏا عالم، اديب ۽ شاعر اڀريا آهن، ديني علمي ميدان ۾ سندن وڏو نالو رهيو آهي، ان کان سواءِ درس تدريس ۾ به هڪ وسندي جو هاڪارو نالو ٿيو آهي، خلافت تحريڪ ۾ به ملا ابڙا ڳوٺ جو اهم حصو آهي، هي ڳوٺ ضلع لاڙڪاڻي جي چڱيري آباديءَ جو استاد ليکجي ته واڌاءُ نه ٿيندو، جن ۾ ملا محمد صالح فقير، مولانا احمد ملوي، مولانا خدا بخش، مولانا محمد عالم، مولانا مولا بخش، مولانا جمال الدين جيها ابڙا وغيره نامور ۽ گوهر علماءِ ٿي گذريا آهن، وڏي ڳالهه ته هتي جا سڀ عالم هڪ ئي مسلڪ تي عمل پيرا آهن، سندن ڳوٺ ۾ رس مزو رهيو اچي، ڳوٺ ۾ ڪنڀر ۽ ابڙا آهن، گهڻائيءَ ۾ ابڙا آهن.

مولانا محمد صالح ابڙو:
مولانا محمد صالح ولد سائين رکيو، ولد شير محمد ولد غلام نبي ولد عبدالرسول ولد آري ولد احمد ولد عبدالڪريم ولد عبدالقادر ولد غلام نبي ولد سراج الدين جيهو ابڙو، اصل تعلقي ٽنڊي باگي مان لڏي تعلقي ڏوڪري ۾ ”ملان ابڙا ڳوٺ“ ٺاهي اچي ويٺو، محمد صالح ابڙو ننڍي کان پنهنجن لاڏائو گهرن جو مک ماڻهو هو، ڳوٺ راڄي خاناڻي ۾ 1727ع ۾ پيدا ٿيو، اڳتي هلي هن جڳ مشهور درسگاهه خير محمد آريجا ۾ ديني سکيا ۽ حڪمت جي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي، تحصيل کان پوءِ ته هن جي ڍنگ ۽ رويي ۾ وڌيڪ نهٺائي، انڪساري، پيدا ٿي چڪي، جنهن جو مثال سندس لکڻي مان پروڙي سگهجي ٿو، پنهنجي صحيح ۾ ”فقير محمد صالح“ لکندو رهندو هو، ”طب اڪبري“ هندستاني شهنشاهه اڪبر جي پاران حڪمت تي هڪ ڪتاب تيار ڪرائي شهنشاهي ۾ جاري ڪرايو ويو، جنهن کي اڳتي هلي مولانا فيض محمد تونيه بنگل ديرائي (ميروخان جو رهاڪو) سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، مولانا محمد صالح ان طب اڪبري جو پارسي ٻولي تان اتارو ڪري، صاف ۽ سهڻن اکرن سان 1201هه ۾ پنهنجي لئبريري لاءِ رکيو، لکت جي شروعات ڳاڙهي مس سان ڪيل آهي، باقي ڪاري مس ڪم آيل آهي، پنو اوائلي قسم جو آهي، سندس ڪتاب جي آخر ۾ هيٺين ريت دستخط لکيل آهي:
”کتبه فقير محمد صالح في شهر جمادي الاول“
هن بزرگ ۽ خير خواهه پنهنجي ڳوٺ ۾ ديني مدرسي جو بنياد 1170هه ۾ وڌو، جتان ڪافي ديندارن فيض لڌو، پنهنجي فرزند جمال الدين کي تحصيل ڪرايائين، هي عالم، مدرس، حڪيم 1205هه برابر 1791ع ۾ هي فاني ڏيهه ڇڏي ويو.

مولوي حاجي احمد ابڙو ملوي:
ڳوٺ ملا ابڙا تعلقو باقراڻي ۾ 1855ع ڌاري پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو فضل محمد ابڙو هو، سنڌ جي ڪيترن مدرسن مان سکيا حاصل ڪيائين، جهڙوڪ مدرسو نم، مدرسو گهٽهڙ، مدرسوجهنڊو، مدرسو حيدرآباد، آخري مدرسو شهدادڪوٽ، جتان ديني علومن جي فيض ۽ فضيلت سان سند ورتائين، تحصيل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ 1885ع ڌاري مدرسو کوليائون، جنهن جو خرچ پاڻ برداشت ڪندو هو.
انگريز دور حڪومت ۾ پهرين مهاڀاري جنگ لڳي، جا 1914ع کان شروع ٿي، 1918ع ڌاري پوين پساهن ۾ پئي، ان جنگ ۾ ترڪ خلافت انگريز اتحادين خلافت وڙهيا هئا، ان ڪري هنن خلافت جي تڏا ويڙهه جون زور شور سان تياريون ڪري ڇڏيون، ننڍو کنڊ انگريزن جي بيٺڪ هئي، هندستان جي مسلمانن خلاف کي بچائڻ خاطر انگريزن جي خلاف هلچل هلائي ڏني، انهيءَ ڏس ۾ مولوي احمد ابڙو ملوي، پير علي انور شاهه راشدي ۽ پير تراب علي شاهه راشدي لاڙڪاڻي ۾ بئريسٽر جان محمد جوڻيجي سان مليا ۽ هن ”تحريڪ خلافت“ کي زور وٺائڻ ۽ انگريزن کي مجبور ڪيو وڃي ته هو خلافت جي ابتڙ نه هلن، جنهن ڳالهه تي لاڙڪاڻي جي چئن ليڊرن جو متفق راءِ اتحاد جو فيصلو ٿيو. ()
مولوي حاجي احمد ابڙي ملوي هن تحريڪ ۾ 4 سال سر ٽوڙ ڪوشش ڪئي، جيئن ته عالم ۽ سياستدان جي حيثيت سان گڏ هي فقيري سڀاءُ وارو به هو، ان ڪري هن جا عقيدت مند سبي ۽ مٺڙي بلوچستان ۾ هئا، انهي اڪير سان لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تان ٽڪيٽ خريد ڪري راهي ٿيو، اوچتو هي شڪارپور ريلوي اسٽيشن تي بيمار ۽ بيهوش ٿي ويو، جتان ڪن ماڻهن هن کي اتان کڻي شڪارپور اسپتال داخل ڪرايو، 1922ع ۾ سندس پساهه پورا ٿي چڪا.

مولوي محمد عالم ابڙو:
سندس والد جو نالو فقير محمد ابڙو، ڳوٺ ملا ابڙا تعلقو باقراڻي، شروعاتي تعليم مڪتب ڍڍرا ۽ مدرسي ملا ابڙا ۾ ورتي، اعليٰ تعليم مدرسه ابوالفيض سونو جتوئي ۾ پڙهي راس ٿيو، سند وٺي 1922ع ڌاري ڳوٺ ۾ مدرسو کوليائين، جنهن مان هيٺيان ٽي عالم هتي پڙهي، تحصيل مدرسي سونو جتوئي مان ڪيائون:
مولوي محمد سليمان ابڙو
مولوي شفيع محمد ابڙو
مولوي محمد قاسم مشوري
مولانا محمد عالم 1957ع ۾ وفات ڪري ويو، ان ڪري هي مدرسو ٽي سال بند رهيو، ان کان پوءِ مولوي محمد حسن ولد محمد هارون ولد مولوي محمد عالم ابڙي اچي 1960ع ۾ مدرسي کي هلايو، جيڪو 1978ع تائين مڙئي پيو ڪم ڪري.
هن مدرسي جا تحصيل يافته شاگرد عالم:
مولوي الله بخش خاراني
مولوي گل محمد بروهي
مولوي غلام حسين تونيا
مولوي علي بخش بروهي
مولوي عبدالله پٽ مولوي غلام حسين آريجوي.

مولانا خدا بخش ابڙو:
هي ذهين ۽ هوشيار عالم، اديب، مدرس، شاعر ٿي گذريو آهي، ملا ابڙا ڳوٺ 1875ع ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو محمد حيات جيهو ابڙو هو، ڪلام پاڪ حفظ ۽ ديني علوم مدرسي ابوالفيض سوني جتوئي ۾ پڙهي فارغ ٿيو، هوشيار هئڻ ڪري، مدرسي ۾ مانيٽر ٿي رهيو، پنهنجي ڳوٺائي ۽ عزيز کي پارسي پڙهايائين، جنهن ڳوٺ ملا ابڙا ۾ 1922ع ۾ مدرسو کوليو.
تحصيل ڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ ستار ڏني تعلقه لاڙڪاڻي جي زميندار اميد علي سانگي جي دعوت سان مدرسه ستار ڏنو کوليائين، جتي 15سال پڙهايائين، اتي هڪ شاگرد مولوي شاهه محمد مڱڻيجو تيار ڪري، مدرسو ستار ڏنو ان جي حوالي ڪري، ڳوٺ هليو آيو، جتان زميندار شاهه مراد ڪماريو هن کي ڪوٺي پنهنجي ڳوٺ وٺي ويو، مدرسو نائچ کوليائين، 4 سال پڙهائي مدرسو بند ڪيائين، جڏهن ته ملا ابڙا ڳوٺ مان زميندار محمد يوسف ولد محمد احسان ڪلهوڙو ڳوٺ ٻٽا ڪلهوڙا ۾ ڪانڍي ويو ۽ اتي مدرسو کولايو، جيڪو 12 سال هلندو رهيو ، هي ڳوٺ ملا ابڙا ڳوٺ کان اڌ ميل تي هو، ذوالقعد مهيني ۾ بيمار ٿي، پنهنجي ڳوٺ پهتو، جتي 14 ذوالقعد 1350هه برابر11 فيبروري 1932ع تي هي جهان ڇڏي ويو.
اولاد :
هن ٻه شاديون ڪيون پهرين گهر واري مان مولانا مولا بخش فنائي پيدا ٿيو، اها گهرواري وفات ڪري وئي، ان ڪري ٻي گهر واريءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان ٽي فرزند پيدا ٿيا، اهي هئا:
مولوي جمال الدين
عطا محمد پارسي يافته
فخر الدين پارسي پوري، ڪافيه، ڪنز ۽ نحو تائين پڙهيل

تصنيفات:
شرح دلائل الخيرات، المسمي بمرزع الحسنات
مناقبات غوث ترجمو پارسي
منقوظا ترجمو پارسي
وسيلة العربيت ترجمو پارسي
هٿ جا اوتارا
تحريران
فقهه: جنهن جي پوئين حصي ۾ استادن جو شجرو ۽ پويان ذاتين جو شجرو لکيل آهي.
مولانا خدا بخش ابڙو چئن ٻولين ۾ شعر چئي سگهندو هو، سندس تخلص آثم هو، هن جي هٿ جي لکيل بياض تان ٻه شعر هيٺ آڻجن ٿا:

نهين ڪو خيال ٻيو هر گز، مگر ديدار ديدن جو،
ملي محبوب مشتاقن، لهي غم ڪشيدن جو.
ڪسڻ اڳيان تنهنجي آهي، چنان ڪشتن به جنگ ڪفر،
اهي خوش گل گهڻو مون کي، نه اهڙو عيش عيدن جو.
آهيان قيدي ته محبت ۾، چنان صيدي بران مفتد،
پسندي دل منهنجي کي آ، نهڪو رستو رميدن جو.
ٿيس مون مست محبت ۾، جيان مجنون بحر ليلا،
لهي شب روز در خاطر، درود ذوق چشيدن جو.
آهي آثم تنهنجي خاطر، چه نيلو فر به خرشيد،
بنا تنهنجي نه ٻيو خطرو، نڪو چارو چليدن جو.

من استعان با الله فقد نجي من البلا
وهو المستعان به وهو ربنا بعُلا
استعجب دعوتي بحرمت غوثنا الاعظم
وبحرمت الشهداءِ في مصفا الڪربلا
فاني ارجو في رحمتڪ الواسعة الوسيعة
ان تنجني من الڪرب الاخرة اوالدنيا
بخدمت الرجال صالحي الدارين في ڪونين
بحرمت سيد الانبيا وسلطان الاوليا.
مولوي مولا بخش ابڙو:
ذهين عالم خدا بخش ابڙي کي پهرين گهر واريءَ مان هوشيار فرزند 1901ع ۾ ڳوٺ ملا ابڙا تعلقو ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو، ديني علوم پنهنجي والد جي رهبريءَ ۾ پرائي، سند مدرسي ابوالفيض سوني جتوئي کان ورتائين، جتي هن جا هم ڪلاسي مولانا ثناءُ الله ثنائي، مولانا دين محمد وفائي ۽ مولوي غلام رسول جتوئي هئا، جيڪي پنهنجي دور جا اديب ۽ سٺا شاعر هئا، ثنائي جي ترغيب تي مولوي مولا بخش شعر چوڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ هن ڪافيون ۽ غزل ڪافي کان گهڻا ڳايا آهن.

سندس پڙهائي جو چيرو:
ملا اسڪول دولت کوکر، تعلقه ڏوڪريءَ ۾ مولوي عبدالغفور ابڙو کنڊو ڳوٺ تعلقه وارهه جو هتي هيڊ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو هو، 1938ع ۾ مولوي مولا بخش ابڙي فنائي کي هن ملا اسڪول جو هيڊ معلم ڪيو ويو، ملا اسڪول دولت کوکر جي سراسري گرانٽ جي خيال کان چڱيري فقط عربي ڇا هوندي هئي، ڳوٺ جو نيڪ مرد ٺارو خان ڀٽي مدد ڪندو هو، هتي سنڌي نائب ماستر پڙهائيندا هئا، پارسي ۽ عربي مولانا مولا بخش پاڻ پڙهائيندو هو.
ملا اسڪول گل محمد تونيه تعلقه باقراڻي: پهرين هي خانگي مشهور مڪتب رهيو، جنهن جو بنياد 1850ع ۾ پيو، اڳتي هلي 1944ع ۾ هن کي گرانٽ تي ملا اسڪول بنايو ويو، 1943ع ۾ هن ڳوٺ جي زميندار دين محمد تونيه جي دعوت تي مولانا مولا بخش ملا اسڪول دولت کوکر ڇڏي، هتي هيڊ معلم ٿيو، جتي شاگرد سراسري 10. 12 هئي، هن اداري ۾ 7 سال پڙهائي، 1950ع ڌاري ڳوٺ ملا ابڙا ۾ اچي مستقل رهيو، جتي شاعري، گهرو ڪم، پوکي راهي ۽ عبادت ۾ رڌل رهندو هو، 1974ع ۾ وفات ڪري ويو.
اولاد ۾ ٽي پٽ ٿيا:
حاجي گل محمد ابڙو
محمد حيات ابڙو
ماستر عزيز الله ابڙو، جيڪو دائمي مريض هئڻ ڪري، پنهنجي پڙهائي جي ڌنڌي کان غير ذميوار پيو رهي.
مولوي جمال الدين ابڙو:
مولوي جمال الدين ولد مولوي خدا بخش ولد محمد حيات ولد عبدالستار ولد محمد صالح ولد مولوي جمال الدين ولد مولوي محمد صالح فقير ولد سائين رکيو ولد شير محمد ولد غلام نبي ولد عبدالرسول ولد آري ولد احمد ولد عبدالڪريم ولد عبدالقادر ولد غلام نبي ولد سراج احمد جيهو ابڙو، هن سان ڪيتريون گڏجاڻيون ٿيون پهرين ورونهن 4 فيبروري 1978ع تي ڳوٺ ملا ابڙا ۾ ٿي، ڏاڍو رلڻو ملڻو، خوش طبع، همدرد، ڳالهائڻ ۾ سخي، قد پنجن فوٽن کان ٽپيل، بدن ڇڙڪ، سگهارو، منهن موڪرو، رنگ ڪڻڪ تي مائل، شهپر ڪٽيل، ڏاڙهي ٽي انچ کن، وار مينديءَ رتا، اڳيان ڏند هيڪڙ ٻيڪڙ، پٽڪي، سلوار قميص سان پوشاڪ، ڪچهري جو ڪوڏيو، ڳالهائڻ ۾ موقعي مهل سان پارسي بيت اچاريندڙ، حافظي جو نهايت تيز، هاري ۽ حڪيم سان گڏ مدرس به رهيو، 1913ع ۾ ڳوٺ ملا ابڙا ۾ پيدا ٿيو.
اصل رهائش وڏن کان چنيهه شهر ۾ هئي، شهر ڏاڍو وسندڙ ۽ آباد هو، 200 دڪان ته لوهرن جا هئا، سنڌو درياءَ هاڪڙي سان اوڀر ڏکڻ وهڪ ڪندو هو، اهو وهڪرو مٽائي اولهه پاسي وهڻ لڳو، هي شهر هيٺاهين جي ڪري درياءَ جي پيٽ ۾ هليو ويو، ان ڪري هتان جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي سهيندي ۽ سيونجهه تي وڃي آباد ٿيا، شهر جي باقيات مان چنيهه جي اولهه ڇيڙي تي ڳڙهي موصل ڳوٺ ذات وارن جنهن چنيهن جو آهي، زميندار دين محمد جيهو آهي.
سراج احمد جيهو ابڙو اچي راڄي خاناڻي ڳوٺ ۾ رهيو، جيڪو تعلقي باگي ديري ۾ آهي، هن جي ڏهين پيڙهي مان مولوي محمد صالح فقير، نيشن وهي ۾ لاڙڪاڻه ڏوڪري روڊ جي اولهه ۾ لاڙڪاڻي ۽ باقراڻي جي وچ تي ٻن ميلن جي پنڌ تي دائمي ٿاڪ ڪيائين، پهرين هن کي ”ملا محمد صالح جا ڀاڻ“ چوندا هئا، پوءِ ڳوٺ رڪارڊ تي ”ملا ابڙا“ سڏجڻ ۾ آيو، 84 گهر ۽ 600 ماڻهن تي وسيل آهي.
سکيا جو عمل:
منڍ ۾ ڪلام پاڪ، پارسي، هدايت نحو تائين مدرسه ملا ابڙا ۾ مولانا محمد عالم ابڙي وٽ پڙهيو، علم اصول، علم فقهه، ڪنز دقائق، مدرسه ابوالفيض سوني جتوئي ۾ حاصل ڪيائين، حديث، فقهه، تفسير مدرسه ٻٽا ڪلهوڙو پنهنجي والد جي رهبريءَ هيٺ تحصيل ڪيائين.
درس تدريس:
مدرسي ٻٽا ڪلهوڙي ۾ والد جي وفات بعد اداري کي ٻن ڀائرن سنڀاليو مولوي مولا بخش ۽ مولوي جمال الدين، ان کان پوءِ هيٺين ريت درس ڏيندو رهيو.
مدرسو سرهري تعلقه شهدادڪوٽ 5 سال پڙهايائين، مدرسي جي مدد گل محمد مگسي ڪندو هو، 15. 16 شاگرد هوندا هئا.
مدرسو جندو ديرو تعلقو ڳڙهي ياسين ۾ 40 شاگرد هئا، 3 سال پڙهايائين.
مدرسو مديجي شهر ۾ پڙهائي ڪيائين، نيٺ 1970ع ۾ پڙهائي بند ڪري ڳوٺ ملا ابڙا ۾ ڪڙمت ۽ حڪمت شروع ڪيائين، ڪتب خانو پيءُ ۽ ڀاءُ کان ورثي ۾ نصابي وغيره عربي ۽ پارسي 300 کن ڪتاب ٿيندا.

مولوي گل محمد ابڙو:
سندس والد جو نالو عبدالستار ابڙو، ڳوٺ ملا ابڙا تعلقو باقراڻيءَ ۾ نروار ٿيو، سموري ديني سکيا مدرسي ابوالفيض سوني جتوئيءَ مان حاصل ڪيائين، سند وٺڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ آيو، جتان سيد پير امام الدين شاهه راشديءَ جو والد وٺي ويو، جنهن پنهنجي ڳوٺ وڏل شاهه ۾ 1910ع ۾ مدرسو کولرايو، هن عالم ان اداري ۾ 6 سال پڙهايو، 1916ع ۾ وفات ڪري ويو.

مولوي شفيع محمد ابڙو:
ڳوٺ ملا ابڙا تعلقي باقراڻيءَ ۾ پيدا ٿيو، والد جو نالو علي محمد ابڙو هو، هي منڍ ۾ پنهنجي ڳوٺ واري مدرسي ۾ داخل ٿيو، مولانا محمد عالم جي رهبري ۾ پارسي، فقهه، حديث ۽ تفسير پڙهيو، باقي ڪتاب عبدالغفور ۽ ڪتاب المختصر معاني مدرسه ابوالفيض سوني جتوئيءَ ۾ پڙهي تحصيل ڪيائين، ان کان پوءِ باقي زندگي واپار ڪندو گذاري ويو.

مولوي محمد سليمان ابڙو:
1896ع ۾ ملا ابڙا ڳوٺ ۾ هوش سنڀاليائين، سندس والد ابڙو فقير به مدرس هو، جڪيو ڍڍرا ڪلهوڙا ۾ مڪتب پڙهائيندو هو، هن جو مولوي محمد عالم ابڙو به پارسيءَ جو شاگرد هو، ساڳئي وقت ملا ابڙا ۾ به مدرسو هلندو هو، جنهن جو اڳ مدرس مولوي حاجي احمد ابڙو ملوي هو، جيڪو 1922ع ۾ گذاري ويو، تنهن کان پوءِ مدرسو ملا ابڙا مولوي محمد عالم سنڀاليو.
مولوي محمد سليمان ڳوٺ جي پڙهيل ماحول کان به سکيا ورتي پر اعليٰ تعليم جي سند مدرسي ابو الفيض سوني جتوئي کان ورتائين، مولانا ابڙو اديب ۽ حڪيم هو، هن جي تحصيل کان پوءِ زميندار مولا بخش ڪلهوڙي ڪانڍي پنهنجي ڳوٺ وڏا واهڻ ۾ 1923ع ۾ مدرسو کولايو، 1965ع ۾ وفات ڪري ويو.

تصنيفات:
شيعن جي رد ۾ ڪتاب ڇپيل سنڌي
مجربات حڪمت خطبا