خواجه محمد عبدالغفار عرف پير مٺا سائين
سندن والد بزرگ مولانا يار محمد چنڙ هو، ڳوٺ لنگر شريف تعلقو شجاع آباد، ضلعو ملتان ۾ پيدا ٿيا. مذڪوره وستي درياهه جي ڪناري سان آباد هئي.
تعليم:
ابتدائي سکيا پنهنجي والد کان ورتائون، عربي سکيا مدرسي اچ شريف ۾ مولانا امام الدين کان وٺڻ شروع ڪيائون، جتان فيض فضيلت سان دستار بند ٿيا.
مريديءَ جو سلسلو:
پاڻ خواجه حافظ فتح محمد جلالپور پيروالا جا مريد ٿيا. اڳتي هلي کين پير مٺا ۽ غفاري چوندا رهيا. سندن مريد جماعت کي ”غفاري جماعت“ سڏڻ لڳا. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ننڍي وهي کان سڪ ۽ محبت رکندا هئا. ان باري ۾ پاڻ چوندا هئا: اسين ٻارائپ ۾ سنڌي ماڻهن جون جماعتون پنهنجي مرشد حضرت غوث بهاوالحق ذڪريا ملتاني ڏانهن پنڌ ايندي ڏسندا هئاسون. هو پنڌ هلڻ ڪري پير رت ڪري وجهندا هئا. پيرن جي ڦٽن مٿان اڳڙيون ٻڌي به درد ڀري حالت ۾ سفر جاري رکندا هئا. هو اسان جي ڳوٺ لنگر ۾ رات جو ڊاٻو ڪندا هئا. رات رهي صبح جو درياهه اڪري ملتان راهي ٿي ويندا هئا. سنڌين جي مرشد جي لاءِ عشق ۽ عقيدت ڏسي دل ۾ سنڌ ملڪ ڏانهن اچڻ ۽ دائمي رهڻ جو اٽل ارادو جاڳيو، نيٺ سنڌ ۾ اچي سنڌي ٿي رهياسون.
شاديون:
پوري زندگيءَ ۾ وٿين سان 14 شاديون ڪيائون ۽ وفات وقت چار شاديون زندهه رهيون. کين هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون.
سندن خليفا: کين 113 خليفا رهيا. جن ۾ هيٺيان قابل ذڪر آهن:
1- خليفو خليل الرحمان صاحبزادو.
2- خليفو الله بخش سهڻا سائين ڪنڊيارو،
3- خليفو سيد غلام حسين شاهه قمبر،
4- خليفو نور محمد رتڙ نورپور
5- خليفو مولانا الاهي بخش محبوب الاهي ماتلي
6- خليفو سردار احمد بچيڪي پنجاب
7- خليفو سيد عبدالله شاهه
واعظ نصيحت:
سندن 40 تقريرون ٽيپ ٿيل آهن، شاعر به هئا. ننگر جي هلائڻ ۾ چندو يا ڦوڙي نه وٺندا هئا. وٽن ٻه سئو خطوط اردو ۽ پارسي ٻولين ۾ محفوظ رهيا اچن ٿا. سندن شاعري ۾ هڪ شعر جون فقط ٽي سٽون ڏجن ٿيون:
مانگتا میں یہ دعا ہوں یا محمد الغیاث!
پرخطا عبدالغفار پہ رحم فرما یا نبی!
در تیرے پر میں پڑا ہوں یا محمد الغیاث!
سندن طريقو:
وڏن جو طريقو قادري هو، پنهنجو نقشبندي سلسلو عاليه هو، پاڻ نهايت سادا ۽ سخي مرد هئا. مادري زبان سرائيڪي هوندي هئي. سندن عمر 80 ورهين کان مٿي هئي، جو 1964ع ۾ وفات ڪري ويا.
غفاري جماعت جا خليفا لاڙڪاڻي شهر ۾ شهر واسين ۽ ٻين ڪيترن راهه گيرن کي رحمت پور درگاهه تي اچڻ جون دعوتون ۽ آڇون ڪندا رهندا هئا، جن ۾ خليفو امير بخش عرف اميرالدين ولد حاجي ڪمال الدين مگسي ڳوٺ نئون کبڙ تعلقو ميرو خان ڪوٺ ڏيڻ جو ڪوڏيو هوندو هو، جنهن مون کي به ڪيترائي ڀيرا درگاهه تي اچڻ جون آڇون ڪندو رهيو، کيس زري تي ڪلاهه، جنهن مٿان پٽڪو، شلوار ۽ قميص سفيد، سياري جو ذري تي وائيس ڪوٽ، ڏاڙهي باشريعت هلڪو پترو، صاف سٿرو ۽ ڏاڍو رلڻو ملڻو هوندو هو، جنهن جي صحبت جي ڪري 1956ع ڌاري اونهاري جي مند ۾ مڙي سج مان پنهنجي سئوٽ شهاب الدين سان گڏ درگاهه تي پهتاسون، مسجد جي ايوان تي مصلي مٿان طول وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو اوڀر منهن ڪيون بزرگ ويٺا هئا چوڌاري جماعت جو حلقو لڳو پيو هو، هڪ جماعتي باشريعت بزرگ جي ڀر ۾ پلٿي ماريو ويٺو رهو، پاڻ کيس مخاطب ٿي چون پيا هي عمراڻي بلوچ خون، ڌاڙا، ڦريون وغيره ڪندو هو، اڄ هن کان پڇو ته ڇا حال احوال آهي؟ اهو مرد ڀت ڪڇي، جو هڪ ڪجهه ڪڇي، هيٺ ڪنڌ ڪيون خاموش ڄڻ گونگو ٻوڙو آهي، بزرگ کي بي شبي ململ جو چولو ۽ اڇي شلوار پيل هئي، بدن ڀريل، سفيد سونهاري باشريعت ۽ سفيد رنگت هئي، سندن پيش امامت ۾ ٽيپهري پڙهي سون، ورائي ساڳي نموني ديني ڪچهري لڳي رهي، شام تي ساڳي نموني نماز پڙهي سون، دعا گهري بزرگ حويلي ڏانهن اسري ويا، اسان ۽ جماعت ننگر کائڻ لاءِ راهي ٿياسون، ننگر پٽڙو ڀت چانور ٺڪر جي پاٽين ۾ پيل هو، هڪ هڪ پاٽ مٿان چار پنج جماعتي ڏيئي نما ٺڪر جي ڪپڙي سان پاٽ ڀت مان ڀريندو کائيندو ٿي ويو. اسان به خوب کاڌوسين، جنهن کانپوءِ دعا گهري موڪلائي پنهنجي ماڳن ڏانهن راهي ٿياسون سنڌ ۾ ٿاڪ مٽائڻ ۽ دائمي رحمت پوري ماڳ بنايو ويو.
بزرگ غفاري صاحب جن سنڌ ۾ 1938ع ڌاري آيا، 15 سال سنڌ جي اٺن وٿاڻن تي آيا ۽ ويا، نائين ڀيري 1953ع واري سال ۾ رحمت پور ۾ سدائين رهائش ڪري ويٺا. هي جماعت ذڪر فڪر، نماز، ديني اصولن سان سينگاريل هئي، ان ڪري جن جن ڳوٺن ۾ ويا ٿي ته اتي جا چند بااثر ماڻهو سندن خلاف ٿيندا رهيا. ان ڪروڌ ۽ ڦڏي کان هي جماعت ٽارو ڪندي ۽ جايون مٽائيندي رهي.
1948ع ڌاري سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جي ڪري ڪچو عاقل ۽ خالد ڳوٺ به ٻڏي ويا، ڳوٺ خالد جي ڪرماڻي رهاڪن کي کهڙي خانبهادر محمد ايوب رحمت پور جي خالي پيل ڪن پلاٽن تي ويهاريو، ٻوڏ کان پوءِ ڪرماڻي وري ڪچي نه وريا، هتي جي سرڪاري پيل زمين بزرگ جي جماعت ليز تي کڻت کنئي، جڏهن ويهڻ جي ڪيائون ته غفارين جي روڪ ۽ مخالفت شروع ٿي وئي، ان حالت ۾ پير صاحب پاڳاري جي جماعت حرن هنن جي واهر ڪري کين رهڻ ۾ مدد ڪئي، ان حساب سان رحمت پور غفاري جماعت جي مرڪزي جاءِ رهائش آهي، جتي لکين ماڻهو ايندا ويندا رهن ٿا. هن جماعت ۾ نشي سٽي، ٺڳي ۽ غير شرعي ڪمن کان بيزاري آهي، نماز ذڪر الاهي ۽ ديني اصولن جي پابندي ۽ پرچار عام آهي. هن جماعت جي خاص ۽ عام ڳالهه اها آهي ته هن جون ڪيتريون شاخون آهن، جيڪي پنهنجي حلقن ۾ ساڳي رنگ ۽ ڍنگ سان ديني ڪمن ۾ رُڌل ۽ باذوق آهن.