هٽڙي ڳوٺ
هن مشهور تاريخي ماڳ، جنهن جي سڀيتا جي سکيا ڪلهوڙا گهراڻي جي سياسي، سماجي ڌاڪي ۽ مالي اپڙاسي کي اوسر ڏني، اهو هٽڙي جو ڳوٺ هو، جنهن جي آڌار تي ڪلهوڙا ڪيڙجي ۽ ڍالجي سڄي سنڌ جي مٿاهين مرتبي تي ڇانئنجي ويا، ساڳئي وقت سنڌ جي نڪتل سنڌن ۽ اکليل عضون کي ڄڻ مهماءِ ملي، سنڌ جي وکريل ڀاڱن ۽ ڇڳل ٽڪرن کي هڪ هنڌ سهيڙڻ ۽ سموهڻ ۾ هن وستيءَ جي سکيا جو وڏو ڪارنامو هو، ان ڪري ڪلهوڙا گهراڻو ۽ نئين سنڌ جي بيهڪ هن ننڍڙي وسنديءَ جا ٿورائتا آهن.
ڏوڪري تعلقي ۾ ديهه ڪوٽ چانڊيو، اندر هي آبادي درياءَ جي ڪڇ سان ڪچي جي سوني ۽ زرخيز ڌرتيءَ مٿان کنيل آهي، جيڪا باقراڻي شهر کان روڊ رستي 8 ميل ڏور آهي، 1925ع ۾ هن ٿاڪ مٿان 325 گهر وسندڙ هئا، جن ۾ هڪ سؤ گهر هندو سونارن جا ڳڻيا ٿي، پاڇي ۾ مسلمان هاري ڌڙو رهندو هو.
ترخان راڄڌاني دوران سنڌ مٿان هندستان جو اڪبر بادشاهه ڪڙڪيو، هن کي پنهنجي جنم ڀومي ياد اچيو وئي، ان ڪري پنهنجي سالار کي لشڪر ڏيئي روانو ڪيائين، جيڪو هن ڳوٺ کان ٿيندو ويو، جتي ڪلهوڙن جو وڏو آدم شاهه رهندو هو، سندس مريدن ۾ چانڊيا ۽ ابڙا هئا، لڙائي ۾ مغلن کي سوڀ نصيب ٿي، چون ٿا ته چانڊين ۽ ابڙن مغلن جي پٺڀرائي ڪئي، سوڀ جي حالت ۾ سندن مرشد کي ديهه ڪوٽ چانڊڪي جي زمين جاگير ملي، پر هن سمي ساڳي ديهه ۾ هڪ چانڊيو نالي ماتر به نه آهي، ان جي ڀيٽ ۾ ڪلهوڙا ڪڙم جهجهو جام آهي.
هي ڪچي جي بستي ٻيلي ۾ ڍڪيل آهي، منجهس ڪيترائي ننڍا دڙا آهن، جن ۾ ٻه وڏا ناليرا دڙا آهن، جن ۾ هر هڪ ڪوٽ دائود (آدم شاهه جي پٽ جي نالي) ۽ ٻيو ڪوٽ چانڊڪو، جيڪي هٽڙي ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ آهن، هتي ست قبا، هڪ مسجد، کوهه ڪلهوڙن جا اهڃاڻ سڏجن ٿا، جن ۾ ميان الياس ولد ميان آدم شاهه جو قبو اڃا ڏسڻ جهڙو آهي، مسجد جون ڀتيون اڏيل ۽ کوهه سنڀيل آهن، جيڪي ڳوٺ جي اولهه طرف ۾ آهن.
هن مهل 1988ع ۾ ڳوٺ جا ڪچا ۽ پڪا 325 گهر ٿيندا، جن ۾ اٽڪل 2000 ماڻهو رهن ٿا، هتي جو پهلوان ڳهڻو پٽ گاهي ڪلهوڙو ڏاڍو سگهارو ٿي گذريو آهي، جيڪو هڪ سوتي ٿلهي لوهي سيخ هٿن سان موڙي ويندو هو.
هن ڳوٺ ۾ هڪ پهاڪو ننڍي توڙي وڏي جي زبان تي هو:
علي شاهه جي دوا کان بيمار مئو ڀلو،
انڙ جي فيصلي کان ڍور ويو ڀلو،
جتوئن جي نيرن کان ماڻهو بکيو ڀلو،
ٻگهين جي مٽي کان وياءُ ويٺو ڀلو.
1. جيئن ته علي شاهه وڏو ناليوارو حڪيم ٿي گذريو آهي، جنهن جي حڪمت ضلع لاڙڪاڻي ۾ هاڪاري رهي، مرض جي تشخيص ۽ دوا وڏي واکاڻ جوڳيون حقيقتون هيون، جڏهن ته ڪنهن به هڪ هنڌ هن جو ٽڪاڻو نه هو، سير سفر هن جي سرشت ۾ سمايل هو، ڪڏهن ڪٿي، ته ڪڏهن ڪنهن ماڳ تي، جڏهن ته مريض بيماري جي شدت ۾ حڪيم کي ڳولهي نه سگهي، ته اهڙو حڪيم ڪهڙي ڪم جو، پر جيڪڏهن اوچتو ملي وڃي ته بيمار کان ڳاٽي ڀڳو ملهه وٺندو، جيڪو بيمار ادا نه ڪري سگهي، ان لاءِ چيو ويو ته هن جي حڪمت کان بيمار مئو ڀلو!
2. ڏوڪري تعلقي جا انڙ وڏا ۽ سرڪش زميندار رهيا آهن، کين اڻ ڳڻيا ڪم، سدائين مصروف، جڏهن به سندن راڄ جا ماڻهو وٽن اچن، ته فيصلن جي نبيري نڇيڙي کي مهينا نه پر سال لڳي وڃن، ان ڪري نبيرو ڪرائيندڙ فيصلن تان هٿ کنيو وڃن، ڇو ته پيٽ گذاري جي ڪن، يا فيصلن جون حاضريون کائيندا رهن، ان لاءِ چوڻ ۾ آيو، ته انڙن جي نياءَ کان ڍور ويو ڀلو!
3. جتوئي ڪچي جا رهاڪو، مالوند مارو ماڻهو، خود ئي نيرن نه ڪن، ته ٻين کي ڪهڙي نيرن ڪرائين، جنهن ڪري ڪهاوت ٺهي، ته جتوئين جي نيرن جو انتظار ڪرڻ کان ماڻهو بکيو ڀلو!
4. ٻگهيا عورتن کي بنهه نه ڪڍن، شادي ڪري وڃي ڪوٽن ۾ هڻن، سندن مائٽن کي به منهن نه ڏيکارن، نه گڏجاڻيون ڪن، ان ڪري ماڻهو ڏوڪري تعلقي جي ٻگهين جي مائٽي کان وئون ۽ وهلور ويندا آهن، ان لاءِ مثال جڙيو، ته ٻگهين جي مِٽي کان وياءَ ويٺو ڀلو!
سيد علي شاهه حڪيم:
سندس وڏا هنڱورجا ڳوٺ، تعلقو گنمبٽ جا رهاڪو هئا، جتان ماڳ مٽائي، هٽڙي ڳوٺ ۾ هلي آيا، سيد علي شاهه ولد سيد اشرف شاهه هٽڙي ۾ 1913ع ۾ پيداٿيو، هن سان منهنجي ملاقات لاڙڪاڻي شهر ۾ 8 نومبر 1978ع تي ٿي چڪي، هو ڳوٺ ۾ پارسي بهار دانش کان سڪندر تائين ڳوٺ ۾ پڙهيو، حڪمت ۾ هو پنهنجي والد جو شاگرد هو، ضلع لاڙڪاڻي جو وڏو حڪيم ٿي رهيو، ڪڏهن به هنڌ ۽ جاءِ هن جي حڪمت جي لاءِ مقرر نه هئي، ان ڪري سيلاني طبيب هو، مرض جي سڃاڻپ ۽ صحيح دوا ۾ هن جو ڪمال هوندو هو، ساڳي وقت بيماري جي مهل مريض هن کي ڳولهي ئي نه سگهندا هئا، ان لاءِ هن جي هاڪاري حڪمت مريضن کي ڪم نه ايندي هئي، پر جيڪڏهن بيمار کي ملي به وڃي، ته في ڏاڍي وٺندو هو، جهڙي تهڙي بيمار جي وس کان في ڀرڻ ڏاڍي وڏي هوندي هئي، ان ڪري چيو ويو ته ”هن جي دوا کان بيمار مئو ڀلو“ هي لاثاني حڪيم 18 آگسٽ 1989ع تي ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي چڪو.
سيد اشرف ولد سيد حاجي سچل شاهه هٽڙي ۾ 1870ع ۾ ڄائو ۽ وفات 1931ع ۾ وفات ڪري ويو، سيد حاجي سچل شاهه ولد سيد حيات شاهه جنم 1816ع ۽ وفات 1981ع ۾ ڪري چڪو. ()
ميان محمد عارف ڪلهوڙو:
هٽڙي جو رهاڪو، تعليم فقط سنڌي ٻاراڻو درجو، ڌنڌو زمينداري، نظم نويس، ڪهاڻيڪار، جيئن ته عمر مارئي داستان مٿان سنڌ جي ننڍي وڏي شاعر طبع آزمائي ڪئي آهي، قصي جو مختصر خاڪو آهي، سنڌي لاڙ ۾ عمر ڪوٽ جو حاڪم عمر سومرو ٿر جي مارن جي هڪ ڇوڪري مارئيءَ کي زوري کڻي پنهنجي ڪوٽ ۾ بند رکيو، جتي هن شادي ڪرڻ لاءِ هن کي طرح طرح جو آڇون آڇيون، پر مارئيءَ هن جي هڪ به نه ٻڌي ۽ نه ڏٺي، شاعر مارئيءَ جي بند ي خاني جون ٽيهه راتيون نظم ۾ بيان ڪرڻ ٿي چاهيون، مگر هن کي حياتيءَ ساٿ نه ڏنو، ويهه راتيون پوريون ڪري 65 ورهين ۾ ڌڻيءَ در پهتو، بيت بازيءَ ۾ شاعرانه روايتي ڍنگ اختيار ڪندي تمهيد ۾ حمد ۽ ثنا چوندي بيت و ستار ۾ چوي ٿو: ()
”پهرين رات پنهوار وٽ آيو عمر ڄام
محلين ماندي مارئي جنهن کي ناهه اندر آرام
عمر چيو مارئي اچي ڪامل اهو ڪلام
ته جهڄ نه جهانگيڙن لي نه ٿي نار تمام
پٽ پهر پوشاڪون ٻيو کاءُ طرحين طرحين طعام
تون سائڻ ٻيون ٻانهيون تو ساڻ اصل جو انجام
ويڙهه نه واڳون وطن تي لڪي لاڙ لغام
اهو خيال ڦٽو ڪر خام اچي ويهه، کلي چڙهه کٽ تي.“
ميان غلام محمد ڪلهوڙو:
ميان غلام محمد ولد ميان محمد عارف ڪلهوڙو پنهنجي والد جيان تعليم ۾ فقط ٻاراڻو درجو پڙهيو، ورثي ۾ زميندار ٿي رهيو، ٻئي پيءُ پٽ نظم نويس هئا، عمر مارئيءَ جو داستان هنن ٻنهين شاعرن ٽيهن راتين ۾ بند ڪيو آهي، ويهه راتيون ميان محمد عارف چئي پوريون ڪري وفات ڪري ويو، باقي ڏهه راتيون سندس پٽ چيون، ڄڻ ته بيت بازيءَ ۾ پنهنجي والد جي نظم رٿا بندي جي کوٽ جو پورائو ڪري ڇڏيو، آخري ڏهه رهيل راتين جو پورائو ڪندي، ميان غلام محمد جي بيت بازيءَ جو اختيار ڪيل ڍنگ هيٺين ريت پيش ڪجي ٿو: ()
والد ايڪوهين رات جو ڪيڙو شاعر شمارو
چيائين پٽ پنهنجي کي، هي ڪج قصو سارو
پوءِ دنيا مان درٻار ڏي تنهن ڪيو ترت تيارو
تنهن کي ڏنو ڏهن راتين جو اتي پڻس اشارو
پوءِ غلام محمد اڌرات کي عمر نرڪيو نغارو
تنهن لشڪر ميڙيا لاغرض ٿيو چڙهه چڙهه چوڌارو
ته ڦري وٺو مارن جووڃي ملڪ سڀ سارو
پوءِ هلي آيو وٽ مارئي عمر سوڀارو
ته ڙي چاڙهيا مان لشڪر پيڪن پار ڏي وڃي ڪندا مان ۾ مارو
تنهنجي تڏ مقابل تن تي مان بي ڪيو اڄ اشارو
ڪو نه هلندو پيچرو ۽ چلڻ جو چارو
جي ٿي لوءِ سندو لاڙو اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.
الهه آندو ڪلهوڙو:
الهه آندو ولد ميهر ڪلهوڙو 1910ع ۾ هٽڙي ۾ پيدا ٿيو، سنڌي چار درجا هٽڙي پرائمري اسڪول ۾ پڙهي راس ٿيو، وڌيڪ تعليم نه پرائڻ ڪري، خانداني ڪرت پوکي راهي ۾ جنبي ويو، ترس وارو، ڪچهري جو مور،ڳالهين جو ڳهير، مجازي چڻگ جي ڪري شاعريءَ ۾ ڪاهي پيو، تخلص آندل هو مون سان ڪچهري هٽڙي ۾ 4 سيپٽمبر 1987ع تي ڪيائين جڏهن ته 16 سيپٽمبر 1989ع تي فاني دنيا ڇڏي جاوداني جهان ڏانهن راهي ٿي چڪو، پيٽ پالنا دوڪانداري ۽ درزڪي ڪرت ڪندو هو.