علامه مخدوم شهاب الدين مڱريو
سندس وڏا الهداداڻي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان لال چوهڙ مڱريو ڳوٺ ۾ صاحبڏني منڱرئي جي گهر ۾ 1110ع برابر 1698ع ۾ سرت سنڀاليائين،() جتان نڪري ديني علوم جي ذوق ۾ تلاش ڪندي مدرسي پريالوءِ خيرپور ضلع ۾ علامه مخدوم محمد اسماعيل جوڻيجي جي رهبري ۾ اچي تسڪين ورتائين، پڙهائي جي سمي استاد علامه مخدوم فياضي وچان دوڪاندار کي گهرائي تاڪيد ڪري ڇڏيو، ته دوڪان تان هي شاگرد ڪنهن به مهل جيڪا به شيءِ گهري هن کي ڏني وڃي، ۽ اهڙو قرض اسان جي کنڌي تي لکيو وڃي، قرض جي ادائگي اسان ڪنداسون، شاگرد فقط دڪان تان ڀڳڙا خريد ڪندو رهندو هو، انهن ڀڳڙن جون کلون لاهي، ڀڳڙا دوڪاندار کي واپس ڪندو رهندو هو، ڀڳڙن جي کلن جي وزن جي قيمت علامه مخدوم پريالوءِ جي کنڌي تي چڙهندي رهندي هئي، اهڙي ريت جڏهن شاگرد تحصيل ڪري نڪرڻ وارو هو ته ان مهل دوڪاندار کي گهرائي شاگرد جي کنيل قرض جي پڇا ڪئي وئي، سيٺ ڀڳڙن جي کلن جو حساب ڪري علامه صاحب کي رقم ٻڌائي، ۽ ساڳي وقت عرض ڪيو ته اها قرض واري رقم شاگرد کي معاف ڪري ڇڏي آهي. ( )
جيئن ته سندس استاد اصل ڳوٺ ٽڳڙ باغ تعلقي ڏوڪري جو رهاڪو هو، هن خطي جي زمين زرخيز، وڻراهه، پاڻي مٺو ۽ آس پاس جو ٽڪساٽ صحيح نظر ايندو هو، ان ڪري هن پنهنجي دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته پنهنجي دائمي رهائش گاهه لاءِ موجوده خير محمد آريجا جي ٿاڪ کي گهر ڪندو، سند فضيلت سان وٺي، پنهنجي وڏڙن کي لال چوهڙ مڱريو ڳوٺ کان لڏائي، هتي اچي آباد ڪيو، سڀ کان پهرين هن ان وٿاڻ تي هڪ جامع مسجد تيار ڪرائي، جيڪا اڃا سلامت آهي، ان جي ڀرسان هڪ ديني مدرسي جو بنياد ڪچي جاءِ سان وڌو، جتي روايتي تعليم جو مانڊاڻ مچي ويو. ( )
مذڪور مدرسي ۾ علامه مخدوم نور محمد عرف محمد آريجو ابتدائي تعليم جو فيض حاصل ڪيو، اڳتي هلي هن مدرسي سالن جا سال سنڌ هند جي مسلمانن جي خدمت ڪئي. ( )
علامه مخدوم شهاب الدين مڱريو 1751ع ۾ الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو.( )