ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو

لاڙڪاڻي جي وانجهيل ماو مڪانن ۽ شخصيتن بابت لکيل مضمونن جو ھي ڪتاب ڊاڪٽر غلام علي ھمت علي سانگي جو لکيل آھي. ڊاڪٽر غلام علي سانگي جي ھن ڪتاب ۾ لفظن ۽ جملن جو استعمال نج ڳوٺاڻو آهي. بيان جي جوڙجڪ، فقرن، جملن جي بيهڪ کي اهڙو سينگاريو ۽ سنواريو ويو آهي. محترم سانگي صاحب هن ڪتاب ۾ تاريخ جي هڪ نئين باب کي جنم ڏنو آهي. شامل ڪيل مواد ڏوري ڏسي، مشاهدا ماڻي، روبرو ملاقاتين ذريعي بيان حاصل ڪري، اڳين ڪتابن ۽ ڊائرين کي اٿلائي پٿلائي ڄاڻ حاصل ڪري ڪتاب سرجيو آهي. ڪتاب ۾ ڳوٺن ۽ اوطاقن جا احوال اهڙا ته اچاريا ويا آهن جو پڙهڻ مهل ٻهراڙين جي بيٺڪن جو ڀرپور عڪس اکين اڳيان پيو گذري.
Title Cover of book لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو

مولانا پير غلام مجدد سرهندي

مولانا پير غلام مجدد سرهندي

جهڙا اڇا وار، اهڙو بدن اڇو، چڱي قد، ڀريل جسم، سگهاري هاٺي، ٺهندڙ تصوير، ڏاڙهي با شريعت، پٽڪو، سلوار، قميص، آواز چٽو، مدبرانه، ڳالهائڻ ۾ رواني، نڊر قسم جو، تقرير مٿان قابض، سندس ڪي جملا پيش ڪجن ٿا:
مٿي ۾ ڦاڙ پيل اٿم، مقابلا ٿيندا رهيا، جن کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو آهي، ويندي ويندي، ڪٿي به بدعتي مئي خانا، جتي هر نشو ٿيندو رهي، جيڪڏهن نظر چڙهي ويا، بس پوءِ ته ڍر نه لڳندي، مخالف به مهاڏي کان منهن موڙڻ لاءِ تيار نه هوندا، نه وري هو ڍر کان ڪم وٺندا، مئي خانن ۾ ڏنڊن، ڪونڊن، حقن، سلفين جو خير نه هوندو، ٽڪر ٽڪر ٿيڻ ۾ ويرم ئي لڳي، پوءِ ته مخالفن جي مهاڏي ۾ سڄو بدن رتورت ٿي ويندو، اهي ته ٿيا ڏيهي مقابلا، جن کي ڏيهه اندر پيو نباهيان، اهڙي ريت پرڏيهه ڏانهن حج سانگي عربستان وڃڻ ٿيو، ڪعبة الله ۾ تقريرون ڪرڻ شروع ڪري ڏنم، ته سائين ڪريم ﷺ جن نور آهن، قرآن شريف ۽ حديث مقدسه جا حوالا ڏيندو رهيس، جهٽ پلڪ ۾ عربي پوليس اچي مٿان ڪڙڪي، جن مون کي حراست ۾ وٺي قاضي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، قاضي چيو ته ”نور“ بابت حديث لکت پيش ڪر، ضامن تي عارضي طور آزاد ڪري ڇڏيائين، مڪو شهر ڍونڍي ڍونڍي، ڪنهن پنهنجي مسلڪ واري عرب وٽان مذڪور حديث وارو ڪتاب ملي ويو، پر انهي شرط تي، ته سندس ڏيٺ ويٺ، نالو نشان مخفي رکيو ويندو ڪتاب قاضي کي ڏنو، هن جي ڀڙڪندڙ باهه مٿان ڄڻڪ پاڻي ڦري ويو، پوءِ منهنجي تقريرن مٿان سفر دوران عربستان ۾ بندش لڳائي وئي، اهو هو پير غلام مجدد سرهندي علامه، جنهن جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ واعظ تقرير ڪندي پنهنجو تعارف ڪرايو. ()
خلافت تحريڪ ۾ ٺهراءَ پاس ٿيو، ته انگريزن جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ حرام آهي، ٺهراءَ جي تائيد ۾ سنڌ مان غلام مجدد هو، ٺهراءَ جي بنياد تي علي برادران، مولانا حسين احمد مدني، شري شنڪر آچاريه، ۽ ٻيا ڪراچي مقدمي ۾ جوابدار هئا، سنڌ مان فقط پير غلام مجدد جوابدار هو، هلندڙ ڪيس ۾ پير غلام مجدد چيو ته ٺهراءَ صحيح ۽ ٺيڪ هو، انگريزن جي فوج ۾ داخل ٿيڻ ازروءِ قرآن پاڪ ڪالهه به حرام، اڄ به حرام، هميشه حرام آهي، جن مسلمانن ڪافر جي فوج ۾ داخل ٿي، مقامات مقدسه تي گوليون هلايون، سي سڀ مردود، اسلام کان خارج آهن، ان ڪيس ۾ اهڙي بيان تي ٻه سال سخت قيد سان رتنا گيري جيل ۾ جهاڳي آيو، هن اعلان ڪيو ته انگريز جو منهن ڏسڻ به ڪبيرو گناهه آهي، جنهن انگريز ڏٺو، سو سائين ڪريمن ﷺ جن جي زيارت کان محروم رهندو.
ساڳي وقت جڏهن مسجد منزل گاهه جي قانون ٽوڙ مهم شروع ٿي، تڏهن سکر جيل ۾ هي پير غلام مجدد پهريون سنڌي ماڻهو جنهن پهريون قدم جيل ۾ رکيو.“ (2)
جناح باغ ۽ سياسي پروگرام:
لاڙڪاڻو شهر ۽ خطو مذهبي توڙي سياسي تحريڪن جو ڳڙهه ٿي رهيو آهي، ته جناح باغ به مذهبي توڙي سياسي جماعتن جي پرچار، تنقيد، واکاڻ کي هوا ڏئي پڌري ڪرڻ جي اهم جاءِ هوندو هو ۽ آهي، خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ يا مسجد منزل گاهه سکر جو مرڻاس پنهنجي دور حڪومت ۾ اڀريا ۽ اڳتي هلي ختم ٿيا، 1947ع کان پوءِ ملڪي ورهاڱي پٽاندڙ پاڪستان وجود ورتو، جنهن ۾ مسلم ليگ وارن جي حڪومت هلي، 1950ع ۾ سنڌ جو وزير اعليٰ قاضي فضل الله ٿيو، ان کان پوءِ سنڌ ۾ مسلم ليگ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، هڪ ٽولي جو سرپرست خانبهادر محمد ايوب کهڙو رهيو، ته ٻئي جٿي جو اڳواڻ قاضي فضل الله ٿي چڪو، ٻنهي پارٽين پنهنجي موقوف ۽ موضوع بيان ڪرڻ جي جاءِ جناح باغ رکي، ڇو ته اڳ ۾ به ٻڌندڙ عوام جا پير هن باغ ۾ ايندي هري ويا هئا، قاضي فضل الله جو مقرر ارباب شاهه اهم ۽ مقبول ڳالهائڻو هو، خانبهادر کهڙي ڏانهن عبدالحق زيب عاقلي به تقرير ۾ گهٽ نه هو.
هڪ ڀيري سيد ارباب شاهه جناح باغ ۾ تقرير ڪندي طنزيه چيو ته خانبهادر پنهنجو سياسي ڪيرئر داءَ تي لڳائي چڪو آهي، ان ڪري کيس بنگلو ڇڏي، هاڻي ڪَلُ (گاهه) ۾ رهڻ گهرجي وغيره، جڏهن خانبهادر اقتدار ۾ آيو، لاڙڪاڻي ايمپائر واري گهر ۾ پهتو، ارباب شاهه هن کي مبارڪ ڏيڻ ويو، جيڪا واڌائي هن کان بنهه نه ورتائين ۽ هن کي بنگلي کان ڪڍائي ڇڏيائين.
ٻئي دفعي ساڳي جناح باغ ۾ زيب عاقلي مزاحيه انداز سان چيو، ته قاضي فضل الله ايتري ته سياسي ترقي ڪري چڪو آهي، جو پڻس قبر مان نڪري کيس مبارڪون ڏيندو، جڏهن اها خبر قاضي فضل الله وٽ پهتي، ته هن ڪچهري ۾ چيو ته زيب ته سچ چيو آهي، ڇو ته هو هڪ غريب گهراڻي جو ماڻهو ذات جو ڪوري آهي، ننڍي لاءِ مال جي ڪتر ڪندي کٻي آڱوٺي مٿان ڪهاڙي جونشان جيڪو ڪچهري ۾ حاضر ماڻهن کي ڏيکاريائين پاڻ به کليو ۽ حاضرين کي به خوب کلايائين.
وڪيل برادري مان مسٽر عبدالفتاح ميمڻ وڪيل کهڙي صاحب ڏانهن پيش پيش هوندو، مسٽر شمس الدين ابڙو ۽ علي گوهر کهڙو وڪيل هئا قاضي صاحب وٽان مسٽر عبدالغفور ڀرڳڙي اڳ ۾ هوند هو، ٻنهي ڌرين جي پرچار جو مرڪز جناح باغ هوندو هو.
جناح باغ جا 1950ع کان پوءِ ٻه وڏا سياسي جلسا:
(1) علامه عنايت الله مشرقي صاحب خاڪسار تحريڪ جو ليڊر، لاڙڪاڻي شهر ۾ آيو، جنهن جناح باغ ۾ عام جلسو ڪيو، جناح باغ جي ڏاکڻين ٻاريءَ ۾ جلسي جو انتظام ڪيو ويو، ان دوران ڀارت ۽ پاڪستان جو دريائن جي پاڻي مٿان ڦڏو هلندو رهندو هو، موصوف علامه مشرقي تقرير ڪندي چيو ته ڀارت چاهي ٿو ته، دريائن جو منهن ڦيرائي، ڀارت جي غير آباد ۽ ڀڙڀانگ ميدانن کي آباد ۽ سر سبز ڪيو وڃي، جيڪڏهن انهي سازش ۾ انڊيا سوڀارو ٿي ويو ته پاڪستاني ميداني علائقا سڃا ۽ ويران ٿي ويندا، ملڪ جي زراعت تباهه ٿي ويندي، ملڪ دائمي ڏڪر ۽ قحط ساليءَ جو شڪار رهندو، ان ڪري پاڪستان کي گهرجي ته انڊيا سان پاڻيءَ جو سمجهوتو اهڙو ڪري، جنهن سان اسان جي معيشت خوشحال ۽ بحال رهندي اچي،
(2) پاڪستان جو گورنر جنرل مسٽر غلام محمد هوندو هو، جنهن پنهنجي اختيارات جو ناجائز استعمال ڪري 17 اپريل 1953ع تي ملڪ جي لائق، ايماندار ٻئي وزير اعظم خواجه ناظم الدين صاحب کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو، آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير مسٽر محمد علي بوگرا کي پاڪستان جي گورنر جنرل پنهنجي شاهي حڪم سان ملڪ جو ٽيون وزير اعظم ڪري ٿاڦيو، جنهن منصب کان پوءِ هن لاڙڪاڻي کي ياد ڪيو، جناح باغ جي ڏاکڻين ٻاري (پبلڪ ٽيڪ وارو) ۾ وڏو سياسي جلسو ڪيو، عوامي ميڙاڪي کي خطاب اردو ۾ ڪندو رهيو، ساڳي وقت پاڻ ئي پنهنجي اردو تقرير مٿان عجب کائيندو رهيو، ته هي منهنجي اردو زبان ۾ پهرين رواني سان تقرير آهي، هن جي دور ۾ ملڪ اندر خوراڪ جو بحران کڙو ٿيو هو، عوامي خطاب ڪندي جلسي ۾ واڏائي، چيائين ته ملڪ ۾ کاڌي جو هيجان هلندڙ آهي، جنهن جهنجهٽ کي جلد دور ڪيو ويندو، ڇو ته آمريڪا کان ڪڻڪ جي امداد ورتي وئي آهي، جنهن جا مفيد نتيجا نڪرندا، ان دور ۾ آمريڪا جو صدر آئزن هاور هو، جنهن پاڪستان جي خوراڪ جي ضرورت لاءِ ڏهه لک ٽن ڪڻڪ امداد جي نموني منظور ڪري پاڪستان جي ڏڪر کي دور ڪري ورتو، هي وزير اعظم محمد علي بوگرا صاحب جي پنهنجي سياسي ڪارڪردگي جو نتيجو هو.

ملڪي آزادي جون حقيقتون:
يورپ جي نئين سجاڳي ۽ جاڳرتا جي ڪري اتان جون قومون دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تي اٿلي ۽ پٿرجي ويون، ننڍي کنڊ جي خوشحالي ۽ سون چاندي مٿان ڇاپا ۽ جهٽ هڻڻ لاءِ ڪمرڪشي ڪاهي پيون، جن ۾ پورچوگيز، فرينچ ۽ انگريز قومون هيون، هندستان جي ڦرلٽ جي چٽاڀيٽي ۽ وٺ پڪڙ ۾ انگريز قوم ٻين يورپين کان سوڀاري ٿي وئي.
انگريزن واپار جي وسيلي ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ جو بنياد رکي، ننڍي کنڊ مٿان قبضا ۽ والار ڪرڻ شروع ڪري ڏني،هندستان ۾ جڏهن مغل شاهي ڪمزور ٿي چڪي تڏهن هي ملڪ ننڍين ننڍين حڪومتن ۾ ڦانڊجي ويو، ۽ گهرو لڙاين ۾ ڦاسي پيو، انگريزن ”ڏيهي حاڪمن کي ويڙهايو ۽ مٿن حڪومت ڪريو“ جي کيڏ کيڏڻ جو حربو ڪم آڻڻ شروع ڪري ڏنو، اهڙين سازشن ۾ هو ڪامياب ٿيا، ان ڍنگ سان آهستي آهستي پورو هندستان ڦٻائي ويا، 1843ع ۾ سنڌ ملڪ مٿان به قبضو ڪري ڇڏيائون.
انگريز سامراج جي اهڙي ڄمت ۽ قبضا گيري جي خلاف ڏيهي ماڻهن آزاديءَ جي لاءِ هر وقت مٿا مونا پئي ڏنا. نيٺ 1857ع ۾ سڄي هندستان ۾ پرڏيهي غاصب خلاف آزادي جي لهر ڀڙڪي اٿي پئي. هن آزاديءَ جي تحريڪ کي قبضاگير سامراج بغاوت قرار ڏنو ، جنهن جي آڌار تي وطن دوستن کي ماريو ۽ ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو، هن لڙائيءَ ۾ انگريزن جو به جاني مالي گهاٽو ٿيو.
مٿين هلچل کان پوءِ سامراجي دٻاءُ ۽ ڏاڍ جي ڪري ڪجهه وقت لاءِ ملڪ ۾ سناٽو ۽ ماٺار ڏسڻ ۾ آئي، پر اندران ئي اندران ڏيهي ماڻهن جي دلين ۽ دماغن ۾ ڌاري حاڪميت خلاف نفرت ۽ ڪاوڙ جا ساٿ ڀريا رهيا، ڌارين جي ڳيجهپي ۽ غلامي واري دٻاءُ جي ڪري ملڪي ماڻهن جي جذباتي چڙ ۽ ڏمر چوٽ چڙهي ويو، جنهن جوش۽ جذبات کين، شهادت يا آزادي لاءِ پئي تيار ڪيو ، وقت گذرڻ کان پوءِ انهي هوراکورا ۽ڇڪتاڻ ملڪي عوام کي بهتر نتيجا ڏيکارڻ شروع ڪري ڏنا، آزاديءَ جي هن هلچل واري مضمون کي ملڪي حيثيت سان اپٽار ڪرڻ بدران ضلع لاڙڪاڻي تائين محدود ڪري، ڏيهي ڇوٽڪاري جي تحريڪ ۾ هن خطي جي تعليمي ادارن ۽ اتان پيدا ڪيل شخصيتن جي ڪردار جي وستار ڪجي ٿي.