گهوگهارو ڳوٺ
تعلقي قنبر جو ڳوٺ، جنهن جي بيهڪ گولائيءَ تي کنيل آهي، هن وسنديءَ جي اولهه ۾ چيلو واهه اتر پاسي ڇهن ايڪڙن تي قبرستان آهي، ساڳي مقام ۾ گهوگهاري جو مقبرو به آهي، گهوگهارو ولد ڌڱاڻو هڪ ساهيٽو ماڻهو پنجاب مان پنهنجي ڪٽنب سان سنڌ ۾ لڏي هن ماڳ تي پهچي ويو، جتي دائمي ٿاڪ ڪري ويهي رهيو، انهي وستيءَ مٿان پنهنجو نالو گهوگهارو ڳوٺ رکيائين، پنجاب ۾ هن خاندان کي ڀٽي سڏين ٿا، پر گهوگهاري ڳوٺ ۾ رهڻ کان پوءِ هنن ماڻهن کي مڱڻ ذات سڏين ٿا، ڳوٺ ۾ گهوگهاري جي پوين کي مڱڻ ذات سان چون ٿا.
لاڙڪاڻو وڳڻ وايا نصير آباد روڊ سان پکو ڳوٺ آهي، جتان لنڪ روڊ ٽي ميل ڏکڻ طرف وڃي ٿو، ان ساڳئي روڊ سان ٻٽيون موريون يا ٽي دڳ اچن ٿا، اتان اولهه پاسي ساڳي روڊ سان هڪ ڪلوميٽر تي گهوگهارو ڳوٺ پوي ٿو، 1988ع ۾ 300 گهر هئا، جن جي آدمشماري 4000 کن ٿيندي هئي، هي ڳوٺ سگداسي چانورن جي ڪري ضلع لاڙڪاڻي ۾ گهڻو مشهور رهيو آهي، هن وسنديءَ جو الهه رکيو ولد جعفر چانڊيو بدنام چور ٿي گذريو، برٽش دور حڪومت ۾ روزانو پوليس ٿاڻي جون حاضريون ڀريندو رهندو هو، هڪ ڀيري ڳوٺ ۾ مست اٺ ڇڙاوڳ ٿي ڳوٺ وارن جي ڪڍ ڊڪندو رهيو، ڳوٺ وارا جاين جي ڇتين مٿان چڙهي ويا، الهه رکيو زمين کان گهر ڏانهن آيو ٿي، ته گهٽي ۾ هن مٿان اٺ ڪڙدي ڪئي، هن مست اٺ سان لٺ جو مقابلو ڪيو، اٺ کي لٺيون کپائي ڏنائين، نيٺ هن کي لٺين جي ڌڪن سان پورو ڪري ڇڏيائين، هن وڙهاند ڳوٺ وارن کي حيران ڪري ڇڏيو، الهه رکئي جي هن ڪارنامي کي اڃا سوڌو ياد ڪندا رهن ٿا، هي جوڌو 1950ع ۾ هن فاني جهان کي ڇڏي ويو، ڳوٺ جو پاڻي کارو پر زمين ڏاڍي ڀليري آهي.
ڳوٺ گهوگهاري جون ذاتيون:
سيد، بروهي، ڀنڊ، ٻٻر، پيرزادا، خاصخيلي، چانڊيا، مري، مير بحر، مهاجر، مڱڻ، ڪوري، ڪلهوڙا، ڪنڀر، دايا، شيخ، گڊا، هاليپوٽا، کوکر، لوهر، لاشاري، نوناري، وڳڻ گهڻائي ۾ ذات مڱڻ آهي.
گهوگهاري ڳوٺ ۾ ادبي منڊليون:
هن وسنديءَ مان الله بخش مڱڻ سنڌ ۾ وڏي پايي جو سگهڙ ٿي نروار ٿيو، کيس ڄمندي ئي قدرت وڏي ڏيا ۽ ڏات سان اڏي ڇڏيو، هو منڍ کان اسڪول توڙي مڪتب جي تربيت ۽ سکيا کان ٽهندو رهيو، لکڻ ۽ پڙهڻ کان پري ٿي چڪو، مختلف روايتون ثابت ڪن ٿيون ته هي هڪ ذهين وڏو عالم ٿي گذريو، هن ڏس ۾ ڪيترائي هن جا عقيدت مند ۽ ڏاها شاگرد ٿي اڀريا، جن ۾ احمد خان چانڊيو، جيڪو پڻ پنهنجي استاد الله بخش مڱڻ جيان لکڻ ۽ پڙهڻ کان پاسيرو رهندو آيو، پر استاد جي مچايل ساهتيه سنگت هئي، جنهن جو گهوگهاري ۾ سگهڙ ڪچهريون ۽ رهاڻيون هلنديون هيون، جيڪي احمد خان جي لاءِ روح رچنديون مجلسون ثابت ٿيون، انهن ۾ ويهندي ۽ سڻندي سندس سيني ۾ ڄاڻ جو درياءَ ڇوليون هڻندو هليو، گلڻ فقير ڪوري گهوگهاري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ نڪري پڌرو ٿيو، ساڳي فيض جي درياءَ مان فيضياب ٿيو، شاهه محمد شاهن، چانڊيو، وڏي واکاڻ وارو شاعر ۽ سگهڙ ٿي ظاهر ٿي پيو، ان ريت هيءَ وسندي علم ادب ۾ سنڌ ساهتيه سنگت ۾ حصيدار ٿي پڌري رهي، جنهن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:
الله بخش مڱڻ سگهڙ:
سندس والد رانجهڻ منڱڻ ڳوٺ گهوگهارو تعلقو قنبر ۾ 1895ع ۾ پيدا ٿيو، ڄمندي ڄام پر تعليم کان پري رهيو، سنڌ جو وڏو سگهڙ، سپورنج ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، هن جا ڪيترائي شاگرد ٿي رهيا، جن ۾ گهوگهاري ڳوٺ مان احمد خان چانڊيو، شاهن چانڊيو ۽ گلڻ ڪوري هاڪارا رهيا، 1985ع ۾ 100 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي پيرين سيرين ۽ ذوق سان گذاري ويو.
سندس ڏات جو هنر پيش ڪجي ٿو:
راڻي مومل ۾ جڏهن اهو عيب ڏٺو،
تڏهن ڪري ڪاوڙ پوئتي ٻانهه پير هٽيو،
مينڌري ڪاڻ مومل پنهنجو پاڻ پٽيو،
نينگر ناز لٽيو عجيب ڪاڻ الله بخش چوي.
ڀڃڻي: حضرت بي بي زليخا بت تي ڪپڙو وڌو ۽ حضرت يوسف عليه السلام جن پوئتي ڀڳا.
هيون تندون تنبوري تي،
جڙيون جوڙ وڏي جنسار،
تن مان چاڙهيائين هڪڙي،
هيس تکي جيڪا تار،
گوهر به گهري پيو، الله جي آڌار
اچي هڪ وار، ڏنو سر ڏياچ هو.
ڀڃڻي: چنڊ جو معجزو.
احمد خان چانڊيو سگهڙ:
عبدالحڪيم چانڊيي کي پنهنجي ڳوٺ گهوگهاري ۾ 1911ع ۾ احمد خان نالي پٽ ڄائو، اسڪول جي پڙهڻ ۽ لکڻ کان پري رهيو، جڏهن ته هن جو استاد الله بخش مڱڻ سگهڙ به اسڪول توڙي مڪتب جي سکيا کان پري رهيو، احمد خان الله بخش مڱڻ سگهڙ جي ڪچهرين ۽ رهاڻين ۾ ويهي ويهي رچي ريٽو ٿي ويو، هي الله بخش جو عقيدت مند شاگرد ٿي ويو، جنهن کان هن زباني علم گهڻو پرايو، ان ڪري ناليوارو سگهڙ ٿي اڀريو، 70 سال عمر جا ماڻي 1981ع ۾ هي فاني جهان ڇڏي ويو.
هن موصوف جي سگهڙائپ جو هنر هيٺ ڏجي ٿو:
هنر پهريون:
سڄڻ جي سڪ ۾ من هيس ماندو،
ايڏو سو احمد چوي هن سيني ۾ سانڍيو
الله پرين آندو، ٿيس چڱا چانڊيو چوي.
ڀڃڻي حضرت جابر جي ڳالهه.
هنر ٻيو:
هڪ ڏينهن حاڪم کي سائل ڪيو سوال،
هلي آيا ان هنڌ تي هيو جنهن سان قرب ڪمال،
ٻڌي هوت جو احوال عبرت ۾ پيا احمد چوي.
ڀڃڻي: سائين ڪريم جن ﷺ ۽ سائل گڏجي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله وٽ هلي آيا، کين فرمايائون ته گوشت جي ضرورت آهي.
گلڻ فقير سگهڙ:
گلڻ غمروز ولد محمد پريل ڪوري، ڳوٺ گهوگهارو جنم 1944ع سنڌي پرائمري 5 درجا اسڪول گهوگهاري ۾ پڙهيو، هن کان اڳ ۾ گهوگهاري جا ٻه وڏي ناليوارا سگهڙ ٿي گذريا جن ۾ الله بخش مڱڻ ۽ احمد خان چانڊيو هئا، گلڻ فقير مذڪور سگهڙن جي رهاڻ کان متاثر ٿي، سندن شاگردي قبول ڪئي، سگهڙ سنگت مان رچي شاعر ٿي ويو، پوءِ ته ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي پروگرامن ۾ شامل شريڪ ٿيندو رهيو.
شعر ۾ محنت، سنڌ دوستي، سينگار، ڏهس ساڳئي وقت مجازي محبت ۾ رچيل رهي ٿو.
سندس شعر ٻن سٽن کان چئن سٽن تائين سينگاريل آهي، هن جو شعري مداحون سنڌ جا سرتار وارا وڏي ذوق سان جهونگاريندا رهن ٿا.
ڪڙمت جي ڪار گذارين تي هن جي شاعري:
سج اڀرڻ کان اڳ ۾ يار،
اٿي ڪرين الا توهار،
قومي ٻچن لاءِ ڪرين پيو ڪار،
ڪونه ڪڏهن ڪرين انڪار،
توسان ساڻي آهه خدا، واهه ڙي هاري واهه ادا
وطن جي حب ۾ سندس تاثرات:
اي منهنجا وطن منهنجو توکي سلام آ،
تنهنجي ئي نام ساڻ ته منهنجو به نام آ،
ڪنهن وقت جي ضرورت توکي جي ٿي پوي،
ته منهنجو سر ۽ ساهه ٻئي توکي انعام آ.
گلڻ فقير سگهڙ جو هنر پيش ڪجي ٿو:
هنر پهريون:
عمر کنئي مارئي چست منجهارئون چاهه
سهڻي وڻيس سڀن ۾ وينگس ڏاڍي واهه
سيج ويهڻ جي سومرو پيو ريجهائي، وٺرائيس راهه
هوءَ اهڙي ڪم تي ڪوري چوي ڪامڻ ڪري نه ڪاهه
ڀڃڻي: جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام جن فرزند حضرت اسماعيل عليه السلام جن کي ڪاتي کڻي ذبح پيا ڪن، ته قدرت کان ڪاتي کي منع ٿي چڪي، ته نه وهه
هنر ٻيو:
ڪجهه ڏنائين ڪجهه ٻڌائين، ڏاهي کي ٿيو ڏک،
جانب تنهن جوءِ ڏي راڻي رکيو رخ
ڪنهن تي به ڪک ڪونه سهي ڪوري چوي،
ڀڃڻي: آزاريندڙ مائي بيمار ٿي چڪي، سائين ڪريم ﷺ جن کانئس پڇڻ ويا.
شاهن فقير چانڊيو:
شاهه محمد شاهن، اداسي ولد الهه رکيو چانڊيو 1946ع ۾ پنهنجي ڳوٺ گهوگهاري ۾ پيدا ٿيو، پرائمري اسڪول گهوگهاري ۾ پنج سنڌي درجا پڙهيو، ڳوٺ ۾ سگهڙ جي حيثيت سان سنڌ جي سگهڙ سنگت گهرائي ڪچهريون ۽ رهاڻيون ڪندو رهندو هو، انهيءَ رهاڻ جي ڪري هن کي شاعري جو ذوق جاڳي پيو.
سندس روزگار جو ذريعو:
اٽي جي مشين جو مستري آهي، جنهن تي گهر جو چرخو هلائيندو رهندو آهي.
سندس شعر جا نمونا:
محنت، وطن دوستي، سنڌ سان محبت، ڪي شعر مجازي حيثيت جا اٿس، شعر ٻه سٽا ۽ چوسٽا آهن،
ڪلام 1200 کن ٿي ويندا،
سينگار 100 شعر ٿي پوندا،
نظم 100 عدد تائين پهچندو.
شاهن فقير جي ڪلام کي گل حسن ميراڻي، مکڻو فقير، جلال چانڊيو ڳايو آهي، مذڪور شعر کان سواءِ مولودن مٿان به طبع آزمائي ڪئي اٿس،
محنت جي باري ۾ سندس طبع آزمائي:
محنت سان ڪر ڪڙمي پيار،
محنت ڪر تون محنت يار محنت سان ڪر ڪڙمي پيار
1. محنت ريءَ نه سرندي تنهنجي، باهه هميشه ٻرندي تنهنجي
ٻاجهه سان ٻيڙي ترندي تنهنجي،
توتي قوم جو آهي بار، محنت ڪر تون محنت يار،
2. محنت سان ئي مان ملي ٿو محنت سان ايمان ملي ٿو
محنت سان ڇا ڇا نه ملي ٿو
محنت آهي مزيدار محنت ڪر تون محنت يار
3. محنت تنهنجو شان ۽ شوڪت محنت تنهنجي دل جي فرحت
محنت ۾ آ تنهنجي عزت
محنت تنهنجي ڳل جو هار محنت ڪر تون محنت يار
4. محنت سان ئي ساريون ٿينديون هر جاءِ ڏسڻ لاءِ ٻاريون ٿينديون
ڪڻڪ مٽر جؤ جواريون ٿينديون،
پوءِ ڀلي ڪر وڻج واپار محنت ڪر تون محنت يار
5. محنت مشڪل کي ٽاري ٿي محنت ڳڻتي کي ڳاري ٿي
محنت ڏونگر بي ڏاري ٿي،
6. محنت مولا کي آ پياري حال حقيقت ٻڌاءِ هاري
محنت مديني ڪئي سرڪار،
محنت کان ٿيو ڪين ڪي آري محنت ڪر تون محنت يار
7. محنت سان رک پيار اداسي ته دل ٿي تون تيار اداسي
محنت ڀلو پار اداسي
چڱا چون ٿا چوڌار محنت ڪر تون محنت يار.
وطن دوستي مٿان خيال آزمائي:
اسان جو وطن پيارو وطن
جڏي جيءُ جو آ جيارو وطن
سرءَ منجهه سهڻو بهار ۾ بهار
ڇا سانوڻ سونهين ٿو سيارو وطن
اسان جي وطن جا عجيب آدمي
نئون نينهن نازڪ نظارو وطن
سدا سر سبز سائو ۽ آباد آ
غريبن جو آهي گذارو وطن
اسان جي وطن جي نشاني عجب
آ پرچم حلال وستارو وطن
منهنجي ساهه سر جو سهارو اداسي
سدا سونهن وارو سوڀارو وطن
اسان جي وطن ۾ آهي هر خوشي
اکين ٺار اندر اوجارو وطن
هاريءَ جي واکاڻ جهڙي جاکوڙ مٿان تعريفي تڪبندي:
واهه ڙي هاري دلبر هاري جڳ ۾ تنهنجي محنت جاري
محنت تنهنجي من جو زيور محنت تنهنجي رب کي پياري
هاري پنهنجو هر سنڀال داتا تنهنجو آ رکوال
تنهنجي محنت الله ڄاڻي خلق بنائي خوش حال
اسان جي وطن جو آ ڪڙمي قرارو. محنت سان آ جنهنجو هميشه گذارو
محنت سان ان جي وڏي آ محبت. اٿس عار ان کان نه سانوڻ سيارو
فرض ڪر ته هاري انسان آهي هلائي ٿو هر کي بيشڪ جوان آهي
اداسي جي توکي هميشه دعا آهي خدا تنهنجو نگهبان آهي
تتي ٿڌي جي نه پرواهه هن کي هاري جو مولا نگهبان آهي
سنڌ اسان جي سدا سوڀاري جنهن ۾ آ خوش هاري ناري
سنڌ اسان جي جيجل آهي سنڌ جي ساوڪ ساهه کان پياري
هر ماڻهو سنڌ جو مزيدار آهي ڪو مسڪين آ ڪو زميندار آهي
پگهار دار پورهيت عملدار ڇا ڪڙمي به اڪثر قربدار آهي.
شاعر جي سرائيڪي ٻولي ۾ طبع آزمائي:
تون سهڻا تيڏي وصف سهڻي
تيڪون سهڻي دا سردار آکان
سر دا پتلا تيڪون ڪران ياد تيڪون
ڳلي دا هار آکان
تون حال دا محرم يا ميڏا
تيڪون روح اکين دا ٺار آکان
رخ روش محبوب دا شاهن اتي
بدن باغ بهار آکان.
ڪور سليمان ڳوٺ ۾ ديني مدرسي ۽ سنڌي پرائمري اسڪول جو ٽڪراءُ ٿيو:
هن ڳوٺ جو ناليرو زميندار محمد خان سومرو پنهنجي تعلقي قنبر ۾ هاڪارو هوندو هو، جنهن جي سنگت ۽ صحبت پير تراب علي شاهه راشدي سان لڳندي هئي، پير صاحب انگريزن جو ڪٽر مخالف ۽ خلافت تحريڪ جي مشهور بانين مان هڪ مجاهد اڳواڻ هو، جنهن سنڌ ۽ هند جي خلافت تحريڪ جي هر هڪ ڪانفرنس ۾ پئي شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي خلافت تحريڪ وارن مولانا جان محمد جوڻيجو بئريسٽر، مولانا احمد ملوي، علي انور شاهه راشدي وغيره دوستن جي مدد سان ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ علي برادرس حسين احمد مدني، گاندي وغيره آيا، جلسي جي صدارت علامه پير رشدالله شاهه راشدي جهنڊي واري ڪئي.
خلافت تحريڪ جي پروگرام پٽاندڙ انگريزي تعليم خلاف هنڌين ماڳين ديني تعليم جا مدرسا کڙا ڪيا ويا، انهيءَ حڪمت عملي تحت ڪور سليمان ڳوٺ تعلقي قنبر ۾ 1922ع اندر هڪ مدرسو قائم ڪيو ويو، جنهن جو مدرس اعليٰ علامه عبدالڪريم ڪورائي مقرر ٿيو، ساڳئي سال پرائمري اسڪول ڪور سيلمان ۾ هيڊ ماستر نظر محمد ابڙو پڙهائي رهيو هو، جتي پنج درجا سنڌي ۽ شاگرد سراسري 40 هوندي هئي.
مذڪور اسڪول ۾ اڪيلو ۽ بنا نائب جي هيڊ ماستر نظر محمد ولد استاد قاضي غلام حسين ولد قاضي فيض محمد ابڙو هو، جيڪو خيرو ديرو ڳوٺ تعلقي رتي ديري 1897ع ۾ پيدا ٿيو، پرائمري اسڪول خيروديرو ۾ پڙهي 1913ع ۾ فائينل پاس ڪيائين، 1914ع ۾ سنڌي ماستر ٿيو، پرائمري اسڪول ڪور سليمان ۾ 1920ع ۾ هيڊ ماستر ٿي آيو، مدرسي ڪور سليمان جا اخراجات ۽ حمايت ڳوٺ جو زميندار محمد خان سومرو ڪندو رهندو هو، پر هو پرائمري اسڪول جي خلاف به نه هو، سنڌي ماستر نظر محمد ابڙي کي پير تراب علي شاهه راشدي، زميندار محمد خان سومري جي اوطاق ۾ گهرائي، کيس واعظ نصيحت ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ هدايت به ڪئي ته هو انگريزن جي نوڪري ڪرڻ ڇڏي ڏي ۽ سنڌي تعليم ڏيڻ اسڪول جي اندر بند ڪري، جنهن تي ماستر نظر محمد ابڙي هن موصوف کي چيو ته جيڪڏهن منهنجي روزگار جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ مون کي هر مهيني 20 رپيا ملندڙ پگهار جيتري رقم دستاويز ڪري لکي ڏني وڃي ته نوڪري ڇڏي ڏيندس، پير صاحب هن کي وراڻيو، ته ساڳئي انگريزن جي ايجنٽن واري ڳالهه دهرائين ٿو.
مٿين ڪِٽ پِٽ گپا گيهه هلندڙ دوران ٽي چار ڄڻا ترڪي ٽوپن سان هٿن ۾ داسا کڻي ڇوڪرن کي اسڪول مان ڀڄائڻ ۾ لڳي ويا، تنهن تي استاد نظر محمد به بنا دير جي سڀني ترڪي ٽوپين وارن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ کين اسڪول مان ڊوڙائي ڪڍيو.
ڪن ڏينهن کان پوءِ اونهاري جي رات جو ماستر نظر محمد ٻاهر پٽ تي کٽ مٿان گهور ننڊ ۾ ستل هو، ته هن کي سيني مٿان لٺن جا ٽاڪوڙا لڳي ويا، هن به بنا اوير کٽ تان بل کائي، حملي آورن سان مقابلو ڪيو، کين پڪڙڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو، پر پاڻ بچائڻ ۾ سوڀارو رهيو، انهيءَ ويڙهه ۽ ٽڪراءُ کان پوءِ هن زميندار کي خاموش ڏٺو، تنهن ڪري 1922ع ۾ بدلي ڪرائي، پرائمري اسڪول ميراڻي چانڊيا ۾ دخليڪار ٿيو. ()