قبو سعيد خان
هن جي اوڀر ۾ شهدادڪوٽ روڊ، اولهه ۾ ڪچي پل روڊ، اتر ۾ مير علي جان خان مگسي جي ڳوٺ ڏانهن روڊ ۽ ڏکڻ ۾ مير احمد نواز جيسراڻي جي ڳوٺ ڏانهن روڊ ويندڙ آهي.
سعيد خان ولد بخشل خان ولد اسحاق خان جمالي جي نالي تي هي ڳوٺ سڏيو وڃي ٿو، سعيد خان اصل ضلعي دادو جي تعلقي جوهي، ڦلجي اسٽيشن جي اولهه ۾ ڳوٺ بهاولپور جو رهاڪو هو، بهاولپور جي اتر اولهه پاسي ڪاڇي ۽ جبل جي پرڳڻي ۾ سعيد خان ۽ سندس ڪٽنب وارن جون زمينون هيون، سعيد وارا جمالين جو وڏو گهر هئا، ڪلهوڙن ڪاڇي ۾ زور ورتو، انهن جي نا ٺاهيءَ سبب بهاولپور ڇڏي، موجوده قبي سعيد خان ۾ ويٺو، ان وقت قبو سعيد خان بلوچستان جي حد هو، جتي سعيد خان جي 11 هزار ايڪڙ زمين هئي، 1852ع ۾ بيگاري نواڻ جي نڪرڻ ڪري، عيدن واهه تي هن جي پوين جي هزار ايڪڙ آباد هئي، باقي سيلابي زمين هئي، سعيد خان 12 هجري جي اول ۾ 63 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو، کيس ڳوٺ ۾ دفن ڪري مٿس قبو اڏايو ويو، جنهن ڪري ڳوٺ قبو سعيد خان جي نالي سان پڌرو ٿيندو رهيو، هن وقت سندس پوين کي ساڍا چار سو ايڪڙ زمين اڃا آهي، جيڪا قبي کان اتر طرف آهي، باقي زمين نوبتي ڍل جي ڊپ کان سندس پونئرن وڪرو ڪري ڇڏي.
ڳوٺ جي باري ۾ مثال:
ڇهي وئي ڊهي، لانگهو ٿيو گهانگهو،
قبو ٿيو قائم، سير ٿي ساريون،
ڇهي ۽ لانگهو ميرو خان تعلقي جا آباد ۽ سر سبز ڳوٺ ۽ ديهون هيون، جيڪي پيدائش جي ڪري گهڻي هاڪاريون هيون، بيگاري واهه نڪرڻ ڪري اهي ٻئي ديهون پوئتي پئجي ويون، ۽ قبو سر سبز ٿي ويو، قبي جي سير علائقي ۾ ساريون جهجهيون ٿيڻ لڳيون.
ٻيو مثال:
قبو آ بشت جو بُبو،
ويڙهه: ڪنهن سمي ڀوت خان هڪ مگسي قبيلي جو سرداري ماڻهو هو، هن جي جاگير جي حد جمالي سان لڳندي هئي، شاديهڙ نيهه کان مٿان ڀوت خان جي ڌنارن کان جيڪب آباد ۽ ڪنڌڪوٽ جا جکراڻي ۽ ڊومڪي زوري مال هڻي ويا، ڌنارن سعيد خان جمالي وارن کي اوڏرڙو ڏسي، اچي دانهن ڏني، سعيد خان جمالي قوم جي ٺاري خان ۽ دودي خان بوهڙن جي سهاري سان سهتي بالا وٽ ڦورن کي پڄي مٿن ڪاهه ڪئي، جنهن ۾ ٻئي بوهڙي ۽ ڪي جمالي جوان ڪم آيا، جمالين ڦورن کان مال ۽ پنهنجا لاش آجا ڪرائي پنهنجي ڳوٺ پهتا، ٻه ٽن ڏهاڙن کان پوءِ اهو موٽايل مال مگسي سردار ڏانهن پهچايو ويو، مگسي انهي ڀلائي جي ڀاڙي ۾ هڪ عهد نامو لکيو ته سعيد خان جمالي ۽ سندس عزيزن کي ”ٻه داڻا ۽ ٻه روز“ يعني هڪ وقت هڪ ماڻهو کي ٻه ڀيرا ماني ۽ سندس وهٽ کي ٻه گهمرا داڻو ڏنو ويندو، اها روايت اڄ سوڌو جاري آهي.
سعيد خان جا وڏا سخي ماڻهو ٿي گذريا آهن، سندس ڏاڏو اسحاق خان پڻ سخي هو، هن وٽ بلوچستاني مهمان آيو، جنهن کي هن آڌر ڀاءُ ڏنو، ۽ رواني ٿيڻ تي کيس مٺيون مانيون تيار ڪرائي هڪ کليءَ پاڻيءَ جي ڏنائين، ته هو هن ثمر وسيلي رڻ پٽ پار ڪري، آسانيءَ سان پنهنجي ماڳين رسي، جڏهن راهي گهر پهتو ته گهر واريءَ کان ماني گهريائين، جنهن کيس چيو ته ماني ته نه آهي، هن اسحاق واري ماني کاڌي ۽ هيٺيون بيت چيائين:
من نندان من شوري آستم و به مهمان اسحاق خاني استم.
جيتوڻيڪ مان پنهنجي گهر ۾ آهيان، پوءِ اسحاق جو مهمان آهيان.
سعيد خان به پنهنجي وڏن کان مهمانوازيءَ ۾ گهٽ نه هو، کيس ٻه بيرڪون (اوطاقون) هيون، هڪ بيرڪ جي دروازي مٿان ڳاڙهي ۽ ٻئي اوطاق جي در مٿان اڇي جهنڊي هئي، ڳاڙهيءَ واري کي گوشت ماني ۽ اڇيءَ واري کي کير ماني ملندي هئي.
قبي سعيد خان ۾ سعيد خان جو هڪ عزيز امير بخش ولد ٻيڙو خان جمالي هو، جنهن جا ٻه بيت:
من مونسان نه جهيڙ، اجهي پاڻ
پرين ايندئي صبري ثابوتي ساڻ
درد دفعي ٿيندئي گوندر ويندئي
تاريندئي ٻانهون ڏئي ٻاجهه جون
جڏهن هنجهه هئا، تڏهن آدر هو اشرافن کي
اڇا پکي ڍنڍ جا تن کي سڪ نه ساهه اورڻ
امير بخش چوي تن سان تامڻ آءُ درن ڪان
دٻن ۾ ليٽن منجهه لڙڪاءُ پوءِ هنجهن
سندي جاءِ کڻي ڪانوَن ڪانگيرا ڪيا،
ڳوٺ جون ذاتيون:
بروهي، مگسي، کوسا، کچي، پنجابي، گڊا، مغيري ۽ جمالي، گهڻائي ۾ بروهي ۽ مگسي آهن،
1989ع ۾ ڳوٺ جي آدمشماري 500 چئي وڃي ٿي، هينئر ڳوٺ جون سهولتون: بجلي، روڊ، پرائمري بوائز ۽ گرلس هاءِ اسڪول بوائز ۽ مڊل گرلس اسڪول، اسپتال، واٽر سپلاءِ، پوسٽ آفيس، ٽيليفون ايڪسچنج، بينڪ، ساسو جو مرڪز، جتان زرعي سهولتن لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ وغيره، پوليس اسٽيشن موجود آهن.