5 مهينا ۽ 25 ڏينهن هند سنڌ جو سير سفر
مسٽر عبدالحسين عرف شهزادو ولي علي حسن ولد محمد بخش ولد خليفو محمد ابراهيم جوڻيجو پهرين جون 1962ع ڌامراها ڳوٺ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس وڏا ڪيٽي جوڻيجا تعلقه رتيديري مان لڏي ڌامراها ڳوٺ ۾ دائمي ٿاڪ ڪري ويٺا، خليفو محمد ابراهيم حضرت پير شير جيلاني وارن جو خاص مريد ۽ خليفو هو، سندس والد علي حسن 1927ع ۾ ڪنگا پرائمري اسڪول مان فائينل ڪيل هو، جيڪو ڀٽائي سائين جو ڏاڍو شيدائي هو، انڪري جهر جهنگ ۽ گهر ۾ رسالي جي بيتن جي جهونگار ڪندو رهندو هو، انهيءَ سوز گذار هن مٿان اثر ڇڏيو، علي حسن 1974ع ۾ وفات ڪري ويو، هن جو رسالو ۽ ٻيا چند ڪتاب هن جي پٽ کي ورثي ۾ مليا، اهي ڪتاب عبدالحسين وٽ اڃا محفوظ رهيو اچن.
تعليم:
ابتدائي ۽ ثانوي سکيا ڌامراهن ۾ حاصل ڪيائين 1975ع ۾ مئٽرڪ ڪري ورتائين، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر سائنس 1977ع ۾ ڪيائين، بي ڪام ۽ ايم ڪام سنڌ يونيورسٽي ۾ ڏنائين، 1986ع ۾ ايم اي اڪنامس ۽ 1988ع ۾ ايم اي هسٽري ۾ ڏنائين، ساڳي وقت ايل ايل بي جو امتحان سوڀ سان سر ڪيائين.
نوڪري:
انٽر جي سند وٺي لاڙڪاڻي ٽريزري ۾ڪلارڪ ڀرتي ٿيو، بي ڪام ڪري اسٽيل مل ڪراچي ۾ ملازم ٿيو، ان بعد ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي فورس انسپيڪٽر، گوادر بلوچستان ۾ فشريز کاتي ۾ آيو ۽ وري لاڙڪاڻي ۾ ٽريزري ۾ اڪائونٽ ڪلارڪ ٿي رهيو، 1986ع ۾ فيڊرل بئنڪ فار ڪو آپريٽو ز ۾ ڪلاس ٿرڊ آفيسر ٿيو، آخر ۾ 1998ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين، هن سمي سٺو وڪيل آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي اصيلن جون اپيلون کٽندو رهي ٿو، ساڳي وقت سپريم ڪورٽ جي ذوق ۾ پڻ لڳو پيو آهي.
جڏهن 1984ع ۾ بي ڪام لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو، جنهن ۾ هن سان هم ذوق پنج يار ڀٽائي سائين جا شيدائي هئا، جن ۾ محترم ڀيم جي سنگهه سوڍو مٺي شهر، غلام سرور ٽڳڙ مورائي، خالد حسين شاهاڻي جانگارا باجارائي، محمد صديق ڪلوڙ ميرپور ماٿيلائي، چانڊوڪي راتين ۾ يونيورسٽي جي پهاڙن مٿان ويهي شاهه سائين جي فڪر ۽ سنڌ جي ٻرندڙ ٽڪساٽن مٿان پيا انيڪ سوچ ويچار ونڊيندا هئا.
17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌ جي تاريخ ۾ ٺوڙهي ڦاٽڪ وارو اندوهناڪ سانحو ٿي گذريو، ان ڪري هڪ سال تائين سنڌ يونيورسٽي بند رهي، ان واقعي ۾ ڪيترا سنڌي شاگرد پنهنجي حياتيءَ تان هٿ ڌوئي چڪا، ون يونٽ حڪومت خلاف سنڌي شاگردن رضاڪارانه جيل ڀريو تحريڪ هلائي، جنهن ۾ سنڌي شاگردن سان جيل ڀرجي ويا، هن درد ناڪ هلچل کان پوءِ عبدالحسين، غلام سرور ٽڳڙ، خالد حسين شاهاڻي، محمد صديق ڪلوڙ ميرپور ماٿيلائي پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيو ته لطيف سائين هندوستان ۽ سنڌ ۾ جن جن ٿاڻن ۽ ٿاڪن مٿان لنگهيو، اهي تڪيا، تيرٿ، وستيون، وٿاڻ، مندر، ۽ مسجدون هلي ڪري اکين سان پسون.
مٿين ذوق ۽ شوق بيهڻ، ويهڻ نه ڏنو، نيٺ ڊسمبر 1984ع تي گيڙو ڪفنيون بدن سان ڍڪي، فقيراڻا ڪڙي سان هندوستان جي سير سفر لاءِ نڪري پيا، محترم ڀيم جي سنگهه پاڻ سفر ۾ ساڻ نه هليو، پر هندوستاني راهداري بنا پاسپورٽ جي هن پنهنجو خانداني راجائي وڏن جو نشان ڏنو، جنهن راجستان ۾ پاسپورٽ کان وڏو ڪم ڏنو، جڏهن ته هندوستان جو سابق وزير اعظم وي پي سنگهه هن جو ماسڙ ٿيندو هو، راجستان جا سابق راجائون سندس عزيز ۽ رشتيدار هئا، جن جن شهرن رياستن ۾ ويا ٿي، تن تن هنڌن هن سنڌي سوڍي صاحب جا عزيز معاون ۽ مددگار رهيا، ان مان ڀلي ڀت هن جي اثر رسوخ ڀارت ۾ ڪيئي رنڊڪون ۽ رڪاوٽون آسان ڪري ڇڏيون، جوڌپور، جئپور، گجرات، مهاراشٽر، جونا ڳڙهه وغيره ۾ سنڌي سوڍن جي عزت آبرو جي ڌاڪ ويٺل هئي.
سڀ کان پهرين مهاراشٽر جي دوارڪا شهر پهتا، جيڪو سامونڊي بندرگاهه به هو، سائين ڀٽ ڌڻي هن شهر، بندر ۽ مندر تي قدم رکيا هئا، ساڳي ماڳن جي ڌڪين ۽ تيرٿن کي چڱيان تاکڙيائون ۽ پسيائون، هن ياترا کان پوءِ اولهه پاسي ڏانهن راهي ٿيا، گجرات پرڳڻي جي پورب بندر تي آيا، جيڪو ٺاهوڪو بندر ۽ شهر هو، جڏهن ته ڀٽائي سائين جي دور ۾ هن بندر جي آبادي ڪن ٿورن مڇيرن جي جهڳين سان سينگاريل هئي، پورب بندر پڄاڻان سامو يهي ندي جي ڪناري سان چڪر ڪاٽيندي نارائڻ سر مندر ۽ ڪوٽيسر مندر تي اچي ويا، نارائڻ سر مندر ڏاڍو خوبصورت مندر هو، جتي سنڌي جوڳين جي وڏي آئو ڀڳت ۽ صواگت ڪيو ويو، مندر جي گرو سنڌي سنياسين جي شيوا ۽ چيٺا ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڇڏي، ائين به پڌر ڪيائين ته مرشد لطيف جا چيلا ۽ ڇڇ هئڻ ڪري سنڌي ياتري وڏي مان ۽ شان وارا آهن، ڇو ته مرشد لطيف سائين هن تڪئي مٿان پير گهمايا آهن، ٻئي ڏهاڙي ڪوٽيسر مندر ڏانهن اسهي ويا، جيڪو سمنڊ جي قدرتي کاڌ ۾ هڪ تڪئي جي صورت ۾ بنايل هو، هن بستي مٿان کين رات رهڻ نه ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته هتي ڪسٽم وارن جو اٽالو رهندو هو، اتان نيڪر ڪري، گرنار جبل جي نار وٽ اچي رسيا، جتان ڦيري (ٻيڙي) تي چڙهي نار ٽپي، جهونا ڳڙهه جي حدن ۾ اچي پيا، نار کان ٻه ميل پنڌ ڪري گرنار جبل جي سامهون ٿيا، جبل مٿان پهچي مٿي جابلو چوٽي تي چڙهڻ شروع ڪيائون، رات جو اٺين بجين گرنار جي ڪوٽ جي دروازي تي ڪڙڪيا، جتي راءِ ڏياچ، سورٺ ۽ ٻيجل جون سماڌيون ڏٺائون، ۽ گرنار جي گرناري جوڳين ۽ سناسين سان گڏجاڻيون ٿيون، جن سان رات جو هڪ غفا ۾ جاڳي ناگن ۽ بلائن جي باري ۾ مشاهدا ۽ تجربا بيان ٻڌائون.
صبح جو گرنار ڇڏي، جهونا ڳڙهه ڏانهن منهن ڪيائون، جتي حاضر ٿي تاثر ڏنائون ته جهونا ڳڙهه ڏاڍو سهڻو ۽ هندو تهذيب جو مرڪز هو، جنهن کي گهمي ڦري، ڏسي وائسي ڪڇ ڀڄ ڏانهن روانا ٿيا، هلندي هلندي هن علائقي جو اپسمنڊ اچي ويو، ان کي پار ڪندي ڪڇ ڀڄ جي نکٽ شهر ۾ اچي سهڙيا، ان کان پوءِ هن پرڳڻي جي چپي چپي جو سير ڪيائون، جتي کين گهمندي 20 ڏينهن لڳي ويا، ملڪي آزادي کان اڳ ۾ ڪڇ ڀڄ ۾ ننڍيون ننڍيون کوڙ ساريون جاگيرون هونديون هيون، جن کي رياستي حيثيت هئي، گهڻي ڀاڱي سڀ جون سڀ سماٽي رياستون هيون، ڀڄ تعلقي ۾ ابڙا سي تائين سماٽي قبيلا هئا، جن مان گهڻي ڀاڱي هندو هئا، هنن ۾ مهمانوازي ۽ دريا دليءَ جا ٻنا هئا، ساڳيءَ ريت جهڙي منجهن دليري، تهڙي نوڙت ۽ نهٺائي جا گڻ ڀريل هئا، ڪڇ علائقو لطيف سائين جن جو فدائي هو، هن پرڳڻي ۾ جت ۽ هاليپوٽا ذاتين جو وڏو انگ هو، جت قبيلا سمورا مسلمان هئا، ڪڇي خطي ۾ نماز جمعي جي پڙهندي خطبو ڪڇي ۽ گجراتي لپي ۾ لکيل مولانا غلام رسول جتوئي محراب پور لاڙڪاڻي واري جو پڙهيو ويو، ڪڇي سپورنج ڀٽ سائين جن جي رسالي جا حافظ هئا، ڪڇ چڱو تاکڙيائون، هتي جون مشهور درگاهون، ڏٺائون، جن ۾ درگاهه ڄام ابڙو جاڙيجو، جنهن سنڌ جي حاڪمن سومرن جون سامون سانڊيون هيون، درگاهه مولانا عبدالله جوڻيجو نرئي شهر وارو جنهن جا ڪيتراڪتاب لکيل آهن، درگاهه سخي سرور پير بابا حاجي جون ياترائون هيون، هتي هندو به ايندا رهندا هئا، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي دنگ تي مانڊوي شهر ڏانهن ويا، جتان مارواڙ، چمپا نير، ٻاڙ مير کان ٿيندا، منزلن مٿان منزلون هڻندا راجستان جي گادي جوڌپور آيا، هن سمي گادي وارو شهر مٽائي جئپور ٺاهيو ويو آهي، سنڌ ۾ ضلع سانگهڙ جي حدن کان جوڌپور تائين ”جوڻ“ جو علائقو سڏجي پيو، تنهن ايراضي ۾ جوڻيجا، مهر، مڱريا، نهڙي، آريسر، راهما رهن ٿا، راجستان ۾ پويان ڏهاڙا جيسلمير ۽ بيڪانير جي ويران ڀٽن، پهاڙن، جي ديومالائي داستانن، قصن، ڪهاڻين جي ڪردارن جا يادگار ٿا ڪن، تان هلندا رهيا، پراڻي سرسوتي ندي ۽ هاڪڙي جا پراڻا پڊ گهمندا، مومل جو محل پرکيندا هليا، نيٺ بيڪانير جي سرحد هندو سوڍن جي مدد سان پار ڪري، پاڪستاني رينجرس جي حوالي ٿيا، ستلج ندي جي ڪناري سان دائود پوٽن جي قلعي ديراوڙ اچي نروار ٿيا، هي سفر 3 مهينا 9 ڏينهن هليو، باقي 2 مهينا ۽ 16 ڏينهن قديم سنڌ جي گادي ملتان کان سنديلو تائين سفر ڪري، ڪاڇي، کيرٿر جبل جهاڳيندا، سامونڊي ٿر، ٻيا ماڳ، لاهوت، هنگلاج، ناني جا تيرٿ ڏسندا اندازن 2000 ميل پنڌ جهاڳي، اصلي ماڳين اچي پهتا.