ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو

لاڙڪاڻي جي وانجهيل ماو مڪانن ۽ شخصيتن بابت لکيل مضمونن جو ھي ڪتاب ڊاڪٽر غلام علي ھمت علي سانگي جو لکيل آھي. ڊاڪٽر غلام علي سانگي جي ھن ڪتاب ۾ لفظن ۽ جملن جو استعمال نج ڳوٺاڻو آهي. بيان جي جوڙجڪ، فقرن، جملن جي بيهڪ کي اهڙو سينگاريو ۽ سنواريو ويو آهي. محترم سانگي صاحب هن ڪتاب ۾ تاريخ جي هڪ نئين باب کي جنم ڏنو آهي. شامل ڪيل مواد ڏوري ڏسي، مشاهدا ماڻي، روبرو ملاقاتين ذريعي بيان حاصل ڪري، اڳين ڪتابن ۽ ڊائرين کي اٿلائي پٿلائي ڄاڻ حاصل ڪري ڪتاب سرجيو آهي. ڪتاب ۾ ڳوٺن ۽ اوطاقن جا احوال اهڙا ته اچاريا ويا آهن جو پڙهڻ مهل ٻهراڙين جي بيٺڪن جو ڀرپور عڪس اکين اڳيان پيو گذري.
Title Cover of book لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو

اخبار تعليم

اخبار تعليم

تعليم کي ڪارگر بنائڻ لاءِ سڌ سماءَ جا ذريعا: (اخبار تعليم)
سنڌي ابتدائي تعليم جي ڍانچي کي عملي طور هلائيندي ذري گهٽ اڌ صدي گذرڻ واري هئي پر برٽش سرڪار ”سنڌ تعليم کاتي“ جي مٿان اڃا ڌيان ڏيڻ ياد نه ڪريو هو. مثال طور سنڌي عوام کي سنڌي تعليم جي ڪارگذارين، استادن جي پڙهائي ۾ سندن سرگرمين، ساليانن امتحانن ۽ نتيجن جون پڌرايون، سنڌي اسڪولن جي اجهن کي کرو ڪرڻ ۾ شاگردن کي سردين گرمين جي تڪليفن ۽ مشڪلاتن کان بچائڻ لاءِ انتظام جوڙجڪ ۽ ٺاهه ٺوهه جهڙن ڪارنامن جو ماهوار بيان ڏيندو هلجي ۽ سنڌي ماڻهن کي سنڌي تعليم جي باري ۾ سڌ سماءَ ۽ واءُ سواءُ ڦهلائيندو رهجي. ان لاءِ ڪتابچا، لکيل پنا، رسالا ۽ خبرون ضروري آهن. پر پنجاهي سال کن گذرڻ کان پوءِ سنڌ سرڪار سنڌي تعليمي خبرون پهچائڻ ۽ سکيا کي زور وٺرائڻ لاءِ ”خبر نامي“ جي خاڪي کي اصل شڪل ۾ نه آڻي سگهي. ان لاءِ ”اخبار تعليم“ هڪ سنڌي رسالو اپريل 1901ع تي جاري ڪري ڇڏيو، جنهن سنڌي تعليم کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
مذڪور ”خبرنامو“ مرداني ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپال مسٽر تارا طند شوقيرام هلائيندو رهندو هو. منڍ ۾ هي رسالو اخبار تعليم ٽماهي 16 صفحن تي چپي هئي. قيمت هڪ سال لاءِ هڪ رپيو مقرر هوندي هئي. هڪ سال پڄاڻا رسالي کي ماهوار ڪيو ويو ۽ منجهس صفحا 24 ٿيا. قيمت هڪ سال کان پوءِ ٻئي سال ٻيڻي رکي وئي. ساڳي سال هن رسالي جو کاپو وڌي ٻيڻو ٿي ويو. ان ڪري هڪ ورهيه پڄاڻا 12 ورقن مان وڌائي 16 ورق جاري رهيا. قيمت ۾ ردوبدل نه ڪئي وئي.
برٽش سرڪار ملڪي سڌاري ۽ واڌاري جي لاءِ سرٽوڙ جاکوڙ ڪندي رهي ته جيئن سنڌ ملڪ شاهوڪار ۽ مالدار رهي. ان جي ڪاڻ سنڌي سکيا ۽ تربيت جي اصولن جو بنياد 1853ع ۾ پيو، جنهن کي اڄ تائين 163 سال گذري چڪا. اخبار تعليم ڪهنو سنڌي تعليم جو رسالو چئي سگهجي ٿو، جنهن سنڌي ادب کي وڏي هٿي ڏني ۽ شاندار ترقي تي رسايو. مثال اخبار تعليم جي شروعاتي ڪارنامن جي ڪري سنڌي ٻولي، تاريخ، جاگرافي، سائنس، مئٿس وغيره علوم کي ترقي جي عروج تي رسايو. هي رسالو سنڌي اٺن يا نون سالن جي سينگاريل نصاب جي پرچار پئي ڪندو آيو آهي. آخر ۾ انهيءَ نصاب کي هر سال ورنيڪيولر فائينل امتحان جي سرٽيفڪيٽن جي شڪل ۾ ”اخبار تعليم“ پوري سنڌ آڏو پيش ڪندي رهندي هئي. انهن سَندُن جي وسيلي پوري سنڌ ۾ ماستري، تپيداري، سپاهگيري، داروغي، ناڪي منشي وغيره جي خالي جاين تي سنڌي ماڻهن کي سرڪاري طريقن سان ڀريو ويندو هو.
مٿين مانڊاڻ کي سنڌ اندر 1960ع ۾ ختم ڪري فقط پنجن سالن تائين محدود رکيو ويو.

”اخبار تعليم“ جي پرک ۽ پروڙ:
اخبار تعليم جي رسالن مان پرک ۽ پروڙ ڪندي تحقيقاتي مضمون ”اخبار تعليم“ ثابت ٿيو، جنهن کي سنڌ سرڪار تعليم کاتي پاران جاري ڪيو. اهو حيدرآباد مان جاري ٿيندو رهيو. اپريل 1940ع وارو پرچو اخبار تعليم جي زندگي ۾ چاليهين سال جو پهريون پرچو آهي. يعني اڻيتاليهون سال خير سان پورو ٿيو.
مٿين لکت پڌرو ڪري ٿي ته اخبار تعليم اپريل 1901ع تي شايع ٿي چڪي.
1903ع ۾ ساڳي اخبار ٽماهي مان ڦيرائي هڪ ماهي ڪئي وئي. ان جا صفحا گهٽائي، في جلد 24 صفحا رکيو ويو. ان ريت اخبار تعليم جي في سال قيمت ٻيڻ ٿي. يعني ٻه رپيا مقرر ٿي چڪي. ان حساب سان 1902ع ۾ اخبار تعليم جا هڪ سال ۾ چار جلد نڪرندا هئا. جڏهن ته 1903ع ۾ هن رسالي جا سال اندر 12 جلد نڪرڻ لڳا.
1904ع ۾ اخبار تعليم جو کاپو وڌيو، ان ڪري جولاءِ 1905ع ۾ هن رسالي جي 24 صفحن کي وڌائي، 32 صفحن تي هلايو ويو، پر ملهه في سال ساڳيو رکيو ويو. هن رسالي جي 1939ع وارن پرچن تي نگاهه ڦيرائيندي خبر پوي ٿي ته هن رسالي ۾ هر موضوع تي بهترين مضمون پيش ٿيا، جهڙوڪ تاريخ، جاگرافي سيکارڻ، انگي حساب ۾ ڪشش ۽ مزو پيدا ڪرڻ، اسڪولي دفتر هلائڻ، علم صحت جو ذوق ڏيارڻ، پرڏيهي شخصيات جي زندگين جو نچوڙ پيش ڪرڻ، يورپي تعليمي طريقن ڪنڊرگاٽن ۽ مانيٽسوري ڍنگن تي هلڻ، ڍلن ٻارن کي اڳتي وڌائڻ، جسماني سزائن کان پاسو ڪرڻ وغيره قسمن جي مواد جي ڪري هن رسالي جي ساک وڌيل رهي.
1939ع جي ماضي واري اخبار تعليم جي دور مٿان رسالي جي ڪارڪردگي کي ڏسجي ٿو ته پڙهيل سنڌي ڌڙي ۾ هن اخبار پڙهڻ ۽ مضمون لکي ڇپائڻ جو ذوق جاڳيو آهي. لکت کي شايع ۽ پڌري ڪرڻ جي چٽاڀيٽي سنڌي دانشورن جي اخبار تعليم جي انعامات مان پر گهٽ آهي. تعليم جي ميدان تي بهتر کان بهترين مضمون پيش ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ تاريخ، جاگرافي، انگي حسابن جهڙن خشڪ موضوع مٿان سولا ڍنگ ۽ مزيدار واٽون چٽيون ويون آهن. اسڪولي دفتر کي هلائڻ ۽ ان جي سنڀال ڪرڻ، ڍلن ۽ ڏڏ شاگردن ۾ پڙهڻ جي سگهه پيدا ڪرڻ ۽ کين جسماني سزائن کان پري رکڻ ۽ اسڪولي ماحول کي خوشگوار بنائڻ ۾ منطقي طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا. علم صحت کي اوليت ڏيئي ٻارن جي بدني تندرستي درست ڪرڻ پرڏيهي ملڪن جي تعليمي طريقن جو سيکارڻ، جنهن ۾ ڪنڊن گارٽن ۽ مانٽيسوري ڍنگن کي عام ڪري، تعليم جو معيار قائم ڪيو وڃي ٿو.
غير ملڪي هاڪاري شخصيات جي زندگي جا مختصر نچوڙ پيش ڪرڻ ۽ سنڌ جي پکين ۽ جانورن جي پيدائش کاڌا، عادتون، پاڻ بچائڻ جا ڍنگ ڏيکارڻ وغيره مواد کي تحقيقاتي انداز سان مواد ڪٺو ڪري هن رسالي جي ساک کي وڌايو وڃي ٿو.
12 ورق اخبار تعليم مهيني سر پڌري ٿيندي رهي ٿي، تنهن مان فائدو تڏهن بر ثواب ٿيندو جڏهن استادن جون پڙهائڻ واريون مشڪلاتون هڪ ٻئي جي ميلاپ ۽ مدد سان روبرو حل ڪندا رهندا، جهڙوڪ تعليمي سيمينار، ڪانفرنسون، گڏجاڻيون، محفلون کڙيون ڪري چٽاڀيٽي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، ته استادن ۾ نفسياتي فوقيت ۽ اهميت وڌي ٿي.
ٻي مهاڀاري لڙائي دوران هنڌين ماڳين معيشت جو ڏيوالو نڪري چڪو، ڏڪر اچي مهمان ٿيو. ان جو اثر سنڌ ڏيهه تي به اچي ڪڙڪيو، اهڙي مرڻاس جو بار اخبار تعليم جي مٿان به اچي رسيو، اخبار پوري سال ۾ ٻارهن جلدن تي هلندڙ هئي. جنگي بحران جي ڪري اخبار ٽماهي ٿي چڪي، سال ۾ چار پرچا ڇپجڻ ۾ آيا، هي سلسلو 1943ع کان جاري ٿيو، جڏهن ته صفحن ۾ گهٽ وڌائي پئي ٿيندي رهي، ڪڏهن في پرچو 32 ته ڪنهن سمي ڪجهه گهٽ صفحن تي جلد ڇپبو هو. 42-1941ع ۾ اخبار تعليم في سال 12 جلدن تي رهي ۽ منجهس 28 صفحا رهيا، پر جڏهن اخبار ٽماهي ٿي چڪي تڏهن 1943ع ۾ في پرچو 46 صفحن تي پهتو. وري سال 1944ع ۾ اخبار ٽماهي ۽ صفحا 65 رهيا، جنهن جو ڪارڻ نوٽيس، سرڪيولر ۽ ساليانا امتحاني نتيجا هئا، ان ڪري اخبار تعليم جي صفحن ۾ رڪارڊ ٽوڙ واڌارو اچي ويو.
1945ع ۾ اخبار تعليم ٽماهي رهي، منجهس صفحا 47 رهيا. 1950ع ۾ رسالو ٻماهو ٿي ويو ۽ صفحا 34 هلايا ويا. ون يونٽ جي ڪري سنڌ جي پئسي ڏوڪڙ جي جي حالت داءَ تي لڳي چڪي. ان ڪري سنڌ جي هر شعبي ۾ زوال اچي واسو ڪيو. اهڙي لنجهڻ کان اخبار تعليم به ڇوٽڪارو نه لهي سگهيو، هي اخبار ڏهن مهينن تائين پنهنجو وجود وڃائي چڪي، يعني ڊسمبر 1968ع کان سيپٽمبر 1969ع تائين بند رهي، ان جو سبب پبلشر جي مٽ ٿيڻ ڪري اولهه پاڪستان حڪومت نئين ڊڪليئريشن ڏيڻ ۾ دير ڪئي.
هن اخبار مان اهي به حقيقتون چٽيون پيون ٿين ته سائنس جو ڍنگ هورا کورا، تڙپ ۽ ذوق پيدا ڪيو ويو آهي، جنهن طريقي ٻارن ۾ هڪ قسم جو لکت ڏانهن ڏاڍو ڌيان ڏياريو آهي.

ڏيهي ۽ پرڏيهي تعليم جي تورتڪ
جن ملڪن تعليم کي وڌايو ۽ ويجهايو، سنواريو ۽ سڌاريو اهي ڀڙڪا ڪندا ڌرتيءَ کان اڀ ڏانهن ڊوڙندا وڃن ٿا ۽ ملڪي ميڙي چونڊي جو ڀاري ڀاڱو سکيا کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ تي لڳائيندا رهن ٿا. تعليمي رکيل رقم پاڪ پوتر ڄاڻي ان پئسي کي ذاتي مفاد مٿان کپائڻ حرام ڪري ڇڏين ٿا. تڏهنس ته نه رڳو هن ڌرتي تي حيران ڪن معجزا ڏيکارڻ شروع ڪن ٿا، پر جهان جي باقي ڏيهن مٿان ڌاڪيداري ڪري رهيا آهن.
اهڙن سکيا جي سنگتين جي ديسن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي سکيا کي نهوڙي ۽ نپوڙي لاش جي شڪل ۾ آڻي، ڌرتي اندر پوريو وڃي ٿو ته جيئن اڳتي هلي سنڌي ماڻهو پنهنجي سهڻي سنڌ تان ميٽجي ۽ ميسارجي وڃن. اهو ان ڪري ٿيو آهي جو سنڌ جي سکيا لاءِ رکيل ناڻو اربها روپين کي وڊ رهي کانئو ڊُڊن ڊوهن ۽ قلم چور ڌاڙيلن جي ور چاڙهيو وڃي ٿو. انهيءَ لٽ ڦر ۾ پوري حاڪم ٽولي جي مفاهمت جي ڳٺ جوڙ شامل حال آهي. وڏي سمي کان اڄ تائين سنڌي سکيا لاءِ سنڌ جا سڄڻ ساٿي دل ڦاڙي دردن ڀريو دانهون ۽ پڪارون ڪندا رهيا آهن پر انهن ڪوڪن ڪارن ۽ هنجون هارڻ مان نتيجو اهو نڪرندو رهي ٿو ته جيئن عرصو هڄندو وڃي پيو، تيئن ارهه زورائي هٿ مروٽ، ڏاڍائي ۽ ڌاڙي بازي ۾ بلا جو واڌارو ٿيندو وڃي ٿو. ان ڪري سنڌ جي تعليم کي زيرو حد تي آڻي بيهاريو ويو آهي. پر مارن ۽ منافعي خورن جي هوائي ڳالهين سان اخبارون ڀريون پيون اچن، جن ۾ گوسڙو ماستر ۽ اسڪولن مٿان قبضا وغيره قسمن جا بهانا ۽ ڪارڻ ڏيکاري سنڌي عوام کي گمراهه ۽ ٿيريو وڃي ٿو ته سنڌ جي سکيا تباهه ٿي رهي آهي. اصل سچي حقيقت کان سنڌي عوام جي سوچ سمجهه کي ترڪايو وڃي ٿو، پر تعليم جي ڀلائي بهبودي ۽ واڌاري سڌاري لاءِ بجيٽ ۾ اربن رپين جو رکيل ناڻو طوفان جي هوائي آنڌين ۾ چٽ پٽ ڪيو وڃي ٿو، بجيٽ جي وچور ۽ حساب ڪتاب ڏيڻ کان سنڌي عوام کي سڌي واٽ کان گمراهه ڪيو پيو وڃي.
تعليم جي ترقي ۽ واڌاري ۾ نٽ نٽاءُ، گُس گساءِ ۽ لٽ ڦر جي فنڪاري ڪمال ۽ عروج تي رهندي اچي ٿي. اهڙين حرڪتن ۽ ناجائزين کي سنڌي دانشور ڀلي ڀت ڄاڻي سڃاڻي ٿو، پر افسوس جو ووٽ هٿ ڪري، چالاڪيءَ سان سنڌي عوام کي جاهل اڻڄاڻ رکي زوري تعليمي حقوق ترڪايا ۽ کسيا وڃن ٿا.
تعليمي اخبار ۾ تعليمي ڀلائي، بهبودي، واڌ ۽ ويجهه:
ان جي لاءِ 1902ع کان اڄ تائين سنڌي استاد، تعليمي سڄاڻ، آفيسر ۽ چند عام ليکڪ سدائين اخبار جا پرچا سينگاريندا ۽ سنواريندا اچن ٿا. اڄ کان 85 سال اڳ 1932ع ۾ سنڌي انگين اکرين استاد، ڪيڙڍال جو ڪارگردي ۽ ڍنگ وارو آفيسر ۽ سکيا سرواڻ سيد عبدالحسين موسوي روهڙي واري ”اڄوڪي تعليم“ جي موضوع تي لکيو آهي، سندس لکت جي مختصر خاڪي جي وستار ڪجي ٿي:
”اڄ ڪلهه چيو وڃي ٿو ته تعليم بيسود ۽ بيڪار آهي، اهڙي شڪايت نه فقط عبرتناڪ بلڪه دردناڪ آهي.“ پاڻ ظاهر ڪري ٿو ته ماستر ٽن قسمن جا آهن:
1) اهي ماستر جيڪي پاڙهڻ جي شوق سان تعليم کاتي ۾ گهڙيا آهن.
2) اهي جن ڪنهن سڻڀي نوڪري جي بهاني في الحال تعليم کاتي جي اڻڀي روزگار لاءِ هن کاتي ۾ پير پاتو آهي.
3) ڪي روزگار جي تنگي ڪارڻ هن کاتي ۾ گهڙيا آيا، عمر جي وڌي وڃڻ ڪري کاتي ۾ هري مري ويا، ٻيو چارو نه ڏسي سيکارڻ جي ذوق کي لڳي ويا.

تعليمي اوڻايون پوڻايون:
1) ڪي شوم طبع ماستر شاگردن ۽ سندن مائٽن جي دلين تي منڍ کان اهڙا اثر ويهارين ٿا ته ٽيوشن کانسواءِ چاڙهو نه آهي، پر ٽيوشن هوندي به شاگرد ڪيئن ٿا پاس ٿين، جيڪا ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي نه آهي.
2) نصابي ڪتابن جي معنيٰ، نوٽن، رهبرن ۽ سونهن جو رواج آهي. ڪورس کي ڪٽي سٽي مختصر ڪري نه رڳو شاگردن ۽ ماسترن کي سست ڪيو وڃي ٿو، ائين ڪرڻ سان شاگردن جي خيالن جي اڏام جي سگهه ختم ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته ٺهيل ٺڪيل مواد ياد ڪري امتحان ۾ ويهن ٿا، جيڪڏهن امتحان ۾ ڪو سوال سندن ياد ڪيل مواد کان ٻاهران اچي ويندو ته شاگرد اوٻاسيون ڏيڻ شروع ڪندا. اهڙي هٿ ٺوڪي سکيا اصل ۽ صحيح سکيا جو روح چٽ ڪري ڇڏي ٿي. مختصر تعليم فقط نوڪرين جي لاءِ ٿي سگهي ٿي، پر دنيا جي ڪاروهنوار هلائڻ کان بيڪار ثابت ٿيو پوي ٿي.
3) بهترين تعليم جو مدار بهترين عالم استاد تي آهي. ٽريننگ ڪاليج ۾ اڌيڙ ۽ وڏي عمر وارن ماسترن کي ٽريننگ ڏيڻ کان نوجوانن تازي فائينل پاس ۽ سال ٻن جي نوڪرين ڪيل ماسترن کي تربيت ڏيڻ گهرجي. ان حالت ۾ ماستر کي فائينل نصاب ۽ سال ٻن سالن پڙهائي جو تجربو تازو، سندس جواني، تيز حافظو ۽ سالم صحت ٽريننگ جي نصاب جي پڙهائي ۾ ساٿ ڏين ٿا.
4) ٽريننگ ڪاليج جي 3 سال پڙهائي ۾ سنڌي نصاب پڙهائڻ جا طريقا ڍنگ ۽ پارسي ٻولي جي سکيا وٺڻ کانپوءِ هر ترتيب يافته هڪ سٺو استاد عالم ٿي نڪري ٿو.
5) اهڙي تربيت وارو عالم ماستر ذوق سان پڙهائيندو ۽ نوان نوان تجربا ۽ ڍنگ پاڻ ئي پيدا ڪري وٺندو. ائين ڪرڻ سان مقدس سکيا کي عروج تي رسائي سگهندو. جيڪڏهن اڌيڙ ۽ پيري ۾ ماسترن کي تربيت ڏبي ته ان حالت ۾ صحت جي نٻلائپ، حافظي جي گهٽتائي ۽ سستي جي ڪري ٽريننگ جو لاڀ پرائي نه سگهندا. اهڙا ماستر اسڪول ۾ وڃي ڪرسيون سيڙائي ويهندا. ٽريننگ تان جيڪو سکي آيا ان جي وسارڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا.

تعليمي ڪانفرنس ڪراچي:
1939ع اپريل جي پهرين ۽ ٻي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ جي تعليمي ڏاهن جي گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو، جي اين قاضي، ايس ڊي ڪنٽريڪٽر ڪاليجن ۽ مدرسن جا پرنسپال، هاءِ اسڪول هيڊ ماستر ۽ مئنيجر، ائڊمنسٽريٽو آفيسر، تعليمي وزير ۽ ڪي اسيمبلي ميمبر صاحبان، اٽڪل هڪ سئو ڄڻا شريڪ ٿيا. گڏجاڻي اسيمبلي هال ۾ ٿي جنهن جو افتتاح مسٽر گرهام گورنر سنڌ ڪيو، تقرير ۾ چيائين ته: ”سنڌ ۾ ننڍڙا ڳوٺ ۽ واهڻ عام هئڻ ڪري، پرائمري سکيا پٺتي پيل آهي، اسان کي سٺن ۽ سمجهو ماسترن تي ڌيان ڏيڻ کپي. ماسترن کي ٻارن جا والدين همتائين، ساڳي وقت ماسترن جون پگهارون به نهايت گهٽ آهن. پئسي کي وڌائڻ لاءِ زراعت کي هٿي ڏيڻ کپندي آهي ته اهڙو ڏوڪڙ پئسو تعليم مٿان خرچ ڪرڻ جڳائي.“
وزير تعليم پير الاهي بخش جي تقرير:
سنڌ ۾ تعليم 49 سيڪڙو آهي. هن سمي نصاب ۾ ڦيرڦار اچڻ کپي. سنڌ جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ڇوڪرين جي سکيا ضروري آهي، ڇوڪرن جي لاءِ سنڌ جي ٽن تعلقن ۾ زوري تعليم هلي رهي آهي، پر ڇوڪرين لاءِ ڪٿي به زوري تعليم نه آهي جيڪا جلد جاري ٿيڻ گهرجي. سنڌ ۾ هنري سکيا روزگار ۽ خوشحالي لاءِ ضروري آهي، پر اها هتي نه جهڙي آهي. سنڌ ۾ هاءِ اسڪول 5 آهن. ثانوي تعليم جي واڌاري لاءِ خانگي هاءِ اسڪول ضروري آهن. سنڌ ۾ ڇوڪرين جي لاءِ هڪ به هاءِ اسڪول نه آهي، جن جا هر ضلعي ۾ هڪ هڪ هاءِ اسڪول هئڻ کپي. سنڌ اندر هڪ ڌار يونيورسٽي هجڻ لازمي آهي. بالغن جي تعليم کي زور وٺائجي.

تعليمي ڪانفرنس جا پاس ڪيل ٺهراءَ:
1) ابتدائي تعليم کي زور وٺائڻ لاءِ سنڌ سرڪار جو ضابطو وڌايو وڃي.
2) ڏهن تعليمي ماهرن جي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪجي، جيڪا تعليمي ڀلائيءَ لاءِ سفارشون تيار ڪري.
3) سنڌ ۾ زوري ۽ مفت تعليم کي زور وٺائي، تعليم کي ستن سالن ۾ مڪمل ڪيو وڃي.
4) جهالت کي دور ڪرڻ لاءِ نائيٽ اسڪول، لائبريريون، ريڊنگ روم وغيره سهولتون هئڻ کپن.
5) موجوده نصاب ڦيرائي، نئين دور جي گهرجن پٽاندڙ تيار ڪرڻ جڳائي.
6) ٽرينڊ ماستر ۽ ماسترياڻين جو عدد وڌائجي ته جيئن ستن سالن ۾ 80 سيڪڙو ماستر ٿين.
7) تعليمي ادارن ۾ صحت سکيا ڏني وڃي.
اخبار تعليم، جلد نمبر 39 صفحو، 1 کان 6 تائين سال 1939ع مهيني اپريل.

اخبار تعليم جي خبر چار ۽ قلم نگارن جي همت افزائي:
اخبار تعليم کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ مضمون نگارن جو وڏو هٿ رهيو آهي. جڏهن کان هن رسالي جو بنياد پيو ته سنڌي ادب جي گهڻگهرن وسان نه گهٽايو آهي. تعليم جي کيتر ۾ پنهنجي ادبي جهلڪ جي جنسن ۽ وڙن ۾ پئي مٽ سٽ ڪئي ته جيئن سنڌي علم ادب جي آبياري ٿئي ۽ اخبار تعليم جي حيثيت کي چار چنڊ لڳن، ان ڪارج ۾ اخباري منتظيمن سنڌي دانشورن جي مان ۾ انعامي مانڊاڻ هلايو جنهن مان ڪن ٿورن سالن جي انعامي وچور کي پيش ڪجي ٿو:
1931ع ۾ اخبار تعليم جي 42 مضمون نگارن کي 110 رپيا انعام ڏنو ويو، جنهن ۾ ليکڪ صاحبان کي هڪ رپئي کان ٻارهن رپيا انعام به ڏنو ويو. ان لڙهي مان ٽن صاحبن جا نالا ڏجن ٿا:
1- مسٽر علي خان ابڙو انعام 12 رپيا.
2- مسٽر جڳتراءِ سوداساڻي انعام 10 رپيا.
3- مسٽر عبدالحسين شاهه موسوي انعام 6 رپيا.
1939ع واري اخبار تعليم ۾ 21 ليکڪ صاحبان کي 125 رپين جي انعام سان نوازيو ويو، جن ۾ پنجن ليکڪن کي ٻه ٻه رپيا، ستن کي ٽي ٽي هڪ کي چار، ٻن کي پنج پنج، ٻن کي ڏهه ڏهه، ۽ چئڻ ڄڻن کي پندرهن رپيا ڏنا ويا، جن مان ڏهن ۽ پندرهن رپين وارن انعام يافتن کي پيش ڪجي ٿو:
1- مسٽر گوبند رام ناٿاڻي انعام 15 رپيا.
2- مسٽر سکرام داس هنڱوراڻي انعام 15 رپيا.
3- مسٽر بهار مل ريجهومل انعام 15 رپيا.
4- مسٽر غلام رباني اعواڻ انعام 15 رپيا.
5- مسٽر آغا تاج محمد انعام 10 رپيا.
6- مسٽر شيوارام ڦيراڻي انعام 10 رپيا.
اخبار تعليم جي ڪارڪردگي ۽ معيار کي وڌائڻ خاطر اخبار جي ليکڪن جي همت افزائي ۾ کين انعامي سلسلو قائم ڪيو وڃي، جيڪو ڪافي سمي کان هلندو اچي ٿو، پر اپريل 1940ع واري پرچي ۾ رسالي جي مضمون نگارن جي تعريف ۾ وضاحت سان لکيو ويو ته ليکڪن تعليم جي هر ڪنهن موضوع تي بهترين مضمون پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪيا. مثال تاريخ ڪيئن سيکارجي ۽ پاڙهجي. انگي حساب جي خشڪ مضمون ۾ دلچسپي ڪهڙِ نموني پيدا ڪجي، اسڪولي انتظام تي ”منهنجي ماستري ۽ منهنجو آمودو“. ڍلو شاگرد، جسماني سزا، اسڪولي دفتر مان لاگ بوڪ وغيره تي لکڻ، جاگرافي ڄاڻ وڌائڻ، قديم هندستان جي تجارت، سفر يا سير ڪرڻ، ميگينٽ لائين فيڊريشن لفظن جي کول ڪرڻ، علم صحت، صفائي جا اصول، اڻپورو کاڌو، اکين ۽ ڏندن جي سنڀال زهري گئسون، دماغ جي برقي لهرين جي کوجنا، يورپ جي تعليمي طريقن جا ڪارناما ڪنڊرگارٽن، مانيٽسوري وغيره ڍنگن کي کولي سمجهائڻ، پرڏيهي ۽ ڏيهي ڏاهن ماڻهن جي سوانح عمريون ۽ ڪارنامن مٿان لکڻ، جهڙوڪ روسو، فروبيل، ارسطا طاليس، مهاتما گاندي، چندر بوس، محمد علي جناح، روز ويلٽ، خانبهادر قاضي غلام نبي، علامه دائودپوٽو، ديوان ڪرمچند هنڱوراڻي وغيره ان ڏس ۾ لکت کي سجائڻ ۽ سينگارڻ ۾ جن مضمون نگارن حصو ورتو تن صاحبان کوڙ ساريون مبارڪون لهڻيون. انهن پنهنجي دماغي صلاحيتن سان رسالي کي سوڀارو ڪيو. اسين سندن شڪرگذار آهيون. تعليمي ميدان ۾ 45 مضمون چٽيندڙن کي 129 رپيا انعام ڏجن پيا، جن ۾ هڪ روپئي کان ٻه ٽي، چار، پنج، ڇهه، ست ۽ ٻارهن رپين تائين ورڇ ٿي ٿئي. لکت جي ڇوٽي ڪرڻ لاءِ ڪن دانشورن جي نالن ۽ سندن انعامي نوازي کي هيٺ آڻجي ٿو:
1- مسٽر ڊي ڪي هنگوراڻي انعام 12 رپيا.
2- مسٽر ايس ايس هنڱوراڻي انعام 7 رپيا.
3- مسٽر بهارمل ريجهو مل انعام 6 رپيا.
4- مسٽر غلام محمد شهواڻي انعام 5 رپيا.
5- مسٽر غلام رباني اعواڻ انعام 4 رپيا.
6- مسٽر حبيب الله ايم ڀٽه انعام 3 رپيا.
7- مسٽر عبدالڪريم چغتائي انعام 2 رپيا.
8- مسٽر جيتراءِ انعام 1 رپيو.
سال 44-1943ع جي انعامي سلسلي ۾ 29 ليکڪن کي 125 رپين سان نوازيو ويو. انعامي لڙهي هڪ رپئي، ٻه رپيا، ٽي رپيا، چار کان ٻارهن رپين تائين هلي. اهڙي تعريفي ورهاست ۾ هيٺيان ڀاڱو نه ٻارهن رپين وارا انعام يافته هئا:
1- مسٽر ڪي ٽي آوڏاڻي انعام 12 رپيا.
2- مسٽر ايس ايس هنڱوراڻي انعام 12 رپيا.
3- مسٽر ڊي ڪي هنڱوراڻي انعام 12 رپيا.
4- مسٽر رحيم بخش ميمڻ انعام 12 رپيا.
5- مسٽر الهه بخش قريشي انعام 12 رپيا.

خانگي اسڪولن کي هلائڻ ۽ قوم کي سڌارڻ جو عمل:
لاڙڪاڻي شهر ۾ شام جو گهٽين گهيرن کانسواءِ ريلوي اسٽيشن جي باغڙن ۽ ريلوي پل جي هيٺان ايندڙن ويندڙن جي لاءِ تاش جي راند جو عام نظارو لڳو پيو هوندو آهي. ساڳي سمي جناح باغ ۽ ذوالفقار باغ جهڙن هنڌن تي به هن راند جو چرچو متل هوندو آهي.
مذڪوره راند ۾ فقط رانديگرن جي ذاتي خواهش، ذوق ۽ راند جي خاص فني ٻولي جو پورائو ٿيندو رهي ٿو. هن راند ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ هنڌ ويٺي راند ملهائڻ ۾ ورزش جو ڪو به عمل دخل نه هوندو آهي. رهندو گهڻي ويهڪ جي ڪري ماڻهوءَ جي ٿولهه ۾ واڌارو ٿيندو رهندو آهي،
اهڙين راندين جي بدران جيڪر ورزشي ادارا کڙا ڪيا وڃن ها، جن ۾ هن قسم جا واندا ماڻهو پنهنجو بدن سنواريندا ۽ سڌاريندا رهن ها ته جيڪر ڪيترو نه بهتر رهي ها.
مٿين راند کانسواءِ ڏسجي ٿو ته شهر ۾ هڪ ٻي به بهترين وندر جي ڌُن هلندي رهي ٿي، جنهن ۾ جسماني هل چل جو مزو ۽ جذبي جي پذيرائي ٿيندي رهي ٿي. ساڳي وقت روحاني شوق ۽ جذبو به ڏيکارجي ٿو، اهو شهر لاڙڪاڻي جي خانگي اسڪولن جي وندر ۽ جوڙجڪ مان پڌرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن مان ٻه ڪاڄ سرن ٿا. ٻارن کي پاڙهيندي استادن جي بيروزگاري ۽ ٻارن جو وري نشئي ۽ داداگيري وغيره جي انڊسٽري جهڙن مسئلن کان نجات ملي ٿي.
بيان ڪيل تاش راند جا ڇيها ٽوٽا ۽ پڙهائي جا نفي ۽ خير جا ڪارناما آهن، جن جي باري ۾ ڀلائي بهتري ۽ چڱائي موچاري ڳالهين جي حامي ۽ ساٿي دوستن جي عام راءِ جو فيصلو آهي ته سيکارڻ ۽ سڌارڻ جو عظيم ۽ مقدس عمل سکيا ۽ تعليم آهي، جن جي راهه رستي کي واضح ڪجي ٿو. لاڙڪاڻي شهر ۾ خانگي سکيا گهرن جو ڄار وڇايل آهي. جن مان مون کي ياد آهن ۽ وڃي زيارتون ڪيون آهن، نصاب ۽ پڙهائي باري ۾ کانئون پڇا ڳاڇا ڪئي تن کي پنهنجي يادگيري تي سانڍي ڇڏيم، جتان مختصر احوال پيش ڪجي ٿو جنهن کي 8 يا 10 سال ٿيندا.
1) محترم پروفيسر مختيار احمد سمو صاحب جنهن لاهوري محلا لاڙڪاڻي ۾ ”ناليج سينٽر“ کڙو ڪيو، جنهن جي وڏي جاکوڙ ۽ سندس ذوق چوٽ چاڙهيو آهي، انهيءَ تعليمي گهر مان ڪيترا شاگرد سي ايس ايس جون سندون وٺي چڪا آهن، جن ۾ مسٽر طاهر حسين سانگي صاحب آهي.
2) معزز محمد ڄام کوکر صاحب: ساڳيو لاهوري محلي ۾ ڇوڪر ۽ ڇوڪرين جا ڪلاسز پنهنجي تعليم گهر ۾ هلائيندو آيو آهي، ڪافي عمر تائين خدمت ڪندي ڇڏي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو آيو آهي، پر محلي وارن جي اسرار تي کيس فيصلو مٽائڻو پيو آهي، هو پنهنجو مٽ پاڻ آهي، شاگردن کان في به معمولي نموني ادا ڪندو آهي.
3) مسٽر نذير احمد تونيو صاحب: ٽئنڪ چوڪ تي تعليم جي ذوق ۽ خدمت ۾ مصروف رهيو آهي. ڪيترا ٻار هن جي رهبري ۽ فيض ۾ فيضياب ۽ فضيلت وارا ٿيندا رهن ٿا، جنهن جي جاکوڙ جي ڪيتري به ڪٿ ڪجي سا اڻپوري رهندي، سندس ڪاوشون ۽ ڪوششون قابل داد آهن.
4) مسٽر اڪرم انصاري صاحب: باقراڻي روڊ سان پنهنجي ذاتي ڪاوشن سان سکيا گهر کي هلائي، تعليمي عمل کي چارچنڊ لڳائي رهيو آهي، سندس تعليم جي چرڍي جي سٺي واکاڻ پئي هلي، هر هڪ محنتي ۽ ذوق وارو پنهنجي ڌنڌي کي وڌائڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو آهي، ان رخ ۾ هي استاد به تيز تر رهيو اچي ٿو.
5) مسمات محترمه زبيده خاتون صاحبا: پنهنجي ٽئنڪ چوڪ کان هاءِ اسڪول هلائي رهي آهي. محترمه سان منهنجي تعليم جي باري ۾ گڏجاڻي سندس اداري ۾ ٿي چڪي سکيا گهر جي ڪارڪردگي ۽ سندس تعليم سان ذوق ۽ ٻارن ۽ والدين سان تعاون، سهڪار ساراهه جوڳو رهيو اچي، پنهنجي ڄاڻ ۽ خدمت اداري لاءِ وقف ڪيل آهي، ان ڪري هن جي رهبري اداري جي لاءِ سودمند رهي ٿي.
6) مرحوم و محترم شمس الدين ابڙو، سانگي: سندس محترمه نياڻي جناب والد بزرگوار جي نالي تي هلائي رهي آهي. سکيا جي باري ۾ ساڻس ملاقات هن اداري ۾ ٿي چڪي. حقيقت ۾ سندس ڏاڏو خانصاحب علي خان صاحب ابڙو تعليم جو آفيسر ٿي گذريو، هن جو ڪيترن علمن سان واسطو رهيو. هو صاحب مفسرالقرآن پاڪ به هو، هي ادارو پنهنجو مٽ پاڻ آهي، تعليم جي ڪارڪردگي ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڏي واکاڻ جي لائق آهي. هي ادارو گهڻن ٻارن بجاءِ ٿورن کي داخلا ڏيڻ پسند ڪندو آهي.
7) سکيا گهر ريشم گلي: هي ادارو مسٽر شاهد مهيسر تيار ڪيو، جنهن صاحب تعليم ۽ سکيا کي زور وٺائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، جهڙي ريت هن سکيا گهر کي زور وٺرايو تهڙو هن پنهنجي تعليمي ڪيريئر کي به چاڙهاڪو ڏنو. اهڙي ريت هن سي ايس ايس جي ميدان ۾ ڪامراني لڌي ۽ هن وقت هو ڪٿي ايس پي پوليس رهيو اچي ٿو.
8) رتيديري لاڙڪاڻي شهر روڊ سان سکيا گهر: هي تعليم گهر لاڙڪاڻي شهر جي اترين پاسي، رتيديري روڊ جي اوڀر پاسي ڏانهن لڳايو ويو آهي، هن اداري جا سرپرست ٻه ڀائر عباسي آهن، جن جي نگراني هيٺ هن سکيا گهر جو انتظام ڏاڍو سهڻي نموني هلندو رهندو آهي. اڪثر ڪري خانگي سکيا گهر شام جو پنهنجا تعليمي جوهر ڏيکاريندا آهن، صبح جو محترمه زبيده صاحبه اسڪول محترمه مسز شمس الدين ابڙو ۽ عباسي ڀائر تعليمي گهر سکيا جي خدمت ۽ تربيت صبح جو شروع ڪندا رهندا آهن. هنن ٻن ڀائرن جون تعليمي ڪاوشون ۽ ڪوششون سٺي انداز سان هلي رهيون آهن، عباسي تعليمي گهرجي آسپاس سندن مقابلي جو ڪو به ادارو نه آهي، ان ڪري کين ٻارن ڪٺو ڪرڻ ۽ تعليمي ڏيڻ جو کين چڱو موقعو ملي رهيو آهي. سکيا جي نواڻ، پڙهائڻ جو ڍنگ ۽ تعليم جي ترقي جي مٽ سٽ جي طريقن جي باري ۾ سائين محمد ڄام کوکر صاحب ۽ عباسي ڀائر گڏيل فائدا وٺندا آهن.
9) ”الماس سکيا گهر“: هن اداري کي استاد سڌير احمد شام جو هلائيندو هو، پنهنجي جاءِ نه هئڻ ڪري، مسواڙي جاين تي سکيا گهر کي هلائيندو رهندو هو. بلند آواز، کڻائي قد، خود اعتماد استاد ٿي رهيو. پڙهائي ۾ 35 منٽ، 40 منٽن بدران 50 منٽ پڙهائي ته ڪا ڳالهه نه آهي. سکيا گهرن جي مٽ سٽ ته هوندي هئي، تعليمي گهر جو نالو نشان هڪڙو ئي مشهور رکيائين، جيڪو نالي سان هاڪارو رهيو. اهو ”الماس سکيا گهر“. بهتر، چڱي ۽ سٺي پڙهائي جي ڪري ٻارن جو عدد وڌندو رهندو هو ته نائب استادن کي به هن وٽ روزگار ملندو هو، خرچ ڪرڻ ۽ نائين کي خوش رکڻ ۾ دلجي ڪشادگي هئڻ ۾ فخر ڄاڻندو هو. کل ڀوڳ ۽ مذاح هن جي فطرت ۾ شامل رهندو هو. پڙهائڻ ۽ سيکارڻ ۾ به سخي رهندو هو. تعليم گهر کي ڪڏهن سيئو بازار ڪڏهن بند روڊ ڪنهن وقت رائل روڊ لاڙڪاڻي سان جدا جدا جايون مٽائيندو هلندو هو، پر نالو ”الماس درس گاهه“، ساڳيو رهندو هو. نيٺ هن سائين جو به تشخص الماس وارو استاد ڳائبو رهيو.
جيڪڏهن روزانو اهي ئي ڀيرا ڀرڻ، ماڳ پسڻ ۽ چڪر ڪاٽڻ ۾ هلندڙ گهمندڙ ڪڪ ٿيو پون ته پوءِ پکي ويڙهائڻ جانور ويڙهائڻ، ڏاند، گهوڙا ڊوڙائڻ، ولايتي پاڻي پيئن وغيره قسمن جي هنڌن جون حاضريون ڏيڻ ۾ ڏوڪڙ پئسو چٽ ڪرڻ، بدني سونهن سوڀيا ۽ سگهه وڃائڻ ۾ ڄمارون غرق ڪندي خوشي تسڪين محسوس ڪن ٿا. ان حالت ۾ ٽين ڌر کان انساني ڀلائي جي باري ۾ فيصلو وٺڻ گهرجي ته ڪهڙي ڌر فائدي ۽ لاڀ وٺي رهي آهي.
دنيا جو ڪم ڪار پورو ڪرڻ ۽ واندي ٿيڻ کان پوءِ گهمڻ ڦرڻ منهنجو ذوق رهيو هو. شام ويل لاڙڪاڻي ۾ پيرين پيادو دورو ڪندو رهندو هوس. 1994ع ۾ ثانوي سکيا تان ريٽائرڊ ٿي ويس. ان بعد به ساڳيو شوق جاري هوندو هو. جيئن ته ساهوارا پنهنجي فطري لاڙن ڏانهن نوڙيل رهن ٿا. ان وهنواند ۽ پسندي پٽاندڙ ٻه شعر سنڌي ۽ پارسي آهن:
هڪ سنڌي شعر:
ولـر ڪيو وتن، پرت ڇنن نه پاڻ ۾
پسو پکيڙن ماڻهيان ميٺ گهڻو.
ٻيو پارسي شعر:
کند هم جنس باهم جنس پرواز
کبوتر با کبوتر باز با باز.
ساهوارن جا وڙ، جنسون، ٽولا ۽ جماعتون پنهنجن جماعتن سان اڏرن ۽ هلن ٿا. ان ريت ڪبوتر، ڪبوترن سان ۽ باز وري بازن سان هوا ۾ هلندا رهن ٿا.
ڪي ماڻهو پنهنجي تاش جي ذوق ۾ هر شام جو سٿران ڪٽيندا رهن ٿا. انهن ٻنهي سائقن جي ڀيٽ ۾ استاد ۽ شاگرد وري تعليم جي عشق شوق ۾ سج جون پويون گهڙيون خانگي تعليم گهرن ۾ سيکاريندي ۽ سکندي مزي ۾ گهارين ٿا.
مون کي 2008ع کان پوءِ ٽنگ جي ڪينسر جي ڪري شام جو سير ۽ گهمڻ وسري ويو ۽ اها وندر ۽ ورهه بند ٿي چڪو. باقي هٿ ڪيل مواد ڊائري جي شڪل يا يادگيري ۾ رکندو رهندو رهيو آهيان، جنهن کي ضرورت وقت ڪم آڻيندو هلان ٿو.
صبح جو خانگي اسڪول شايد ٽي پيا هلن، جن ۾ زبيده هاءِ اسڪول، مرحوم شمس الدين ابڙو اسڪول ۽ عباسي ڀائرن جو گڏيل اسڪول شاندار نموني پڙهائين پيا. ڇهه خانگي اسڪول شام جو ڪم ڪن پيا.
مٿين واٽ سان مهانگائي جو ڏڪر ڏڪري پوي ٿو. ٻئي پاسي سکيا جو پورائو به ٿئي پيو. جيڪڏهن ان ريت سکيا سندي سلهٽ سرجي ٿي ته اهڙي قسم جو چيرو به ٺهندو رهي ٿو. خانگي اسڪول بيهڪ جي مد ۾ ڇڙو عباسي ڀائرن وارو اسڪول شهر جي اسڪولن کان پري ۽ اتر پار پوي ٿو. بقايا اٺ اسڪول لاڙڪاڻي شهر جي گولائي دائري ۾ آهن، جن ۾ سائين محمد ڄام کوکر صاحب جو سکيا گهر، ناليج سينٽر، الماس، ريشم گلي، مرحوم شمس الدين ابڙو اسڪول، اڪرم انصاري اسڪول، نذير تونيه اسڪول ۽ محترمه زبيده هاءِ اسڪول آهن.
ان روءِ منهنجو حافظو نون خانگي اسڪولن کي يادگيري جي دائري ۾ سانڍي رکڻ جي قابل ٿيو آهي. شايد اڃا ڪيترا سکيا گهر منهنجي نظر جي نشاني تي چڙهي نه سگهيا هجن، تن جي پڌرائي ۽ شهرت رهجي وئي هجي، انهن کان معافي جو طلبگار رهان ٿو.
خانگي اسڪولن جو مانڊاڻ ڏاڍو تيزيءَ سان هلي پيو، جنهن کي روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي. ڇاڪاڻ ته سرڪاري سکيا گهرن کي وڻ ويڙهي جي لنجهڻ وڪوڙي رهي آهي.