ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪنگري درگاهه شريف جو اثر ۽ آخري حر تحريڪ
حضرت روضي ڌڻي سيد محمد راشد شاهه عليه رحمة جن هن پرڳڻي جي درسگاهن ۾ ديني سکيا وٺڻ ۽ ننڍائي ۾ رهڻ ڪري، لاڙڪاڻي سان دلي لڳاءُ رهيو، جيئن تعلقي لاڙڪاڻي جي بقاپور ڳوٺ واري مدرسي ۾ پڙهيا، آخر ۾ جڳ مشهور درسگاهه خير محمد آريجا تعلقي ڏوڪري ۾ سموري ديني علوم جي پڄاڻي ڪري، فيض فضيلت سان دستار بند ٿيا، ان لاءِ هن خطي ۾ ڪيترا ڀيرا تشريف پئي رکيائون، ساڳي وقت اسلامي واعظ، تبليغ به جاري رکندا آيا، هتي جي ماڻهن کي فيض سان پئي نوازيائون هن ايراضيءَ ۾ سندن مريدن ۽ عقيدتمندن ۾ ڪافي کان گهڻو واڌارو ٿيندو رهيو، خاص ڪري هتي جي ڪيترن هنڌن ماڳن تي مريدن جون دعوتون مقرر ٿي چڪيون، جن جي لاءِ ٻٽن سالن ۾ هڪ ڀيرو رونق افروز ٿيندا رهندا هئا، هن سرزمين جو آخري سفر ڪري، واپس درگاهه شريف ڏانهن وريا، ته چند ڏهاڙن ۾ ڌڻي تعاليٰ کي پيارا ٿي ويا، انهن دعوتي ڳوٺن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:
ڳوٺ ڦلپوٽا لڳ نئون ديرو، تعلقو رتو ديرو، مڱڻيجا فقير
ڳوٺ ٻوهڙا لڳ نئون ديرو، تعلقو رتي ديرو، ٻوهڙا
ڳوٺ پنجو ديرو لڳ نئون ديرو، تعلقو رتو ديرو، لاڙڪ، سومرا، ڇڄڙا فقير
ڳوٺ ممون لڳ نئون ديرو، تعلقو رتو ديرو، جوڻيجا فقير
ڳوٺ ميهر گهانگهرو لڳ نئون ديرو، تعلقو رتو ديرو، گهانگهرا فقير
ڳوٺ اڱڻ آيو لڳ نئون ديرو، ميرو خان، مهيسر فقير
ڳوٺ گل محمد چچا لڳ نئون ديرو، ميرو خان، چچا فقير
ڳوٺ زڪريو مهيسر لڳ نئون ديرو، لاڙڪاڻو، مهيسر فقير
ڳوٺ دودائي لڳ نئون ديرو، لاڙڪاڻو، سانگي، ميمڻ، ڪنڀر فقير
ڳوٺ مسوحب لڳ نئون ديرو لاڙڪاڻو، حب فقير
سڄڻ سانگي لڳ نئون ديرو لاڙڪاڻو، سانگي ۽ ڪنڀر فقير
ڳوٺ فورٺ چانڊيا لڳ نئون ديرو لاڙڪاڻو، چانڊيا فقير
ڳوٺ حاجي دائود کهڙو تعلقو لاڙڪاڻو، کهڙا فقير
ڳوٺ خالد تعلقو لاڙڪاڻو، کهڙا ۽ ڪلهوڙا فقير
ڳوٺ جيها تعلقو لاڙڪاڻو، جيها ابڙا فقير
ڳوٺ بقاپور تعلقو لاڙڪاڻو، ابڙا ۽ سيد فقير
ڳوٺ سامٽيا تعلقو لاڙڪاڻو، سامٽيا فقير
ڳوٺ مهي مڪول تعلقو لاڙڪاڻو، سيد ۽ مڪول فقير
ڳوٺ ماهي ڀٽو تعلقو ڏوڪري، ڀٽا ۽ ماڇي فقير
ڳوٺ ابڙا بڪيجا تعلقو ڏوڪري، ابڙا بڪيجا فقير
ڳوٺ فريد آباد تعلقو ڏوڪري، کچي، سيال، ڀٽا، دايا، ڪنڀر ڪلهوڙا فقير
ڳوٺ سيهڙ تعلقو ڏوڪري، سيهڙ فقير
ڳوٺ ليلا آباد تعلقو ڏوڪري، نوناري فقير
ڳوٺ باڊهه تعلقو ڏوڪري، نوناري فقير
ڳوٺ مڱريا تعلقو ڏوڪري، مڱريا فقير
ڳوٺ پراڻو آباد تعلقو ڏوڪري، انڙ فقير
ڳوٺ ڇڄڙا تعلقو قنبر، ڇڄڙا فقير
ڳوٺ لاکا تعلقو قنبر، لاکا فقير
ڳوٺ هڪڙا تعلقو قنبر، هڪڙا فقير
ڳوٺ بکو سيال تعلقو شهدادڪوٽ، سيد، سيال فقير
ضلع لاڙڪاڻي جي پاڳاره دعوتي جماعتن جي ڪن دعوتي فقيرن جي ڪارنامن جي هيٺين ريت اپٽار ڪجي ٿي:
(1) مڱڻيجا فقير:
مڱڻيجا فقير اصل ڳوٺ ڊاڀي ڪچو، تعلقو رتو ديرو جا رهاڪو هئا، جتان لڏي ڳوٺ ڦلپوٽا لڳ نئون ديرو شهر ۾ اچي ويٺا، هن سمي نئون ديرو شهر ۾ هڪ پاڙي مڱڻيجا جا رهواسي ٿي ويا، حر فرقي سان لاڳاپو رکن ٿا، هي ضلع لاڙڪاڻي جي حر جماعت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، هن خطي جي مريدن ۾ اول صف جا فقير حر جماعت ۾ ڳڻجن ٿا، ڇاڪاڻ ته سندن قربانيون بي مثال ۽ ڪارناما اڻ ڳڻيا رهيا آهن.
1931ع ۾ فقير لعل بخش ولد فقير عبدالڪريم، فقير احمد پٽ فقير روشن علي، فقير ولي محمد پٽ فقير محمد اسماعيل سڀ مڱڻيجا انڊما ٻيٽن (ڪاري پاڻي) ڏانهن اماڻيا ويا، بعد ۾ فقير ولي محمد ۽ فقير بخش علي کي هندستاني جيلن ۾ مڌناپور ۽ رتناگري ۾ ٻارن ٻچن سميت بند رکيو ويو، ساڳن فقيرن کي 1942ع ۾ مارشل لا تحت وري قيد بند رکيو ويو، جتان پوءِ هي لوڙهو، آخر ۾ جهول لوڙهو ۾ بند رهيا، نيٺ 1952ع ۾ آزاد ٿيا.
جيئن ته مڱڻيجا فقير هندستان جي جدا جدا جيلن ۾ ٻارن ٻچن سميت قيد ۾ هئا، فقير لطف علي مڱڻيجو کي دوحد حر ڪئمپ هندستان جيل ۾ 24 جون 1938ع تي فقير محمد اسماعيل نالي پٽ پيدا ٿيو، انهي جيل ۾ فقير لطف علي ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو، سندس سوٽ بخش علي هن جي لاش کي جيل مان کڻائي، درگاهه شريف جي عام مقام ۾ دفن ڪرايو.
1942ع جي حر مارشل لا ۾ وري کين هٿ ڪيو ويو، جنهن ۾ فقير ڪمال ولد فقير بخش علي، فقير قاسم ولد فقير محمد بخش، فقير ڄام ولد فقير محمد بخش، فقير محمد مريد ولد فقير امام بخش مڱڻيجا بند ڪيا ويا، جن مان فقير ڄام ۽ فقير محمد مريد سکر سينٽرل جيل ۾ گذاري ويا، فقير ڪمال ۽ فقير قاسم سابق وزير اعظم سنڌ مسٽر الله بخش سومرو شڪارپوري قتل ڪيس ، ريل گاڏي ڪيرائڻ ڪيس ۽ فقير محبت بهڻ سان گڏ ڏوهن ۾ هئڻ جي ڪيسن جي ڪري، سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاسي تي چاڙهيا ويا، ان ريت سندن خاندان ٻه ڀيرا هندستان جي جيلن ۽ سنڌ جي لوڙهن ۽ بنديخانن ۾ ڳهندو رهيو، پهريون ڀيرو 1930ع کان هنن مجاهدن لاءِ ڪٺن آزمائش جو دور هو، ٻيو دفعو 1942ع کان شروع ٿيو، جيڪو 10 سال دوزخي سمو ليکيو ويو، انهي پهاڙ جيڏي مصيبت سان به بي جگري ۽ سورهيائيءَ سان منهن ڏنو، ٻنهي اوکن وقتن ۾ ايماني قوت سان جهاڳي پار پيا.
فقير مڱڻيجن جو گهڻو وقت جيلن ۽ لوڙهن ۾ کپي ويو، هنن جي آدمشماري ۾ گهٽتائي اچي وئي، ڇو ته ڪي فقير قيد بند ۾ ڪڙجي ويا، ڪي جيلن اندر حياتيون وڃائي ويا، ڪي فقير سوريءَ تي چڙهي ويا، وڏو سمو جيلن کي ڏيڻ ڪري منجهن شاديون به نه ٿي سگهيون، ان ڪري سندن ماڻهو شماري گهٽجي وئي.
1952ع جي آزادي کان پوءِ هي فقير پنهنجي مرشد جي مفاد ۽ جماعت جي همدردي ۾ پيش پيش رهيا اچن ٿا، جيئن پاڪستان 1947ع ۾ آزاد ٿيو، پر حر جماعت جا فقير پنجن سالن کان پوءِ 1952ع ۾ آزاد ٿيا، ڇو ته حر انگريز سامراج جا به ڏوهي رهيا، ته انگريزن جي پٺن جا به ويري ثابت ٿيا، تنهن ڪري کين 1952ع ۾ آزاد ڪيو ويو.
آزاديءَ کان پوءِ خليفي لعل بخش مڱڻيجي مرشدن جي ڪيٽي ڏينهن رات سنڀالي، پيداوار ۾ ڪافي کان گهڻو واڌارو آڻي ڇڏيو، ڪيٽي جي سرزمين تي پيرين اگهاڙي سنڀال ڪندو هو، ان ڪري اکين کان ويهجي ويو، هن سچار فقير جي وفات بعد فقير محمد اسماعيل مڱڻيجو ڪيٽي جي نگهباني کي لڳي ويو، هن جديد آلات ۽ سائنسي ٻجن ۽ کاڌ سان پيداوار ۾ حيرت جهڙو اضافو آڻي ڇڏيو، هن مخير ۽ خير خواهه فقير جي لاڏاڻي کان پوءِ فقير ولي محمد مڱڻيجو ڪيٽي ۾ خدمتون سر انجام ڏيندو اچي ٿو. ()
فقير محمد اسماعيل مڱڻيجو:
سندس والد جو نالو لطف علي مڱڻيجو هو، هي خاندان 1930ع کان هندستاني جيل دوجد ڪئمپ ۾ قيدي هو، جتي قيد اندر 20 جون 1938ع تي فقير محمد اسماعيل ڄائو، هن جو والد به ساڳي قيد ۾ وفات ڪري ويو، جنهن جو لاش سندس سوٽ بخش علي کڻائي، پير ڳوٺ جي مقام ۾ دفن ڪرايو.
فقير محمد اسماعيل مئٽرڪ جي بنياد تي لاڙڪاڻي روينيو ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿيو، جتان ايم اي ڪيائين، انگريزي لکپڙهه ۾ ڏاڍو ڀڙ هوندو هو، ان ڪري هن پي سي ايس جي امتحان ۾ سنڌ امتيازي حيثيت سان ڪاميابي ماڻي ورتي، ان صلي ۾ کيس مختيارڪار جو آرڊر آيو، پر حضرت سائين ڇٽ ڌڻي رح جن جي حڪم تي مختيارڪاري جو عهدو ٺڪرائي، ڪيٽي جي نگراني ڪرڻ ۾ لڳي ويو، ڪيٽي جي زمين سڌاري، نئين زرعي آلات، جديد سائنسي طريقا ڪم آڻي ڪيٽي جي آباديءَ رڪارڊ ڇيهه ڪري ڏيکاريائين، ڪيٽي ۾ صبح شام هلڻ، ڪم ڪرڻ، راتيون گهارڻ ۽ سخت جاکوڙ ڪرڻ ڪري هن جي طبع ڪرندي رهي، نيٺ هن بسترو وڃي ورتو، انهي ڪشمڪش ۾ الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو. ()
کچي فقير:
تعلقي ڏوڪري جي وڏن ڳوٺن ۾ فريد آباد ڳوٺ ڳڻجي ٿو، هن ڳوٺ جي آدمشماري هزارن افرادن ۾ آهي، منجهس ڪيتريون ئي ذاتيون رهن ٿيون، جن ۾ مريد ذاتيون، کچي، ڀٽا، سيد، سيال، دايا، ڪنڀر ۽ ڪلهوڙا آهن، سڀ مريد ذاتيون ملي ڪري دعوتون ڪندا رهندا آهن، مڙني مريدن جي خدمت کان کچي ذات اڳري ليکي ويندي آهي.
کچي ذات جو تعارف:
ٽنڊي باگي تعلقي کچين جو هڪ ڳوٺ هو، ڪن حالتن جي ڪري اتان لاڏاڻو ڪري، ضلع لاڙڪاڻي ۾ ڏوڪري تعلقي جي فريد آباد ڳوٺ ۾ اچي رهائش ڪيائون، فقير محمد پنهل کچي حضرت بنگلي ڌڻي جن جو نائب خليفو ٿي رهيو، فقير گل محمد ولد فقير محمد پنهل حضرت تخت ڌڻي جو خليفو ٿي ويو، فقير محمد پنهل ثاني ولد فقير غلام محمد کچي حضرت ڪوٽ ڌڻي جن جي نوازشن سان خلافت جي عهدي تي فائز ٿيو، فقير محرم ولد خليفو محمد پنهل ثاني حضرت پير سائين سورهيه ڌڻي جن جو نائب خليفو مقرر رهيو.
1942ع ۾ حر مارشل لا دوران فقير محرم کچي، فقير محبت بهڻ جي ساٿاري هئڻ جي ڏوهن ۾ 1944ع ۾ قيد ڪيو ويو، کيس سکر سينٽرل جيل ۾ بند رکيو ويو، 1946ع ۾ هن کي شرطي نموني ڇڏيو ويو، ته هو روزانو ڀر وار ي ٿاڻي جون حاضريون ڀريندو رهندو، اهڙي ريت ڏهاڙي پوليس ٿاڻي جون حاضريون ڏيندي 6 سالن کان پوءِ 1952ع ۾ آزاد ٿي، زندگي گذارڻ لڳو.
سانگي فقير:
سانگين جا ضلع لاڙڪاڻي ۾ زمينداري خيال کان ست اٺ ڳوٺ آهن، جن ۾ خاص ڪري دودائي ڳوٺ جا سانگي پاڳاره جماعت جي تشخص ۽ نشان تي وڏي عقيدت ۽ ايمان سان رهندا پيا اچن، 1943ع جي مارشل لا دوران يا ان کان اڳ ۾ فقير محبت بهڻ جو هن ڳوٺ ۾ ٿاڪ بسيرو هوندو هو، جتان ويهي ڪري سنڌ جي حرن جي ڪمان سنڀاليندو رهندو هو، هن جي خدمت ۾ فقير مراد علي ولد مير محمد سانگي نروار هوندو هو.
حقيقت ۾هن حقيقت کان به منهن موڙ نٿي ڪري سگهجي، ته سرڪار انتظامي جوڙجڪ يا غير سرڪاري عوامي تحريڪن جي مانڊاڻ جو ٽڪساٽ تيز مخبري ۽ تکي جاسوسيءَ واري تنظيم کان سواءِ اڌورو آهي، انهيءَ نڪتي نظر سان جهڙيءَ ريت برٽش شاهي دور ۾ حرن خلاف انگريز سرڪاري سائنسي سي آءِ ڊي کاتي ۾ پگهاردار جاسوسن، کاهوڙين ۽ مخبرن جو ڄار پکڙيل هوندو هو، جنهن جي وسيلي حرن جي چرپر، هلچل، راهن رندن مٿان ڪرڙي نگاهه رکي ويندي هئي، تهڙي ريت انگريز سامراج جي سازشين جي توڙ ۾ سنڌ جي حرن پاران به پرک پروڙ ۽ تاڙ جهاڙ جو ادارو اڏيل هو، جنهن ۾ هڪ رضا ڪارانه بنا پگهار پيرين، ڏاسن ۽ تاڙ وارن جو ڍانچو تيار ٿيل رهيو، جيڪو هر اوکي گهڙيءَ ۾ برٽش دشمن جي جنگي ڪاررواين کان اڳ واٽ حر جماعت کي پتو کرو ۽ ڄاڻ ڏيندو رهندو هو، جنهن جي آڌار تي حر پنهنجي جوابي جنگي حڪمت عمليءَ کي جامو پهرائيندا رهندا هئا ۽ انگريز سامراج کي ڪاپاري وار رسائيندا رهندا هئا.
مذڪور سامراج جي مڪارين ۽ جنگي حربن پٽاندڙ ڏکڻ لاڙ جي مفرور فقير محبت بهڻ جي دودائي ۾ ڏس ۽ خبر مطابق دودائي ننڍي ڳوٺ مٿان ڇاپا لڳندا رهيا، آخري ڇاپو 15 شعبان عيد رات دودائي ۾ لڳي چڪو، جنهن ۾ فقير مراد علي سانگي ۽ فقير عبدالخالق سانگيءَ جي گهرن کي ڍلي رات جو ملٽري گهيرو ڪري ورتو، فقير مراد علي سانگي جي ماسي پيرن خاتون شب برات جو نفلن پڙهڻ ۾ رات گذارڻ واري هئي، جنهن عبادت جي هير مطابق نفلن پڙهڻ جي ڌن ۾ پنهنجي ڪوٽ جي سندن انبن جي باغ اندر کڙڪو ٻڌو، جنهن ڪوٽ جي اوڀر کان دري مان نهاريو، ڏٺائين ته ملٽري وڻ وڻ گهوڙو هو، بنادير دري بند ڪري مراد علي فقير جي کٽ تان بندوق کڻي گم ڪيائين ۽ فقير مراد علي کي ملٽري جي کڻڪ ڏنائين، جڏهن ته خوشقسمتيءَ سان ان مهل حرن جو ٽولو وڃي چڪو هو، فقير مراد علي ڪو به چارو نه ڏسي ملٽري کي هٿ ڏنو، اهڙي ريت فقير عبدالخالق سانگي دودائي مان هٿ ٿيا ۽ فريد آباد ڳوٺ تعلقي ڏوڪري مان فقير محرم علي کچي پڪڙيو ويو. ()
اهڙيءَ ريت ٽيهن فقيرن کي سکر سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو، فقير مراد علي سانگيءَ کي جيل بدلي ڪري سنيٽرل جيل حيدرآباد ۾ بند ڪيو ويو، جتان 1946ع ۾ آزاد ٿيو، پوءِ به ڌامراها پوليس ٿاڻي جون 6 سال لڳاتار حاضريون کائيندو هليو، فقير عبدالخالق سانگي سکر کان حيد ر آباد جيل اماڻيو ويو، ان کان پوءِ ڦليلي، ڪئمپ، وارهه لوڙهو، جوهي لوڙهو آخر سنجهورو لوڙهو 8 سالن بعدڳهندي 1952ع ۾ آزاد ٿيو، تنهن کان پوءِ درگاهه شريف جون زيارتون ڪندو رهيو.
سيپٽمبر 1965ع واري پاڪ ڀارت جنگ:
هن لڙائيءَ ۾ دودائي ڳوٺ مان راجستان سيڪٽر تي جن حر مجاهدن پنهنجا جنگي ڪارناما سر انجام ڏنا، اهي هيٺيان غازي آهن.
حر مجاهد عبدالقادر ولد همت علي سانگي، پلٽون ڪمانڊر
حر مجاهد هادي بخش ولد حاجي محمد پنجل سانگي
حر مجاهد محمد بخش ولد غلام محمد سانگي
حر مجاهد ممتاز علي ولد گلشير سانگي
حر مجاهد سدائي ولد صاحبڏنو سانگي
حر مجاهد منظور علي ولد ڪرڙ سانگي
حر مجاهد رحمت الله ولد حاجي خان سانگي
حر مجاهد عبدالخالق ولد امام بخش سانگي
حر مجاهد احمد علي ولد محمد اسماعيل سانگي
حر مجاهد نظر حسين ولد غلام حيدر تونيو
مذڪور هلندڙ لڙائيءَ ۾ وڙهڻ لاءِ مٿين حر مجاهدن کان سواءِ درگاهه شريف پيرڳوٺ ڏانهن ضلع لاڙڪاڻي، سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن جا حر مجاهد پهچي ويا، جن کي ٽرڪن ۾ سوار ڪري، رحيم يار خان جي رينجرس هيڊ ڪوارٽر ۾ لاٿو ويو، سندن پورو نالو ۽ پتو رجسٽر ۾ داخل ڪري، کين هڪ هڪ رائيفل سؤ سؤ گوليون ڏنائون، صبح جو وري ٽرڪن وسيلي جاڙي والي چونڪي تي اچي لاٿائون، اتي سڀني حر مجاهدن کان سرڪاري ريگيولر ملٽريءَ جي آفيسرن رائفلون هلرائي ڏٺيون، انهيءَ آزمائش کان پوءِ حر مجاهد عبدالقادر سانگي لاڙڪاڻي واري (دودائي وارو) ۽ حر مجاهد محمد خان کوسي جيڪب آباد واري کي پلٽون ڪمانڊر مقرر ڪيائون، محمد خان کوسي جيڪب آباد ۽ ڪجهه شڪارپور وارن مجاهدن مان پلٽون تيار ڪري، هن جي حوالي ڪيائون، ۽ عبدالقادر سانگي کي لاڙڪاڻي، سکر، ۽ ڪجهه شڪارپور ضلعن وارن مجاهدن مان پلٽون ٺاهي ڏنائون، جاڙيوالي چونڪي تي پنهنجي حر مجاهدن کي حڪم ڪيو ويو ته هو رات جو راجستان جي اندر ڀٽا والي چونڪي مٿان حملو ڪري ڏين، کين ڪجهه اٺ چڙهي ۽ سامان لاءِ به ڏنا ويا، جن وسيلي، ڪيترا ان تي ڪي پنڌ مسلح ٿي، هلان ڪرڻ لاءِ نڪري پيا، حملي کان اڳ ۾ کين جاسوسن ٻڌايو ته حر مجاهد توهان مٿان حملو ڪرڻ وارا آهن، ته هو ڀٽا چونڪي خالي ڪري نڪري ويا، هي حر مجاهد حملو ڪندڙ خالي ڀٽا والي چونڪي مٿان قابض ٿي ويٺا.
مٿين هلان کان اڳ ۾ حر مجاهد ربن ٽانوري ۽ حر مجاهد ڦوٽو چانگ وارن راجستان جي ڪشن ڳڙهه مٿان حملو ڪري قبضو ڪيو هو، ڀٽا والي چونڪي تي پهچڻ کان پوءِ ڪشن ڳڙهه وارن مجاهدن جا هي مجاهد مهاڏو ڏيندڙ لشڪر جي حيثيت سان اچي چڪا، لڙائي ٻنهين پاسن کان زور شور سان هلندڙ هئي، ڪيترا سورهيه مجاهد شهيد به ٿيندا رهيا، ۽ فتح ڪندا اڳتي وڌندا ويا ٿي، فوجي آفيسر شهيدن جا لاشا سنڌي مجاهدن کي ڏيکاري ٻڌائن پيا ته پنجابي پٺاڻ آهن، ۽ وري پنجابي ۽ پٺاڻن کي ڏيکاري چون ته شهيد سنڌي آهن، ان مان اندازو پيو ٿئي، ته متان سنڌي مجاهد يا ٻيا فوجي ڊڄي وڃن، پر پوءِ حر مجاهدن کي ته وڙهڻ ۽ جنگ ڪرڻ سان پالو هو، نيٺ هلندڙ ڇتي جنگ ۾ اوچتو جنگ بنديءَ جو اعلان ٿي ويو، ان کان پوءِ سائين نادر شاهه راشدي ۽ خليفو مير محمد ڀيو هنن وٽ راجستان سيڪٽر ۾ پهچي ويا، جن سان عبدالقادر سانگي ۽ محمد خان کوسو گڏ هئا، هر هڪ فتح ڪيل راجستاني چونڪين مٿان هلندا ۽ معائنو ڪندا رهيا، اهڙيءَ ريت حر مجاهد راجستان ڀارت اندر سوين ميل پهچي قبضا ڪري چڪا هئا، پاڪ ڀارت ٺاهه کان پوءِ حڪومت پاڪستان جي چوڻ تي حر مجاهدن ڀارت راجستان جا ڦٻايل قبضا خالي ڪري ڇڏيا. ()
حر مجاهد ڪمانڊر فقير محبت بهڻ:
هي سنجهوري مکي جو رهاڪو چيو وڃي ٿو، 1943ع جو مارشل لا ۾ حر جماعت جي اڳواڻي ۽ سرپرستي ڪندڙ، وقت جو وڏو مٿير ۽ ڏهيسر غازي هو، جنهن مٿان انگريز سرڪار جا اڻ ڳڻيا ڪيس داخل ٿي چڪا هئا، هن تي سابق وزير اعظم سنڌ مسٽر الله بخش کٽي شڪارپوري جو قتل ڪيس، اڏيري لعل واري ريلوي ٽريڪ ڪيرائڻ جو ڪيس، برٽش حڪومت خلاف حر جماعت کي ويڙهائڻ ۾ بغاوت جا مڙهيل ڪيس هئا.
هو لاڙ سنڌ کان ڀاڳيلو هئڻ ڪري، اتر سنڌ جي ڪيترن جماعتي ڳوٺن ۾ رهندو هو، دودائي ڳوٺ به هن جي ڪاررواين جو وڏو مرڪز رهيو، جتي هڪ ڀيري هن فقير عبدالخالق سانگي، فقير مراد علي سانگي ۽ فقير محرم کچي وارن کي حڪم ڪيو، ته ضلع نواب شاهه ۾ محراب پور جي هڪ ڳوٺ علي محمد راڄپر ڏانهن وڃن ۽ فقير علي محمد راڄپر کان هٿيار وٺي اچن، جنهن ۾ فقير عبدالخالق سانگي، فقير محرم کچي ۽ فقير پريو ٽئي ڄڻا دادو مورو سنڌو درياءَ جي پتڻ کان نڪري، محرابپور جي ڳوٺ علي محمد راڄپر ۾ پهچي چڪا، هنن ڳوٺ کي خاڪ جو ڍير ڏٺو. ڳوٺ جي ٻاهران هڪ ڌنار کين اکين ڏٺي حقيقت سڻائي ته ڳوٺ وارن کي ملٽريءَ حملي جي اڳواٽ کڻڪ پئجي وئي ان ڪري هو بنا دير جي ڳوٺ خالي ڪري نڪري ويا، پٺيان ملٽري خالي وستيءَ مٿان اچي ڪڙڪي، سڄي ڳوٺ، بيٺل فصل ڪڻڪ ۽ ٻيلي کي باهيون ڏنائون، جنهن ۾ نه رهيو ڳوٺ، نه رهي بيٺل ڪڻڪ، نه بچيو ٻيلو، سڀ سڙي رک ٿي ويا، واردات اکين سان ڏسي، سانحي جي حقيقت ٻڌي، واپس دودائي ۾ رسي ويا، غازي مهندار محبت فقير کي سمورو روئداد ٻڌايائون، جنهن 1944ع ۾ بمبئي ڏانهن نڪري وڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي، ساڳئي وقت فقير عبدالخالق سانگي، فقير مراد علي سانگي ۽ فقير محرم علي کچي کي صلاح ڪيائين، ۽ کين چيائين ته برٽش ملٽري وارا جلد دودائي مٿان ڇاپو لڳائڻ وارا آهن، جنهن ۾ توهان به گرفتار ٿي ويندا، پر ٿيو به ائين. ()
دودائي ۾ رهڻ دوران پوليس ناظم غلام رسول شاهه جو واقعو:
ضلعي خيرپور ۾ مير ٽالپرن جي حڪومت هئي، هو انگريزن جي هٿ ٺوڪي رياست جا نالي ماتر والي هوندا هئا، انگريزن کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ اندر حرن خلاف ڪيترا سندن پٺو ۽ ڀاڙ تي پلندڙ هئا، جن مان پوليس، ناظم غلام رسول شاهه خيرپور وارو هڪڙو ئي سنڌ ڊوهي ٿي گذريو، هن اعلان ڪيو ته کينواري قلعن واري هنڌ تعلقي نارا ۾ نارا ڪئنال جي ڪپ تي حر اچن ۽ هن سان کليل مقابلو اچي ڪن، هي اعلان 14 فيبروري 1942ع تي ڪيو ويو، انهيءَ للڪار پٽاندڙ ساڳئي هنڌ مٿان 40 حر مجاهد مهاڏي لاءِ پهچي چڪا، ويڙهه ٿي، طرفين ۾ حرن جا 6 مجاهد شهيد ٿي ويا، ۽ پوليس ناظم غلام رسول شاهه هالاڻيءَ وارو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو، شهيد حر مجاهدن مان.
فقير جيوڻ لغاري
فقير طيب لغاري
فقير ٻٻر جانوري
فقير مصري چانگ
فقير الهداد ابوپوٽو
فقير عمر ڪارڙو
مٿين واقعي کان پوءِ فقير سيد مراد شاهه حر مجاهد کي انهيءَ ڪيس جي لاڳاپي سان پڪڙي، سکر سينٽرل جيل ۾ بند رکيو ويو، جتي هن کي سوريءَ تي چاڙهيو ويو ۽ سندس لاش مبارڪ کي گم ڪيو ويو، () شايد ان لاءِ ته اڳتي هلي وطن دوست هيرن جي لڙهي ۾ ڳڻيو نه وڃي.
پوليس ناظم ضلع خيرپور رياست غلام رسول شاهه هالاڻي وارو کينواري قلعن تعلقي ناري ۾ حرن جي مقابلي ۾ پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويو، انهي حر مجاهدن جي ٽولي مان مکيه جٿو ضلع لاڙڪاڻي، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ سانگي فقيرن وٽ اچي رهيو، جن جي خدمت مهمان نوازي ۾ فقير مراد علي سانگي پيش پيش رهيو، ساڳي وقت فقير محبت جو ويجهو ساٿار ي به رهيو، حر مجاهدن مان مکيه ٽولو، جن پوليس ناظم جو انت آندو، انهن سان ناظم غلام رسول شاهه جو ريوالر سوني مٺئي وارو ساڻ رهندو هو.()