پير تراب علي شاهه راشدي
عالم باڪمال، اسلامي تهذيب ۽ سنڌي تمدن جو نمونو، کدر يا بافتي جو چولو، گيڙو يا اڇي گوڏ، پيرن ۾ ڳورو بلوچستاني جوتو، ڪلهي ۾ دلائل الخير ۽ ڪلام پاڪ، هٿ ۾ نيٽ جو لڪڻ يا ڪهاڙي، سندس جسم مبارڪ مرڪزي بجلي گهر مثل، جيڪو آيو ٿي، سو اڙجي ويو ٿي، ديسي ۽ پرديسي ماڻهن جا ڳاهٽ لڳا پيا هوندا هئا، سنگت ۾ امير توڙي غريب هڪ جهڙا هوندا هئا، خلافت تحريڪ ۽ هجرت تحريڪ ۾ سرگرم رهيو، مهاجر ڪابل پهچايا ويا، پر پٺاڻ سرڪار انگريزن سان ٺاهه ڪري ڇڏيو، مهاجر نه هيڏانهن جا نه هوڏانهن جا رهيا.
انگريزن جي سخت خلاف رهندو آيو، ساڻن ملاقات نه ڪندو هو، هن جو چوڻ هو، جيڪو انگريزن سان هٿ ملائيندو، تنهن جو قيامت ۾ ڇوٽڪارو نه ٿيندو، وڏو طبيب ۽ عاشق رسول ﷺ هو، () اڳتي هلي چيو وڃي ٿو ته هن کي انگريز سرڪار گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو، جتي هو نفسياتي طور پنهنجي انگريز مخالفت تان سخت گيري تان هٿ کڻي ويو.