سيد غلام حسين شاهه بخاري قنبر
سندن والد ماجد سيد گل محمد شاهه بخاري، ڳوٺ ڊٻ چانڊيا، تعلقو ميرو خان 1932ع ۾ پيدا ٿيا.
تعليم:
سنڌي ابتدائي سکيا پرائمري اسڪول ڊٻ چانڊيا ۾ ڇهه درجا پڙهيا، ديني تعليم مولانا خوش محمد تونيه ميرو خان کان ورتائون.
پير طريقت:
1955ع ۾ پير مٺا رحمت پور لاڙڪاڻي واري جا مريد ٿيا. سندن تقرير پر سوز و گداز رهندي آهي، جنهن جو اثر سامعين تي پوندو رهندو آهي. سائين ڪريمنﷺ جن جا خاص شيدائي آهن. سندن جماعت ۾ عالم، صالح ۽ زاهد جام آهن. پاڻ وڏي عمر هوندي به دور دراز هنڌن ڏانهن وڃي تبليغ واعظ ڪندا آهن.
سندن رهائش:
قنبر اسٽيشن جي اولهه پاسي ڪاري ڪلر جو وڏو رڻ پٽ پيل هو. جڏهن 1973ع ۾ وڏي ٻوڏ اچي ڪڙڪي، جنهن سيلاب هيٺ سنڌ جا ڪيترا آباد شهر ۽ وسنديون اچي چڪيون، سندن ڳوٺ ڊٻ چانڊيا به پاڻي هيٺ اچي ويو، پاڻ اتان لڏي قنبر واري وڏي رڻ پٽ ڪاري ڪلر مٿان اچي ويٺا. انهيءَ ميدان مٿان جامع مسجد، حويلي، مريد جماعت خانا، عاليشان مسافرخانو، ننگر خانو ۽ هڪ وڏو خوبصورت مدرسو تيار ڪرايو، جنهن ۾ سوين طالب پڙهي رهيا آهن.
واعظ نصيحت:
پاڻ پيري ۽ ڪمزور هوندي به سنڌ ۽ بلوچستان جي واهڻن، وستين، ڳوٺن، ننگرن ۽ شهرن ڏانهن هلي ڪري، ماڻهن کي هدايت، نصيحت ڪندا رهن ٿا. سندن رهائشگاهه قنبر ۾ 15 شعبان تسبيح نماز ڏهين محرم، ربيع الاول جي آخري جمعي تي عظيم جلسا ٿيندا آهن. هر هفتي جي جمعي تي به وڏو اجتماع ٿيندو آهي، جنهن ۾ پاڻ سامعين جماعت کي خطبو ڏيندا آهن.
2004ع ڌاري ٻه جمعا سندن مسجد قنبر ۾ وڃڻ ٿيو، جنهن ۾ نماز پڙهي، خطاب ٻڌڻ جو موقعو مليو. خطبو ڏيندي اظهار خيال ڪيائون ته مسلمانن ۾ پڙهيل هجن يا اڻ پڙهيل صاحب، پر هتي خاص ڪري انهن معزز پڙهيل هستين جو ذڪر ڪجي ٿو، جن جو ڪهڙي به مسلڪ سان واسطو ۽ لاڳاپو ڇو نه رهيو آهي، جنهن ۾ ڪن معززين کي حوالي طور پيش ڪجي ٿو:
ڪمزور قانون ۽ صالح سماج:
ملڪي ماڻهن جي صحت ۽ معيشيت جي بحالي خاطر نشي ۽ سٽي جي وڙن جي روڪ ٿام ضروري آهي، جنهن کي ناس ڪرڻ لاءِ حڪومت جو ايڪسائيز کاتو کڙو ڪيل آهي، پر ڏٺو وڃي ته هي کاتو ڪڏهن به سٺي ۽ بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو آهي. جيتري قدر هن کاتي کي ترقي ملندي رهي آهي، ايتري نموني ملڪ ۾ نشي ۽ سٽي جي اڏن ۽ واپار جي واڌاري ۾ هٿي ملندي رهي آهي. ان مان ثابت آهي ته نشي آور شين ۽ سٽي بازي جي بندش ۽ رنڊ روڪ کان ايڪسائيز کاتو بي بس بڻيل آهي.
ملڪ ۾ جرائيم ۽ مافيا کي ختم ڪرڻ لاءِ هر هڪ ضلعي ۾ سوين پوليس ٿاڻا موجود آهن، پوءِ به ڏوهن جي روڪ ٿام نه ٿي سگهي آهي، نه گناهه گهٽجن ٿا نه مافيا وارا پوئتي هٽن ٿا. ساڳي وقت پوليس پاسبان وارا خود جرائيم جي ذوق شوق ۾ واڌارتون ڪندا رهن ٿا. جيل ڏوهاري سان سٿيل رهن ٿا، ڪيسن سان ڪورٽون ڀريل ۽ اڻ ڳڻي انگ پيون آهن، ان ڪري ڪورٽون ڪيسن جي اڪلائڻ کان لاچار آهن. هڪ هڪ ضلعي ۾ هزارين وڪيل صاحبان آهن پوءِ به ڪيسن جي نيڪال ڪرڻ ۾ ڪا به تڪڙي ۽ ترت واڌ نه ٿي سگهي آهي.
هر ڊويزن تي هڪ هاءِ ڪورٽ آهي، جنهن ماتحت سوين ٻيون ڪورٽون هلن پيون. ڪيسن جي نبيري نڇيڙي ۾ 20 کان 30 سال لنگهي وڃن ٿا. ساڳي سمي اهڙي قسم جا آچار به ڏاڍا مهانگا پون ٿا. وڪيلن صاحبن جون ڳريون فيون، سندن منشين کي هر حاضري تي خرچو پاڻي، ڪورٽ ڪلارڪن ۽ پٽيوالن جي چانهه بسڪيٽن خاطر سندن کيسا گرم ڪرڻا پون ٿا. ڪورٽ جي حاضرين جي اوسيئڙي ۾ سڄو ڏهاڙو وڏي عذاب سان ڪاٽڻو پوي ٿو. ڪنهن نه ڪنهن بهاني تي ڪيسن کي سالن جا سال پيا رکائين ۽ حاضرين کي اينگهائين ٿا. ڦڏن ۾ ڳهندي ٻه پيڙهيون گذري وڃن ٿيون پوءِ ڪيس ٽين پيڙهيءَ جي انتظار ۾ رهيا اچن ٿا. ڪيسن دوران ڌريون خود اعتمادي کان نرهه ٿيو وڃن ۽ دائمي نفسياتي مريض ٿيو پون ٿا.
مذڪوره قانون جي ڪٿا جي ڀيٽ ۾ ديني بزرگن جون واعظ نصيحتون ماڻهن کي سڌارڻ ۽ سنئن دڳ لائڻ ۾ وڏو ڪارنامو ثابت ٿيون آهن، جنهن جا مثال اتر سنڌ جي چئن ڀلي گهرندڙ خيرانديش بزرگن جا ڏجن ٿا، جنهن ۾ علامه محمد قاسم مشوري، پير سيد، سائين عبدالغفار عرف پير مٺا سائين ۽ پير سيد غلام حسين شاهه قمبر گهڻا ناميارا رهيا آهن، پويون نيڪ سيرت اڳين ٽن کان عمر ۾ ننڍيرو رهڻ ڪري اڃا خير جي سخا ۽ ڀلائيءَ جي پرچار ۾ مصروف رهيو اچي ٿو.
هر هڪ عارف، زاهد، ڪامل، باعمل، باشريعت پنهنجي حرن ۽ حلقن ۾ نشي، سٽي، جوا، چوري، ڦر، ڌاڙي، ٺڳي، مافيا، دهشت، وحشي جي ڪڌن ڪرتوتن خلاف عوامي ميڙاڪن، گڏجاڻين، جلسن، انبوهن توڙِ نجي ڪچهرين ۾ پند، نصيحت، هدايتن سان ماڻهن جي رهنمائي ڪندا رهيا آهن، جنهن ۾ ڪلام پاڪ، حديث مقدس ۽ صالحين جي مثالن کي تقرير توڙِ عام گفتگو ۾ ڪم آڻيندا رهندا آيا آهن. صالحن ۽ عارفن جي ڏس ۾ مولانا رومي، مولانا جامي، حافظ ۽ شيخ سعدي شيراز وارا ۽ ڀٽائي سائين جن کي حوالن طور پيش ڪري، حاضرين جي روحاني رهنمائي ڪندا رهيا آهن.
مٿين واعظ تقريرن جو ڦل اهو نڪرندو رهيو آهي جو ٻڌندڙ اثر قبولي، رضاڪارانه هر نشي، وياج، جوا، چوري، ٺڳي، هٿڙي، دنگي، ڦڏي کان بيزار رهندا آيا آهن، ان ڪري هو انساني ڀلائي، همدردي، پورهئي، وڻج واپار، صحيح معيشت جي راهن کي اختيار ڪندا رهن ٿا. اهي نه فقط پاڻ هدايت ۽ خير سلامتي واري راهه سان سينگارجي وڃن ٿا، پر پنهنجي نويلي پود کي به ديني ۽ دنيوي سکيا سان سنواريندا رهندا رهيا آهن، جنهن عملي واٽ ۽ ڪرداري ڪار سان صالح سماج ۾ اوڌ ويجهه ٿيندي اچي ٿي. انهيءَ مانڊاڻ ۽ سلسلي سان خودڪار، عارفانا شرعي معاشرو جڙندو رهندو آيو آهي. ان واٽ ۽ واهه سان مٿين بزرگن جي تبليغ ۽ پرچار جي زندهه ڪرامت سڏجي ٿي.
وستار ڪيل نيڪ صفت ۽ سهڻي سيرت وارن انسانن واعظ نصيحت کانسواءِ پنهنجي حلقن ۾ مدرسا ۽ دانشگاهه پيدا ڪندا آيا آهن، جن جي وسيلي درس، سکيا، هدايت، رهنمائي جي سليقي ۽ طريقي سان سوين طالب فيض فضيلت سان سينگارجي وڃن پيا، اهي اڄ جا طالب ۽ شاگرد سڀاڻي جا عالم ۽ استاد دانشور ٿي، وري ساڳي واٽ ۽ وندر ذريعي پيا خدمت سرانجام ڏيندا رهندا. ديني سکيا جي لاڳاپي سان نيڪي ڀلائي، چڱائي، ماڻهپو، برابري، نهٺائي جي پرچار هلندي رهي ٿي. ان ريت رسم ۽ رنگ ڍنگ سان هي بزرگ فلاحي ادارو آهن، جنهن جي وسيلي سلجهيل، پرجهيل ۽ باعمل باڪردار سماج اڀرندو رهي ٿو. پاڻهي يا پنهنجي سڌ ٻڌ تي ٻڌل سماجيت ۽ سڌريل پنگت جو مقصد خوف خدا ۽ مڃتا سائين ڪريمﷺ آهي. ان ڪري هن قسم جي سڀيتا ۽ تمدن ۾ نه دنگا فساد اڀرن، نه نشا سٽا، نه وري مافيا وارا زور وٺن ٿا. جڏهن ڏوهن پاپن ۽ گناهن ڦڏن جا رستا راهه ۽ سازشي سوچن جا دڳ ۽ داءَ پيچ بند هوندا، ته وري ڪيس ڪهڙي ريت اسرندا، جيڪڏهن ڪيس نه جڙندا ته پوءِ پوليس جي ٿاڻن ۽ ڪورٽن جي ياترا ڪير ڪندو رهندو. صالح سماج سان ئي ڪمزور قانون جي ڪمين ڪوتاهين جو پورائو ٿي سگهي ٿو.