پنجو ديرو ڳوٺ
هي بستي پنجو ابڙي اڏائي تيار ڪئي، جيڪو آدم شاهه ڪلهوڙي جو مريد هو، کيس لاڙڪاڻي پرڳڻي ۾ جاگير عطا ڪئي () روينيو رڪارڊ ۾ ديهه پنجو ابڙو تعلقو رتي ديرو آهي، هي وسندي رائيس ڪئنال جي اولهه ۾ نئون ديرو شهر کان 3 ڪلوميٽر پري، لاڙڪاڻي سکر روڊ جي اوڀر ڪناري تي برابر آهي، 1988ع ڌاري هتي جي گهر شماري 350 ۽ آدم شماري 2500 کن هئي، ملڪي ورهاڱي کان اڳ پنجو ديرو هندو ديوانن جي ڪري وڏي واڌاري ۽ سڌاري کي پهتل چيو وڃي ٿو.
پير علي محمد شاهه راشديءَ پنهنجي مشهور ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ ”پنجو جا ديوان“ جي عنوان سان سندن واکاڻ ۾ لکي ٿو، ته هتي جو ”تولا رام“ مختيارڪار ۽ سندس ڀاءُ ”جوتومل“ وڪيل وڏي اثر رسوخ وارا صوفي منش ماڻهو هئا، ان سان گڏ حاجي بيگ لاڙڪ وفا، دوستي ۽ محبت جي معاملي ۾ وقت جو امام هو، جيڪو آخري عمر ۾ حج تي ويو، جتي خاڪ پاڪ جي سپرد ٿي ويو.()
ڇتي ڪوريءَ جو لاڳاپو به هن پنجو ڳوٺ سان هو، جيڪو پنهنجي دؤر ۾ ڳالهائڻ کان بس نه ڪندو هو، ان ڪري پهاڪو جڙي پيو، ”ڇتي ڪوري واري ڊيگهه“ ساڳئي وقت ڳوٺ جا ادبي کيتر ۾ ڪم ڪندڙ اديب دوست واکاڻ جي لائق ٿي گذريا آهن ۽ اڃا پڻ ادبي ڪار گذاريون شوق سان پيا نباهين، جن ۾ مسٽر عبدالصمد ولد محمد جمن ابڙو جنم 1935ع سيڪنڊري تعليم ۾ آفيسر ٿي رهيو، محمد پنهل ولد محمد جڙيل قادري جنم 1945ع، مسٽر عبدالڪريم عبد ولد محمد ابراهيم ميمڻ، لعل بخش لاڙڪ ۽ مسٽر محبت مسرور تحسين جي لائق آهن.
ذاتيون:
سيد، سومرا، قادري، ڪنڀر، ڀٽي، ڀيل، جيها، جروار، لاڙڪ، ابڙا، ڇڄڙا، ڊکڻ، دايا، ٻٻر، ميمڻ، شيخ، گهڻائيءَ واري ذات لاڙڪ آهن،()