ملا مڪتب حاجي لعل بخش شيخ
ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ آهي، ڳوٺ جو بنياد وجهندڙ جو خاندان محمد بن قاسم سان عرب مان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو، هن ڪٽنب جي عالمن جو واسطو تعليم پڙهائڻ سان رهيو، ان ڪري کين ”شيخ“ جو لقب ڏنو ويو، عرب دور حڪومت ۾ هن خاندان جي هڪ وڏي علامه شيخ حميد الدين کي مڪران جو گورنر ٿاڦيو ويو، اڳتي هلي هن رضاڪارانه شاهي نوابي ڇڏي، راهه خدا اختيار ڪيو، هن وقت هو ملتان ۾ دفن ٿيل آهي، ساڳي ڪڙم جي ٻئي علامه شيخ ڪاظم جو مقبرو لاهور شهر جي ڪاظم روڊ لاهور سان آهي ۽ انهيءَ گهراڻي جي ٽئين علامه مخدوم سخي شاهه جمال ديهه ٻيلي گاجي، تعلقي ڏوڪري ۾ سنڌو درياءَ جي ڀرسان اچي آباد ٿيو، جنهن جي قبيلي جا ماڻهو اڃا سوڌي اتي دائم آهن، سندس درگاهه آهي، ان نسبت سان سيلرا، اگهم، ساريا، آريجا، ڪلهوڙا، پريا، ڀٽا، ممڻاڻي، پيدار، ڪانڌڙا، ذاتيون مريد آهن، شاهه جمال جي خاندان کي شيخ مان هاڻي پيرزادا چون ٿا.
ملا مڪتب حاجي لعل بخش شيخ 1919ع برپا ٿيو، جنهن جو پهريون هيڊ معلم حڪيم خليفو ميان محمود ولد ميان عبدالرحمان شيخ ناليوارو حڪيم هو، ميان محمود کي پٽاڻو اولاد نه هو، هن حڪمت مان جيڪو ڏوڪڙ پئسو ڪمايو، تنهن مان مڪتب، مسجد ۽ حجرو اڏايو ۽ ٻاهرين شاگردن جي رهائش ۽ کاڌي تي خرچ ڪندو هو، طالبن جو علاج به مفت ۾ ڪندو رهندو هو، پهرين ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ ديهه ٻيلي گاجي ۾ قائم هو، سنڌو درياءَ جي سانوڻيءَ موجن جي ڪري هاڻي ساڳيو وٿاڻ ڳوٺ ٻلهڙجي ڀرسان آباد آهي، ڳوٺ جي آدمشماري 1978ع ۾ 1800 هئي، هن ڳوٺ جي مڪتب ۾ هندن جا ٻار به سنڌي تعليم وٺندا هئا، پاڻ هيڊ معلم ڇوڪرن کي ڪلام پاڪ ۽ سنڌي سکيا ڏيندو هو، ۽ ڇوڪرين کي سندس ڀائيٽي آمنا خاتون پڙهائيندي هئي، جنهن جو گهر وارو الهه بخش عيوضي ٿي مڪتب ۾ پڙهائيندو هو، اڳتي هلي ساڳي مڪتب مان سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪري، اتي ئي نائب ماستر مقرر ٿيو، 1942ع کان پوءِ مڪتب مان ڦري پرائمري اسڪول ٿيو، جنهن جو پهريون هيڊ ماستر الهه بخش ٿي رهيو.
مذڪور مڪتب جي شاگرد ۽ شاگردياڻين جي امتحان ۾ ڪاميابيءَ جي آڌار تي ٽماهي گرانٽ منظور ٿي، جنهن تي هيڊ معلم جو گذارو ٿيندو هو، مڪتب جي شاگرد سراسري جي واڌ 100 کان مٿي هلي ۽ ڪامياب پڙهائي جي ڪري ٻه سرڪاري نائب مقرر ٿيا ۽ مڪتب کي ترقي ڏئي ڪلاس ستون سنڌي رکيو ويو، مڪتب مان هيڊ معلم ميان محمود هڪ نابينا نبي بخش ڪلهوڙي کي ڪلام پاڪ حفظ ڪرايو، ڇوڪرين مان فائينل پاس ڪري پرائمري گرلس اسڪول حاجي لعل بخش شيخ ۾ مقرر ٿيون.
خليفي محمود ديني تعليم عربي ۽ پارسي پراڻي آباد مدرسي مان پڙهي حاصل ڪئي، سنڌي ۽ پارسي ٻولين ۾ ماهر هو، سنڌي ۽ پارسي جو شاعر ٿي گذريو، حڪيم ۽ معلم ناليوارو ٿي رهيو، هو لواري واري وڏي خليفي پير صاحب ”دمائي“ (ميل شريف وارو) رهندڙ قاضي احمد تعلقو مورو واري جو خليفو هو، حڪمت ۾ هن جا استاد والد حڪيم عبدالرحمان شيخ ۽ سهرو حڪيم حاجي لعل بخش شيخ هئا.
تصنيفات:
1 صوفيانا سوال جواب، 2 حڪمت تي بياض، 3 حڪمت مند حڪيم جو قصو.
سندس همعصر دوست:
ميان محمد صديق شيخ، ميان غلام حسين شيخ ۽ ميان جان محمد شيخ هئا.
1. ميان محمد صديق شيخ: وڏو سياڻو ۽ ڄاڻ جو صاحب ٿي گذريو، ساڳي ڳوٺ ۽ ساڳئي ذات وارو اديب،شاعر، صوفيانه ڪلام جي سرتار کان ڄاڻو، جڏهن حجري ۾ ميان محمود سان بيت بازيءَ ۾ ڪچهري ڪندو هو ته ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا هئا، سنڌ ۾ عرب قبيلا، سماٽ ۽ ڄاموٽ گهراڻن جا شجرا بر زبان ياد رکندو هو، هن ڏس ۾ ڪيترا ڪتاب قلم بند ڪيائين، پئسي نه هئڻ ڪري، ڇپائي هيٺ مواد نه اچي سگهيو، ڪجهه مواد سندس پوين وٽ سانڍيل آهي.
2. ميان غلام حسين ولد حاجي لعل بخش شيخ والد جي وفات بعد ڳوٺ جو پڳدار ٿي رهيو، حاضر جواب، پارسي جو ماهر ۽ سرائڪي زبان جو وڏو ڄاڻو هو، سرائيڪي شاعر لطف علي جو ٺاهيل قصو سيف الملوڪ ۽ بديع جمال سرائڪي شاعري ياد هوس، سرائيڪي ڄاڻ جي ڪري ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو هن وٽ ايندو هو ۽ کيس دعوتون ڏئي پاڻ وٽ لاڙڪاڻي ۾ رهائيندو هو، سنڌي ڪلام جي سرتار کان به باخبر هو، سندس مرشد جي شان ۾ چيل قصيده پوين وٽ موجود آهن.
3. ميان جان محمد شيخ: سنڌي نظم سان وڏو ذوق هوس، شاهه سائين جو رسالو،سچل فقير، حمل فقير، شاهه محمد ديدڙ فقير، حسين ديدڙ فقير، خير محمد فقير، بيدل ۽ بيڪس فقير، روحل فقير، مراد فقير، بلا شاهه وغيره شاعرن بزرگن جو ڪلام باجي تي ڳائيندو هو، آواز ۾ سوز گداز هوس، ٻڌندڙن کي موهي وجهندو هو، مذڪور ڪلام جو حافظ هو.
مذڪور چئن اديب شاعرن جو ڳوٺ ۽ هڪ ذات سان واسطو هو، پاڻ ۾ عزيز دوست هئا، سندن چوياري روزانو حجري ۾ ٿيندي رهندي هئي.