ڳوٺ مينهل شابراڻي
هي ڳوٺ مينهل نالي شابراڻي ذات جي آباد ڪيو، جيڪو ديهه ڪڙيو مراد علي، يونين ڪائونسل دوست علي ۾ آهي، هن ماڳ جي اتر ۾ رستو، ڏکڻ ۾ ڦٽل واهه، اولهه ۾ کڏ آهي، مراد علي ولد مينهل شابراڻي وڏو بهادر ماڻهو ٿي گذريو آهي، جڏهن چانڊين ۽ رندن جي لڙائي لڳي، انهيءَ ويڙهه ۾ هن چانڊين جي طرفداري ڪئي، جنگ ۾ مراد علي شابراڻي چانڊين جي پاران جهنڊو کڻندڙ هو، ”شابراڻي جهنڊي ڌڻي“ هڪ چوڻي جڙي چڪي، هي مهاڏو چانڊين کٽيو ۽ رندن هارايو، هي وٿاڻ قنبر شهر کان 13 ڪلوميٽر پري پوي ٿو، قنبر شهر کان اولهه طرف ڏهه ڪلوميٽر دوست علي روڊ سان هلي وارهه بئراج تي پهچبو، 3 ڪلوميٽر ڏکڻ پاسي هلي هن ڳوٺ ۾ رسي سگهجي ٿو.
ذاتيون:
شابراڻي، ٽوٽاڻي، لاڙائي، سپڙا، بروهي، انصاري، شابراڻي جهجهي انگ ۾ آهن.
عبيد الله لاکو:
عبيد الله ولد مولوي محمد ايوب ولد زميندار يار محمد لاکو آڪٽوبر 1923ع ۾ رب رکيي لاکي ڳوٺ، تعلقي قنبر ۾ هوش سنڀاليائين، هن ڳوٺ واري ديني درسگاهه ۾ پارسي نصاب پڙهي پورو ڪيو، هن لاڙڪاڻي شهر جي قادرين مان شادي ڪئي، ان ڪري هن جو لاڙڪاڻي شهر سان گهرو ناتو رهندو آيو، لاڙڪاڻي سياست ٻن ڌڙن ۾ ورهايل هئي، هڪ ڌڙي جو ليڊر قاضي فضل الله ۽ ٻئي جو خانبهادر محمد ايوب کهڙو هو، ان سياسي ڌڙا بندي جو مسٽر عبيد الله لاکو شڪار ٿي ويو، هن کي ضلع بدر ڪيو ويو، ان ڪري لاڙڪاڻو ڇڏي هو دادو شهر ۾ رهڻ لڳو، هي ليکڪ ۽ اديب دوست هوندو هو، دادو شهر ۾ بنا دير پنهنجو مقام ٺاهي ويو، جتي ميونسپل دادو اليڪشن ۾ حصو ورتائين، دادو ميونسپل جو ڪائونسلر چونڊجي ويو، 1951ع ۾ دادو شهر مان هفتيوار ”اخبار صداءِ حق“ ڪڍندو هو، جيڪا اڳتي هلي هن جي مخالف حڪومت بند ڪري ڇڏي، ان کان پوءِ 1955ع ۾ ٻي ”اخبار محافظ مهراڻ“ جاري ڪيائين، اها 1959ع ۾ پاڻ کي بند ڪرڻي پئجي وئي، مسٽر عبيد الله لاکو زميندار، سٺو ليکڪ، اديب، ذهين، وڏو خوداعتماد، ۽ بهادر ماڻهو هوندو هو، هن ٻه شاديون ڪيون، هڪ پنهنجن مان ٻي ڌارين قادرين مان شادي ڪيائين، 56 سال جي عمر ۾ 1979ع ۾ وفات ڪري ويو.
سيد گل محمد شاهه راشدي:
سيد والد جو نالو سيد حسين شاهه راشدي هو، سندس دائمي رهائش علي خان قنبر ۾ هئي، سيد گل محمد شاهه راشدي 1908ع ڌاري پيدا ٿيو، هو پنهنجي وقت جو وڏو ناليوارو حڪيم ٿي گذريو، حڪمت سندس خانداني پيشو هئي، حڪمت دانائي کان سواءِ ڪچهري ۽ محفل جو مور هوندو هو، رهاڻ ۾ ديني نصيحتون هن جو ترجيحي ذوق رهيو.
سندس تعليم:
مدرسي ارشاد العلوم علي خان کان شروع ڪري ڏنائين، جڏهن ته سيد گل محمد شاهه جي جاءِ مدرسي کان 30 وکن تي هوندي هئي، پوءِ به مدرسي جي دستور پٽاندڙ هر هڪ شاگرد کي هاسٽل ۾ ڇهه ڏينهن ۽ راتيون هڪ هفتي اندر رهڻو پوندو هو، فقط جمعي جي ڏينهن تي شاگرد پنهنجي گهر وڃي سگهندو هو، انهن شاگردن مان سيد گل محمد شاهه به هڪ هو.
مدرسي جي جاءِ:
پير تراب علي شاهه راشدي سيد علي خان شهر ۾ مدرسي کي هلائڻ لاءِ هڪ جاءِ ٺهرائڻ خاطر هڪ ايڪڙ زمين خريد ڪري، اها جاءِ علي خان شهر جي وڏيري علي حسن هڪڙي جي نالي تي دستاويز تيار ڪرائي ڇڏيو، مدرسي جي شاگردن جي پڙهائي جو حال، شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽل، استاد ن جون رهائش گاهون،غسل خانا، جاءِ ضرورت لاءِ بندو بست، اسٽور روم وغيره تيار ڪيا ويا، هن اداري جو مئينيجر پير تراب علي شاهه هوندو هو، جيڪو استادن جون پگهارون، شاگردن ۽ استادن جي خوراڪ سان گڏ اداري جي هر ضرورت پوري ڪندو هو، مٿيون ادارو 17_1918ع کان شروع ٿيو، دين جا خير خواهه سخي زميندار عام ديني اداري کي هلائڻ لاءِ خيراتون، چندا وغيره ٿيندا رهندا هئا.
مدرسي ۾ عربي ۽ پارسيءَ جا به عالم مقرر هوندا هئا، سنڌي پڙهائڻ لاءِ هڪ ماستر ۽ حفظ لاءِ هڪ حافظ القرآن رکيل هئا، عربي پڙهائڻ لاءِ مدرس شمس القمر هوندو هو، جنهن جو نالو پير تراب علي شاهه راشدي مٽائي، شمس الحق رکي ڇڏيو، اڳتي هلي شمس الحق نالو مشهور ٿي ويو، مولانا شمس الحق بلوچستان جو وزير ٿيو، ان کان پوءِ پهاولپور رياست جو وائيس چانسلر اتي جي يونيورسٽيءَ جومقرر ٿيو.
پارسي پڙهائڻ جو استاد مولانا ولي محمد ابڙو کنڊو ڳوٺ جو مقرر ٿيو، جيڪو مدرسي ۾ شاگردن کي پارسي پڙهائيندو رهندو هو، مدرسي ارشاد العلوم ۾ مولانا شمس الحق جي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ اتر سنڌ جو مشهور مدرس علامه عبد الڪريم ڪورائي ڪٽبار مقرر ٿيو.
مذڪور مدرسي جي شهرت ۽ خلافت تحريڪ جي اڳواڻيءَ جي ڪري پير تراب علي شاهه سنڌ ۽ هند ۾ مشهور ٿي ويو، پير راشديءَ جي عوامي پڌرائي ۽ هاڪارائپ جي ڪري وڏيرا هَڪِڙا هن سان نا ٺاهه ٿي ويا، مدرسي جي بلڊنگ هڪڙن جي نالي تي هئي، ان ڪري اختلاف وڌي ويا، تعليم نه هلي سگهي، 1937ع ۾ مجبورن ادارو بند ٿي چڪو، مدرسي جي خالي جاءِ هئڻ ڪري ماڻهو گهر اڏي مدرسي مٿان قبضا ڪري ويهي رهيا.
سيد گل محمد شاهه راشدي انهيءَ اداري ۾ پارسي، عربي، سنڌي پڙهيو، 12 مارچ 1938ع تي مٿيون احوال سيد گل محمد شاهه راشدي جي مهربانين سان مليو.