علامه مخدوم محمد اسماعيل
سنڌ جا سڄڻ سپوت، گهڻگهرا، هڏ ڏوکي، ٽڳڙ جي وسندي مٿان 1194هه برابر ۾ سرت سنڀاليائين. ()
تعليم:
ابتدائي سکيا ۾ پارسي ۽ ڪجهه عربي پنهنجي والد مولانا محمد قاسم جوڻيجي کان مدرسي ٽڳڙ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ورتائون، اعليٰ تعليم لاءِ درسگاهه پريالوءِ تعلقي خيرپور ميرس ۾ علامه سيد جمال الله شاهه کان پرائڻ ويا، جتي ديني علوم جي پوري تڪميل ڪري دستاربند ٿيا، علامه سيد جمال الله شاهه پڻ مدرسي پريالوءِ جي مدرس اعليٰ علامه ابڙي عرف اڀوڙي صاحب جن جي رهبريءَ ۾ تعليم پرايائون، کانئن فيض فضيلت سان سند لڌائون، علامه مخدوم محمد اسماعيل تعليم پوري ڪري پنهنجي ٽڳڙ ڳوٺ ۾ آيا، جتان پنهنجي خاندان مان شادي ڪيائون، کين غلام فريد نالي هڪ فرزند عطا ٿيو، جيڪو ري اولادي رهي ڪري هن جهان کان لاڏاڻو ڪري ويو، اڳتي هلي ٽڳڙ ڳوٺ ۾ پنهنجي عزيزن سان نا ٺاهي جي ڪري لڏي پلاڻي ٿوري وقت لاءِ ڳوٺ وليد لڳ لاڙڪاڻي شهر ۾ وڃي ويٺا، اتان اٿي چڱڙو سمو تعلقي گنبٽ جي مشهور ڳوٺ کهڙا جي علم دوست بزرگ عباسين جي پاڙي ۾ رهيا، پاڻ زنده اولاد نه هئڻ ڪري عباسي بزرگن کان هڪ ننڍڙي ڇوڪري کي ڌيءَ ڪري گهر ۾ پاليائون، () جيئن ته پاڻ مخدوم صاحب جن پريالوءِ جي درسگاهه مان سکيا ورتي هئائون، گهڻي وقت هن ڳوٺ ۾ رهي چڪا هئا، ساڳي وقت پنهنجن استادن ۽ دوستن جي صحبت جي ڪري پريالوءِ ڏانهن پيا ڀيرا ڪندا هئا، هن وسندي سان سندن دلي لڳاءُ هو، ان ڪري پنهنجي آخري رهائش لاءِ آرام گاهه هن ڳوٺ کي قرار ڏنائون، کهڙا ڳوٺ مان ستت ئي لڏ پٽي پريالوءِ ۾ عيد گاهه جي ڀرسان اچي ويٺا، بعد ۾ ساڳي ڳوٺ جي وچ ۾ هڪ مسجد اڏائي، سدائين اتي سڪون لڌائون، ( ) جڏهن عباسي ڇوڪري وڏي ٿي، تڏهن ساڳي نياڻي کهڙا ڳوٺ جي ساڳين عباسين کي شادي ڪري ڏنائين. ( )
سندن شخصيت:
وڏا منطقي، علامه، فاضل، اعليٰ مدرس، مڃيل مبلغ، شاعر، ليکڪ، عاشق رسول ﷺ هئڻ ڪري، تخلص عبدالرسول هون، لکت ۾ ڏاڍي تيزي ۽ رواني هوندي هئي، ٻپهري کان ٽپهري جي وچ ۾ واري وقت ۾ ڪلام پاڪ جو هڪ پارو لکي ويندا هئا،درسي ڪتابن مٿان مفيد حاشيا به لکندا هئا، ان کان سواءِ تدريس جو شغل به جاري رکندا هئا، نادر شاهي ڏاڍ ۽ مغل شهنشاهي بيگرن کان سنڌي ماڻهن کي ڇوٽڪارو ڏياريائون، پيٽ گذر لاءِ ٽئا ۽ ڪپڙن کي نيرو رنگ ڪرڻ جو پورهيو ڪري گذارو ڪندا هئا. ( )
علامه مخدوم محمد اسماعيل ۽ نادر شاهه ايراني:
سنڌ مٿان ميان نور محمد ڪلهوڙي جو راڄ هو، ان سمي نادر شاهه هندوستان ڦري لٽي 8 نومبر 1739ع تي ڪابل پهتو، جتي هن کي سنڌ جو حاڪم ياد پيو، جنهن ڏانهن ڪابل ۾ ملاقات جو حڪم ڪڍيائين، هن جي ڪن لاٽار تي سنڌ مٿان نادر شاهه هلان ڪري آيو. سنڌ ۾ يلغار دوران علامه مخدوم محمد اسماعيل سان مليو هو، علامه سان بيهي هم ڪلام ٿيو، علامه صاحب کيس موٽ ۾ فرمايو ته پيڙهي (پلال کي وَٽي ويهڻ لاءِ ٺاهبو آهي) تي ويهين ها، الله تعاليٰ تنهن جي پيڙهه پختي ڪري ها، وڌيڪ نادر شاهه کي قهري ڪاررواين ۽ ڦرمار کي ڍري ۽ نه ڪرڻ جون هدايتون ۽ فهمائشون ڪيائون، هو علامه مخدوم صاحب کان ڏاڍو متاثر ٿيو. ( )
ڏاهري سنڌ وزير ۽ نادر شاهه ايراني: ( )
سنڌ جو ڏاهري وزير سنڌ جي حاڪم پاران نادر شاهه سان راهه جو سونهون ٿي هليو، وزير با تدبير سفر جي سمي هڪ سٽ سٽي، ته نادر شاهه کي ڪهڙي ريت ٿاٿرائجي، ته جئين هن جي تيش ۽ ڪاوڙ ۾ ڪمي اچي وڃي، ان ڳڻ سان هن نادر شاهه کي پاٽ جو شهر ڏيکارڻ جو پڪو ارادو ڪيو، لاڙڪاڻي کان نڪري شهدادپور ۽ عمرڪوٽ ويندي، رستي تي اڳ ۾ پاٽ جو شهر آيو ٿي، ان ڪري وزير سياڻپ جي کيڏ کيڏندي پاٽ جو شهر ڏيکاريو، شهر جي رونق ۽ نزاڪت هڪ پاسي، ٻيو اندريون ۽ ٻاهريون ڏيک ٻئي پاسي، جنهن ۾ گهٽيون گهير، باغ باغيچا، سبزيون وغيره ڏسي وزير آڏو خوشيءَ جو اظهار ڪندي نادر شاهه چيو ( ) ته پاٽ جو شهر هاڪارو رهيو آهي، جنهن جي هاڪ ۽ ڌاڪ ايران ۾ ٻڌندو هوس، هاڻي ته اکين سان سٺي بيهڪ ۽ سهڻي جوڙجڪ پسي هن نظاري ڏسڻ کان پوءِ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. ( )
علامه مخدوم محمد اسماعيل ۽ مغل شهنشاهن جون بيگريون:
مغل دور حڪومت ۾ هندوستان اندر وڏيون شاندار عمارتون اڏيون وينديون هيون ،محل ۽ محلاتن جي اڏاوت ۾ پوري هندوستان کي شاهي بيگرن ۾ گهڻو ڀوڳڻو پوندو هو، سنڌ کي به انهيءَ ونگار ۽ وهواند ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻو پوندو هو، هڪ ڀيري ڪنهن رن زال جي سڪي لڌي پٽ جي سهاڳ ۽ سهرن جي تٿ تيار تي هئي، ان وچ ۾ گهوٽ کي مغل شاهي جي بيگر لڳي وئي، رن زال کي پنهنجي لاڏلي جي لاڏڪوڏ جي ڳڻتي ڳاري وڌو. بيگر جي ڪري وهانءُ ۾ رولڙو ۽ مانڌاڻ ڏڦيڙ پئجي ويو، مائي ٻيو چارو نه ڏسي ان ولوڙ ۽ مانڌاڻ ۾ علامه مخدوم صاحب جن ڏانهن دردن ڀريو ن دانهون ڪندي پهتي ، آهه زاري ۽ لولهٽيون ڪندي رهي جنهن تي پاڻ سڳورا مائي کي دلجاءِ ۽ آٿت ڏيندا رهيا، بيگر گسائڻ ۾ ڪوٽوال جي ڳري سزا جو هراس ۽ ٿرٿلو ڇانيل هوندو هو ان لاءِ علامه مخدوم صاحب جن مائي کي تسلي ۽ ٽيڪ ڏئي رهيا هئا پر مائيءَ جي نيزارين ۽ وينتين ۾ ڪابه گهٽتا نٿي آئي، نيٺ مائي صاحبه کي پاڻ هڪ پروانو آڻي هٿ ۾ ڏنائون ته هي ڪوٽوال کي پيش ڪري، جڏهن اهو حڪم نامون هن کي مليو ته ڪوٽوال تيز رفتار ٽپال وسيلي دهليءَ ڏانهن روانو ڪيو، جڏهن بادشاهه جي اکين مان اهو پروانو گذريو، ته بادشاهه سلامت مڃيو ته هي صحيح سندس آهي، جنهن ۾ نه رڳو گهوٽ جي بيگر معاف ٿيل هئي، پر هر هڪ سنڌيءَ کي بيگر کان معافي ملي چڪي. ( )
هي علامه سنڌ جو سهارو ۽ ڀرجهلو سومر ڏينهن 8 ربيع الاول 1174هه برابر 18 آڪٽوبر 1760ع تي پريالوءِ ۾ لاڏاڻو ڪري ويا، جتي هميشه لاءِ آرامي آهن. ( )
سنڌ جي عالمن اديبن جي نظر ۾ علامه محمد مخدوم اسماعيل پريالوءِ وارو،
1. ڊاڪٽر نواز علي شوق ”ڪتاب پرين پريالوءِ“
2. ڊاڪٽر يار محمد قاضي، ”ڪتاب پرين پريالوءِ“
3. مولانا دين محمد وفائي، ”ڪتاب تذڪرو مشاهير سنڌ“.
هي بزرگ اصل ڳوٺ مبين جي کاهي جو رهاڪو هو، پر پوءِ پريالوءِ پنهنجن عزيزن کان ناراض ٿي کهڙن ۾ اچي رهيو. ( )
سندن نالو اسماعيل آهي، پر عشق رسول سبب سندن لقب عبدالرسول هو، پاڻ ذات جا جوڻيجا هئا، ڏوڪري تعلقي جي هڪ ڳوٺ مبين جي کاهي جا ويٺل هئا. ( )
ولي ڪامل، عالم عامل، فاضل جليل مخدوم اسماعيل قوم جوڻيجو سنڌ ۾ نقشبندي طريقي جو امام ٿي گذريو آهي، تصوف ۽ عرفان سان گڏ هو بزرگ ظاهري علمن جا به وڏا عالم هئا، هميشه ظاهري علم جي درس جو سلسلو جاري رکندا ايندا هئا، خوشخط به هڪ ئي هئا، معقول ۽ منقول جا سمورا درسي ڪتاب پنهنجي قلم سان لکي پنهنجي ڪتب خاني ۾ جمع ڪيا هئائون، مريدن کي فيض تلقين ڏيڻ ۽ درس پڙهائڻ سان گڏ روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب جي هڪ يا ٻه جزا لکندا رهندا هئا. ( )
هڪ شخص ولايت مان پارس پٿر سندس خدمت ۾ کڻي آيو، مخدوم صاحب اهو پٿر هن کان وٺي کوهه کي گيڙو ڏياريو ته لوٽين ۾ ڪيترائي پارس پٿر اچڻ لڳا، هن ماڻهو کي چيائون ته جيڪو پنهنجو پارس هجي، سو سڃاڻي ڪڍ، فقيرن کي اڪسير يا پارس پٿر جي ڪابه گهرج يا لالچ نه ٿيندي آهي. ( )
سپون ته ساراهه
هيج جنين جو ههڙو
سڄڻ آئي ساڃاهه
اتي ويڙن وسري ( )
سنڌ ۾ جڏهن احمد شاهه ابدالي آيو، تڏهن مخدوم صاحب سان پريالوءِ ۾ ملي دهلي جي فتح لاءِ دعا گهريائين. ( )
مخدوم صاحب کي فقط نياڻي هئي، جا مخدوم احمدي عباسي کهڙن واري جي پٽ محمد عاقل سان شادي ڪرائي، جنهن کي هڪ پٽ ٿيو، جيڪو جواني ۾ وفات ڪري ويو. ( )
مولانا سيد صوفن شاهه:
سيد بهاءُ الدين شاهه اصل اچ شريف پنجاب جو رهاڪو هو، جتان لڏي روهڙيءَ ۾ اچي آباد ٿيو. ( ) کيس چار پٽ ٿيا، سيد صالح شاهه سوائي، سيد صوفن شاهه، سيد ٺارو شاهه ۽ سيد مورل شاهه، هنن ڀائرن جا ناناڻا ڪوٽائي سيد روهڙي ۾ هئا، ۽ روهڙي وارن سيدن جا ناناڻا وري پريالوءِ ۾ هوندا هئا، ( ) سيد صوفن شاهه روهڙيءَ ۾ رهندو هو ۽ پريالوءِ ۾ به گهمڻ ۽ رهڻ ويندو هو، جتي مخدوم محمد اسماعيل پڙهندو هو، جيڪو سيد صوفن شاهه سان ڪچهريون ڪندو هو، علامه جي ذهانت ۽ حاضر جوابيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو، ان ڪري هن کي پنهنجي ٽڳڙ ڏانهن وٺي ويا، علامه جڏهن مدرسو ٽڳڙ کوليو تڏهن سيد صوفن شاهه کي اتي داخل ڪري سڀني علومن جي تحصيل ڪرائي کيس سند ڏياريائين.
سيد صوفن شاهه ٽڳڙ ۾ پڙهڻ ۽ رهڻ ڪري هتان جي پساري ۽ مانڊاڻ کان ڏاڍو متاثر ٿيو، اچ، روهڙي ۽ پريالوءِ هن کان وسري ويا ان ڪري ٽڳڙ ۾ گهر ٻار ڪري ويهي رهيو. ٽڳڙ ۾ ارغونن جي جاگير هوندي هئي، جن جا ڪمدار ڏاڍا اولڙا ۽ بي ترس هئا، ان ڪري صوفن شاهه کين پاراتو ڏنو، جن آزيون ۽ نيازيون ڪري هن کان معافي ورتي، جنهن تي هنن کي معاف ڪيائين.
شاهه صاحب هتي وفات ڪري ويو، کيس ڳوٺ جي اوڀر پاسي دفن ڪيو ويو، پوءِ سندس عقيدت ۾ اوس پاس جا وفات ڪيل هن جي مزار ڀرسان دفن ڪندا رهيا، هي قبرستان پنجن جريبن ۾ پهچي چڪو آهي، هن مقام کي سيد صوفن شاهه جو قبرستان سڏيو وڃي ٿو، شاهه صاحب جا پويان پڻ هن وستي ۾ رهندا اچن ٿا. ( )