حضرت غلام مرتضيٰ شاهه جيلاني
سيد غلام مرتضيٰ شاهه سجاده نشين گنبٽ ولد پير سيد خميسو علي شاهه جيلاني درگاهه غوثيه گمبٽ 1305هه ۾ گنبٽ ۾ پيدا ٿيا.
تعليم: سنڌي، پارسي ۽ عربي هئي، والد پير سيد خميسو علي شاهه جي وفات بعد گادي غوثيه گنبٽ سنڀاليائون، پاڻ درگاهه شريف جي صحن ۾ مريدن سان ڪچهري ڪندا هئا، روزي ۽ نماز جا پابند هئا، نماز پڙهائڻ ۾ پاڻ پيش امام ٿيندا هئا، گهڻو وقت مسجد شريف ۾ گذاريندا هئا، مريدن ۽ عقيدت مندن سان ڏاڍو پيار، پاٻوهه، فياضي، خنده پيشاني سان ملندا هئا، مسڪينن جي مدد به ڪندا هئا، پاڻ ڪرامت جا صاحب، سائلن جي دلين جا راز به لهندا هئا، سڄو سڄو وقت جماعت سان گڏ ذڪر فڪر ۽ صلوات شريف جي پڙهڻ ۾ گذاريندا رهيا، هر ايندڙ کي صلوات شريف جي پڙهڻ ۾ شامل رکندا هئا.
سندن وڏي فرزند جو نالو پير سيد محمد شاهه جيلاني هو، جيڪو والد جي وفات کان پوءِ گادي ڌڻي رهيو، کيس ست فرزند ٿيا، سندن وڏو پٽ پير سيد اسد الله شاهه سجاده نشين ٿيو، جنهن کي ٻه فرزند ٿيا، جن ۾ وڏو سيد ابو محمد صالح شاهه جيلاني هن وقت درگاهه غوثيه جا اٺون نمبر گادي ڌڻي ٿيا آهن.
پاڻ پير سيد غلام مرتضيٰ شاهه جيلاني 1388هه برابر 26 ڊسمبر 1968ع شوال جي پجين تاريخ خميس ڏينهن هڪ بجي منجهند جو هي فاني جهان ڇڏي مالڪ الملڪ ذوالجلال له سان وڃي مليا. ()
هڪ ٻڌل ماجرا:
1980ع ڌاري لاڙڪاڻي شهر جي سياستدان قاضي فضل الله جي ڪچهري ۾ ويٺو هوس ته هڪ مايوس ۽ اڀا ساهه کڻندڙ تپيدار، نالو ذات وسريل، هلڪي قد جو، ڪنهن ائنٽي ڪرپشن جي ڪيس ۾ وڪوڙيل هو، قاضي صاحب کان مدد وٺڻ آيو، نصير آباد يا باڊهه جو هو، ڳالهيون ڪندي مون سان حال اوريائين ته منهنجي وڏي ڀاءُ جي وفات ٿي، ان جي بيوهه عدت گذرڻ بعد برادري وارن مو ن کي زوري پرڻائي، اها شادي منهنجي لاءِ قاتل زهر مثل هئي، پوءِ به هڪ پٽ ان مان پيدا ٿيو، پر اها عورت وفات ڪري وئي، ان کان پوءِ ڇڙو ڇانڊو رهيس، جيئن ته مان حضرت سيد غلام مرتضيٰ شاهه جيلاني جو مريد ۽ پانڌيئڙو هوس، اتي وڃي روحاني تسڪين حاصل ڪندو رهندو هو، هڪ ڀيري قبله سائين مون کي فرمايو اڙي! ڇڙو نه رهه، شادي ڪر، کين عرض ڪيم ته ڪٿان شادي ڪريان، پاڻ ٺهه پهه ڇا ڪيائون جو مريدن جو هڪ ٽولو درگاهه جي در مان ٽپي زيارت تي ويو ٿي، انهن ۾ هڪ 13 يا 14 سالن جي ڇوڪري به هئي، اها ڇوڪري در ٽپڻ واري هئي، ته سائين قبله ان کي پيرن ۾ نئٽ جو لڪڻ ونگوڙي سان وجهي کيس پوئتي ڪيرايو ۽ چيائين ته هي تنهنجي گهر واري ٿيندي، انهي ڇوڪريءَ جي والدين هڪ دم کلي هائوڪار ڪئي، دير نه لڳي، نڪاح ٿي ويو، جنهن مان اڳتي هلي ست پٽ پيدا ٿيا، پوئين گهرواريءَ مان ڏاڍو راضي آهيان، پهرين گهرواريءَ وارو منهنجو پٽ پڙهيو ۽ آمريڪا ۾ رهندو آهي. ()