نائچ ڳوٺ
هيءَ وسندي ديهه شاهنواز تپي ابڙا لاڙڪاڻي ۾ آهي، لاڙڪاڻو خيرپور جو سو روڊ کان 8 ڪلوميٽر پري اولهه پاسي آهي، ڳوٺ ٽڪنڊي نموني زمين جي سطح کان ست فوٽ داڙ تي 20 ايڪڙ ايراضي تي ٺهيل آهي، 1638ع_ 1580ع ڌاري مير محمد عرف مير خان ابڙي هي وسندي وسائي، مير خان ابڙي ”جوڪي هرڻي“ ۽ ”مَنَهه“ نالن سان ٻيا به ڳوٺ ٻڌايا، 1899ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر ڳوٺ جي زميندارن شاهه مراد ولد شاهه نواز ابڙي کي سٺي ڪارڪردگي پٽاندڙ آفرين نامه عطا ڪيو، جيڪو هن جي پوين وٽ محفوظ آهي، ابڙا ڳوٺ، نائچ ڳوٺ سان مشهور ٿيو، ان جو ڪارڻ هي آهي. جڏهن سنڌ جا حاڪم ڪلهوڙا ٿيا، تڏهن سنڌ ۾ سنڌي قبيلن هنن خلاف وڙهڻ شروع ڪيو، ان مانڊاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلهوڙن بلوچستان، بهاولپور پنجاب مان جدا جدا قبيلن جا ماڻهو گهرائي، ڪلهوڙا فوج ۾ ڀرتي ڪري، سنڌ مٿان قابض ٿيا، اهڙي ريت لاڙڪاڻي پرڳڻي جي ابڙن سان به ڪلهوڙن جا تر سنوان نه هئا، ان ڪري بهاولپور جي نائچن کي گهرائي لاڙڪاڻي خطي ۾ آباد ڪرايو، ابڙن ۽ نائچن جون ٻه جنگيون به لڳي چڪيون، جن لڙاين ۾ نائچن هارايو، نائچ ڳوٺ هجڻ سان هن ڳوٺ توڙي پسگردائيءَ ۾ هڪ نائچ ذات وارو به نه آهي،، جڏهن ته تپي ابڙا جي روينيو رڪارڊ ۾ نائچن جي نالي تي زمين جو هڪ ويسو به نه آهي.
ملڪي ورهاڱي کان اڳ ۾ هن ڳوٺ جي وڏي آبادي هوندي هئي، جنهن ۾ هندو، مرهٽا ۽ 40 گهر سکن جا هئا، مسلمانن ۾ ڳوٺ جا زميندار ابڙا هئا ۽ مسلمانن ۾ ٻيون ڪيتريون ذاتيون رهنديون هيون، هن سمي زنگيجا، ابڙا،کوکر، ڀٽا، موچي، سيد ۽ جيها رهن ٿا، 1990ع ۾ ڳوٺ جي آبادي 86 ماڻهن تي هئي، 2005ع ۾ ڳوٺ اندر ماڻهن جي ڳڻپ 125 هئي، نائچ ڳوٺ جا ٻه قبرستان آهن، هڪ ننڍو قبرستان آهي، جنهن ۾ ابڙا ذات دفن ٿيل آهن، ٻيو وڏو قبرستان جتي باقي پوري ڳوٺ جا ماڻهو پوريا ويندا آهن.
نائچ ڳوٺ ۾ سائين شاهه عبداللطيف جن جو تڪيو:
حضرت شاهه عبداللطيف سائين جن جي سرشت مبارڪ ۾ سير سفر ڏانهن پسنديده لاڙو هو، پاڻ ڀٽ مٿان ٿاڪ ڪري ويهي رهيا، پوءِ به واري ڦيري سان سفر سانگي نڪري پوندا هئا، ان حساب سان ڀٽ کان نڪري ڪري سنڌ جا اتر وارا علائقا ۽ ڪاشي جو سير شروع ڪيائون، جيئن ته پاڻ جابر ۽ ڏاڍ پسند حڪمرانن کان پاسيرو رهندا هئا، ان جي ڀيٽ ۾ عوام دوست ، سخي ۽ ڏاتار حاڪمن کي دل سان پسند ڪندا هئا، اهو ئي سبب آهي، جو پاڻ ڄام ابڙي ۽ ان جي اولاد سمي، جکري ۽ تماچيءَ جي تاريخي ڪارنامن، سامهون جهلڻ، سنڌي قومي غيرت ۽ بهادريءَ جهڙن ڳڻن کي پسند فرمايو آهي، ڪڇ جو سير ڪندي، ”ابڙي وڏ وڙي“ جي پونيرن کي ابڙا ڳوٺ نائچ ۾ 1724ع_ 1723ع ڌاري اچي پهتا ۽ مليا، ان سمي مير خان ابڙي (ٻئي) جي ٻن پٽن سردار خان ۽ حاجي خان ابڙي پنهنجي مرشد جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو، پوءِ به پاڻ سندن اوطاق ۾ ٽڪڻ کان لاچاري ڏيکاري، ان ڪري سندن اصرار تي نائچ ڳوٺ جي اتر کان وڏي رستي لڳ آستاني اڏڻ لاءِ عرض ڪيو، جيڪو پاڻ قبول فرمايائون، ابڙن ڀائرن لطيف سائين جن کي ان جاءِ تي 9 ايڪڙ زمين آستاني لاءِ نذرانو ڏني، پنهنجي آستاني ڀرسان هڪ کوهي کوٽايائون، ڏهن جريبن ۾ ٻيرن ۽ ٻٻرن جا وڻ پوکيائون، سندن اها رهائش هن وقت هڪ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي، آستاني جي ڀرسان کٻڙ جو جهونو وڻ آهي، جيڪو بار بار هوائن ۽ طوفانن جي ڪري پيو ڪري ٿو، ڪٽبو به رهي ٿو پوءِ به وري وري ڦوٽهڙو ڪندو هلي ٿو، هن وقت به کٻڙ وڏو جهليل ڇانوري وارو وڻ آهي، پاڻ سائين جن انهيءَ آستاني تي لاڳيتا ڇهه مهينا محفلن ۾ راڳ ويراڳ ۾ رهندا رهيا، نيٺ ابڙن مريدن کان موڪلائي ويا، ابڙن جي وينتي ۽ نيزاري تي کين پنهنجو چولو مبارڪ، جُتي، ۽ هڪ ڪٽورو پاکر عنايت ڪري ويا، جن ۾ چولو مبارڪ ۽ ڪٽورو ابڙن سردارن جي پوين وٽ سانڍيل آهن.
برٽش دور حڪومت ۾ نائچ ڳوٺ ۾ سک، هندو مرهٽا رهندا هئا، سک وڏا جاکوڙي، محنتي ماڻهو هوندا هئا، سندن ڌنڌي واپار سان ذوق هو، ان ڪري وڏي اوج تي رسيل هئا، ڳوٺ ۽ ڀر پاسي ابڙن زميندارن جي ڪمزوريءَ جي ڪري کانئن زمين خريد ڪندا رهيا، گهڻي زمين جا مالڪ ٿي ويا، ان ريت سکن جا ڌنڌا، واپار ۽ وڏي زمينداري ٿي چڪي، سکن جا ٽي هيٺيان ماڻهو هاڪارا ٿيا.
(1) ڪلياڻ سنگهه: 1940ع ڌاري هندن، مرهٽن ۽ سکن جي پنچائت جو مک هوندو هو، پوئين دور ۾ انگريزن جي خلاف آزاديءَ جي هلچل کڙي ٿيڻ ڪري سندن حڪومت جو زور ٽٽي پيو، هندو مسلم فساد هر هنڌ اڀري پيا. 43_ 1942ع ڌاري هڪ سک زميندار ۽ مکيءَ کي مسلمانن قتل ڪيو، اهي قاتل نه هٿ ٿي سگهيا نه گرفتار ٿي جيل جي حوالي ٿيا، ان ڪري هندو پنچائت ۾ نراسائي ڦهلجي وئي.
(2) ٽهليو سنگهه: وڏي ڌاڪي وارو سک زميندار مشهور ناليواري زميندار پريل سنگهه جو سوٽ هو، نائچ ڳوٺ ۾ فقط هن وٽ ٻه نلڪا لڳل هوندا هئا، هڪ اوطاق ۽ ٻيو نلڪو گهر ۾ هو، جڏهن ته باقي سڄي ڳوٺ ۾ کوهه ۽ کوهيون کوٽيل هيون، جتان ڳوٺ وارا پاڻي ڀري پيئندا هئا، هن جا نوڪر سڀ مسلمان هوندا هئا، هن کي ڳوٺ جي ماڇي غلام رسول ڪارتوسيءَ پسٽل سان قتل ڪيو، پر ڪيس ڳوٺ جي زميندار علي محمد ابڙي مٿان داخل ٿيو، جنهن کي جيل موڪليو ويو، ٻن مهينن کان پوءِ هو ڪيس مان آزاد ٿي ويو پوءِ هندن، مرهٽن ۽ سکن ۾ لڏپلاڻ شروع ٿي وئي.
(3) پريل سنگهه: هي هندن، مرهٽن، سکن توڙي مسلمانن کان وڌيڪ مالدار ۽ زميندار هوندو هو، هن جي زرخيز زمين جاڙي واهه تائين هوندي هئي، ساڳئي وقت زمين کان سواءِ هتي دڪان ۽ واپار به هئا، نائچ ڳوٺ ۾ هن جي حاويلي مشهور هوندي هئي، هن جي گهر جي شاندار عمارت هئي، جنهن ۾ وڏا ويڪرا ڪمرا، ۽ دالان هئا، دروازن تي عاج ۽ بيلجم جي رنگين شيشن جو سهڻو ڪم ٿيل هو، دروازا ساڳ جا هئا، ڇت گيڊر ۽ ٽيئرن تي ٻڌل هئي، هڪ ڀيري پريل سنگهه بمبئي مان موٽر ڪار خريد ڪري آيو، جنهن کي ضلع لاڙڪاڻي جا زميندار ڏسڻ ايندا هئا، سندس پويان ڀارت جي راءِ پور ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽريز جا مالڪ آهن.
(4) مهراج جي ٽه منزلي ماڙي: ڳوٺ نائچ جي ڏکڻ ڇيڙي تي هوندي هئي، پر سڄي ڳوٺ جي عمارتن کان اوچائي تي مٿي ڪر کنيل هئي، هي وڏي ڪشادي عمارت هئي،جنهن ۾ ڪيترا ڪمرا هئا، منجهس لاتعداد دروازا، دريون، روشندان، گيلريون ٺهيل هيون، درن ۽ درين جي ڪاٺ مٿان شاندار پينٽنگ ٿيل هئي، جنهن ۾ تاريخي جنگين جا محاذ ڏيکاريل هئا، جدا جدا رنگن سان رام چندر، شيواجي، راجا پورس، سڪندر اعظم ۽ جهانسيءَ جي مهاراڻي جون تصويرون سهڻي نموني ڇاپيون ويون هيون، جنگ جي ميدانن ۾ هاٿي، گهوڙا، لشڪر تير انداز، تلوارن وارا جنگ وڙهي رهيا جي حالت ۾ چٽيل تصويرون هيون، ڪن ڀتين تي راجائون شڪاري بازن ۽ ڪتن وغيره سان تصويرون چٽيل ۾ ڏيکاريا ويا هئا، هي مهراج جو گهر هڪ قسم جي عجيب نما آرٽ گئلري هو، پر افسوس جي ڳالهه ته هي شاندار عمارت ۽ زميندار پريل سنگهه جي حاويلي وغيره ڳوٺ وارن جي دولت جي هوس جو شڪار ٿي ڊاهيون ويون ۽ سامان تين واڪ ڪيو ويو.