بنگل ديرو ڳوٺ
هن ڳوٺ جي آبادي شهر جيڏي آهي، تعلقي جي مکيه ڳوٺن مان هڪ اهم وسندي آهي، لاڙڪاڻو رتي ديرو خاص روڊ هن جي وچ مان لنگهي ڳوٺ جا ٻه ڀاڱا ڪري ٿو، هڪ اوڀاريون ۽ ٻيو اولهائون حصو، پر اولهه وارو ٽڪرو اوڀر وٿاڻ کان وڏ ڀرو آهي، ڳوٺ گولائيءَ تي مائل آهي، جنهن جي اتر اولهه ۾ سوڀاري واهه، گندي پاڻي جو ن کڏون وغيره آهن، اتر ۾ لنڪ روڊ وسيلي خيرو ديرو ڳوٺ آهي، هتي پاڻي مٺو ۽ زمين ڀلي آهي، بنگلديرو لاڙڪاڻي کان 17 ڪلوميٽر رتي ديري کان 7 ڪلوميٽر ڏور آهي، ڳوٺ مٿان سومرا سربراهي هوندي هئي، جن ۾ زميندار يار محمد ۽ دوست محمد سومرو هاڪارا رهيا، زميندار يار محمد سومري جامع مسجد ۽ مدرسو تيار ڪرايو، جنهن لاءِ مولانا عبد الله لاکي کي باگڙجي ڳوٺ مان دعوت ڏئي لڏائي آيو، هن جي رهائش ۽ خرچ پاڻ برداشت ڪندو رهيو، طالبن جي کاڌ ۽ خوراڪ ۾ ڳوٺ وارا شريڪ ٿيا.
ذاتيون:
سيد، سومرا، ڀٽا، ڀٽي، ڪنڀر، ڪلهوڙا، منڱريا، منگي، مير بحر، جيها، جوکيا، ناريجا، چنا، چانڊيا، لاکا، شيخ، خاصخيلي، عباسي، ڀيل، گهڻائي ۾ ڀٽا ذات آهي، جا ڌنڌي، واپار، پوکي راهي، تعليم ۽ سياست ۾ وڏي ترقي ڪري چڪي آهي، ان ڪري بنگل ديرو ڀٽا تشخص سان سينگارجي ۽ سنوارجي ويو آهي، هن ماڳ جو مسٽر محمد انور ولد محمد عمر ڀٽو ايم اين اي رهي چڪو ۽ پيپلز پارٽي ۾ اهم رڪن جي حيثيت سان ڇانيل رهيو، ان ڀٽا ڪارڪردگي مان هن ڳوٺ ۾ هن ذات جي اهميت جي ساک ملي ٿي، مسٽر محمد انور ڀٽو مرحوم ٿي چڪو آهي، سياسي ميدان ۾ سندس ڀاءُ مسٽر عبدالفتاح ڪم ڪري رهيو آهي.
بنگل ديري جون شخصيتون:
محترم محمد عرس ڀٽو ماکڻي:
هلڪي ڦلڪي، ڦڙتيلي، گهمندڙ ڦرندڙ، رس رهاڻ سان ڀريل، ذهين، فهيم، دريا دل، ماڻڪ ماڻهو، منائاتي نبي بخش ڀٽي کي ڳوٺ بنگلديري ۾ سٻاجهو سپوت محمد عرس نالي 1912ع ۾ نروار ٿيو. سنڌي 6 درجا ابائي اسڪول ۾ پڙهي راس ٿيو. اهڙي سچار ۽ سڀاڳي سرواڻ سان سندس ڳوٺ ۾ 28 نومبر 2015ع تي رهڻ ٿي چڪي.
خانداني 25 جريب آباد زمين هئي جيڪا پنهنجي والد ۽ 4 ڀائرن سان گڏجي پوکي راهي ڪندا هئا. وقت پڄاڻا بنگلديري ۾ دوڪان ڪڍي مکڻ، ڪپڙو ۽ لوڻ مرچ وغيره وکر رکي واپار هلايو. ان ڌنڌي سان گڏ جايون، پلاٽ ۽ زرعي يا غيرآباد زمين ڳنهڻ ۽ نيڪال ڪرڻ جو به ڏاڍو سٺو ڍنگ رکندو هو.
گهرو زندگي:
هن جون چار شاديون ٿيون. 93 سالن جو صحيح سالم ۽ صحتمند بدن جو ڌڻي آهي، کيس 6 پٽ ۽ 11 نياڻيون آهن، جن کي تعليم سان سينگاريائين. سندس ٻه پٽ مسٽر غلام قادر ۽ مسٽر غلام حسين 20 گريڊ ٿي رسي نوڪرين کان فارغ رهي چڪا آهن، ترتيب وار سندس فرزندن جا نالا آهن:
1- مسٽر نبي ڀٽو ماکڻي
2- مسٽر غلام قادر ڀٽو ماکڻي
3- مسٽر غلام الله ڀٽو ماکڻي
4- مسٽر غلام حسين ڀٽو ماکڻي
5- مسٽر ممتاز ڀٽو ماکڻي
6- مسٽر گل حسن ڀٽو ماکڻي
محترم سيٺ محمد عرس کي 26 پوٽا، 19 پوٽيون، 16 پڙپوٽا ۽ 16 پڙ پوٽيون آهن. وڏن جي مليل زمين 25 جريبن کي وڌائي 700 آباد جريب زمين تيار ڪري ويو آهي.
1) زمين پلاٽ، جايون ۽ دوڪانداري جا ڌنڌا ڪندو رهيو. زمين، پلاٽ ۽ جايون ڳنهڻ ۽ نيڪال ڪرڻ جي وهنوار ۾ هن جو اهم ذوق رهيو. اهڙي ڏيتي ليتي ۾ هن جي ڪارپت ڏاڍي صاف سٿري رهي. ڪنهن کان به زمين جاءِ يا پلاٽ خريد ڪري ورتائين. ان حالت ۾ وڪرو ڪندڙ پنهنجي سودي ۾ پريشان ٿي. هن ڏانهن سودي جي موٽ لاءِ ميڙ منٿ ڪيائين ته محمد عرس سودي کي مورڳي حالت ۾ واپس ڪري ڇڏيندو هو. جيڪڏهن وڪرو ڪندڙ ڌر خوددار هوندي سيٺ محمد عرس کي وهنوار ڪيل جائيداد واپسي لاءِ چوندي هئي ته معمولي نفعي تي ڪيل واپار کي موٽائي ڇڏيندو هو. اهڙي مٽ سٽ ۾ کل خوشيءَ کان ڪم وٺندو هو. ڪس ڪسر کائڻ ۾ پنهنجي تر ۾ گهڻو هاڪارو رهيو آهي.
2) دوڪانداري جي وکر وهائڻ لاءِ سکر ڪرانا بازار مان هڪ دوڪاندار کان 150 ڳاڙهن مرچن جون ٻوريون ورتائين، گهڻي گراهڪي جي تڙ ڀيڙ جي ڪري واپاري ڀل ۾ چيرو اڌ رقم لکي، باقي اڌ رقم تان هٿ کڻي ويو. محمد عرس چيرو پڙهي، واپاري جي اڌ رقم پاڻ ڏي ڪري، دوڪاندار کي چيائين ته چيرو سنڀال منهنجا ڏوڪڙ توڏانهن ٿيندا. اهي واپس ڪر، واپاري مودين جي سوڙهه ڏسي هن کان اڌ ڪلاڪ جي مهلت ورتي، فارغ ٿي چيرو چيڪ ڪيائين، جنهن ۾ پنهنجي ڪيل ڀل پٽاندڙ وڃايل رقم ترندي ڏسي دڪان جي دخل تان لهي، پاڙيوارا سڀ دوڪان گڏ ڪري کين ٻڌايائين ته هي گراهڪ مونکي وڃايل ناڻو زوري واپس ڪري رهيو آهي. اهڙي ريت کيس پورو بل خوشيءَ سان ادا ڪري هليو آيس. 12 ڏينهن بعد وري سکر ساڳي بازار مان هن وٽان گذر ٿيو، مون کي ڏسي ڀڄندو آيو، آڇ ڪيائين ته گهڙي کن مون سان ويهه ۽ بوتل پيءُ، کيس چيم ته بل ادائي جو عيوض صحيح ادا ڪرڻ منهنجو فرض هو ۽ تنهنجو حق هو، تو مٿان منهنجو ڪو به ٿورو ناهي. مان ان حالت ۾ بوتل پَٽي نه پيئندس. ائين چئي موڪلائي هليو ويس.
3) منهنجي دوڪان وٽان رمضان لٻاڻي جو لنگهڻ ٿيو، هن جي قميص ليڙان ليڙان، پوتڙو ڦاٽل اڳڙيون اڳڙيون ۽ اهي ڳنڍيون ڏنل، مٿي سان رومال کٿل ۽ ٽٽل هو. کيس ڏسي دل درد سان ڀرجي وئي. هن کي محبت ڀري آڇ ڪئي ته هڪ گهڙي مون وٽ رهي رهاڻ ڪر، هن رحم ڀري موٽ ۾ چيو، پوک ۾ پاڻي جو سماءَ رکي هڪ پلڪ ۾ واپس اچي ڪچهري ڪريون ٿا، درزي دوڪان تي رکيل هو، رمضان جي پٺيرڪي ٿيڻ سان درزي ڏي هن ڏانهن ڏسڻ جو اشارو ڪيو، انهيءَ ويل قميص جو ڪپڙو درزي کي ڏيئي قميص سلائيءَ لاءِ ڦوڪ ڏني، جنهن گهڙي ۾ قميص سان جادو ڪيو، هاڻي لٻاڻي کي اچڻ وڃڻ ۽ پوکي ڏسڻ ۾ ٿورو وقت لڳو جيئن هو ويٺو ته مان گهران هڪ وڏو ٿالهه چانورن جو ٺاهوڪو ڀت ڏَني ڪَني آڻي اڳيان رکيو، هن به هڪ ساهي سان سڄي ٿالهه جو ڪم لاهي ورتو، ٿانوَ ۾ هڪ چانور به نالي ڪاڻ نه رهايائين. ان کان پوءِ کيس نڪور قميص، پوتڙو ۽ رومال مٿي سان ڍڪائي، گهر ڏانهن راهي ڪيم، جهڙي مون کي سرهائي رسي ان کان چؤڻ لٻاڻي کي پهتي، هو ڏاڍو ٽڙندو ۽ ٻهڪندو هليو ويو.
4) بچل ڀٽو منهنجو قرضي هو، جيڪو پوکي راهي ۽ مال ڌاريندو هو، مينهن جو مکڻ مون کي وڪرو ڪندو هو، اڳ کاڌي ۾ ڏوڪڙ وٺندو هو، سندس مينهون وهڪي ويون. هن ڏانهن ڏوڪڙ رهجي ويا، هڪ ڏينهن ڪلهي تي ڳوڻ کنيون صبح ڌاري اچي دوڪان تي سهڙيو، پهچڻ سان چيائين چانور وٺي ڏي، ڪپڙي جا گراهڪ خريداري ڪري رهيا هئا. مان ڏاڍو رُڌل هوس، هن کي چيم ته ادا سڀاڻي چانور وٺي ڏيندس، ائين چوڻ تي هو گارين ۾ مڇرجي هڪ سرٽو کڻي مون مٿان ڪاهي پيو ته اجهو ٿو توکي پورو ڪريان. مان هڪ دم گراهڪن کي هٿ جوڙ ڪري دوڪان کان ٻاهر ڪري دوڪان سوگهو ڪيم، پوءِ هن کي نواب مهاجر چانورن واپاري کان ڳوڻ ۾ چانور وٺي ڏنا، بعد ۾ گڏجي ساڳي گهٽي سان پنهنجن گهرن ڏانهن گڏ هلياسون. لاڙي تي هر هڪ کي جدا ٿي پنهنجن ٿاڪن تي ٿانيڪو ٿيڻو هو، ايتري ۾ هن چانور لاهي مون ڏانهن آيو. وڏي پڇتاءَ ۽ زاري سان ڏوهه باس ڪندي چيائين ته گهر ۾ اَنُ نه هئڻ ڪري ديڳڙو پاڻي جو چاڙهي ٻارن کي جڙتو ڀت جا دلاسا ڏناسون اجهو ڀت تيار ٿيو، پر زارو زار روئڻ ۽ زمين تي ليٿڙڻ لڳا، ان حالت ۾ مان تنهنجي دوڪان تان سڀاڻي چانور ملڻ جو ٻڌي عقل وڃائي، تو وڙائتي ماڻهوءَ مٿان هلان ڪري گاريون ڏنيون، توکي جس آفرين جو بي بها وڙ ڪري منهنجي ٻارن کي موت کان بچايو، اهو ٻڌي مان بچل کان معافيون وٺڻ شروع ڪيون ته اهڙي ڀوائتي لوڙ ۾ مان توکي ڪم نه پئي آيس، ان لاءِ منهنجي آزي نيازي قبول ڪر، مهرباني ڪري، مونکي معافي ڏئي. اهڙي ريت هڪ ٻئي کي منت سماجت ڪندي هڪ ٻئي کي ڇڏ ڇوٽ ڪري ڀاڪر پائي جدا ٿياسون.
5) ماستر محمد ايوب ميراڻي بنگلديري ۾ هڪ ساهيٽو ماڻهو هو، جنهن جي گهر مان رات جي وڳڙي ۾ چوري ٿي وئي، سندس گهر جو الهه تلهه ٻهاري ويا. 1942ع جو وقت هو، هن ٿاڻي تي بنا نالي فرياد داخل ڪرائي، پوليس جاچ ڪئي، چوري هٿ نه پئي لڳي، پوليس ڊپٽي ڪليڪٽر لاڙڪاڻي جي حڪم تي ڳوٺ مان هڪ سئو ماڻهن کي گهرائي، قطار ۾ بيهاريو، هر هڪ کي آفيس ۾ گهرئي ڪلام پاڪ تي هٿ رکائي ڏوهه باس پئي ڪرائي، جڏهن سيٺ محمد عرس جو وارو آيو ته هن پنهنجي ڀاءُ غلام رسول ۽ پنهنجي ناٺي مٿان ڀڪ اڇلي، ان ٻڌڻ سان ڊپٽي ڪليڪٽر کان شرڪ نڪري ويو، ڏوهي هٿ ٿيڻ سان وڏي واڪي چيائين ته ”هڪ سچار جي صدقي بخشش قطار!“ جيڪڏهن چوري نه ڀلي ها ته 100 ماڻهن کي 110 قلم ڏسڻو پوي ها. چوري حقدار کي پلئه پئي، چورن کي آجائي ڀاڳين پئي. بنگلديرائي ڀٽا برادري اڻونڊائپ جو انگ ونڊي سيٺ محمد عرس کي ڪيترن سالن تائين پنهنجي ڀونڊي ڀائپي مان ڪڍي ڇڏيو، هو ڀٽا سنگت کان ته نرهه رهيو پر حق سچ جو سدائين ساٿاري ۽ واهيرو رهيو.
6) 1958ع ڌاري دڳ ويندي ڪي شاهينگ بنگلديري جي ڪپڙي جي دوڪان مٿان ڏينهن ڏٺي جو ڪپڙو ڦرڻ لڳا. دوڪاندار هاءِ گهوڙا ۽ ڦر ڦر دانهون ڪوڪون ڪيون، رڙين ۽ واڪن تي ڳوٺاڻا پهتو پهتو، وارو ڙي وارو جا ڪوڪرا ڪندا اوڦٽو ڦورن جي ڪڍ لڳا، هر هڪ ڦورو پنهنجي منهن ڀڳو، هڪ لُٽيري کي گل حسن ڪِلو ٺوڪي پورو ڪري ڇڏيو. ڦورن فرياد ڪري، بگلديرائين کي سوگهو ڪرايو. ڦورو اجنبي هئڻ ڪري بنگلديرائين کان سونهان نه هئا. ان ڪري پوليس ايس پي مسٽر عنايت الله خان ابڙو (سانگي) جي جاچ ۽ نگرانيءَ ۾ سڃاڻپ جي جاچ هلي. ڦريل دوڪان جي ڀرسان سيٺ محمد عرس ڀٽي جي دوڪان به هو، پر ان ڏينهن هو ڪنهن ڪم سانگي دوڪان تي حاضر نه ٿو. دوڪان بند هو. پوءِ به پوليس هن کي به جاچ قطار ۾ رکي سڃاڻپ ڪرائي، فريادي ڳوٺ جي اڻ واقفڪاري جي حالت ۾ قطار مان هلندي بي گناهه محمد عرس کي قطار مان ٻاهر ڪڍي ڏوهي ٺهرايو.
ايس پي عنايت الله بنگلديري ۾ رهي پڙهي ويو هو، هو ذاتي طور تي ڳوٺ وارن کي سڃاڻندو هو. هن محمد عرس کي گهرائي چيو ته مونکي جاچ ڪرائيندي معلوم ٿيو آهي ته تون ته ناحقي ۽ بي ڏوهي آهين، جنهن ماڻهو ماريو آهي، ان جو نالو پڌرو ڪر، هن کيس چيو ته مان ته هن کي اکين سان ماريندي ته ڪو نه ڏٺو، جيئن توهان ٻين کان ٻڌو مان به ٻين کان ٻڌان ٿو. توهان حاڪم پاڻ کي ٻاهر رکو ٿا، پر مون کي فريادي جي چوڻ تي ڦاسايو وڃي ٿو، توهان اختيارن هوندي بي وس ٿا رهو ته مان ته ڪجهه به نه آهيان. اڻ ڏٺل واقعي کي ڏٺل واقعو مان ڪڏهن به پيش نه ڪندس. الله تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي مان اهڙي قسم جي شاهدي نه ڏيندس. مان ڌڻي تعاليٰ تي ڀاڙيان ٿو. ايس پي هن کي چالان ڪرايو، رتيديري سب جج جي ڪورٽ ۾ چالان بعد 11 ڏينهن کان پوءِ آندو ويو، جنهن ڪورٽ هن کي پهرين ڏينهن ئي ڏوهه کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو.
چوٿين شادي جو عجيب واقعو:
اڄ کان اٽڪل پنجٽيهارو سال اڳ ڪٺو ڪيل مال دولت، زر زمين ۽ پلاٽ جايون اولاد ۾ ونڊي ورهائي ڇڏيون. هٿين خالي، موج جلالي ٿي رهيس.
بنگلديري ۾ بلوچستان جا ماڻهو سردين جو ڪمائڻ ايندا هئا، جن جي سهڪار، مدد ۽ سهارو محمد عرس هوندو هو. سال بسال اهڙن ماڻهن جو مرڪزي ڀرجهلو ۽ ٽيڪو ڏيندڙ مکڻ ماڻهو ماکڻي ڀٽو رهندو رهو. هن وقت کان ٽيهارو روهيه اڳ جو قصو آهي ته بلوچستان کان هڪ نوجوان عورت پنهنجو پهريٺي پٽ ڪڇڙ تي کڻي، پڇاڪندي اچي مون وٽ سهڙي، جنهن چيو ته منهنجو گهروارو فوت ٿي ويو، جيڪو تنهنجي سخاوت، سلڇڻائپجي ساراهه ڪندو رهندو هو، تنهن ڪري توسان شادي ڪرڻ گهران ٿي، انهيءَ ماجرا ٻڌڻ کانپوءِ هن سان مان ٽن گهروارين ۽ وڏي ڪڙم قبيلي جي ونڌ ڪيم. پوءِ وري وڏي عمر جي ڪٿا سڻايم ته پوءِ چوٿين شادي ڪهڙي راهه ڪريان، پڇاڙي ۾ هوءَ هوڏ تي بيٺي رهي.
مذڪور هٺ ڏسي، کيس چيم ته بنگلديري ڀرسان سندس قبيلي جا بلوچستاني دائمي ٿاڪ ڪري ويٺل آهن، انهن مان مهانڊا ۽ ماڻپي وارا ماڻهو شادي جي اجازت ڏين ته پوءِ مان سوچ ويچار کي ڪم آڻيندس. هوءَ پنهنجي ذات وارن ڏانهن وئي، هفتي ٻن کانپوءِ انهن چڱ مڙسن کي ڪيئن به ڪري راضي رکي آئي، جن يڪراءِ ٿي مون وٽ هائوڪار ڪئي. پڇاڙي ۾ مان هن کي اهو به مڃايو ته ڳوٺ جي ملا نڪاح واري ڏانهن به تون پنڌ ڪر ۽ کيس مون وٽ وٺي اچ، هن ائين ڪيو. ملا صاحب آيو، جنهن کان مان پڇا ڪئي جنهن عورت جي رام ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي.
مٿين وستار هلندي، مان پنهنجي ڪٽنب جي مردن ۽ گهر ڌياڻين کي هن واقعاتي ورتا ۽ وستار کان نه رڳو سڌ وارو رکيو، پر شادي جي يڪراءِ نبيري جي نڇيڙي به لاڀ واري ڪري ڇڏي هئي. ان ريت جي پٽاڻ پٽاندڙ پنهنجا ننڍا وڏا ۽ ڀائپي ڪٺو ڪري نڪاح ڪري شادي ڪئي.
نئين سر وڻج واپار ڪري جدا نڪور الڳ ٿاڪ ٺاهيو، چوٿين گهرواريءَ مان ٽي نياڻيون پيدا ٿيون. اڳ ڄائو به ان گهر ۾ گڏ رهندو اچي ٿو، هن کي پهرين شادي ڪرائي، جنهن مان چار ٻار ٿيا، وري هن ٻي شادي پنهنجي راءِ ساٿ سان ڪئي. اهڙي ريت هن مڪان ۾ اڳ ڄائو ۽ چوٿين گهرواري ۽ ٻنهي جا ٻار جملي 12 ڀاتي منهنجي نئين سر نئين ڪمائي تي هلندا آهن، منهنجي بئنڪ بچت ايتري ته آهي جو هي چوٿون گهاٽ مزي ۽ محبت سان هلندو رهي ٿو، جنهن جي گهرو وهنوار ۾ ڪا به لچي نه ايندي.
کارائڻ پيارڻ آ عجب دلبري:
مکڻ جي واپار ۾ سيٺ محمد عرس ڀٽو جي ايتري ته هاڪارائپ رهي جو بنگلديري جا ماڻهو هن جي پوري خاندان کي ماکڻي گهراڻو چوندا رهندا آهن.
دوڪانداري جي وقت ماني کارائڻ ۾ گهڻو پڌر پيل رهيو آهي، گرمي سردي ۾ سندس چوڻ پٽاندڙ صبح جو هڪ يا وڌيڪ مهمان اچي نڪتا ته کين نيرن ۾ مکڻ سان مکيل چانورن جون اڇيون وڏي گول گهيري واريون مانيون مٿن مکڻ جا چاڻا رکيا ويندا هئا، سڻب جي ڪري هڪ هڪ ماني جا ننڍا ڀاڱا به مهمان ڇڏائي نه سگهندا هئا. ورائي جو لسي جا وٽا منهن تي چاڙهي، وڏو چڙهه ڪري اوڳرايون ڏيندا رهند اهئا. ڪڏهن نيرن تي مهماني ۾ بسريون مکڻ ڳڙ سان چڪڙ ٿيل ملودا يا سيون کنڊ ۽ مکڻ سان ريڳڙ ٿيل يا حلوو ڍاڪئن ۾ ڍڪيل مهمان جي مان ۾ پيش ٿيندا رهندا هئا. رڳو ٿانءَ کولڻ ۽ ڏسڻ سان کائڻ وارن جي دل ۽ دماغ تر ٿيو وڃي، ناشتي ڪرڻ تائين کائيندڙ جي ڌيان تان دنيا جهان جا وڳوڙ ۽ ولوڙ ئي ٽريو وڃن.
سردين جي مانجهاندي ۾ سايون ڀاڄيون، پلي، ساڳ جو ٻوڙ وغيره ٿوم جي رائي ڏنل. منجهنس جهجهو مکڻ پيل ان سان گڏ چانورن جون مانيون مکڻ سان جهپيل کائيندڙن جو آڏو رکيون وينديون هيون، ورلي ورلي ماهه ۽ مڇي به مهمان جي رونق بڻجي وينديون هيون يا سڳداسي چانور هٻڪار وارا، تريل سوڪ پٽاٽا ۽ کنڊ مٺائي سان کارايا ويندا هئا. چانورن جي کائڻ کانپوءِ ٿالهين جي تري ۾ گيهه جو ريٻڙو رهيو ويندو هو، لسي لوڻي وڏي ذوق سان ڪم آندي ويندي هئي. هڪ واري مهمان کائڻ کانپوءِ سيٺ محمد عرس ڀٽو ماکڻي کي مهمان آخري دم تائين ياد رکندا هئا.
مولانا عبدالله لاکو:
سندس والد جو نالو مولوي عبدالرحيم ۽ ڏاڏو مولوي غلام محمد لاکو، سندن ٽي پيڙهيون ديني عالم ٿيا، اصل ڳوٺ باگڙجي، تعلقو سکر، جتي 1277هه برابر 1860ع ۾ پيدا ٿيو، ننڍائيءَ ۾ والد جي سائي پدري کان نره رهيو، پرائمري اسڪول باگڙجيءَ ۾ پنج درجا پورا ڪري، ديني علوم لاءِ مدرسي جيئڻ ابڙي، تعلقي قمبر ۾ 1302هه برابر 1884ع ڌاري مولانا محمد اسماعيل ميمڻ وٽ تحصيل ڪيائين.
ديني علوم جي سند کان پوءِ 1885ع ۾ بنگل ديري جي زميندار يار محمد سومري علم دوست جي ڪوٺ تي اچي مدرسو بنگل ديرو کوليائين، مولانا لاکي صاحب جي خاندان جي رهائش ۽ خرچ زميندار مٿان مقرر ٿيو، طالبن جي کاڌ خوراڪ وغيره ۾ ڳوٺ وارا ڀائيوار رهيا، 47 ورهيه ديني تعليم جي عمل کي جاري رکيائين، جنهن مان ڪيترائي عالم فيض ياب ٿيا، جن مان مولانا مير محمد نورنگي ۽ مولانا عبدالڪريم ڪُورائي ڪٽبار سنڌ سطح تي نروار رهيا، سندس ڀائيٽو مولانا شفيع محمد ولد مولوي غلام حسين بنگل ديري مدرسي جو تحصيل يافته ڪراچي شهر مان اخبار ”حيات“ ۽ ”رسالو مجاهد“ ڪڍيو. مجاهد رسالو اردو، پارسي، عربي ۽ سنڌي ٻولين ۾ ظاهر ڪيائين، هو وقت جو وڏو صحافي ٿي گذريو، سندس جنم 1905 ۽ وفات 1940ع ۾ ٿي، هتي جي شاگردن مان مولوي فيض محمد تونيي ميرو خاني استاد لاکي صاحب جي رهبري ۾ ”طب اڪبري“ پارسي جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري ان مٿان .تحفة الحڪماءَ“ نالو رکيو، مولانا عبدالله لاکو صاحب 20 اپريل 1932ع تي وفات بنگل ديري ۾ ڪري چڪو.
خلافت تحريڪ جو سرگرم رڪن رهيو، پر هجرت تحريڪ جو سخت مخالف ٿي رهيو.
مولوي غلام يحيٰ لاکو:
سندس والد گهڻو مشهور عبدالله لاکو وڏو عالم ٿي گذريو، جنهن جو درس تدريس بنگل ديرو ڳوٺ هو، جتي 1912ع ۾ پيدا ٿيو.
مذڪور درسگاهه ۾ مولوي غلام يحيٰ تربيت وٺي، والد جي رهبريءَ هيٺ فيض ۽ فضيلت سان سند يافته ٿيو، هي سوشل ورڪر ۽ مسلم ليگ قاضي فضل الله جي ڌڙي جو سرگرم رڪن هو، 1936ع کان مسلم ليگ جو حمايتي رهندو، بنگلديري ۾ هندو وڏي اثر وارا ۽ علم دوست هئا، جن 1916ع ۾ پنهنجي ڳوٺ اندر اي وي اسڪول جو بنياد رکيو، ملڪي ورهاڱي کان پوءِ هندو هتان هليا ويا، ان ڪري اي وي اسڪول بنگل ديري جي سنڀال مولوي غلام يحيٰ پاڻ تي رکي، اڳتي هلي ان اداري کي 1958ع ۾ قاضي فضل الله جي مدد سان هاءِ اسڪول جو درجو ڏياريو، ساڳئي نموني تعليم جي ميدان ۾ پبلڪ اسڪول جناح باغ ۾ تيار ڪرائڻ ۾ قاضي فضل الله، عبدالغفور ڀرڳڙي صاحبان سان گڏ هن جو به اهم ڪردار رهيو، هفتيوار اخبار انصاف لاڙڪاڻو مٿين ساٿين جي ساٿ سان لاڙڪاڻي مان ڪڍيائين.
جڏهن پيپلز پارٽي ميدان تي آئي، ته مسلم ليگ وڃي ٻڙيءَ تي پهتي، ان حالتن کي ڏسندي مولوي غلام يحيٰ مسلم ليگ ۾ 33 سال ڪم ڪندي، نئين بيداريءَ ڏينهن رخ ڪري ورتائين، ساڳي وقت ڀٽو شهيد ڳڙهي خدا بخش جو رهاڪو هو، جيڪو بنگل ديري کي نهايت ويجهڙو پوي ٿو، ان سببن جي ڪري پ پ ۾ شامل ٿي ويو، 1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي سهڪار سان رتي ديري ترقياتي پروگرام جو چيئرمين ٿيو، جڏهن کان شگرمل نئون ديرو وجود ۾ آئي، تڏهن کان ملازم ٿي رهيو.
مولانا محمد وارث ڀٽو:
سندس والد والي ڏنو ڀٽو بنگل ديري ۾ 1877ع ۾ پيدا ٿيو، پارسي ۽ ڪجهه عربي مدرسي بنگل ديري ۾ پڙهيو، اعليٰ تعليم مدرسي رتي ديري ۾ مولانا عبدالله نوناري جي رهبريءَ ۾ پوري ڪري ورتائين.
تعليم جي فراغت کان پوءِ 1913ع ۾ بنگل ديري ۾ ملا مڪتب گرانٽ تي هلائڻ شروع ڪري ڏنائين، حرمين شريفين جي زيارت بعد مڪتب کي 1918ع ۾ بند ڪري، خانگي ديني مدرسو قائم ڪيو، 1977ع ۾ وفات ڪري ويو.
مولانا سراج احمد ڀٽو:
مولانا محمد وارث کي 1918ع ۾ فرزند عطا ٿيو، پارسي تعليم ۽ ڪجهه عربي پنهنجي والد جي سائي ۾ پرائي، ان پڄاڻا مدرسي چنگل تعلقي رتي ديري ۾ پڙهيو، بقايا علوم مدرسي ميرپور ڀٽي ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾ پورو ڪيائين.
تعليم جي فراغت کان پوءِ مدرسي بنگل ديري ۾ پنهنجي والد جي پڙهائيءَ ۾ مدد ڪندو رهندو هو، سندس والد 1977ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، تنهن بعد مولانا سراج احمد حڪمت تي زور ڏنو.