وليد ڳوٺ
آڳاٽي سمي گهاڙ واهه ۽ قنبر لاڙڪاڻي شاهراهه جي وچ تي هي وسندڙ ڳوٺ، وليد نالي هڪ ڪلهوڙي ذات جي ٻڌايو، اڳ عام رستي تي وسندي هئڻ ڪري ڦريون ڌاڙا ۽ راتاهه لڳندا هئا، ته وسنديون ۽ واهڻ ويران ٿي ويندا هئا، هاڃيڪار ڪاررواين کان اهڙن ڳوٺن جو سک ۽ سلامتي ڦٽل هوندي هئي، ان ڪري هن ڳوٺ وارن لڏ پٽي، گهاڙ جو ڏاکڻو پاسو ڦٽو ڪري، بنهه سامهون گهاڙ جي اترين ڀرتي وسندي وسايائون، جنهن نئين بيهڪ تي هي ڳوٺ اڃا جاري ساري آهي.
سکر بئراج کان اڳ ۾ گهاڙ جي وسيلي واپار هلندو هو، ان سمي وليد اناج جي منڊي هئڻ ڪري واپاري هلچل مان پورو ڦل وٺندو هو، ڳوٺ ۾ جهجها هندو رهندا هئا. ()
هاڻوڪي وليد وٽ گهاڙ واهه کي گولائيءَ تي وڪڙ هو، ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ ڊاڪٽر اشرف عباسي جي ذاتي جاکوڙ سان ور کي ڪڍي سڌو ڪيو ويو، انهي ڦٽل وڪڙ جي پيٽ ۽ ڪڙن تي هڪ نئون محلو سندس پٽ منور علي عباسي جي نالي تي منور آباد تيار ڪيو ويو، اڳي دور ۾ ابو الظهبي جي حاڪم ابو زيد بن النهان جي سهڪار سان منور آباد جي اتر ۽ وليدن جي اوڀر ۾ زيد ڪالوني اڏائي وئي، اهڙين اڏاوتن کان پوءِ وليد کي لاڙڪاڻي شهر سان ڳنڍيو ويو، هاڻي وليد ڳوٺ مان نڪري شهري آبادي جو هڪ ويڪرو ڀاڱو ٿي اڀريو.
ذاتيون:
ڪلهوڙا، ڪوري، ڪنڀر، قريشي، ڪاسائي، سيد، سانگي، ايترا، چنا، لنگها، ڊکڻ، کٽي، شيخ، شيدي، هرياهه، ڳچل، ماڇي، مهيسر، مڪول، ميراثي، مير بحر، مهاجر، گهڻائي به ڪلهوڙا ذات آهي.
ڳوٺ جون سياسي شخصيتون:
ڊاڪٽر اشرف عباسي، حاجي منور علي عباسي، ۽ ڊاڪٽر صفدر علي عباسي سنڌ پاڪستان ۾ گهڻو هاڪارا آهن.