ڪلهوڙا دور جي غلط تاريخي ماڳ “دهر” جي درستي
سنڌ ۾ هندو گهراڻي کان پوءِ گهڻو ڪري، سنڌ جي گادي هيٺين سنڌ جي شهرن ۾ رهندي آئي آهي، ان ڪري تاريخدان ۽ ليکڪ به لاڙ سان سلهاڙيل رهيا، جن سنڌ جي تاريخ ۾ اتر سنڌ جي ماڳن، مڪانن، ٿاڪن ۽ ٿاڻن جي اپٽار ڪئي آهي، اهڙي وستار ۾ سري جي شهرن جا نالا اڌورا ۽ اڻ پورا لکي ويا آهن، مؤرخ مقرر مقام ڏسي نه سگهيا آهن، يا هڪ هنڌ ويٺي تاريخ لکي ۽ سموهي ويا، جن جا ٻه ڪارڻ ٿي سگهن ٿا.
(1) ليکڪ هن ڏيهه جا رهاڪو نه هئا.
(2) لکت سنڌيءَ بدران عربي ۽ پارسيءَ ۾ هئي.
مٿين ڪارڻن جي ڪري ڪلهوڙا دور جي تاريخ نويس جناب غلام رسول مهر صاحب ڪلهوڙا تاريخ پارسيءَ تان نقل ڪندي اردوءَ ۾ لکي آهي، اتر سنڌ جي شهر ويهڙ کي ”دهر“ لکيو آهي، ڇو ته پارسيءَ وارن خود ساڳي ”دهر“ جي صورتخطي ڪم آندي آهي، فاضل ليکڪ جي اردو تاريخ کي سنڌي ترجمان به ترجمو ڪندي ساڳيو بيان ڪيو آهي، پوءِ به هن هنڌ کي موصوف مؤرخ تحقيق طلب چئي ڇڏيو آهي، انهيءَ ماڳ کي پڙهندي، هي لفظ پروڙ جي دائري ۾ هورا کورا جو ڪارڻ بڻجي ويو. جنهن کي ڳچ سمي تائين پرکي ۽ پروڙي پارکو ساٿين آڏو پيش ڪجي ٿو.
سنڌ جي گاديءَ ڌڻي ڪلهوڙا حاڪم ميان نورمحمد جي خلاف سندس ننڍي ڀاءُ ميان دائود بغاوت ڪئي، ميان نور محمد فساد کي ٽارڻ لاءِ درياءَ جي وسيلي خدا آباد کان ويهڙ بندر تي لنگر هنيو، جيڪو هٽڙي شهر کان برابر اٺ ڪوهه پري هو، جنهن جڳهه جي لاءِ معزز تاريخدان مهر صاحب تاريخ ڪلهوڙا جي جلد اول، صفحي 357 ۾ ميان نور محمد جي زباني بيان ڪري ٿو:
‘‘اس اثنا میں بھائی نے گزر گاہوں پر مورچہ بندی کرلی، توبیں لگادیں اور چند بے سروپا آدمیوں کی لاف و گراف کی بنا پر دور اندیشی کو خیرآباد کہہ دیا۔ جب میں مورچہ بندی کے مقام سے تین کوس پہ پہنچا اور یہ مقام ھٹری سے کوئی آٹھ کوس ہوگا۔’’(ص۔۲)
حقيقت ۾ هٽڙيءَ جي چوپاسي اٺن ڪوهن واري پنڌ تي اهڙو دريائي بندر وارو وڏو شهر ويهڙ کان سواءِ ڪو به نه آهي، نه وري اڳي هو، جيڪڏهن ٻيا سوئي وغيره بندر رهيا آهن ته اهي وري هٽڙي شهر جي حدن تائين گهٽ مفاصلو رکن ٿا، ٻي حالت ۾ دهر جي حقيقي لفظي ساخت سان به ويهڙ جي صورتخطي ملي سگهي ٿي، ان ڪري بهتر ٿيندو ته هن ڳجهارت کي حل ڪرڻ ۽ ويڃائڻ جو ويچار ڪجي، ته جيئن دانشور دوست صحيح نبيري ڪرڻ ۾ پڻ سهائتا ڪن، ڦڏي کي دور ڪرڻ لاءِ ويهڙ کان هٽڙي تائين 16 ميلن جي اندر ڪچي جي وسندڙ واهڻن کي لکجي، ته جيئن هيٺين ڳوٺن ۽ واهڻن جي صورتخطي کي ڀلي ڀت ڀيٽي سگهجي:
ويهڙ ڳوٺ، سوئي چنا ڳوٺ، راوت کيڙو ڳوٺ، کچي ڳوٺ، ٻه ٽڳڙ ڳوٺ، عبدالستار مهر ڳوٺ، ڀاڳت ڳوٺ، ملاحن جو ڳوٺ، ٻڍل جوڻيجو ڳوٺ، سونهارو گاڏهي ڳوٺ، دوسو ڪلهوڙو ڳوٺ، احمد ڪلهوڙو ڳوٺ، شهڪاڻي ڳوٺ، جمن ڪلهوڙو ڳوٺ، ڪمال ڪلهوڙو ڳوٺ، هاشم ڪلهوڙو ڳوٺ، وارث ڪلهوڙو ڳوٺ، نانگو شاهه ڳوٺ، خچر پور ڳوٺ، چڪرو ڳوٺ، جمالي ڳوٺ، عمراڻي ڳوٺ، فتح پور ڳوٺ، مٺو آريجو ڳوٺ، علي خان گبول ڳوٺ، چانڊين جا گهر، جيئند ڪلو ڳوٺ، موسو اعواڻ ڳوٺ، امام بخش ملاح ڳوٺ، ماستر عيسيٰ بهڻ ڳوٺ، ڪانورپور ڳوٺ، ڍنڍ ڀر ڳوٺ، مسڻ واهڻ ڳوٺ، ڪريم بخش چنو ڳوٺ، گڏ پراڻي ڳوٺ، هڪڙا ڳوٺ، هليا ڳوٺ، کوهارا ڳوٺ، ڊٻائي ٻرڙا ڳوٺ، گولاڻي ٻرڙا ڳوٺ، ڪريم بخش ٻرڙو ڳوٺ، مراد ٻرڙو ڳوٺ، جواڻ ٻرڙو ڳوٺ، صدر الدين ٻرڙو ڳوٺ، محراب ٻرڙو ڳوٺ، منڌو ٻرڙو ڳوٺ، نهال ٻرڙو ڳوٺ، شريف چنا ڳوٺ، گهرام چنو ڳوٺ، شفيع جو ڳوٺ، علي جتوئي ڳوٺ، سهڻو جتوئي ڳوٺ، ٻڍو جتوئي ڳوٺ، مرچ جتوئي ڳوٺ، سونو جتوئي ڳوٺ، نهال جتوئي ڳوٺ، علي شير جتوئي ڳوٺ، سهڙا ڳوٺ، پراڻو آباد ڳوٺ، حيات خان ممڻاڻي ڳوٺ، عاقل مڱڻيجو ڳوٺ، ميمڻن جو ڳوٺ، شهيدن جو ڳوٺ، مڱريا ڳوٺ ۽ هٽڙي ڳوٺ.
مٿين ڳوٺاڻي وچور کان پوءِ اصلي ماڳ کي هٿ ڪرڻ واري ڳجهارت جي ڳجهه کي پڌري پٽ آڻڻ جي جاکوڙ ڪجي ٿي:
”دهر“ لفظ کي ويهڙ سان ملائي ۽ ڀيٽي سگهجي ٿو، جيئن ته هن لفظ ۾ ٽي اکر آهن، اهڙو ٽن اکرن وارو ڳوٺ، جيڪو سنڌو درياءَ تي وسندو هجي، سو وٿاڻ هٽڙي ڳوٺ جي چئن ڪنڊن ۾ 16 ميلن جي اندر وجود ئي نٿو رکي، پارسي ۽ اردو ليکڪن”دهر“ مقام جي نشاندهي ڪئي، مٿي بحث ڪيل ماڳ جي اڳيان اکر ”د“ کي جيڪڏهن ڇڏي ڏيڻو پوي، ته ساڳي لفظ جو پويون ڀاڱو ٻن اکرن وارو ”هر“ لفظ وڃي رهندو، جنهن کي اچارڻ ورجائڻ سان پڻ ساڳي ساخت ۾ ڪيترا لفظ جڙي پوندا، جيئن مقصد حاصل ڪرڻ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ اصلي لفظ جي صحت ۽ شڪل جي اڳيان اکر ”د“ اچي ٿو، پر جيڪڏهن انهيءَ پهرين اکر ”د“ جي پويان هڪ فرضي اکر ”ي“ رکجي، ته لفظ ٺهي پوندو ”دي“، انهي نئين تيار ٿيل ”دي“ جڏهن ”هر“ لفظ جي منڍ ۾ آڻي ملائبو ته دي+هر= ”ديهر“ جڙي پوندو، ديهر جي نالي سان به هٽڙي جي وسندي حدن ۾ ڳوٺ نه آهي، پر جيڪڏهن ”د“ اکر کي مذڪور لفظ مان هٽائي ان جي جاءِ تي ”و“ اکر کي آڻبو ته لفظ راس ٿيندو ”ويهڙ“ اهڙيءَ ريت ساڳي لفظ جي آخري اکر جي ”ر“ کي به ”ڙ“ ۾ مٽائبو، ته لفظ ”ويهڙ“ ٿي پوندو، جنهن جي نڪري اچڻ سان نه رڳو مٿين صدين جي ڳجهارت ڀڄي پوندي ۽ حل ٿيندي، پر ساڳي وجود وارو لفظ پوريءَ سنڌ ۾ نشانبر ۽ هٽڙي جي دائري ۾ وڏي ڪڙيءَ ۽ حيثيت وارو دريائي بندر/پتڻ ۽ شهر مشهور آهي، جنهن جي معنيٰ ۽ مطلب ڪيترن ڏسين پڻ پڌرو آهي، جيئن ته ”دهر“ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ۽ مقصد هيٺ ڏجي ٿو:
(1) دهر= دنيا، زمانو، وقت
(2) دهر= مدت العمر
(3) دهر= قسمت، نصيب
(4) دهر= اتفاق، بدقسمتي، مصيبت، خطرو وغيره
مٿين دهر جي معنيٰ ”علمي اردو لغت“ (جامع) صفحي 758 ۾ ڏيکاريل آهي، دهر هتي اسم ٿي ڪم آيل آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ هن جو استعمال هر وقت گهٽ ۽ نه جهڙو ٿيو آهي، جڏهن ته ساڳي لفظ جي صفت سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻو پٿريل ۽ وائکي آهي، سنڌي ماڳن ۽ ماڻهن تي دهر نالو نه رهيو آهي، پرهن لفظ جي ڀيٽ ۾ ويهڙ لفظ عام ۽ جام رهيو آهي، جنهن کي ”سنڌي جامع لغات“ جي تشريح سان پنجين جلد جي صفحي 3001 ۾ هن پر پيش ڪجي ٿو:
(1) ويهڙ = ڏوڪري تعلقي جي ديهه جو نالو
(2) ويهڙ = ويهڙون، حد، نشان، ناموس
(3) ويهڙ = ويهڙو ڄائڻ، حد ڪرڻ، نشان ڪرڻ، ناموس ڪرڻ، ضد رکڻ،
لغت جي تشريح کان سواءِ ويهڙ ڪنهن هندو جو نالو (ويهڙمل) به ٿي سگهي ٿو، يا درياءَ جي واهڙ تي ڳوٺ جو نالو واهڙ مان ويهڙ ڳوٺ سڏجڻ ۾ به اچي سگهي ٿو.
ساڳي وقت ويهڙ جو اشتقاق به نڪري ٿو:
ويهڙ: ويءُ+هڙ. ويءُ = چراگاهه، هڙ = سڀ، سمورو، سڀوئي.
ويهڙ = چراگاهه وارو پٽو، سرسبز خطو، ڀاڱو، ٽڪرو، سبز سائو ڳوٺ، شهر، آباديءَ وارو ڳوٺ وغيره.
مٿين مٿاڪٽ ۽ ٽيڪاٽپڻيءَ کان پوءِ ڏسجي ٿو ته ”دهر“ لفظ معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان هٽڙيءَ جي 16 ميلن اندر ڏنل ڳوٺن جي چيري ۾ نٿو اچي سگهي، پر ويهڙ، جيڪو ”دهر“ جي جسم مان ئي ڪڍيو وڃي ٿو، اهو لفظ رکيل معيار تي صحيح ماڳ رسائي ٿو، ويهڙ جي نالي تي اتر سنڌ ۾ ٽي ڳوٺ به آهن، جڏهن ته دهر جي نالي تي سڄي سنڌ اندر ڪٿي به واهڻ، بستي، ڳوٺ، ننگر يا شهر نه آهي، اهڙي ريت ويهڙ ڳوٺ، تعلقي ڏوڪري، تعلقي ميرو خان، ۽ تعلقي سيوهڻ ۾ جدا جدا موجود آهن، جن جو چيرو هيٺ ڏجي ٿو.
(1) پراڻي ويهڙ ڳوٺ:
ڏوڪري تعلقي ۾ گهڻو پڌر پيل آهي، جيڪو هاڻوڪي ويهڙ کان ٽي ميل پري ڳوٺ راوت کيڙي کان پڻ ٽن ميلن تي دريائي ڀر تي وسندڙ، ڏکڻ ۾ سنڌو درياءَ ۽ راوت کيڙو، اولهه اوڀر ۾ ڪچو، ويهڙ ڳوٺ، ديهه، تپو، تعلقو ۽ درياءَ تي پتڻ ٿي گذريو آهي، هن سمي پراڻي ويهڙ درياءَ جي اوڀر پاسي کنڊرات جي شڪل ۾ وکريل آهي، درياءَ هاڻي راوت کيڙي جي ڀرسان وهي ٿو، ويهڙ بندر يا پتڻ اڃا سوڌو راوت کيڙي ڳوٺ جي ڀرپاسي سان پيو سڏجي، ويهڙ جو پهريون دور تعلقي سان، ٻيو تپي سان پڌر پيو، پراڻي ويهڙ جو تپو، يارو لاکير يونين ڪائونسل ۾ آهي، قديم ويهڙ ۾ هندو ۽ ڀاڳت وڏيون ساهيٽيون ذاتيون رهنديون هيون، ٻيون به ڪيتريون ذاتيون چانڊيا، چنا، ماڇي، مڱڻهار به هوندا هئا، جن ۾ جوڻيجا ذات ٽئين نمبر تي هئي، هندو ۽ ڀاڳت هندوستان جي ميرٺ ۽ بمبئي مان مال واپاري، آبي رستي سان سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيندا هئا، سندن ٻيڙا بندر ڀيڙا ٿي، سڪيءَ لڳندا هئا، جتان اندروني سنڌ جا وڻجارا سکر ۽ حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ننگرن ڏانهن سامان نيندا هئا، ويهڙ جا ويڙهيچا وڏا سکر ۽ ساهيٽا رهيا، مُکي هيرو مل ۽ مير محمد ڀاڳت پڻ گهڻا ناميارا ڌنڌي ڌڻي ڄاتا ويندا هئا، ويهڙ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سبب سنڌو درياءَ هو، پر سندس تنزلي ۽ بربادي جو ڪارڻ ساڳيو ذريعو ئي رهيو، ويهڙ ساڳي هنڌ ڪيترا ڀيرا ڊهيو ۽ ٺهيو.
(2) ويهڙ جو نئون ڳوٺ:
ساڳي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ نيٺ درياءَ جي موج ۽ مستيءَ جي ڪري نئين ويهڙ وجود ورتو، 1908ع ڌاري هندو ۽ مسلمانن ويهڙ جي نئين سر جوڙ جوڙي، جنهن ۾ مسلمانن پاران ڇتي ۽ مالهي جوڻيجن ۽ هندن مان مُکي هيري مل پاڻ گهڻو موکيو، موجوده ويهڙ ديهه ٻڍي ديري، تپي ٽاٽري ۽ يونين ڪائونسل دڙا ۾ آهي، سندس اتر ۽ اولهه ۾ ٻيلو، ڏکڻ جهلي بند آهن، وڏو شاهي ڳوٺ، هزارين ماڻهو رهائي ٿو، منجهس پوليس اسٽيشن، بجلي، پرائمري گرلس کان مڊل بوائيز اسڪول آهن.
(3) ويهڙ ڳوٺ تعلقو ميرو خان:
ميرو خان شهر کان پورن چئن ميلن پنڌ تي ويهڙ نالي ڳوٺ هڪ ڍنڍ تي آهي، حقيقت ۾ ويهڙ نالو ڍنڍ جو آهي، جيڪا اوڀر ڏکڻ کان ڏکڻ اولهه ۾ مستطيل شڪل تي 40 ايڪڙن ۾ پکڙيل هئي، 10 فوٽ اونچائي اٿس، منجهس ڪم، ڪوڻيون، لوڙهه، مڇي ۽ پکي جام ٿيندا هئا، هاڻي ذڪر يا سم ڊرين سندس وچان نڪري، کيس اجڙ ڪري ڇڏيو آهي، ڪنهن ٽاڻي هنن وٿاڻن تان سنڌو درياءَ جو گذر ٿيو، جنهن جي چٽائي، واريءَ جا دڙا، ڊٻون ۽ڀتون ڪري رهيا آهن، هيءَ ڍنڍ ، درياءَ جي کاڌ، ڪُنُ يا وير هنيل هئي، ان ڪري هتي جا واسي درياءَ جي وير هنيل ڍنڍ کي وير هڙيا ويهڙ چون ٿا، هن ڍنڍ تي پهرين وسندي هڪ مير بحر رستم جي هئي، جنهن کي رستم جي مياڻي چوندا هئا، هن سمي تي چانڊيا رهن ٿا، جن جي چوڻ مطابق سندن وڏا قائم خان ۽ رحيمداد خان سبي بلوچستان مان لڏي اچي ڍنڍ تي آباد ٿيا، ڍنڍ جي اوڀر ڪپ تي ٻه ڳوٺ قائم خان چانڊيو، جنهن جي آدمشماري 350 ۽ رحيمداد خان چانڊيو ڳوٺ جنهن جي ماڻهن جي ڳڻپ 250 آهي، ڳوٺاڻن ڍنڍ کي لٽي زمين ڪرڻ شروع ڪئي آهي، ويهڙ ڍنڍ هاڻي ڇڙو 12 ايڪڙ والاري ٿي.
(4) ويهڙ ڳوٺ تعلقو سيوهڻ:
چورس نما ڳوٺ، ديهه، تپو ٻنڀو، تعلقو سيوهڻ، ضلعو دادو، دادو ڪئنال جي ڪلهي تي اولهه ۾، اتر کان جهلي بند سان لاڳاپيل ڳوٺ، زرخيز زمين، ٻارهوئي آبادي، روڊ، ٽيليفون، بجلي، پرائمري اسڪول ۽ ديني مدرسو اشرفيا سان سينگاريل چانڊين جي وستي رهي آهي، چيو وڃي ٿو ته سندن وڏا سبي بلوچستان جا هئا.
جملي ويهڙ واسين کي ڏٺو وڃي ٿو ته سندن دلين ۾ پراڻي ويهڙ جو خون ۽ خوراڪ سمايل آهي، جڏهن اهو شهر ويران ٿيو، يا ڪن سببن جي ڪري پراڻي ويهڙ ڇڏي هليا ويا، تڏهن سندس رهاڪو پراڻي ويهڙ جو تشخص ۽ ناما چاري کڻي جدا جدا هنڌن ڏانهن راهي ٿيا، ۽ ساڳي تشخص ۽ سڃاڻپ کي وري الڳ الڳ ٿا ڪن ۽ بستين ۾ وسايائون.