ڳوٺ ڊينگل ماڇي
وڳڻ وارهه روڊ سان لعلورائنڪ ڳوٺ کان ڏيڍ ڪلوميٽر تي ڊينگل ماڇي ڳوٺ آباد آهي، وارهه شهر کان 15 ڪلوميٽر پري ۽ لاڙڪاڻي شهر کان 35 ڪلوميٽر ڏور رهي، چورس نما ڳوٺ آهي، ڳوٺ جي اولهه ۾ نصير واهه ۽ ڏکڻ ۾ قبرستان آهي.
ڳوٺ جي مختصر تاريخ:
ڊينگل ماڇي ڳوٺ منڍ ۾ کٽياڻ ذات وارن جو وسايل هو، جن سان گڏ ٿورا سک به رهندا هئا، اڳتي هلي هن ڳوٺ ۾ سکن وٺي ڊيهڙو ٻڌو، ٿورن ڏهاڙن اندر ڳوٺ ۾ سکن جي گهڻائي ٿي ويئي، ڳوٺ ٻيلي جي وچ ۾ هئڻ ڪري، مرن جو مرڪز ٿي ويو، سک مرون کائيندا هئا، ان ڪري ڳوٺ سکن جي لاءِ مشهور شڪار گاهه ۽ روزگار جو ذريعو ٿي ويو، پوءِ ته ڪيترن هنڌن کان سک شڪار لاءِ ڪانڍجي ايندا هئا، سکن ڏاڍو زور ورتو، هنن جي ڏاڍائي ۽ ارهه زورائيءَ جي ڪري کٽياڻن ڊهه ئي نه ورتي، هتان لڏو پٽي هليا ويا.
هن ڳوٺ مان جيئن ئي کٽياڻن ٽپڙ پٽيا، تيئن هنن جي خالي ڪيل گهرن ۾ ڊينگل ماڇي ۽ هن جي ڪڙم وارن اچي ڳوٺ ۾ والار ڪئي، ان کان پوءِ سکن ۽ ماڇين جون چڪريون ۽ چوٽون جاري ٿي ويون، ڊينگل نه ڊر ۽ ڏاڍو ڪرڙو ماڻهو هو، ان لاءِ سکن کي ٽوٽا چٻايائين، کين اسرڻ نه ڏنائين، سکن ڳوٺ جي پاڻي پيئڻ وارن کوهن ۾ مرن جا هڏا اڇلايا، ڊينگل هڪدم ڳوٺ ۾ ڪچيون کوهيون کڻائي پاڻي پيئڻ جو بندوبست ڪري ورتو، هن پهلوان دل نه هاري، مهاڏو جاري رکيائين، نيٺ ته وقت ڊينگل ماڇي جي حمايت ۾ فيصلو ڏٺو، 1947ع ۾ ملڪي ورهاست ٿي چڪي، سکن جا ڇيهه ڇڄي پيا، هو پاڻ کي ڪمزور ڀانئڻ لڳا، پوءِ هي بستي ڇڏي ڀارت هليا ويا، ان ريت ڊينگل ماڇي سوڀارو ٿيو، هن عالمن کي گهرائي، سندن فتويٰ سان کوهن مان پاڻي نيڪال ڪرائي، هڏا ڪڍائي،کوهه صاف ڪري وري کوهن جي پاڻيءَ کي روز مره جي ضرورت پٽاندڙ لائق بڻايو، وقت گذرڻ کان پوءِ ڊينگل ماڇي پنهنجو حياتيءَ جو وارو وڄائي ويو، هن بعد سندس پٽ علي محمد ڳوٺ جو چڱو مڙس ٿي ويو، هن کي پٽ جي اولاد نه ٿي سگهي، علي محمد ري پٽيو ٿي هي دنيا ڇڏي ويو، ان ريت هن وسندي کي ”ڊينگل ماڇي“ نالو ته ڏنو، پر سندس گهراڻو اتي پورو ٿي ويو، ڳوٺ پنهنجي ذات وارن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، باقي دنيا تائين سندس نالو پيو رهندو.
ذاتيون:
ماڇي، مير بحر، موچي، گڊا، گهڻائيءَ ۾ ماڇي ذات وار آهن.