پاٽ جي وسندي
هيءَ دادو ضلعي جي وڏي هاڪاري وسندي رهي آهي، جنهن لاءِ هن وٿاڻ جو رهاڪو مخدوم محمد روشن صديقي ”پاٽ پراڻي“ جنهن جي تاريخ حصي اول ۾ لکي ٿو ته هي هڪ پراڻو شهر ٿي گذريو آهي جيڪو هن سمي مٽي جو ڍير آهي، هن شهر ۾ لعل شهباز قلندر 644 هه برابر 1246ع ۾ تشريف فرما ٿيا، () هي خوشحال ۽ باغات وارو شهر هوندو هو، منجهس وڏا وڏا عالم، مفتي، قاضي، حڪيم، مدرس وغيره رهندا هئا، هڪ ڍورو واهه هن وسندي جي ڏکڻ ۽ اولهه ٻه واهه وهندا هئا، هڪ ڍورو واهه ۽ ٻيو تاڳرو واهه جن مان ماڻهو پاڻي پيئندا هئا، پاٽ جي ڏکڻ ۾ باغيچي وارو کوهه ڦٽل شڪل ۾ آهي، جنهن کي علامه مخدوم حسن الله سنوارڻ جي جاکوڙ ڪئي پر هو ڪامياب نه ٿيو. ()
پاٽ ۾ ارغونن ۽ مغلن حاڪمن جي اناج جون ڪوٺيون هونديون هيون، مذڪور بادشاهه هتي اچي رهندا هئا، پاٽ ۾ مغل شهنشاهه همايون شيخ علي اڪبر حامي جي نياڻي باني بيگم سان شادي ڪري شادمانو ملهايو، () 1545ع ۾ همايون جي ڀاءُ ڪامران قنڌار جي حاڪم جي شادي پاٽ ۾ سنڌ جي بادشاهه مرزا حسن بيگ ارغوان جي نياڻي حسنا بيگم سان ٿي گذري، () ايران جي حاڪم نادر شاهه سنڌ جي حڪمران نور محمد ڪلهوڙي مٿان ڪاهي آيو، جيڪو لاڙڪاڻي مان ڀڄي عمر ڪوٽ ۾ وڃي لڪو، سنڌي وزير محمد ڏاهري ايراني بادشاهه جي ڏمر ڏاڍ کي ٺارڻ لاءِ هن سان لاڙڪاڻي کان ساڻ آيو ٿي، هن کي ماٺي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مشهور وندر وارن ماڳن مٿان ترسائيندو آيو، جڏهن پاٽ کان لانگاهو ٿيا ته نادر شاهه سنڌي وزير کان پڇا ڪئي ته هي ڪهڙو شهر آهي، جنهن ٻڌايو ته هي پاٽ جو شهر آهي، ساڳي وقت پاٽ جو شهر هن کي گهمائي ڏيکاريائين، بادشاهه تسليم ڪيو ته پاٽ شهر جي ايران ۾ به واکاڻ ٻڌي چڪو آهي. ()
مخدوم عبدالواحد سوسيتاني دهليءَ پاران سيوهڻ شهر ۾ مفتي هو، هن مٿان سنڌ جو بادشاهه غلام شاهه ڏمريو، هن تي ٽي هزار لشڪر چاڙهي موڪليو، اتر سنڌ کان لشڪر سيوهڻ ڏانهن ايندي واٽ تي پاٽ جي شهر کان ٿورو پري ٿڪ پٽڻ لاءِ ڊاٻو ڪيو، پاٽ جا رهاڪو هراس ۾ شهر کان ڀڄي نڪتا، ڪن برهانپور ڏانهن لڏو پٽيو، ڪي حيدر آباد دکن ۽ ڪيترن وري بصري عراق ڏي رخ ڪيو، ڪجهه ڳوٺ ڇڏي پنهنجي زمينن ۽ باغن ۾ وڃي رهائش ڪئي، ان نموني سڄو پاٽ خالي ٿي ويو، غلام شاهه ڪلهوڙي کي ان وچ ۾ پيٽ ۾ اچي ويلو ڪڙڪيو، جنهن ۾ هن جو موت ٿي چڪو، جيئن ته پراڻي پاٽ ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي وئي، جن ماڻهن نوان اجها ڪري نئون ڳوٺ پاٽ جو تيار ڪيو، اهي دائمي انهن ماڳن مٿان ٿاڪ ڪري رهي پيا، ان ڍنگ سان نئين پاٽ جو وجود کڙو ٿيو. ()
مٿين ڍنگ سان پراڻي پاٽ ڦٽي ويران بڻجي دڙن جي شڪل ٿي ويئي، ان جي جاءِ تي 1771ع ۾ نئين پاٽ وجود ورتو، ڪجهه سمي پڄاڻا نئين پاٽ وارن کي علم جي ضرورت ٿي، تنهن ڪري سيوهڻ مان علامه فضل الله صديقي کي دعوت ڏئي پاٽ ۾ آندائون، جنهن پنهنجن ٻن ڀائيٽن کي هر هڪ مخدوم حسن الله ۽ مخدوم رز ق الله ساڻ آندو، ()
مدرسو پاٽ کي پنجن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جن کي با ترتيب هيٺ آڻجي ٿو:
1. مدرسو پاٽ: پهريون دور 1840ع کان 1855ع تائين، هن سمي مدرس اعليٰ علامه قاضي فضل الله صديقي هو.
2. مدرسو پاٽ: ٻيون دور 1865ع کان 1895ع تائين، هن دور جو ماهر مدرس علامه حسن الله صديقي رهيو.
3. مدرسو پاٽ: ٽيون دور 1910ع کان 1932ع تائين، هن وقت جو وڏو فائق استاد علامه مخدوم محمود صديقي ٿيو.
4. مدرسو پاٽ: چوٿون دور 1932ع کان 1942ع تائين، هن دور جو ناليوارو استاد مولانا مخدوم محمد روشن صديقي بڻيو.
5. مدرسو پاٽ: پنجون دور 1942ع کان 1950ع تائين، انهي مهل جو آخري فيض ڏيندڙ مولانا نظام الدين صديقي ٺهيو.
علامه مخدوم قاضي فضل الله حافظ قاري:
ميان مخدوم عبدالواسع صديقي سيوهاڻي، جنهن جي شفقتن ۽ دعائن سان سيوهڻ شهر ۾ 1795ع ۾ جيون ورتو شروعاتي ديني سکيا جڳ مشهور علامه مفتي عبدالواحد سيوهاڻي جي رهبري ۾ درسگاهه سيوهڻ ۾ سکيو، 1809ع ۾ استاد جي وفات جي سبب ڪري ،بقايا ديني تعليم کپاري درسگاهه ضلع نوابشاهه جي هاڪاري علامه محمد يوسف وٽ سندس نگرانيءَ ۾ پوري ڪري ورتائين، علم جي تحصيل کان پوءِ سيوهڻ شهر ۾ ديني سکيا ڏيڻ جاري ڪيائين، جتان پاٽ جا ٻه نيڪ مرد هر هڪ ميان قاضي نورمحمد ۽ ميان قاضي محمد سعيد هن کي پاٽ ۾ پڙهائڻ جي لاءِ دعوت ڏئي وٺي ويا، حقيقت ۾ صديقين جهڙو سيوهڻ ۾ ديني تعليم ۾ واڌارو آندو، تهڙو اڃا به وڌيڪ پاٽ جي روايتي سکيا کي چار چند لڳائي ڇڏيا پاٽ ۾ 1833ع کان درس تدريس جو ڪم شروع ٿيو. جيڪو لڳ ڀڳ هڪ سو سال هلندو هليو، جنهن مان پوري سنڌ فيض ياب ٿي چڪي. علامه قاضي فضل الله پنهنجا ٻه ڀائيٽا مخدوم حسن الله ۽ مخدوم رزق الله گڏ هڪ ڀاءُ شفيع محمد ساڻ وٺي آيو ڀاءُ کي پڙهائي دستار بند ڪرائي ساڳي درسگاهه ۾ مددگار مدرس ڪري هلايو مخدوم حسن الله کي مدرسي پاٽ ۾ پڙهائي، اعليٰ تعليم جي لاءِ درسگاهه شهداد ڪوٽ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، مدرسي پاٽ ۾32 سال درس هلائي 1873ع ۾وفات ڪري ويو، پاڻ اديب، علامه، شاعر، فقيه ۽ وڏو مدرس ٿي رهيو .
علامه حسن الله صديقي:
ميان مخدوم وهب الله هن جو والد ماجد ٿيندو هو، پاڻ 1836ع ۾ سيوهڻ شهر ۾ هوش سنڀاليائين، جنهن وقت سندس چاچو ۽ استاد پاٽ ڳوٺ ڏانهن درس تدريس لاءِ ڪوٺ تي ويو ٿي، ان سمي هن کي پڻ پاڻ وٺي ويو، جتي ڀائيٽي کي ابتدائي تعليم پنهنجي نگراني ۾ ڏنائين، بقايا سکيا اُن دور جي مشهور درسگاهه شهدادڪوٽ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، جتي علامه گل محمد شهدادڪوٽي جي برک رهبريءَ هيٺ اعليٰ تعليم پوري ڪري، 1865ع ۾ سند ورتائين.
ساڳئي سال پنهنجي چاچي ۽ استاد مخدوم فضل الله جي صلاح مشوري سان پاٽ مدرسي ۾ پڙهائڻ جو ڪم جاري رکيائين، پاٽ مدرسي ۾ اچڻ سان هن جي جاذب شخصيت هئڻ ڪري ڪيترا شاگرد جدا جدا مدرسا ڇڏي هتي ايندا رهيا، ان ڪري هن اداري مان گهڻن شاگردن کي ديني سکيا جو فائدو حاصل ٿيو، پر خاص ڇهه عالم وڏي ڄاڻ جا صاحب ٿي نڪتا:
1. علامه محمد صديق سولنگي سيتائي.
2. علامه خير محمد جوڻيجو پاٽائي.
3. علامه مخدوم بصر الدين سيوهاڻي.
4. علامه مخدوم معين الدين سيوهاڻي.
5. علامه غلام عمر جتوئي لاڙڪاڻوي.
6. علامه غلام محمد جتوئي لاڙڪاڻوي.
ڪن سببن جي ڪري مدرسو پاٽ 1895ع ۾ بند رکيو ويو، ساڳي سال درٻيلي، تعلقي ڪنڊياري جي مخدومن جي دعوت تي پاٽ ڇڏي اوڏانهن هليو ويو، جتي وڃي ڪري مدرسو تيار ڪري، درس هلائڻ شروع ڪري ڏنائين. هيءُ درسگاهه 1895ع کان 11 سال هليو، هن جي اچڻ ڪري شاگردن جي سراسريءَ ۾ واڌ اچي وئي، مدرسي مان گهڻن طالبن کي ديني سکيا جو لاڀ ملي چڪو، انهن شاگردن مان گهڻو هاڪارو مولانا مخدوم محمد دائود ٿيو، جيڪو هن اداري جو سند يافته علامه هو، هن مدرسي ۾ مٽيارين جا ڪي ديني تعليم جا شائق اچي نڪتا، جن علامه مخدوم حسن الله کي پاڻ سان ساڻ کنيو ۽ مٽيارين ڏانهن راهي ٿيا، اهڙيءَ ريت مدرسو درٻيلو 1906ع ۾ بند ٿي ويو.
مدرسو مٽياري:
هي دانشگاهه 1906ع کان هليو، درس تدريس ۽ تبليغ جي خيال کان علامه حسن الله سنڌ ڀر ۾ پڌرو ٿي چڪو هو، جنهن به مدرسي ۾ مدرس جي ڪڙي سان پير رکيو پئي، ته هنڌين ماڳين جا شاگرد اچي ڪٺا ٿيندا هئا، مٽيارين ۾ 9 سال درس ڏنائين جيتر مدرسي ۾ پاڻ رهيو، تيتر شاگردن جا ميڙ رهيا ٿي، هن اداري مان جن طالبن فيض وٺي پوري علم جي تحصيل ڪري سند يافته عالم ٿي نڪتا اهي هئا:
1. مولانا پير غلام عمر سرهندي.
2. مولانا شاهه آغا سرهندي.
3. مولانا غلام مجدد سرهندي.
4. مولانا لعل محمد مٽياري.
50سال درس تدريس سان واڳيل رهڻ ڪري، سندس وڏي ڄمار وڌيڪ پڙهائڻ ۾ رنڊڪ پيدا ڪري ڇڏي، ان ڪري 1915ع ۾ درس کان فراغت وٺي پنهنجي رهائش گاهه پاٽ ڏانهن واپس اچي، بقايا عمر عبادت ۽ مطالعي ۾ گذاريائين، ان نموني 1921ع ۾ فاني جهان ڇڏي، دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو.
هي وڏو مدرس، فصيح بليغ، حڪيم ۽ علم منظاره ۾ لاجواب حاضر جواب ۽ ماهر هوندو هو.
سندس همعصر دوست ۽ صحبتي:
1. علامه عبدالغفور همايوني.
2. علامه تاج محمد امروٽي.
3. پير صالح محمد شاهه جيلاني.
4. پير پاڳاره شاهه مردان شاهه راشدي اول.
علامه مخدوم محمود:
سندس والد جو نالو مخدوم محمد صالح مخدوم رزق الله صديقي هو، هن جو ڏاڏو علامه مخدوم حسن الله جو سڳو ڀاءُ هو، مخدوم محمود 1883ع ۾ پاٽ ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي ديني سکيا پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ علامه مخدوم حسن الله جي نگرانيءَ ۾ رهي حاصل ڪئي، مدرسو پاٽ ڪن سببن جي ڪري بند ڪيو ويو، ان ڪري هن کي تعليم پرائڻ لاءِ ٻين مدرسن جو سهارو وٺڻو پيو، اعليٰ تعليم جي وٺڻ لاءِ هندوستان هليو ويو، جتي درسگاهه تونڪ ۾ پڙهڻ شروع ڪيائين، اتان نڪري درسگاهه اجمير ۾ پهتو، ڪجهه سمي کان پوءِ وري مدرسي ٽونگ ۾ علامه حڪيم برڪات احمد صاحب جي رهبري ۾ بقايا تعليم پوري ڪري، 23 ورهين جي ڄمار ۾ دستار بند ٿي، سند ورتائين، ان ريت هڪ وڏي عالم جي حيثيت سان سنڌ ڏانهن واپس وريو. ()
مدرسي پاٽ کي 15 سال بند ٿيا هئا، جنهن کي ڦٽل حالت ۾ علامه مخدوم محمود پنهنجي خدادا ذهنيت اعليٰ صلاحيت ۽ وڏي علميت سان ڪڍي ويو، مدرسي جو ماضيءَ وارو وقار ۽ عظمت بحال ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو ، هن پاٽ مدرسي مان ڪيترائي عالم ۽ فاضل پيدا ڪيا، هو جيد عالم سان گڏ لاثاني حڪيم به هوندو هو، درس تدريس جي ڪم کي 22 سال هلايو، اڌيڙ عمر ۾ 1932ع ۾راهه رباني ورتائين، هجري سن مطابق آچر ڏينهن 29 جمادي الآخر 1351 هه تي ٿيو، سندس تحصيل يافته شاگرد عالم:
1. مولانا محمد اسماعيل.
2. مولانا غلام محمد لانگاهه رتيديرو.
3. مولانا هدايت الله تونيه نصيرآبادي.
مخدوم محمد روشن:
سندس والد مخدوم عبيد الله صديقي هو، هن جي پيدائش پاٽ ۾ 1890ع ۾ ٿي چڪي، شروعاتي دين جي سکيا مدرسي پاٽ مان حاصل ڪري ورتائين، اعليٰ سکيا جي لاءِ تعلقي لاڙڪاڻي جي مشهور درسگاهه دار الفيض سونو جتوئي ڏانهن روانو ٿي ويو، جتي بقايا ديني تعليم درس نظامي پٽاندڙ پڙهي پوري ڪري ڇڏيائين. اهڙي ريت 1932ع هن علامه ابو الفيض غلام عمر جتوئي کان سند ورتي.
تحصيل پڄاڻا مخدوم محمد روشن هڪ برک عالم جي ڪڙي سان مدرسو پاٽ جو نگران ٿيو، جتي هن ڪيترن دين جي شائقن کي تعيلم جي نور سان منور ڪيو.
تصنيفات:
1. پاٽ پراڻي،
2. القانتات،
3. حديث شريف جا ڪتاب ترجمو،
مولانا غلام محمد مهيسر
ڪمال ديري ڳوٺ ۾ سنڌو درياءَ جي ڪپر تي تعلقي گنبٽ ضلع خيرپور جو رهاڪو عبدالڪريم مهيسر هو، جيڪو ميان لونگ فقير جي خاص مريدن مان هوندو هو، ميان لونگ فقير، حضرت ڀٽائي سائين جن جي خليفي جو خليفو هو، پر سڏبو ڀٽائي جو خليفو هو، هن پنهنجي مرشد کان پٽ جي پيدائش جي دعا گهرائي، قدرت سان هن کي سومر 9 شعبان 1248 هه تي فرزند پيدا ٿيو، جنهن مٿان نالو به ميان لونگ فقير ، ”غلام محمد“ ڌريو.
تعليم:
ڪلام پاڪ ميان لونگ فقير وٽ پورو ڪيائين، پارسي ۽ عربي تعليم وقت جي مشهور مدرسي پنهواري جي مدرس اعليٰ مولانا عبدالقادر انڍڙ وٽ سکيائين، اعليٰ تعليم لاءِ جڳ مشهور درسگاهه شهداد ڪوٽ ۾ داخل ٿيو، جتي هن مولانا گل محمد شهداد ڪوٽي جي رهبري ۾ پڙهڻ شروع ڪيو، پر سندس استاد جلد وفات ڪري ويو، ان ڪري ساڳئي مدرسي جي مرحوم ڀاءُ مولانا غلام صديق شهداد ڪوٽي جي رهنمائيءَ ۾ فقه ۽ تفسير پڙهي، کانئس فيض ۽ فضيلت سان دستار بند عالم ٿي نڪتو، اڳتي هلي مولانا غلام محمد مهيسر، ”ڪمال ديرائي“ سان گهڻو هاڪارو رهيو، جيڪو فقيه ، محدث، مفتي، مدرس، متقي، پرهيز گار، عبادت گذار عالم ثابت ٿيو.
سندس اهڃاڻ:
وچٿرو قد ڪاٺ، ڪڻڪ رنگو، پر ڪشش، چهرو، جنهن کان هر هڪ ڏسندڙ متاثر ٿيندو رهندو هو، نرم گفتار، نهٺائي وارو رويو، ٿلي ڪپڙي جي نير ٻڏل پوشاڪ، جيڪا پنهجن هٿن سان سلائي ڪيل پائيندو هو، بنا بستري آرام ڪندو رهندو هو، ٿورو ۽ سادو کاڌو کائيندو هو، مهمانوازيءَ ۾ اڳرو رهندو هو.
پڙهائڻ جو سلسلو:
شهداد ڪوٽ درسگاهه کان تعليم پوري ڪري سکيا جي سند وٺي، پهرين مدرسو 1870ع ۾ کهڙا شهر ۾ کولي درس تدريس جو مانڊاڻ هلايائين، جتان کوڙ سارا عالم پيدا ڪيائين، ان کان پوءِ 1885ع ۾ پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ مدرسو برپا ڪيائين، جنهن درسگاهه ۾ ٻه نائب مدرس مقرر ڪيائين، اهي هن جا تحصيل يافته شاگرد هئا، جن ۾ هر هڪ مولانا عبدالحق ۽ مولانا خدا بخش ذات جا ٻئي ناريجا هئا، فتويٰ ڏيڻ يا ڪنهن ڏانهن خط لکڻ کان پوءِ عبارت جي پڇاڙيءَ ۾ مهر هڻندا هئا، جنهن ۾ اڪريل لفظ ”خادم العلماءَ“ هوندو هو، مهر هڻڻ کان پوءِ صحيح ڪري ڇڏيندو هو.
هڪ ڀيري خانبهادر محمد ايوب کهڙو اقتدار دوران ڪمال ديري ۾ هن عالم سان ملڻ ويو، کانئس دعا گهرايائين، دعا گهرندي بزرگ چيو ته خلق الله تعاليٰ جي خدمت ڪندين ته سر ئي سر رهندين ورنه گهر ئي گهر رهندين.
مولانا ڪمال ديرائي شهداد ڪوٽي استادن سان ڏاڍي عقيدت مندي ۽ محبت رهندي هئي، استاد صاحبان به کيس ڏاڍو ڀائيندا هئا، جيڪڏهن ملاقات ۾ دير ٿي ويندي هئي ته استاد هن ڏانهن نياپو ۽ خط روانو ڪندا هئا، ڪنهن سمي سندس استاد غلام صديق صاحب هن کي ياد ڪندي خط لکيو، جنهن ۾ هڪ پارسي بيت به روانو ڪيو:
”اگر جنازه نمي آمد،
بمزار خوا هيد آمد“
استاد جي خط پهچڻ سان مولانا ڪمال ديرائي شهداد ڪوٽ وڃي نڪتو، ان وچ ۾ بزرگ مولانا غلام صديق وفات ڪري ويو، پوءِ سندس مزار تي دعا گهري واپس وريو.
مولانا ڪمال ديرائي استادن جي جدائي ۽ محبت جو اظهار هڪ شعر وسيلي هيٺين ريت ڪيو آهي:
1. اندر استادن جي تن ۾ تانگهه تنوار.
مائٽ ماڻهو ڪين وڻن ٿا،
لونءَ لونءَ منجهه لغار،
اندر استادن جي تن ۾ تانگهه تنوار،
2. وڃا جيڪر ڪين رهان پر،
ماري مفت ميار!
اندر استادن جي تن ۾ تانگهه تنوار،
3. ڀلا مون سان ڪر ڪا ڀلائي،
ڏيکاريم ڪوئي رنگ،
اندر استادن جي تن ۾ تانگهه تنوار،
4. مهيسر چوي، عاجز آهيان،
سولي ڪر تون سردار،
اندر استادن جي تن ۾ تانگهه تنوار،
سندس اولاد:
هڪ فرزند مولانا عنايت الله جنم 1321هه ۽ چار نياڻيون ٿيون، مولانا عنايت الله کي عصمت الله نالي پٽ 5 جولاءِ 1834ع تي ڪمال ديري ۾ پيدا ٿيو.
سندس همعصر:
1. حضرت پير پاڳاره سيد شاهه مردان شاهه اول.
2. حضرت سيد صالح محمد شاهه جيلاني راڻيپور وارا.
3. علامه عبدالغفور همايوني.
4. علامه حسن الله پاٽائي.
5. علامه تاج محمود امروٽي.
6. علامه محمد عاقل سومرو عاقلائي.
7. علامه صاحبڏنوکهڙائي.
8. علامه صوفي غلام حيدر شر.
9. علامه قبول محمد فاروقي.
10. فقير رازق ڏنو اڄڻ کهڙائي.
مولانا غلام محمد ڪمالديرائي جا هم سبق:
1. مولانا نصر الله نصير آبادي.
2. مولانا حسن الله پاٽائي.
3. مولانا ميان غلام صديق شهداد ڪوٽي.
سندس وفات 110 سالن کان پوءِ سومر ڏينهن 9 شعبان 1358هه تي ڪمال ديري ۾ ٿي، جنم به ساڳي ڏينهن ساڳي تاريخ ۽ ساڳي ماهه ۾ ٿيو ۽ وفات به انهيءَ وار، تاريخ مهيني ۾ ٿي چڪي، پير علي محمد شاهه راشدي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ڪتاب جي پهرين جلد ۾ مولوي غلام محمد مهيسر جي باري ۾ لکي ٿو:
”تعلقي گنبٽ ۾ کهڙن جي ڳوٺ ڀرسان مهيسرن جي وانڍ (ڪمال ديرو) ۾ مولانا غلام محمد مهيسر رهندو هو، غرور کان پري، نرمي، نوڙت وارو، گويا ڪو معمولي هاري قسم جو ڳوٺاڻو آهي، قد جو وچولو، بت ۾ سنهو، سفيد سونهاري، موڱي رنگ جا کوميل ۽ ٿلهي ڪپڙي مان ٺهيل لٽا پائيندو هو، علم ۽ فقيري جي رخن کان پاڻ کي لڪائيندو رهندو هو، سنڌ زميندار پر يس سکر جي مئنيجر مرحوم نظر علي خان آغا جو مرشد هو.“