ڏتل ابڙو ڳوٺ
هي ڳوٺ تعلقي قنبر جي حدن ۾ آهي. لاڙڪاڻي شهر کان ڏتل ابڙو اٽڪل 14 يا 15 ڪلوميٽر پري آهي، ساڳي وقت قنبر شهر کان به ايتري مفاصلي تي هي ڳوٺ آباد آهي، برٽش دور حڪومت ۾ هن ڳوٺ ۾ اندازاً 60 گهر هندن جا هئا.
هن سمي ڳوٺ جون ذاتيون اگهم ابڙا، حاصلا ابڙا، ميربحر، ڪلهوڙا، سيد ۽ ٻه گهر چانڊيا رهن ٿا. گهڻائي ۾ اگهم ابڙا ذات آهي، جن اصل کان هي ڳوٺ آباد ڪيو. هتي هڪ هيلر، چير جي مشين، 60 دوڪانن جي بازار آهي. اٽڪل 3000 آدمشماري رهي ٿي.
ڳوٺ ور وارا ڀٽا
هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شهر کان اولي نموني 6 ڪلوميٽر ڏور پوي ٿو. دادو ڪئنال جي اولاهين ڌار کان سڏ پنڌ، مسو حب شاخ جي منهن ڀرسان اتران ۽ پراڻي گهاڙ واهه جي ڏکڻان اڏيل آهي، پراڻي دور ۾ رستو ور وڪڙ سواري جهڙو نه هئڻ ڪري، ڳوٺاڻا واهن جي ڪڙن سان ڪهي لاڙڪاڻي ماهوٽا نئون ديرو رستو وٺي لاڙڪاڻي شهر ڏانهن راهي ٿي ويندا هئا. ورن، وڪڙن واهن جي اوڪرن ۽ اوکن ڪڙن جي ڪري هن ڳوٺ جو نالو ”ور وارا ڀٽا ڳوٺ“ ٺهي پيو. ڌاڙيل ليمون ڪوش مار ڌاڙ ڪري، هتي ٿانيڪو ٿيندو هو، جنهن جي رهائش کان پوليس خبر وار هوندي به مقابلي کان ٽهندي هئي. ساڳي ويل هن ڳوٺ جي باغن گهاٽن وڻن ۽ واهن جي ڪڙن جي ڪري ڌاڙيلن جو وڏو لڪ ۽ اوٽ هوندي هئي، جنهن کان پوليس پري رهندي هئي. دادو ڪئنال جي اوڀر ۾ وڏو ٻيلو پڻ ڌاڙيلن جي پناهه گاهه ۽ اجهو رهيو پئي.
خوني واردات جو واقعو:
هن واقعي جو بيان ڪندڙ صاحب خان ولد الهڏنو حاصلو ابڙو ويٺو ڳوٺ ڏتل ابڙو عمر اٽڪل 90 ۽ 95 سال جي وچ تي آهي. سندس چوڻ آهي ته: ”ڌاڙيل ليمون ڪوش کي سندس ڌاڙيلن جو ٽولو ڏاند گاڏين تي ڏتل ابڙي ڳوٺ ۾ 5 وڳي صبح جو کڻي آيا، ليمي ڪوش جو دوست حاجي محمد حسن ولد حاجي محمد صادق ابڙي جي پناهه ڏيئي هڪ ڌاڙيل سنگتي صادق بروهي جي نگرانيءَ ۾ ڇڏي هليا ويا. حاجي محمد حسن ابڙي حڪيم غلام محمد چاوڙو کان علاج ڪرائڻ شروع ڪيو، حڪيم جو چوڻ هو ته ليمي ڪوش کي نَرَن ۾ بندوق لڳل آهي، هن جا آنڊا ٽڪر ٿيل آهن، ليمون ٽن ڏينهن کانپوءِ مري ويو. انهيءَ وچ ۾ ڳوٺ ڏتل ابڙي جي هڪ هندو لاڙڪاڻي پوليس کي ڌاڙيل ليمي جو اطلاع ڏنو، پوليس ليمي جي موت واري ڏينهن ايس پي لاڙڪاڻي جي اڳواڻيءَ ۾ ضلعي جي پوليس گهوڙن تي آئي ۽ ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي، حاجي محمد حسن ابڙي جي گهر مٿان فائرنگ ڪيائون، جواب ۾ صادق بروهي بندوقون هلايون، پر مارجي ويو، پوليس هن تازي لاش کي ليمي ڪوش جي لاش مٿان رکي ٻن لاشن تي گوليون هلائي تازو مقابلو ڏيکاري دهل شرناين سان لاشن کي وڏي فاتحانا جلوس ۾ لاڙڪاڻي اسپتال ۾ آڻي ڪڍيائون.“
نوٽ: برٽش پوليس جو رويو ۽ طريقيڪار ٺڳي جا ٺاهه، ڊاڙ ٻٽاڪ ڪوڙ مان سچ ساڳو ئي 1943ع وارو آهي، فرق فقط اهو آهي جو اڳ ميڊيا جا هن وقت جهڙا ذريعا ۽ ڍنگ نه هئا، هاڻي سائنسي دور آهي، پر پوليس جي روين ۽ خيالن ۾ اڃا فرق نه اچي سگهيو آهي.
ليمون ڪوش ڌاڙيل جي باري ۾ وقت جي ڪليڪٽر جي رپورٽ:
سيد هاشم رضا ڪليڪٽر ۽ ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ ضلعي لاڙڪاڻي جون 1943ع کان آڪٽوبر 1945ع تائين رهيو. هن جي دور ۾ ليمون ڪوش ڌاڙيل مارجي ويو، سندس رپورٽ: ”هڪ ڌاڙيل ٻن مهينن کان پوري علائقي ۾ هراس وجهي ڇڏيو، اهو ليمون ڪوش هو، جيڪو ضلعي جيل ۾ وڏي سزا ڪاٽي رهيو هو، جتان ڀڄي نڪتو، ناجائز هٿيارن جي ڪري پوليس هن جي مقابلي کان لنوائيندي هئي، نيٺ اونداهي رات جو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. هو ”رابن هوڊ“ جيان هاڪارو ٿيو. يتيمن ۽ بي واهن، هن جي موت مٿان ماتم ڪيو، جن جي هو مدد ڪندو رهندو هو. مان مقابلي واري جاءِ ۽ لاش وڃي ڏٺا، هو مضبوط جسم وارو سهڻو جوان ڇهه فوٽ قداور ماڻهو هو، جيڪڏهن فوج ۾ ڀرتي ٿئي ها ته حد نهايت خوبصورت سپاهي هجي ها، پر افسوس جو هن پنهنجي ڪردار جي شروعات بڇڙي عادتن سان ڪئي، هن کي عوام جي مفاد ۽ سلامتي خاطر ختم ڪيو ويو.“
سيد هاشم رضا ڪليڪٽر لاڙڪاڻي ڌاڙيل ليمون ڪوش تي ڏنل رپورٽ تي جائزو:
سيد هاشم رضا ضلعي جو (آءِ سي ايس) عملدار ٿي ڪري ڊائري لکڻ کان پري ٿو ڏسجي. ڇاڪاڻ ته ڌاڙي جي واقعي جي ڏنل رپورٽ ۾ نه تاريخ، مهينو نه وري سال ڄاڻايل آهي. واردات جي باري ۾ لکي ٿو ته جاءِ (جهڳڙي واري) ڏسي آيس، پر واردات جي نالي کي نٿو لکي. جڏهن ته ڌاڙيلن جون ٻه وارڌاتون هيون ۽ ٻئي جدا جدا ڳوٺن ۾ ٿيون. اهي هيون: 1) لونگائي ڳوٺ تعلقو لاڙڪاڻو پهرين واردات جنهن ۾ ڌاڙيلن ڳوٺاڻن مٿان حملو ڪيو، تنهن ۾ ٻه ڳوٺاڻا مارجي ويا، هڪ ستار بخش ڪلهوڙي جو مامو صادق ڀٽو ۽ هن جو ملزم هڪ شَرُ. ساڳي وقت ليمون ڪوش ڌاڙيل ڦٽجي پوئتي هٽي ويو.
2) ڏتل ابڙو ڳوٺ تعلقو قنبر واردات ٻي: هن هنڌ تي لونگائي ڌاڙي کانپوءِ ٽئين ڏينهن تي پوليس مقابلو ڏيکاري ليمو ڪوش جي صادق بروهي ڌاڙيل دوست کي ماري ليمون ڪوش اڳ ۾ مئل لاش مٿان تازي لاش کي رکي گوليون هلائي فطري مئل لاش کي تازي رت سان وهنجاري ٻن ڌاڙيلن جو مقابلو ظاهر ڪري انعام حاصل ڪيا.
برٽش دور حڪومت ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جون ٻه وارداتون وڏي ۾ وڏيون خطرناڪ دل ڏاريندڙ واقعا هئا، جن کي وقت جي اخبارن به گهڻو اڇاليو. جناب ڪليڪٽر جاءِ وڙهاند جا نالا نه ڄاڻائي، بي خبري جو مظاهرو ڪيو. ڌاڙيل ليمون ڪوش کي ياد ڪري ٿو، پر مرد مٿير ستار بخش ڪلهوڙي جو نالو وساري ڇڏيو آهي، جنهن ليمون ڪوش کي پنهنجي ڳوٺ ۾ مقابلي دوران اڌ مئو ڪري ڀڄائي ڇڏيو.