مدرسو ٻيلو
هي درسگاهه مدرسي فيروز شاهه جي شاخ هو، مذڪور مدرسو ڳوٺ ٻيلو، تعلقو سجاول ضلع ٺٽو ۾ 1888ع ۾ کوليو ويو، هن دانشگاهه لاڙ جي مسلم آباديءَ جي عربي ۽ پارسي علم ادب سيکارڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي، مدرسي لاڙي مسلمانن جي دل ۽ دماغ کي اسلامي شعور بخشيو، ۽ علم جي روشني سان لاڙين جي خيالن ۽ سوچ کي منور ڪيو، اداري جي شهرت ۽ هاڪارائپ ۾ وڏي واڌ ايندي رهي، علامه 22سال هن درسگاهه کي ڏنا، پر ڪن سببن جي ڪري، کيس مدرسو بند ڪرڻو پيو، ان ڪري 1910ع ۾ بند ڪري هليو ويو، هتان فيض ياب عالم هئا:
1. علامه علي محمد مهيري ولد حافظ ڌڻي پرتو، ڳوٺ بجاري، ضلع بدين، هي مدرسي جو غير معمولي طالب ٿي رهيو، اديب، شاعر، ليکڪ، فقيه ۽ وڏو مدرس ٿي اڀريو، هن استاد جو نائب رهي هتي درس تدريس جو ڪم جاري رکيو، ساڳي وقت 6 ڪتاب لکيائين جيڪي گهڻو پڌر پيا، پاڻ 21 شعبان 1367هه ۾ جهان ڇڏي ويو.
2. مولانا فتح محمد مهيري، ڳوٺ بجاري، ضلع بدين.
3. مولانا محمد هاشم ڳوٺ غلام الله، ضلع ٺٽه
4. مولانا محمد عمر کٽي ڳوٺ ساڪرو ضلع ٺٽه
5. مولانا محمد احسن کٽي ڳوٺ ساڪرو ضلع ٺٽه
6. مولانا علي بخش شاهه لائق پور ضلع ٺٽه
7. مولانا عبدالله ميمڻ ولهار ضلع ٺٽه
8. مولانا محمد نور ميمڻ ٻيلو ضلع ٺٽه
9. مولانا محب علي شاهه عالم ڪوٽ ضلع ٺٽه
10. مولانا محمد عيسيٰ سمو لڳ سجاول ضلع ٺٽه
11. مولانا احمد ميمڻ ملير ضلع ٺٽه
مٿين مدرسي کي بند ڪرڻ کان پوءِ علامه حامد الله ضلع بدين ڏانهن لاڙو رکيو، هن ضلع ۾ گولاڙچي جي ويجهو ڦٽوڻ جو هڪ ڳوٺ آهي، 1910ع ۾ ڦٽوڻ ڳوٺ ۾ درسگاهه کولي درس تدريس جاري رکيائين، جيئن ته علامه کي مدرسي ٻيلي ۾ وڏي پذيرائي ۽ پڌرائپ ٿي چڪي هئي، ان ڪري مدرسي ڦٽوڻ ۾ جڏهن درس تدريس جاري ڪيائين، ته هن درسگاهه جي هاڪ ۽ ڌاڪ ڏوران ڏور هلي وئي.
مدرسي ڦٽوڻ ۾ جيڪي بختاور عالم ۽ فاضل، مدرس ۽ مهندار اديب ۽ شاعر، فقيه، مفسر، منطقي ڄاڻ جا سرواڻ نڪتا اهي هئا:
1. مولانا محمد رفيق تعلقو ماتلي، ضلع بدين
2. مولانا محمد سليمان نظاماڻي تعلقو ماتلي ضلع بدين
3. مولانا محمد سعيد گوپانگ تعلقو ماتلي ضلع بدين
4. مولانا عبدالواحد سميجو ترائي ضلع بدين
5. مولانا نور محمد گرانون ضلع بدين
6. مولانا محمد عثمان ڀان ضلع بدين
7. مولانا غلام محمد سولنگي فيروز شاهي ضلع دادو
مذڪور مدرسو 10 سال هليو، 1920ع ۾ بند ٿيو.
علامه حامد الله پٽ گل محمد ميمڻ 1860ع ۾ پيدا ٿيو.
تعليم جو سفر:
منڍ واري سکيا ننگر ٺٽي ۾مولوي عبدالرحيم جي نگهبانيءَ ۾ ورتائين، بعد ۾ درسگاهه شهداد ڪوٽ ڏانهن ويو، جتي داخل ٿيو ۽ ڪجهه وقت درس تدريس مان فائدو وٺي، استادن جي مرضيءَ سان مدرسي جامع الفيوض فيروز شاهه ۾ نالو لکائي، علامه عطاءُ الله فيروز شاهيءَ جي رهبريءَ هيٺ درس نظامي جي نصاب پٽاندڙ پنهنجي سکيا جو سفر جاري رکيائين، اڳتي هلي هن جي ذهانت ۽ زڪاوت پڌري ٿيڻ لڳي، هو مدرسي جي شاگردن کان گهڻو ذهين نڪتو، ان ڪري هن جي حيثيت درسگاهه اندر نمايان رهي، اهو ئي ڪارڻ هو جو علامه غلام صديق شهدادڪوٽي، مدرسو فيروز شاهي ڏسي شاگردن جي دماغي درجن، ۽ خوبين کي ڀيٽي فيصلو ڏنائين ته ”طالب حامد الله ميمن ٻيلائي، مدرسي جي شاگردن کان ته ذهين آهي، پر پنهنجي استاد کان اڳڀرو آهي، هن شاگرد جون صلاحيتون مٿاهيون ۽ نراليون آهن،“ جيئن دانشگاهه پاٽ ۾ طالب محمد صديق سيتائي پنهنجي هم سبق طالبن کان ته گوءِ کنيون وڃي ٿو، پر پنهنجي استاد کان به ذڪاوت ۾ امتيازي حيثيت وارو آهي“ مدرسو فيروز شاهه ۽ مدرسو پاٽ ٻئي شهدادڪوٽ جي دانشگاهه جون شاخون هيون، ان ڪري سندن استاد شاخن جي درس تدريس جومعائنو ڪندا رهندا هئا، ۽ تعليم جي ڪارڪردگي جي باري ۾ تاثرات ڏيندا رهندا هئا، جنهن ۾ مذڪور ٻن شاگردن لاءِ تاثرات ڏنا ويا.
علامه حامد الله جامع الفيوض ۾ ديني علوم پڙهي، پورو ڪري، دستاربندي ڪيائين، اهڙي ريت فيض فضيلت سان استاد کان سند حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ هو حجاز مقدس ڏانهن اسري ويو، جتي مديني منور ۾ ڪجهه وقت رهي دور حديث پوري ڪرڻ ۾ لڳايائين، واپس ٿي 1888ع ۾ مدرسو ٻيلو کوليائين، جنهن ڪري کيس ”ٻيلائي“ لقب سان ياد ڪيو ويو، هن درسگاهه کي 22 سال هلائي بند ڪيائين، ان کان پوءِ مدرسو ڦٽوڻ کوليائين، جنهن کي به 10 سال هلائي، درس تدريس کي ڇڏيائين، اهڙي ريت پڙهائي کي 32 سال ڏنائين، پڙهائي دوران فتويٰ جو ڪم به ڪندو رهندو هو، علامه حامد الله ٻيلائي پنهنجي دور ۾ لاثاني عالم ٿي گذريو، پنهنجو مٽ پاڻ هو، هن ڪيترا وڏا عالم، اديب، شاعر، فقيه، مدرس، محدث ۽ مفسر تيار ڪيا، 10 شعبان 1338هه برابر 10 اپريل 1920ع ۾ هي جهان ڇڏي دار البقا ڏانهن راهي ٿيو.