ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو

لاڙڪاڻي جي وانجهيل ماو مڪانن ۽ شخصيتن بابت لکيل مضمونن جو ھي ڪتاب ڊاڪٽر غلام علي ھمت علي سانگي جو لکيل آھي. ڊاڪٽر غلام علي سانگي جي ھن ڪتاب ۾ لفظن ۽ جملن جو استعمال نج ڳوٺاڻو آهي. بيان جي جوڙجڪ، فقرن، جملن جي بيهڪ کي اهڙو سينگاريو ۽ سنواريو ويو آهي. محترم سانگي صاحب هن ڪتاب ۾ تاريخ جي هڪ نئين باب کي جنم ڏنو آهي. شامل ڪيل مواد ڏوري ڏسي، مشاهدا ماڻي، روبرو ملاقاتين ذريعي بيان حاصل ڪري، اڳين ڪتابن ۽ ڊائرين کي اٿلائي پٿلائي ڄاڻ حاصل ڪري ڪتاب سرجيو آهي. ڪتاب ۾ ڳوٺن ۽ اوطاقن جا احوال اهڙا ته اچاريا ويا آهن جو پڙهڻ مهل ٻهراڙين جي بيٺڪن جو ڀرپور عڪس اکين اڳيان پيو گذري.
Title Cover of book لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو

مدرسو ڳڙهي ياسين

مدرسو ڳڙهي ياسين

هي درسگاهه جڳ هاڪاري دانشگاهه شهدادڪوٽ جي نامورن شاخن مان هڪ اهم شاخ هئي، هي مدرسو 1885ع ۾ برپا ٿيو، جنهن جو پهريون استاد علامه محمد هاشم سومرو رهيو، هي ادارو 1960ع تائين اوج تي پهتل هو پوءِ اڄ تائين ديني رسم پيو پوري ڪري، مني صديءَ تائين عربي، پارسي ۽ سنڌي ٻولين جي خدمت سان گڏ ديني تعليم مٿين سنڌ، ڏکڻ پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏانهن هن مدرسي جي سکيا جي جهلڪ پوري شان شوڪت سان ڏسڻ ۾ آئي.
مذڪور ملڪن مان سنڌ ۽ بلوچستان جي جهالت دور ڪرڻ ۾ هن اداري جو وڏو دخل رهيو آهي. ديني تعليم علم تفسير، علم حديث، فقه، منطق، فلسفو، تاريخ وغيره علوم سان اڻ ڄاڻن کي عالم بنايو، هن درسگاهه ديني سکيا جو سلسلو 75 سال وڏي دٻدٻي سان هلايو، جو پڻ سنڌ ۾ مثال آهي. هن اداري جي پڙهائيءَ کي چئن ڀاڱن ۾ ونڊي ورڇي سگهجي ٿو، جن مان ٽي دور اهم رهيا آهن وري ٽن دورن مان ٻه پهريان وڏي اهميت وارا ليکيا وڃن ٿا، ان هوندي به ٻيو دور سڀني دورن کان وڏي امتيازي حيثيت رکي ٿو، ٻئي دور ۾ مدرس پنهنجي اعليٰ ذهانت ۽ خدادادصلاحيت سان مدرسي کي نئين غالب ۽ ڍنگ سان ڍالي ڇڏيو، اڳ ۾ ”مدرسو ڳڙهي ياسين“ جي نالي سان تيار ٿيو، جيڪو 19 سال انهيءَ نالي سان هليو، ان کان پوءِ ”مدرسو قاسميه ڳڙهي ياسين“ ٿي هلندو رهيو، جيڪو 1905ع کان پڌرو ٿيو ۽ اڄ تائين انهن لفظن سان صورتخطي ۾ ڪم اچي ۽ ساراهجي ٿو، اهڙي عام پڌرائي مدرسي کي مدرس اعليٰ علامه محمد قاسم سومري بخشي، سندس سکيا جي سمي ڪيترا عالم، فاضل، اهل قلم، اديب، شاعر، مدرس، مبلغ، حڪيم، فلسفي ۽ سياستدان نروار ٿيا، جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ ثابت ٿيا.
مدرسي ڳڙهي ياسين جي مالي امداد:
زميندار الله بخش پٺاڻ ڳڙهي ياسين پنهنجي ذاتي هڙان وڙان هن اداري جي هر وقت امداد جاري رکي، استادن کي اجهي، لٽي ۽ اٽي جي بي پرواهي رهي، ان ڪري سمورو ڌيان تعليم ۽ تربيت ڏانهن ڏنائون ان حالت ۾ ديني تعليم اوج تي پهچي چڪي، اندرين ۽ ٻاهرين شاگردن جي پر گهور لڌي وئي ٿي، زميندار الله بخش پٺاڻ ميان جي ڳوٺ تعلقي شڪارپور وڃي ڪري علامه محمد هاشم سومري کي درس تدريس لاءِ دعوت ڏئي ڳڙهي ياسين ۾ وٺي آيو.
(1) مدرسي ڳڙهي ياسين جو پهريون دور:
هي مدرسي جو ابتدائي ۽منڍ وارو وقت چيو وڃي ٿو، جنهن جو پايو وجهندڙ ۽ پهريون مدرس علامه محمد هاشم سومرو هو، مدرسو 1885ع ۾ جاري ٿيو ۽ 1904ع تائين 19 سال هليو، هن سمي تحصيل ٿيل هي عالم پيدا ٿيا:
1. مولانا عبدالله رتائي
2. مولانا جمال الدين
3. مولانا حافظ نور محمد ڳڙهي ياسيني
4. مولانا فقير محمد
5. مولانا مخدوم غلام مصطفيٰ
6. مولانا محمد قاسم سومرو سندس فرزند
(2) مدرسو قاسميه ڳڙهي ياسين ٻيو سمو:
هن دوران 1905ع کان 1931 تائين 26 سال ڪاميابيءَ سان هليو، هن سمي مدرسي جي مدرس اعليٰ وڏي دماغي صلاحيتن ۽ خوبين جي ڪري اداري کي چار چنڊ لڳي ويا ان ڪري ته ڳڙهي ياسين مان ڦري ”مدرسو قاسميه“ ٿي ويو، نه ڇڙو نالي جي نواڻ جي ڪري مدرسو هاڪارو ٿيو، پر فلسفي، منطق ۽ پوري سکيا جي ميدان ۾ اداري ترقي ڪئي، سياسي ميدان ۾ مدرسي جو حصو رهيو، جيڪو اڳ بنهه ٻڙي برابر هو.
هن دور جا جيڪي لاثاني عالم، مفڪر، اديب، شاعر، اهل قلم، سياستدان پيدا ٿيا اهي هئا:
1. مولانا محمد ابراهيم
2. علامه صاحبداد
3. مولانا احمد مڪراني
4. مولانا ولي محمد
5. مولانا عبدالحڪيم ڪرڪي
6. مولانا غلام صديق
7. مولانا محمد حسين کهاوڙ، مدير اعليٰ الحنيف اخبار
8. مولانا محمد حسن
9. مولانا صاحبڏنو ڪرني
10. مولانا عبدالرحمان ناڙيلوال
11. مولانا حافظ محمد هاشم
12. مولانا فضل محمد
13. مولانا محمد عابد
14. مولانا صدر الدين صحبت پوري
15. مولانا حافظ محمد موسيٰ
16. مولانا عبدالحڪيم سڌايو
17. مولانا رحيم بخش
18. مولانا فخرالدين ڪٽباري
19. مولانا عبدالحميد عمر پوري
20. مولانا عبدالواحد باگڙ والا
21. مولانا عبدالغفار سرهندي
22. مولانا غلام احمد جان سرهندي
23. مولانا عبدالستار رتيديرو
24. مولانا قادر بخش گهانگهرو
25. مولانا عبدالڪريم ڪيهر
26. مولانا محمد پناهه پيرزادو
27. مولانا حافظ خيرمحمد اوهدي
28. مولانا نجم الدين سومرو سندس سوٽ
(3) ٽيون دور:
آخري سمو چئجي ته به صحيح ٿيندو، مدرسه قاسميه ڳڙهي ياسين 1931ع کان 1964ع تائين اوج ڪري بيٺو، هن دور جو مدرس اعليٰ مولانا محمد ابراهيم سومرو هو، جنهن اداري کي 34 سال هلايو، هن دور ۾ نائب مدرس مولانا نجم الدين سندس سوٽ رهيو.
هن مدرسي جا اُهي عالم شاگرد تحصيل ڪري نڪتا:
1. مولانا يار محمد چنا
2. مولانا خليل الرحمان چوڌري
3. مولانا محمد علي جيڪب آبادي
4. مولانا جان محمد شڪارپوري
5. مولانا عبدالعزيز
6. مولانا محمد موسيٰ ياسيني
مدرسو قاسميه ڳڙهي ياسين جي مدرسن ۽ معلمن جو احوال:
(1) علامه محمد هاشم ڳڙهي ياسيني:
سندس والد جو نالو محمد بخش سومرو اصل شهدادڪوٽ جو رهواسي هو، جنهن کي بختاور فرزند 1259هه برابر 1847ع ۾ پيدا ٿيو، سموري ديني تعليم مدرسي شهداد ڪوٽ ۾ پڙهيو، تعليمي رهبري استاد العلماءِ علامه نور محمد شهدادڪوٽيءَ کان نصيب ٿيس، جتان 1870ع ۾ فيضن ڀري سند لڌائين.
سند يافته هئڻ کان پوءِ ڀرمي ڳوٺ جا کيس دعوت ڏئي وٺي ويا ان ڪري ديني تعليم جو 1870ع ۾ بندوبست ڪيو ويو، ڀرمي ڳوٺ تعلقي ميرو خان ۾ آهي، قنبر ۽ شهدادڪوٽ روڊ جي اولهه ۾ شهدادڪوٽ شهر جي ويجهو آهي، پر ميرو خان شهر کان گهڻو پري آهي، هن درسگاهه ۾ 10 سال پڙهايائين.
ڀرمي مدرسي جا مشهور شاگرد:
1. مولانا ڪريمداد چانڊيه
2. مولانا غلام عمر چانڊيه
3. مولانا عنايت الله آگرو
4. مولانا ڪمال الدين سيوهاڻي
مدرسي ڀرمي ۾ مولانا تاج محمد ابڙو ڪٽباري بلوچستاني علامه محمد هاشم کي دعوت ڏئي بلوچستان وٺي ويو، ته سندس پٽ گل حسن ابڙي کي تحصيل ڪرائي 1880ع ۾ علامه مدرسو ڪٽباري هلائڻ شروع ڪيو، جتي هن جي فرزند کي ديني تعليم ۾ تحصيل ڪرائي، نواب اسد الله رئيساڻي جي جاگير ۾ قاضي مقرر ٿيو، ڪن ڳالهين تي نواب رئيساڻي سان نه ٺهي سگهيو ان ڪري 1885ع ۾ بلوچستان ڇڏي ويو، پوءِ ميان جي ڳوٺ تعلقي شڪارپور ۾ درس هلايائين، ساڳي سال ڳڙهي ياسين درس تدريس شروع ڪيائين.
مدرسي ڪٽباري بلوچستان جا شاگرد:
1. مولانا گل حسن ابڙو ڪٽباري
2. مولانا تاج محمد بلوچستاني
جڏهن ته علامه محمد هاشم سومرو اصل شهدادڪوٽ جو رهاڪو هو، مدرسو ڀرمي جو بنياد رکيائين ۽ اتي ڏهه سال پڙهايائين، مدرسي ڪٽبار بلوچستان ۾ 5 سال رهيو، ميان جي ڳوٺ ۾ مدرسو قائم ڪيائين، ان حالت ۾ هن علامه چئني هنڌن سان پنهنجي نسبت نه ملائي، جڏهن ڳڙهي ياسين ۾ درس تدريس شروع ڪيائين ته هي ماڳ کيس ڏاڍو پسند پيو، ان ڪري هن پنهنجي نالي پويان ڳڙهي ياسيني“ چوائڻ شروع ڪيو، ساڳي وقت هن درسگاهه اتر سنڌ، بلوچستان، پنجاب، افغانستان تائين ديني پڙهائي جو اثر ڇڏيو، علامه شاعر ۽ اديب هو، ڪيترن ڪتابن جا حاشيا به لکيائين، علم فقه تي کيس وڏو عبور هو، فتويٰ جو ڪم به ڪندو رهندو هو، سندس لکيل تحريرون پوين وٽ محفوظ رهيون اچن.
اولاد: ٽي فرزند ٿيا، جن جا نالا هئا:
(1) مولانا محمد صالح
(2) علامه محمد قاسم
(3) مولانا محمد ابراهيم
جڏهن تحريرون ڪڍندو هو تڏهن فيصلن جي آخر ۾ مهر هڻي صحيح ڪري ڇڏيندو هو، سندس مهر:
روشن از نور محمد هاشم است
سال 1312هه
19 شوال 1322هه برابر 28 نومبر 1904ع تي ڳڙهي ياسين ۾ هي جهان ڇڏي ويو.
(2) علامه محمد قاسم سومرو:
سندس والد جو نالو علامه محمد هاشم سومرو هو، جنهن کي مٿين نالي سان 16 ربيع الآخر 1305هه برابر 3 ڊسمبر 1887ع تي فرزند ارجمند پيدا ٿيو، اها آچر ڏينهن جي صبح جي گهڙي هئي.
علمي ماحول ورثي ۾ مليس، 4 سالن جي عمر ۾ مدرسي ڳڙهي ياسين ۾ والد جي رهبريءَ ۾ سکيا شروع ڪيائين، ننڍي کان زيرڪ ۽ ذهين هوندو هو، ان ڪري ٻارائپ ۾ پارسي شعر چوڻ لڳو، مدرسي ڳڙهي ياسين ۾ مٿين ٽن ڪتابن کان سواءِ ٻيا سڀ ڪتاب اتي ئي پورا ڪيائين، ڇاڪاڻ ته علامه محمد هاشم پٽ کي سکيا ڏيندي فقط ٽي ڪتاب رهائي رحلت ڪري چڪو، بقايا ٽي ڪتاب 1905ع ۾ مدرسي همايوني ۾ علامه عبدالغفور همايونيءَ جي رهبريءَ ۾ پڙهي پورا ڪري ورتائين، جنهن جي صحبت ۽ استادي شفقت هن جي سڀاءُ ۾ ڪيئي رنگ ڀري ڇڏيا، 18 سالن جي اوستا ۾ ديني علوم جي فيض ڀري دستاربندي ٿي وئي.
علامه محمد قاسم جي سنڌي، پارسي ۽ عربي ٻولين ۾ فصاحت ۽ بلاغت پڌر پيل هئي، تقرير ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پارسيءَ جو وڏو شاعر ۽ عربيءَ جو ماهر هوندو هو، هن جي هٿين اکرين فتويٰ قاسميه چئن جلدن ۾ ٿيندي، جا سندس وڏو شاهڪار آهي، مدرسه قاسميه ڳڙهي ياسين کي اوج تي پهچايو، تنهن ڪري هي ادارو قاسميه سان مشهور ٿيو، ڪيترن دين جي شائقن کي فيض رسايائين، جن مان 28 عالم گهڻو هاڪارا رهيا، جيڪي هن جي علمي سخاوت جو ڪمال ثبوت آهن، جن مان عالم، مدرس، اديب، شاعر، صحافي، ليکڪ، تفسير، فقيه، سياستدان ٿي اڀريا، هن درسگاهه جو ناميارو شاگرد مفتي اعظم پاڪستان علامه صاحبداد صاحب هڪ نرالي شخصيت جو مالڪ ٿي اڀريو، علامه محمد قاسم 44 سال حياتي جا ماڻي 18 ذوالقعد 1349 هه برابر 18 مارچ 1931ع تي ڳڙهي ياسين ۾ رحلت ڪري ويو.
(3) مولانا محمد ابراهيم سومرو:
علامه محمد هاشم کي محمد ابراهيم نالي 1307هه برابر 1889ع ۾ ڳڙهي ياسين ۾ فرزند عطا ٿيو، جنهن ڪجهه تعليم پنهنجي والد جي سائي هيٺ پرائي، باقي علوم ڀاءُ علامه محمد قاسم جي رهبريءَ هيٺ پڙهي ڇڏيا، 1915ع ۾ تحصيل ڪري ورتائين، سند وٺڻ کان پوءِ ساڳي سال مدرسي همايون ۾ تعليم 12 سال ڏنائين، 1927ع ۾ جيڪب آباد شهر ۾ يتيم خاني ۾ مدرسو هلائڻ جاري ڪيائين، ڀاءُ ۽ استاد علامه محمد قاسم جي وفات بعد 1931ع ۾ مدرسو ڳڙهي ياسين جو صدر مدرس ٿيو، ۽ نائب مدرس مولانا نجم الدين کي ڪري ورتائين، جيڪو هن جو سؤٽ به هو، مدرسي مان هن صدر مدرس جي حيثيت سان ڪيترا عالم تحصيل ڪرايا، مولانا مدرس سان گڏ ليکڪ ۽ شاعر، اديب به هو، هن جا 12 ڪتاب لکيل آهن، جن مان 4 ڪتاب پارسي ۽ هڪ ڪتاب عربي ٻولين ۾ لکي ورتائين، جڏهن ته ست ڪتاب سنڌي ۾ طبع آزمائي ڪيائين، جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
1. مشڪوات شريف جو سنڌي ترجمو
2. قوة ايمان
3. العقول الصواب
4. مناسڪ حج
5. لباس النبي ڪريم ﷺ
6. تعليم مسلمين
7. فتويٰ
مولانا محمد ابراهيم 12 ڊسمبر 1964ع تي وفات ڪري ويو.
مولانا نجم الدين سومرو:
سندس والد جو نالو امام بخش سومرو ڳڙهي ياسين ۾ 1326هه برابر 1908ع ۾ پيدا ٿيو، علامه محمد هاشم ڳڙهي ياسين جو ڀائيٽو لڳي، هن جا ٻه سؤٽ وڏا عالم هئا.
1. علامه محمد قاسم سومرو
2. مولانا محمد ابراهيم سومرو
مولانا نجم الدين سمورو علم مدرسي ڳڙهي ياسين ۾ پڙهيو، جنهن سان منهنجي گڏجاڻي 22 سيپٽمبر 1978ع ۾ ٿي، سندس ڊؤل هو، چڱي قد، ڍڪيل جسم، وارن ۾ گهڻي سفيدي، هلڻ، گهمڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ ڪا به ڪمزوري نه نظر ايندڙ، نرم گفتار، منهن ۾ مرڪ، سخي، ماضي کي بيان ڪرڻ ۾ ڪنهن به هٻڪ جي محتاجي کان آزاد، پنهنجي استاد کان هيڪاندو متاثر، ۽ سؤٽ سان اٿاهه سڪ، پنهنجي مسلڪ سان چس، ٻين جي مسلڪ سان رواداري، سهپ، ۽ جاذب شخصيت جو مالڪ نظر آيو.
علامه محمد قاسم سومرو ڳڙهي ياسين ۾ 1931ع ۾ الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو، ساڳئي سال مدرسي جو مدرس اعليٰ مولانا محمد ابراهيم سومرو ٿيو، جنهن جو نائب مدرس مولانا نجم الدين سندس سؤٽ مقرر ٿيو، 1964ع ۾ مولانا محمد ابراهيم سومرو رحلت ڪري ويو، سندس جاءِ تي مدرس اعليٰ مولانا نجم الدين ٿيو،جنهن جا نائب مدرس ٻه پٽ 1. مولوي محمد قاسم ثاني، 2. مولوي محمد صائم ٿيا.
مولانا نجم الدين مدرس اعليٰ جي حيثيت سان مدرسي ڳڙهي ياسين ۾ 19 سال پڙهائي 19 آڪٽوبر 1979ع تي وفات ڪري ويو، سندس شاگرد مذڪور مدرسي مان جيڪي نڪتا اهي هي هئا:
1. مولوي صحبت
2. مولوي الاهي بخش درس
3. مولوي عبدالرزاق بروهي
4. مولوي عبدالخالق ناڙيوال
5. مولوي عبدالله افغان
6. مولوي رحمت الله بروهي
7. مولوي غلام قادر ناڙيوال
8. مولوي عبدالحي بروهي
علامه صاحبداد جمالي:
جيئن ته مدرسه قاسميه ڳڙهي ياسين اتر سنڌ ۾ علم جو درياءَ ٿي ثابت ٿيو، جنهن مان ڪيترائي واهڙ وهي نڪتا، جن بلوچستان جي ويران ميدان کي رجائي سر سبز ڪري ڇڏيو، هن مدرسي هڪ پاسي ماڻهن کي قلم ۽ فلسفو عطا ڪيو، ٻئي پاسي سياسي شعور بيدار ڪيو، لُهرن شاگردن مان علامه صاحبداد ولد خميسو خان جمالي اڀريو، جيڪو ڳوٺ لوڻي ضلع سبي بلوچستان ۾ 1316هه برابر 1898ع ۾ پيدا ٿيو.
تعليم جو چيرو:
هڪ درجو انگريزي سبي شهر کان پورو ڪري، مدرسي لانڊي تعلقو ڀاڳ ۾ مولانا محمد يوسف وٽ ابتدائي پارسي ۽ ڪجهه عربي پرايا، پوءِ ڪيترا مدرسا ڀيٽي نيٺ درسگاهه قاسميه ڳڙهي ياسين ۾ گوڏا ڀڃي ديني بقايا علوم کي علامه محمد قاسم جي رهبري هيٺ پورو ڪيائين، 11 ذوالقعد 1336هه برابر 21 جولاءِ 1918ع تي فيض حاصل ڪري سند لڌائين، ان کان پوءِ استاد جي حڪم تي هيٺين مدرسن ۾ تعليم جاري رکيائين.
1. مدرسو راڻي پور خيرپور 1918ع ۾ پير سيد علي مدد شاهه جيلانيءَ جي دعوت تي هتي درس تدريس هڪ سال ڏنائين،
2. مدرسه ڪٽبار بلوچستان، ڪٽباري بزرگن جي دعوت تي 1919ع ۾ ويو، ٻه سال درس جاري رکيائين، جتي مولانا تاج محمد ثاني کي تحصيل ڪرائي.
3. مدرسو سلطان ڪوٽ ضلع سکر هتي مستقل رهائش ڪري پڙهائڻ ۽ اشاعت جو ڪم ڪيائين، هتان هڪ ”رسالو الاسلام“ ماهيانو جاري ڪيائين، ٻيا ڪيترا ڪتاب لکيائين، جن مان 19 ڪتاب مشهور ٿيا، هن درسگاهه مان هيٺيان عالم تحصيل ڪري نڪتا:
1. مولانا الاهي بخش سلطان ڪوٽي
2. مولانا ولي محمد ڪٽباري
3. مولانا ميان دوست محمد
4. مولانا عبدالستار
جولاءِ 1934ع تي سلطان ڪوٽ ڇڏي، مير احمد يار خان قلات جو استاد مقرر ٿيو ۽ قلات جو قاضي القضاة ٿيو، پر کيس اتي مزو نه آيو، ان ڪري 1935ع ۾ ڇڏي سلطان ڪوٽ ۾ اچي وري رهيو، 1939ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿي، سرگرم رڪن جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، مسلم ليگ کيس راس نه لڳي، ان ڪري 1943ع ۾ هن جماعت کي ڇڏي ويو، 1947 کان پوءِ سنڌ ڪراچي جمعية اهل سنت جو صدر ٿي رهيو، ان دوران سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ استاد مقرر ٿي پڙهايائين، 1952ع ۾ هن اداري جي استادي ڇڏي ويو.
جامع راشديه پير ڳوٺ: تعلقو خيرپور ۾ 1952ع کان پوءِ شيخ الجامعه مقرر ٿيو، جتي سندس زير نظر 8 عالم نائب مدرس ڪم ڪندا هئا، هي موصوف علامه 25 جماد الاوليٰ 1385هه برابر 22 جولاٰءِ 1965ع تي حقيقي جهان ڏانهن راهي ٿيو.