ٻه اکر
ماستر صاحب جي وڃڻ کانپوءِ، پهريون ڀيرو مون سوچيو هو ته عليخان ابڙي جي شخصيت ڪافي اثر انگيز هوندي، جنهن جو شاگرد 35- 40 سالن جي سِڪ لاهڻ لاءِ مون سان اچي مليو آهي.
ان کان پوءِ، اها سن 2000ع ڌاري جي ڳالهه هوندي، جڏهن هڪ ڏينهن بابا سائين (جمال ابڙي) ڪنهن ڳالهه تي چيو، ”متان ڪڏهن وڏائيءَ ۾ پئو! توهان کي ڪا غلط فهمي نه هجي، انڪري ٿو چوان ته وڏائي ته جيڪر آئون ڪريان ها، ڇو ته منهنجو پيءُ توهان جي پيءُ کان وڏو ماڻهو هو“. هن جنهن وقت اهي اکر چيا، آئون سندس اکين جي چمڪ ڏسي حيران ٿي ويو هئس. بابا سائين هميشهه اکيون اکين سان ملائي ڳالهائيندو هو. مون کي اها چمڪ ۽ لهجو اڄ تائين ياد آهي. بابا سائين عدليه ۾ جج، سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري ۽ چيئرمن اينٽي ڪرپشن جي عهدن تي رهي چڪو هو، منهنجي لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي ته عليخان ابڙو هن کان وڏو ماڻهو ڪيئن هو؟
ماستر صاحب کان پوءِ بابا سائين جا لفظ منهنجي لاءِ اتساهه بڻجي ويا ته آئون عليخان ابڙي کي ٻيهر ڳوليان، سندس گم ٿيل ڪتابڙا، مضمون ۽ تقريرون جيڪي سڀ وقت جي دز ۾ گم ٿي چڪا هئا، جمع ڪري ٻيهر شايع ڪرايان. ايئن ثناءُالله سومرو به گڏجي پيو. سچ پچ ته مواد سهيڙڻ ۽ ترتيب ڏيڻ ۾ هن علي خان ابڙي صاحب سان پنهنجي محبت جو پورو ثبوت ڏنو. مون مواد سهيڙڻ لاءِ تڏهوڪين اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرايا هئا، ۽ ثناءُالله کي شهر شهر وڃي لائبررين مان مواد ڳولڻو پيو.
مون کي گهڻي کان گهڻو مواد سنڌالاجي (ڄامشورو)، سنڌ آرڪائيوز (ڪراچي)، سکر ۽ ڪوٽڙي ڪبير جي لائبررين مان مليو. ڪجهه مواد گهوٽڪي، ماٿيلي، ميرپورخاص، ڇِني، گڏاپ ۽ ٻين شهرن مان ذاتي لائبررين مان مليو، ڪجهه مواد منهنجي ذاتي لائبرريءَ ۾ موجود هو. اهو سڄو مواد سهيڙيو ۽ ترتيب ڏنو ويو ته خبر پئي ته انهن ۾ سڀ کان پراڻو مضمون 1917 جو آهي، جيڪو ايترو پڪو پختو آهي جو صاف ڏسجي ٿو ته ليکڪ ان کان ڪافي اڳ لکندو رهيو آهي. ابڙو صاحب 91-1890ع ڌاري ميهڙ جي ڀرسان ڳوٺ سانگي ۾ پيدا ٿيو. يعني هٿن ڪتاب ۾ 1917 وارو مضمون ان وقت جو آهي جڏهن سندن عمر 27 سال هئي. منهنجو اندازو آهي ته ابڙي صاحب 1910 کان 1915 ڌاري ڪنهن وقت باقاعدي لکڻ شروع ڪيو هوندو.
ابڙو صاحب پوريءَ طرح شمس العلماءَ دائودپوٽي جو همعصر آهي. سندن ٻيا همعصر اديب ۽ عالم خاص ڪري علامه آءِ آءِ قاضي (1968ــ1886)، مولانا دين محمد وفائي (1950ـ1893) ، ڀيرومل مهرچند اڏواڻي (1950ـ 1876) ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي (1947ـ1884)، خانبهادر محمد صديق ميمڻ وغيره آهن. ابڙو صاحب آگسٽ 1954 ۾ لاڙڪاڻي ۾ گذاري ويو. سندس آخري آرام گاهه قائم شاهه بخاري جي درگاهه جي اتر ۾ آهي.
جيئن ته ابڙو صاحب رٽائرمينٽ کانپوءِ دل جي بيماريءَ سبب حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جو ماحول ڇڏي لاڙڪاڻي ۾ گوشه نشين ٿي قرآن شريف جي ”تفسير المنير“ جي نازڪ ڪم ۾ مشغول ٿي ويو، ۽ علمي ماحول ۽ مذاڪرن کان پاسيرو رهيو ۽ ٽن چئن سالن جي مختصر عرصي ۾ گذاري ويو، انڪري جلد ئي وقت جي ڪوهيڙي ۾ لڪي ويو.
علامه صاحب جا ڪتابڙا ۽ اخباري مضمون، محفوظ نه رهيا، خود سندن ذاتي لئبريري 1942 واري ڪاري ٻوڏ ۾ لڙهي وئي، جيڪا ڳوٺ سانگي (ميهڙ) ۾ هئي. (هي ڳوٺ تازو 5 سيپٽمبر 2010 تي ٻيهر ڪاري ٻوڏ هيٺ آيو). سندن علمي پورهيو ’تفسير المنير‘ سندن حياتيءَ ۾ ڪو نه ڇپيو. بلڪه اهو پورا پنجاهه سال پوءِ ’سنڌيڪا‘ مان ڇپجي سگهيو. اها سعادت به مونکي ملڻي هئي، مون تفسير المنير جو مسودو 1994ع ۾ پنهنجي گهر ۾ ئي ڪمپوز ڪرايو ۽ پوءِ سائين نور احمد ميمڻ جي شوق تي کيس ڏيئي ڇڏيم. ”تفسير المنير“ جي پڌرائيءَ کانپوءِ علامه علي خان ابڙو ٻيهر ڪوهيڙي مان ظاهر ٿيو. ان وقت تائين سنڌي قوم هن عظيم تعليمدان، اصلاح پسند صحافي ۽ سندس ٻاجهاري لب لهجي کي بنهه وساري چڪي هئي. ان وچ ۾ ٻه نسل گذري ويا آهن. هاڻي، خود لاڙڪاڻي واسين لاءِ اها حيرت جي خبر آهي ته سنڌي ماڻهن جي تعليم ۽ اخلاقي اصلاح لاءِ پاڻ کي ارپيندڙ هي صاحب هن ئي شهر ۾ ابدي ننڊ ڪري رهيو آهي.
بس! منهنجي اها ئي ننڍڙي خواهش هئي ته علامه علي خان ابڙي جي شخصيت کي سندس مقام ڏيارجي ۽ سندس تحريرون گڏ ڪري اها امانت سنڌ واسين تائين پهچائجي. سندس تحريرن کي ٻن يا ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي واضح طور تي درسي تعليم، اسلامي تعليمات، سماجي ۽ سياسي موضوعن ۾ ورهايل آهن. منهنجي ڪوشش هئي ته ابڙي صاحب جا سمورا ڪتاب، ڪتابڙا ۽ مضمون هڪ هنڌ شايع ڪجن، پر مون کي سڄو مواد هٿ اچي نه سگهيو، پر هڪ اندازو اٿم ته هتي سندن 90 سيڪڙو تحريرون شامل آهن. آئون وري به سنڌيڪا ۽ ڀائو نور احمد ميمڻ جو ٿورائتو آهيان جنهن سنڌ جي هن لائق پٽ کي ٻيهر ظاهر ڪرڻ ۾ پنهنجوڪردار ادا ڪيو آهي. مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي استادن ۽ عالمن لاءِ سٺي سوکڙي ثابت ٿيندو.
شال قبول پوي
[b]بدر ابڙو
[/b]