امام اعظم نمبر 4
حضرت امام باقر ؑ سان به اهڙو ئي واقعو پيش آيو. امام ابو حنيفه ٻئي ڀيري مديني ويو ته امام موصوف جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. سندس هڪ ساٿيءَ سڃاڻ ڪرائي ته هي ابو حنيفه آهي. پاڻ ابو حنيفه کي خطاب ڪري فرمايائون ته ”هاڻ توهان قياس لڳائي، منهنجي ناني جي حديثن جي مخالفت ٿا ڪريو.“ ابو حنيفه نهايت ادب سان چيو عياذ باالله حديث جي مخالفت ڪير ٿو ڪري سگهي. توهان تشريف رکو ته ڪجهه عرض ڪيان. پوءِ هن طرح گفتگو هلي :-
ابو حنيفه: مرد ضعيف آهي يا عورت؟
امام باقر: عورت
ابو حنيفه: وراثت ۾ عورت جو حصو زياده آهي يا مرد جو؟
امام باقر: مرد جو
ابو حنيفه: مان قياس لڳايان ها ته چوان ها ته عورت کي زياده حصو ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ظاهري قياس ضعيف کي زياده ملڻ گهرجي
ابو حنيفه وري پڇيو ته نماز افضل آهي يا روزو
امام باقر: نماز
ابو حنيفه: انهيءَ مد نظر تي حيض واري عورت تي نماز جي قضا واجب هئڻ گهرجي نه روزه جي، حالانڪه مان روزه جي قضا جي فتويٰ ٿو ڏيان.
امام باقر ايتري قدر خوش ٿيا، جو اٿي سندس پيشانيءَ کي چميائون. ابو حنيفه ڪجهه مدت تائين استفاده جي غرض سان سندن خدمت ۾ حاضر رهيو، فقه ۽ حديث جي متعلق ڪيتريون ئي عجيب ڳالهيون حاصل ڪيائين. شيعن ۽ سنين ٻنهي قبول ڪيو آهي ته امام ابو حنيفه جي معلومات جو وڏو ذخيرو حضرت ممدوح جي صحبت جو فيض هو. امام صاحب سندن فرزند رشيد حضرت جعفر صادق ؑ جي صحبت جي فيض مان به گهڻو فائدو ورتو. جنهن جو ذڪر عام طرح تاريخن ۾ ملي ٿو. ابن تيميه انهيءَ جو انڪار ڪيو آهي، هن سبب ڪري ته امام ابو حنيفه حضرت جعفر صادق جو همعصر ۽ همسر هو، تنهن ڪري سندن شاگردي ڇو اختيار ڪئي هوندائين. ليڪن هي ابن تيميه جي گستاخي آهي. امام ابو حنيفه ڪيڏو به مجتهد ۽ فقيه هجي، مگر فضل ۽ ڪمال ۾ هن کي حضرت جعفر صادق سان ڪيئن ڀيٽي سگهبو. حديث ۽ فقه بلڪ سڀ مذهبي علوم اهلبيت جي گهر مان نڪتا.