اسان خدا جي عبادت ڪندڙ آهيون يا شيطان جي
الله تعاليٰ جي عبادت جو مثال ڪجهه قدرائين آهي جيئن هڪ انسان نوڪر پنهنجي ڌڻي جا ڪم ڪاريون ٿو ڪري، تفاوت فقط هي آهي ته ڌڻيءَ کي پنهنجي نوڪر جي ڪم ڪار جو احتياج آهي. جيڪڏهن نوڪر ڪم ڪار ڪري ٿو ته ڌڻي کي سُک ۽ فائدو رسي ٿو پرجي نٿو ڪري ته ڌڻي کي تڪليف ۽ نقصان ٿو پهچي. مگر الله تعاليٰ جا حڪم اسان بجا آڻيون ته کيس ڪوبه فائدو ڪونه ٿو پهچي ۽ نٿا بجا آڻيون ته کيس ڪوبه نقصان ڪونه ٿوٿئي. الله تعالى جي حڪمن بجا آڻڻ ۾ اسان جو ئي فائدو آهي. ۽ بجاآڻڻ سان اسان هن دنيا ۾ خواهه آخرت ۾ ڪاميابي، آسودگي ۽ سعادت ماڻيون ٿا. پر جيڪڏهن الله تعالى جي حڪمن جي خلاف هلون ٿا ته نه رڳو سڃا ۽ خوار خراب ٿيون ٿا پر هزارين مصيبتون ۽ برباديون ڏسون ٿا. دنيا جي مسلمانن جي تاريخ جنهن پڙهي هوندي سو هي ڳالهه چڱي طرح سمجهي سگهندو. اوائلي مسلمان قرآن شريف سمجهندا ۽ ان تي عمل ڪندا هئا تنهنڪري هو دولت مند ۽ بادشاهه ٿيا، مگر مسلمانن ۽ اسان قرآن شريف کي بلڪل ڇڏي ڏنو تنهنڪري اسان جون بادشاهتون ته هليون ويون پر جيڪي ٻيون مصيبتون اسان ڏٺيون ۽ ڏسون پيا تن جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. الله تعاليٰ جي عبادت جو مثال نوڪر ۽ ڌڻي سان هن طرح آهي جيئن نوڪر وقت به وقت ڌڻي وٽ حاضر ٿي سلام ۽ نياز ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته تون منهنجو سائين آهين مان تنهنجو نوڪر آهيان. جيڪي حڪم ڏيوسي مان بجا آڻيان تيئن اسين به الله تعاليٰ جي درگاه ۾ پنج وقت حاضر ٿي بحد ڪمال عجزو نياز ظاهر ڪريو ن ٿا ۽ چئون ٿا ته تون ئي اسان جو رب پالڻهار آهين، اسين تنهنجا عاجز ٻانها آهيون اسان فقط تنهنجي ئي ٻانهپ ڪيون ٿا ۽ جيڪي حڪم آهن تن جي تعميل ڪيون ٿا (اياڪ نعبد) پوءِ جيڪڏهن نوڪر رڳو وقت به وقت پنهنجي ڌڻي وٽ ادب سان سلام ڪري ۽ چوي ته مان تنهنجي حڪم جو بندو آهيان مگر جيڪي حڪم ڌڻي چويس سي نه ڪري، رڳو رُلي پني موٽي اچي ته پوءِ ڌڻي ساڻس ڪهڙي هلت ڪندو. ظاهر آهي ته ڌڻي هن جي خالي سلام ۽ نياز مان راضي ته ڪونه ٿيندو پر اُٽلندو تپي باهه ٿي ويندو ۽ چوندو ته بدمعاش هي ڇا ٿو ڪرين! مون کي چوين ٿو ته مان حڪم جو بندو آهيان مگر منهنجو ڪوبه ڪم ڪونه ٿو ڪرين. پوءِ ڌڻي هن کي پگهار ته ڪونه ڏيندو پر مورڳو لت هڻي نوڪري مان ئي ڪڍي ڇڏيندس ساڳئي طرح اسان به جيڪڏهن الله تعاليٰ جي درگاهه ۾ حاضري ڀري کيس چئون ته اسان فقط تنهنجي ئي فرمانبرداري ٿا ڪريون مگر درحقيقت سندس حڪمن کي ٺوڪر هڻي شيطان جي حڪمن تي هلون ته الله تعالى اسان کي ڇا فرمائيندو هُو فرمائيندو ته اوجاهل، ڪميڻا! تون مون گدو بندر جي چرين جهڙو سمجهيو آهي؟ ڇا مون کي ايتري به خبر ڪانه ٿي پوي ته تون منهنجي حڪمن تي بلڪل ڪونه ٿو هلين، رڳو منافقي طرح مونکي سجدو ٿو ڪرين ۽ چوين ٿو ته مان فقط تنهنجي عبادت ٿو ڪيان. مان نه ٿو ڏسي سگهان ڇا ته تون مون وٽ خالي سلام ڪري پوءِ اٺئي پهر شيطان جي نوڪري ٿو ڪرين نه منهنجي. مون کي تنهنجي ڪوڙي خوشامد پسند ناهي. پوءِ الله تعاليٰ هن کي لت هڻي لعنتي ڪري ڪڍي ڇڏيندو ۽ کيس انعامن ۽ نعمتن ڏيڻ بدران عذابن ۾ گرفتار ڪري خوار خراب ۽ تباهه ڪندو ۽ سچ پچ الله تعاليٰ اسان کي لت هڻي ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ مصيبتن ۾ گرفتار ڪري خوار خراب ڪيو آهي. ڇو ته اسين سچ پچ سندس عبادت ڪانه ٿا ڪيون پر شيطان جي عبادت ٿا ڪريون.
جيڪڏهن اسان خدا جي حڪم جي خلاف پنهنجي نفساني خواهش موجب هلت ٿاڪيون ته اسان سچ پچ حرص و هوائن جي بتن ۽ شيطان جي پوڄا ٿا ڪيون. جيڪڏهن اسان خدا جي حڪمن جي خلاف وڏيرن، زبردستن يا عملدارن جي چوڻ تي ٿا هلون ۽ منجهائن چڱائي جي اميد يا نقصان جو خؤف رکي سندن بيجا خوشامد يا رسائي وغيره ٿا ڪيون ته اسان کين خدا سمجهي سندن ئي عبادت ٿا ڪريون نه ته اسان جي عزت ۽ ذلت، نفع ۽ نقصان شاهوڪاري ۽ سڃائي، حياتي ۽ موت الله تعاليٰ جي هٿن ۾ آهي نه وڏيرن ۽ عملدارن جي هٿ ۾. الله تعاليٰ جو حڪم آهي ته فقط مون ۾ اميدون رکو ۽ فقط مون کان ڊڄو. مگر اسان خدا جو خوف ڦٽي ڪري ٻين کان ڊڄي رهيا آهيون. زبان سان اسان ڪجهه به چئون مگر درحقيقت عملاً اسان شيطان، وڏيرن ۽ عملدارن جي پوڄا ڪري رهيا آهيون تنهنڪري مشرڪ ۽ ڪافرآهيون، تنهنڪري ئي الله تعاليٰ اسان تي طرح طرح جون مصيبتون نازل ڪري رهيو آهي.
اسان نه رڳو پنهنجي حرص وهوائن جي بُتن، وڏيرن، عملدارن، بدمعاش ۽ ظالمن جي پوڄا ڪري رهيا آهيون پر اسان پيرن فقيرن ۽ عالمن کي به رب سمجهي انهن جي پرستش ڪري رهي آهيون. قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته يهودين پنهنجي عالمن کي رب ڪري ورتو آهي ڇو ته هو خدا جي حڪمن جي خلاف پنهنجي پادرين جي حڪمن تي هلي رهيا آهن. ساڳي طرح اسان به قرآن شريف ۾ ڏنل الله تعاليٰ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ته پنهنجي ماڳ پر راڳو انهن حڪمن جي معلوم ڪرڻ جي به ڪوشش نه ٿا ڪريون ۽ الله جي حڪمن جي خلاف مولوين، فقيرن ۽ پيرن جي چوڻ تي ٿا هلون ۽ يهودين وانگر انهن کي پنهنجا رب ڪري ورتو اٿئون.
ڀائرو سجاڳ ٿيو، الله تعالى جي درگاهه ڏي موٽو، قرآن شريف معنيٰ سان پڙهو، ان تي غور ۽ فڪر ڪريو ۽ ان تي عمل ڪريو پوءِ وري به الله تعالى اوهان کي سر بلند ڪندو ۽ دنيا ۽ آخرت جي سعادت نصيب ڪندو.
(توحيد مارچ 1938ع