ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علم ۽ ديني علم

حضور اڪرم ﷺ کان اڳ عربن جي حالت سچ پچ وحشين جهڙي هئي. ڪنهن جو اٺ پرائي پوک ۾ پوندو هو يا هڪڙو شخص ٻئي کان گهوڙو اڳ ۾ ڪندو هو ته اهڙي جنگ مچي ويندي هئي جو هزارين گهر برباد ٿي ويندا هئا. مڪي ۾ قانون ۽ ضابطي نه هئڻ ڪري بدامني تمام گهڻي هوندي هئي، جان ۽ ملڪيت جي سلامتي بلڪل ڪانه هئي. تهذيب جو ته نشان به ڪونه هو، ڌيئرن کي جيئري قبر جي حوالي ڪندا هئا، زنا جائز سمجهندا هئا، رڳو پيءُ جي زالن کان به نه ٽرندا هئا. شراب خوري ۾ اهڙا مست ٿي ويندا هئا جو نشي ۾ پنهنجن عزيزن کي به قتل ڪري وجهندا هئا. ڪوڙ ۽ وعده شڪني جو عام رواج هو. دين جي اها حالت هئي جو ڪعبة الله شريف ۾ 360 بت هئا. ازانسواءِ گهر گهر ۾ بت هوندو هو. انهن بتن کي راضي ڪرڻ لاءِ هزارين اٺ ڪهي کڻي اڇلائيندا هئا جن کي ڪتا ۽ گدڙ پيا کائيندا هئا. ان وقت نه رڳو عرب جو ملڪ پر سڄي دنيا بگڙيل حالت ۾ هئي. اهو زمانو ايام جاهليت ٿو سڏجي نه ايام ڪفر. هن هڪڙي لفظ ۾ وڏو مقصد رکيل آهي. ڪفر جاهليت جو لازمي نتيجو آهي. ڇو ته جاهل ماڻهوءَ کي ڪهڙي خبر ته اسلام ڇا آهي ۽ ڪفر ڇا آهي. هن زماني ۾ اسان رڳو نالي جا مسلمان آهيون، رڳو ڪلمو شريف ٿا پڙهون سو به طوطي وانگر بنا سمجهه جي. جهالت ايتري وڌي وئي آهي جو عام ماڻهو ڪفر جا اعتقاد ٿا رکن، ۽ ڪفر جا ڪم ٿا ڪن. حضرت رسول ﷺ جو قول آهي ته الله تعاليٰ جل شانه جا وڏا دشمن اهي آهن جي پاڻ کي سڏائين مسلمان مگر ڪم ڪن ڪفر جا. هن مان صاف ظاهر آهي ته جاهليت ڪفر جي ويجهو آهي ۽ علم کان سواءِ پورو مسلمان ٿيڻ محال آهي.
جڏهن سڄي دنيا جهل ۽ فساد ۾ غرق ٿي وئي تڏهن الله تعاليٰ جي غيرت جو درياءُ جوش ۾ آيو ۽ سندس رحمت نازل ٿي. جهل جي ظلمات کي دور ڪري دنيا کي علم جي نور سان منور ڪرڻ لاءِ اسلام جو آفتاب مڪي معظم کان عالمتاب ٿيو. جاهليت هلي ويئي، علم جو دور آيو، عرب پاڻ ۾ ڀائر ٿي پيا، محبت ۽ اتفاق پيدا ٿيو. اتفاق ۽ علم جي ڪري مسلمان اندلس (اسپين) کان گنگا تائين پکڙجي ويا. بغداد ۽ بخارا، مصر ۽ ڪارڊووا علم جا مرڪز ٿيا. پهريون پهريون وحي جو حضرت جبرئيل ؑ آن حضرت ﷺ وٽ آندو سو هيءُ هو:
اِقْرَاۡ بِاسْمِ رَبِّکَ الَّذِیۡ خَلَقَ ۚ﴿۱﴾ خَلَقَ الْاِنۡسَانَ مِنْ عَلَقٍ ۚ﴿۲﴾ اِقْرَاۡ وَ رَبُّکَ الْاَكْرَمُ ۙ﴿۳﴾ الَّذِیۡ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ ۙ﴿۴﴾ عَلَّمَ الْاِنۡسَانَ مَا لَمْ یَعْلَمْ ؕ﴿۵﴾
يعني پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان جنهن خلق کي خلقيو ۽ انسان کي رت ڦڙي مان ٺاهيو، پڙهه رب تنهنجو ڏاڍو مهربان آهي جنهن قلم جي وسيلي علم سيکاريو ۽ انسان کي اهي ڳالهيون سيکاريائين جن جي خبر ئي ڪانه هيس.
هن مان به صاف ظاهر آهي ته پهريون حڪم خدا تعاليٰ جو اسان جي رسولﷺ تي جيڪو آيو اهو پڙهڻ جو حڪم هو ۽ اسلام جاهليت کي ڪڍڻ لاءِ ۽ علم سيکارڻ لاءِ آيو. الله تعاليٰ جيڪي نالا پنهنجي ڪلام کي ڏنا آهن سي به علم جي ضرورت ٿا سيکارين ”قرآن“ جي معنيٰ آهي جيڪي پڙهيو وڃي. ”ڪتاب“ جي معنيٰ آهي جيڪي لکيو وڃي. ازانسواءِ قرآن شريف ۾ جتي ڪافرن جو ذڪر ڪيل آهي اتي کين جاهل سڏيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته هو نٿا ڄاڻن. مطلب ته علم کان سواءِ اسلام ڪونهي.
هاڻي هتي حضرت ﷺ جا ڪي ٿورا قول علم به نسبت ڏجن ٿا:
1) علم جي طلب ڪريو اگرچه چين ولايت ۾ ملي.
2) عالم جي مس شهيد جي رت کان وڌيڪ پاڪ آهي.
3) جو عالم جي عزت ٿو ڪري سو منهنجي عزت ٿو ڪري.
4) علم جي طلب سڀ ڪنهن مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي.
5) جو شخص علم جي شغل ۾ ٿو رهي سو نٿو مري.
6) علم واري جا الفاظ ٻڌڻ ۽ ٻين کي علم جا سبق سيکارڻ عبادت کان بهتر آهي.
7) علم پرايو، علم حق ۽ ناحق جي تميز ڪرڻ سيکاري ٿو ۽ بهشت جو رستو ڏيکاري ٿو، ۽ بيابان ۾ اسان جو دوست آهي ۽ اڪيلائي ۾ سنگتي آهي، بيڪسي ۾ همراه آهي، اسان کي سعادت ڏانهن نئين ٿو. مشڪلاتن ۾ اسان جو ٿنڀ آهي، دوستن ۾ سينگار آهي، ۽ دشمنن ۾ زرهه آهي.
اڄ ڪلهه گهڻن چڱن چڱن پڙهيلن جو خيال آهي ته هيءُ سڀ ديني علم واسطي چيل آهي نه دينوي علم واسطي. پر آءُ چوان ٿو ته جيڪڏهن ائين هجي ها ته چٽيءَ طرح علم الدين جو لفظ ڪم آندل هجي ها. لفظ علم جي معنيٰ آهي ڄاڻڻ. جيڪڏهن ڄاڻجي ته 5 ۽ 7 ٿيا ٻارهن سو به علم آهي. هي حسابن جو علم آهي جنهن جي دنيا ۾ خواه دين ۾ گهڻي ضرورت آهي. شرعي استفتاءَ ۾ به حساب ڪم ٿو اچي. قرآن پاڪ ۾ ان جي ضرورت سمجهڻ ڏانهن پڻ اشارو ڪيل آهي. جيڪڏهن ڄاڻجي ته مڪو ۽ مدينو يا ٻيا شهر فلاڻي طرف آهن، هيترو پري آهن، فلاڻن فلاڻن رستن سان اوڏاهين وڃي سگهبو ته هي به تمام مفيد علم آهي جنهن کي علم جغرافي ٿو چئجي. اسان جي اڳين مسلمانن جا ان فن ۾ ڪيترا مفيد ڪتاب موجود آهن. جيڪڏهن ڄاڻجي ته حضرت رسول ﷺ جن يا ڪي ٻيا بزرگ شخص فلاڻي وقت ۾ ۽ فلاڻي هنڌ پيدا ٿيا ۽ فلاڻا فلاڻا ڪم ڪيائون ته هي به علم آهي. هن علم کي علم تاريخ ٿو چئجي جنهنجي دين توڙي دنيا ۾ نهايت سخت ضرورت آهي. بلڪ اسان جي اسلام پاڪ جي گهڻي حصي جو مدار فقط تاريخ ئي آهي، جنهن کي عربي ۾ اسماءَ الرجال ڪري سڏجي ٿو، ۽ قرآن شريف ۾ جاءِ بجاءِ تاريخي واقعا بيان ٿيل آهن. علم ۾ ديني خواه دنيوي سڀ علم اچي ٿو وڃي. مگر جيڪڏهن اسان اسلام جي تعليمات تي غور ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته اسلام ۾ دنيا جي سڀني امورن لاءِ هدايتون ڏنل آهن. رڳو تجارت به نسبت به ڪئين حديثون موجود آهن. هر روز نماز بعد به دنيا خواه آخرت جي بهبودي لاءِ دعا گهرندا آهيون. دين اسان کي سيکاري ٿو ته دنيا جا ڪم اسان ڪهڙي طرح ڪريون جو اسان دنيا خواه آخرت جي سعادت حاصل ڪريون. اسلام اسان کي نٿو سيکاري ته دنيا کي ترڪ ڪري فقط نمازون ويهي پڙهو ۽ مراقبي ۾ گذاريو. اسلام رهبانيت (جوڳپڻ) جي سخت منع ٿو ڪري. حديث شريف ۾ آهي ته رات جي وقت عبادت ڪريو ۽ ڏينهن جو وقت ڌنڌن ۾ مصروف ڪريو. ٻي حديث ۾ آهي ته مڙس اهو آهي جو دين دنيا ٻئي هٿ ڪري. اهو ڪهڙو مڙس چئبو جنهن ڇڙو دين کي هٿ ڪيو يا ڇڙي دنيا ڪمايائين. جنهن علم کي اسان جا ڪي پڙهيل دنوي علم ٿا ڪوٺين سو به اسلام اسان تي فرض ڪيو آهي. ڇو ته انهي علم کان سواءِ دنيا جي بهبودي حاصل ڪرڻ محال آهي ۽ دنيا جي بهبودي حاصل ڪرڻ کان سواءِ آخرت جي بهبودي حاصل ڪرڻ محال آهي. شيخ سعدي جو قول آهي پراگنده روزي پراگنده دل جو ماڻهو گذران لاءِ محتاج آهي سو نه ڪي عبادت ڪري ٿو سگهي نڪي سخاوت، اٽلندو گناهن ڪرڻ ۾ مشغول ٿو رهي. مٿي چيو ويو آهي ته دين ۾ دنيا جي سڀني امورن لاءِ هدايتون ڏنل آهن. هاڻي جنهن شخص کي دنيا جو علم ئي نه هوندو سو ڪيئن انهن هدايتن تي عمل ڪري سگهندو. جنهن علم کي ٿورا پڙهيل دنيوي علم ڪري ڪوٺيندا آهن تنهن بابت هو ايترو قبول ڪندا آهن ته هي عقلي علم آهي، پر هو عقل کي شايد غير ضروري ٿا سمجهن. بعضي ته عقل ۽ دين کي هڪ ٻئي جي مخالف ٿا سمجهن. حضرت رسولﷺ فرمايو آهي ته جا شيءِ پهريائين خلقي وئي آهي سا آهي عقل. ائين به فرمايو اٿن ته ڪو شخص نماز ٿو پڙهي، روزا ٿو رکي، زڪواة ٿو ڏئي وغيره، مگر هن کي ثواب رڳو اوتري قدر ملندو جيتري قدر عقل ڪم آندو هوندائين. مطلب ته عقل کان سواءِ نڪا دنيا جي خبر پوندي نڪي دين کي سمجهي سگهبو. ۽ سچ پچ ٿيو به ائين آهي جو اسان جي ڪيترن علم وارن ماڻهن کي اسلام جي تعليمات جي پوري طرح حقيقت ۽ ان جو پورو اسرار معلوم نه آهي. ڪي ڪي پراڻي خيال جا ملا اسڪولي علم کي نه رڳو غير ضروري ٿا سمجهن پر ان جي سخت مخالفت ٿا ڪن، ۽ ماڻهن کي برغلائي اسان جي قوم جي ترقي ٿا روڪين. ڪي مولوي اهڙا به ڏٺا ويا آهن جي چون ٿا ته اسڪولي پڙهيل جو منهن ڏسڻ به جائز نه آهي. خبر نه آهي ته اهي ماڻهو سنڌي ٻولي ۾ ڪفر ٿا ڏسن يا حساب ۽ تاريخ جاگرافي ۾ به ڪفر ٿا ڏسن. جيڪڏهن سنڌي ٻولي ۾ ڪفر ٿا ڏسن ته پاڻ به سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ کان حذر ڪن. جيڪڏهن حسابن ۾ ڪفر آهي ته پاڻ به ايترو ته ڄاڻندا هوندا ته ٻه ۽ ٽي ٿيا پنج، اهڙي طرح سان جيڪڏهن تاريخ ۽ جاگرافي ۾ ڪفر آهي ته به انهن جو ڪجهه نه ڪجهه علم ضرور کين هوندو. ارمان جي ڳالهه آهي جو اهڙن ماڻهن اسلام جي تعليمات کي ڪلهن جي پٺيان اڇلائي ڇڏيو آهي. رڳو اسلام جي تاريخ جي پوري واقفيت ڪانهين. جڏهن بدر جي جنگ بعد ڪي ڪافر قيدي ٿيا ته نبي اڪرم ﷺ جن فرمايو ته جيڪو قيدي ڏهه مسلمان پڙهائيندو اهو آزاد هوندو.
قرآني تعليمات کي سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪافي ماڻهن ڪم ڪيو آهي. جنهن ۾ مولوي الاهي بخش صاحب رسالا نيڪ صلاح ۽ ضرورت پرده ڇپايا آهن. مرزا قليچ بيگ صاحب سيرة النبي تحفه النسوان ۽ ٻيا ڪيترا مفيد ڪتاب تصنيف ڪيا آهن. مون پاڻ به احاديث نبوي ڇپارايو آهي ۽ ٻيا به ديني ڪتاب ڇپارائڻ جو خيال اٿم – ازانسواءِ قرآن شريف جا ترجما ۽ تفسير سنڌي ٻولي ۾ موجود آهن. تنهن ڪري سنڌي پڙهيل ماڻهو به قرآن شريف جون هدايتون معلوم ڪري سگهي ٿو.
مون اڳي الحق ۾ مفصل طور لکيو آهي ته مڪتبن جي تعليم ڪيئن سڌارجي. هتي فقط هيترو وري لکجي ٿو ته پهريائين ضرور مادري زبان يعني سنڌي ۾ لکڻ پڙهڻ سيکارجي، ۽ ديني احڪام پڻ ننڍي هوندي کان ئي سيکارڻ شروع ڪجن. ٻارن کي ديني تعليم ڏيڻ بنسبت به هڪ مفصل مضمون الحق ۾ موڪليل آهي. جڏهن ٻار ٽي چار درجا پڙهي رهن تڏهن هنن کي هڪدم عربي پاڙهڻ شروع ڪجي. جن کي عربي پڙهڻ جي توفيق نه هجي ۽ مڪتب ڇڏڻ جو خيال هجين تن کي قرآن شريف پاڙهي پوءِ ڇڏڻ گهرجي. ان وقت قرآن شريف پڙهڻ ۾ مهينو به ڪين لڳندو، ڇو ته فقط جزم شد تنوينون ۽ ڪي ٻه چار قاعدا سيکاربا ته پاڻهي قرآن شريف پڙهي ويندا.
اڄ ڪلهه مڪتبن ۾ ٻه ورهه کن قرآن پڙهڻ ۾ ٿا لڳن ۽ ست ورهه کن پارسي پڙهڻ ۾ ۽ پوءِ به ڪيترائي ورهيه عربي جي تحصيل ڪرڻ ۾ لڳي ٿا وڃن. عربي جي تعليم وري اهڙي جهوني نموني ۾ ڏني ٿي وڃي جو تحرير خواه تقرير ۾ گهڻي لياقت حاصل ڪانه ٿي ٿئي. ڪن مولوين جو خيال آهي ته پارسي پڙهڻ کان سواءِ عربي پڙهڻ محال آهي. مگر ائين نه آهي جرمني، انگلنڊ خواه پنجاب ۾ پارسي پڙهڻ کان سواءِ عربي تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ ٿوريئي وقت ۾ شاگرد عربي زبان ۾ ماهر ٿي ٿا وڃن. ٻولي سيکارڻ جا جهونا نمونا ڪهڙا آهن ۽ نوان سٺا سولا رستا ڪهڙا آهن تن جو بيان هت ڏيئي نٿو سگهجي. مگر ايترو لکجي ٿو ته هڪدم سليس ۽ رواج ۾ ايندڙ جملا سيکارڻ گهرجن ۽ رفته رفته ترقي ڪجي جملن سان گڏ عربي زبان جا قواعد پڻ سيکاري ٿا سگهجن. انهيءَ لاءِ لاهور ۾ هڪڙا ڪتاب ڇپيل آهين سي تمام مفيد آهن. اهي ڪتاب آهن عربي ڪي پهلي ڪتاب، دوسري تيسري ڪتاب وغيره ۽ عربي کي قواعد حصه اول ۽ حصه دوئم جي راءِ صاحب گلاب سنگه ۽ سنز بڪ سيلرز لاهور وٽان ملي سگهندا. جيڪي انگريزي دان سنڌي ۽ انگريزي علم جي حمايت ٿا ڪن تن جو اهو خيال ناهي ته عربي تعليم کي ترڪ ڪجي. هنن جو اٽلندو اهو خيال آهي ته عربي علم کي زور وٺائجي. مدرسن ۽ ڪاليجن ۾ خواه مڪتبن ۾ عربي علم جو اهڙو زبردست درياءُ وهائجي جو سڀئي ٻوليون ان مان واهن ۽ ڪڙين وانگر آب ڪوثر کڻي هر مسلمان جي دل جي خشڪي لاهي ان کي سرسبز ۽ آباد رکن.
مٿئين بيان مان معلوم ٿيندو ته جنهن شخص کي مسلمان ٿيڻو آهي ۽ پنهنجي اولاد کي مسلمان ڪرڻو آهي تنهن کي گهرجي ته پاڻ به علم پڙهي ۽ پنهنجي اولاد کي به علم پاڙهي. اهڙو مسلمان هڪ به نه هجي جو پڙهيل نه هجي ۽ علم پڙهڻ ۾ مشغول نه هجي. ڇو ته جو شخص پڙهيل نه آهي تنهن کي مسلمان چوڻ ئي اجايو آهي. اڪثر ماڻهو ائين چوندا آهن ته اسين غريب ماڻهو علم جي ڪيون يا پنهنجي ڪم جي ڪيون. اهو رڳو ڪوڙو بهانو اٿن. اڄ ڪلهه پاڻي وانگر علم به مفت ميسر آهي مڪتبن ۾ ڪتاب به وٺڻا ڪون ٿا پون ۽ اسڪولن ۾ رڳو هڪ ڀيرو سال ۾ روپئي کن جا ڪتاب ٿا وٺجن. ننڍن ٻارن کي ماءُ پيءُ سڄو ڏينهن ڪم ڪين ڪرائيندا هوندا، گهٽ ۾ گهٽ هڪ پهر ضرور بيڪار رلندا ڦرندا هوندا، پوءِ ڇو نه اهو وقت اسڪولن يا مڪتب ۾ سجايو ڪن. رڳو لکڻ پڙهڻ ۾ ليکو چوکو سکي پوندا ته به نه رڳو دنيا ۾ اهي ڳالهيون ڪم ايندن پر ديني ڪتاب پڙهي فيض به حاصل ڪري سگهندا. عام ماڻهن ۾ جو اهو خيال ويٺل آهي ته سنڌي پڙهڻ مان ڪو ديني فائدو ڪونهي سو انهيءَ ڪري جو هنن کي سڌ ڪانهي ته ڪو سنڌي ۾ به ديني ڪتاب آهن تنهنڪري مون مٿي ڏيکاريو آهي ته گهڻائي ديني ڪتاب ڇپيا آهن ۽ ٻيا ڇپجن پيا. تنهن کان سواءِ شاگرد جڏهن اسڪول يا مڪتب ڇڏين ٿا تڏهن ڪتابن کي به ڇڏي ٿا ڏين، تنهنڪري علم وڌيڪ پرائڻ بدران اٽلندو اڳيون علم به وساري ٿا ڇڏين. سڀ ڪنهن انسان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ هر روز فرصت ملي ٿي. اها فرصت ڪتابن پڙهڻ ۾ ڪم آڻجي. ڪتابن ۾ وندر به آهي ۽ فائدو به آهي. پر مشڪل ڳالهه هي آهي ته ڪتاب ڪٿان آڻجن. انهي مشڪل لاهڻ لاءِ مون هڪ رٿ الحق ۾ ڇپارائي، سا هيءَ آهي ته ڪتابن لاءِ گهر گهر تي هڪ ٽڪو يا هڪ آنو مهيني ۾ چندو وجهجي. ان چندي مان هڪ اخبار ۽ ديني ڪتاب گهرائي مسجد شريف يا حجري ۾ رکجن اتي سڀ ڪوئي مسلمان فرصت جي وقت ۾ ڪتاب مطالعو ڪري ۽ دوستن سان سنگت ڪري. مطلب ته جنهن شخص کي مسلمان ٿيڻو هجي سو نه رڳو اسڪولن ۽ مڪتبن ۾ علم پڙهي پر سڄي ڄمار علم ۾ مشغول رهي. اطلبو العلم من المهد الي اللحد يعني پينگهي کان وٺي قبر تائين علم جي طلب ڪريو.

زناني تعليم
اسان مسلمان تعليم ۾ گهڻوئي پست پيل آهيون پر تڏهن به مردن ۾ ڪي ڪي ته ٿورو گهڻو پڙهيل آهن، عورتون اصل ئي بس. اسان جو عورتن کي علم ۽ اسلام کان محروم ڪيو آهي سو خدا جي حڪم سان يا پنهنجي حڪم سان؟ خدا تعاليٰ عورتن کي ٻين حيوانن وانگر روح ڪو نه ڏنو آهي ڇا، يا کين علم ۽ اسلام لاءِ نالائق بنائي دوزخ واسطي تيار رکيو آهي ڇا؟ نه هرگز نه. عورتن جي عزت ۽ حقن حقوقن واسطي قرآن شريف ۾ ڪيتريون ئي آيتون آهن، ۽ حضرت رسول ﷺ جن فرمايو آهي ته طلب العلم فريضة علیٰ کل مسلم و مسلمة يعني علم جي طلب سڀ ڪنهن مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي. عجب اهو آهي ته جاهل ته ڇڏيو پر ڪيترائي تعليم يافته مسلمان به زناني تعليم جي مخالفت ٿا ڪن ۽ ائين نه ٿا ڄاڻن ته سندن عقل الله ۽ الله جي رسول جي عقل کان ڪئين وڌيڪ هوندو. ائين نٿا ڄاڻن ته جو شخص پاڻ کي مسلمان ٿو چوائي تنهن کي الله ۽ الله جي رسول ﷺ جي صاف صاف حڪمن جي مخالفت ڪرڻ جو ڪو حق ڪونهي. اهو به عجب آهي ته ڇو هنن جو عقل زناني تعليم جي مخالف ٿيو آهي. زناني تعليم به نسبت اڪثر اعتراض اهو آهي ته زالون پاڪ دامني ڦٽي ڪري خراب ٿينديون. ۽ خراب ٿيڻ بعد هنن کي خطن جي وسيلي انهي خرابي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ موقعا حاصل ٿيندا. اسان جو چوڻ آهي ته ان ۾ تعليم جو ڪهڙو قصور ٿيو اهو ته تربيت ۽ سيکت جو نقص آهي، ڇو ته ڇڙي تعليم مان ته فقط علم حاصل ڪري سگهجي ٿو، عادتون سڌارڻ ته سيکت يا تربيت جو ڪم آهي، ۽ ان جو تعليم سان گڏ خيال رکڻ تمام ضروري آهي. ازانسواءِ سنڌي ۾ ڪي اهڙا بي هودا قصا ڇپجي ويا آهن جو جيڪڏهن ڇوڪريون اهي خراب قصا پڙهنديون ته هنن جي دلين تي خراب اثر پوندو. پر تڏهن به عورتن کي خدا تعاليٰ جل شانه ايترو حياءُ ڏنو آهي جو هو ڪڏهن به پهريائين پاڻ خرابي لاءِ آماده نه ٿيون ٿين. پهريائين تحريڪ ضرور مرد جي طرف کان ٿي ٿئي تنهنڪري جيڪڏهن پورو اسلامي پردو رکجي ته ڪنهن به خرابي ٿيڻ جو امڪان ڪونهي. پر پهريائين ته اهڙا خراب ڪتاب گهرن ۾ هئڻ ڇو گهرجن؟ اٽلندو اهڙا ڪتاب ديني ۽ دنياوي هجن جن جو اثر چڱو هجي. باقي رهي اها ڳالهه ته خراب ٿيڻ بعد عورتون خطن جي وسيلي پنهنجي خرابي لاءِ موقعا ٺاهينديون. منهنجي خيال ۾ ته ائين ٿو اچي ته اهڙي ڳالهه لاءِ خط لکڻ پاڻ کي (ڦاسائڻ) جو وسيلو آهي، ڇو ته جيڪڏهن ڪا عورت اهڙا خط لکندي ته انهن خطن جو ٻين جي هٿ ۾ اچڻ جو گهڻو امڪان آهي. تنهن کان سواءِ هوءَ اهڙا خط ضرور ڪنهن ماڻهو هٿ پهچائيندي، ڇو ته پاڻ پردي اندر ٿي رهي. هاڻي اهڙو خط ٻئي جي هٿ ۾ ڏيڻ اهڙو آهي جهڙو پنهنجي عزت ۽ جان ٻئي جي هٿ ۾ ڏيڻ. پوءِ هو هميشه خط پهچائيندڙ جي تابعدار ٿي رهندي ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور هو هن جا خط ڏيکاري ڳجهه کولي وجهندو. جيڪڏهن خط ٽپال ۾ وڃڻو هوندو ته به ضرور ڪنهن ماڻهو جي هٿان ٽپال ۾ موڪلڻو پوندو. اهڙي بيوقوف عورت هوندي ڪانه جا پنهنجي ڳجهه جو خط کڻي ٻئي جي هٿ ۾ ڏيندي. پر جيڪڏهن ڪي بيوقوف اهڙيون عورتون هجن به کڻي ته به اڻ پڙهيل عورت کان ان جي چال ۽ خانه داري ۽ اولاد کي سنڀالڻ عمدي طرح هوندو. هو پنهنجي غلطي تي آئي وقت تي پشيمان به ٿي ٿي سگهي. باقي جاهلياڻي عورت کي ته خدا موڙي – در حقيقت زالن جي خرابي جو بنياد مرد پاڻ آهن. زنا بي پردگي جو نتيجو آهي. جيڪڏهن سڀ زالون پورو اسلامي پردو رکن يعني نڪي ڌارين ماڻهن کي منهن ڏيکارين نڪي انهن سان کلن ڳالهائين، ۽ جي ڪنهن ڪم سان ٻاهر نڪرن ته پنهنجي عزيز محرم سان گڏ منهن تي نقاب وجهي نڪرن ته زنا جو نالو به ڪو به نه رهي. ڏسو هن زماني ۾ زنا ڪيترو زور وٺي ويئي آهي سا عورتن جي علم پڙهڻ ڪري ٿي آهي ڇا؟ عورتن ۾ علم آهي ڪٿي؟ اها سڀ زنا فقط پرده نه هئڻ يا بي علمي ڪري ٿي آهي.
جن ماڻهن کي ٿورو گهڻو زناني تعليم جو خيال آهي سي وري چون ٿا ته زنانو اسڪول هجي ۽ پڙهائيندڙ به عورت هجي ته پوءِ ڇوڪريون پڙهايون. زنانا اسڪول کولڻ مشڪل آهن جو ماسترياڻيون ملي ڪو نه ٿيون سگهن. جيئن پڙهيل عورتون گهڻيون ٿينديون تيئن گهڻائي زنانا اسڪول کولبا. پر مون کي ته عجب ٿو لڳي ته ڇو اهي ماڻهو في الحال اسڪولن ۽ مڪتبن ۾ ئي ڇوڪريون نٿا ڇڏين. ننڍيون معصوم ڇوڪريون چئن ۽ ڏهن ورهين جي اندر اسڪول يا مڪتب جهڙي ادب جي جاءِ ۾ وڃي وهنديون ۽ علم سکنديون ته ڪهڙو اعتراض آهي؟ اهي ساڳيون ڇوڪريون گهٽين ۾ اجايو سجايو راند ڪنديون وتن ته ماڻهن کي اعتراض ئي ڪونهي، باقي اسڪول ۾ ڇوڪرن سان وهڻ ۾ اعتراض اٿن! اڳئين زماني ۾ به آخوندن ۽ ملن وٽ مسجدن يا مڪتبن ۾ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا گڏ تعليم وٺندا هئا. پوءِ هاڻي هن وقت ان پراڻي رسم کي بڇڙي ڀانئڻ جو ڪهڙو مطلب آهي؟ ازان سواءِ ڪيتريون وڏيون عورتون اڪيليون جهنگ ڏي ڪيترن ڪمن لاءِ هليون وينديون آهن، انهيءَ تي غيرت ئي ڪانه ٿي اچين باقي ننڍڙيون معصوم ڇوڪريون ادب جي جاءِ ۾ علم سکنديون تنهن تي غيرت ٿي اچين. هروڀرو ايتري غيرت اٿن ته جن ڇوڪرين کي ڀائر آهن سي پنهنجن ڀائرن سان گڏجي اسڪول ۾ يا مڪتب ۾ وڃن ۽ گڏجي موٽن. اسان کي گهرجي ته جيستائين زنانا اسڪول کلن تيستائين پنهنجيون ڇوڪريون اسڪولن ۾ ۽ مڪتبن ۾ پڙهايون، يا انهن کي خانگي طور گهر ۾ تعليم ڏيون. جيڪي ڇوڪريون ٿورو گهڻو پڙهي پون تن کي گهرجي ته خانگي مڪتب کولي ڇوڪريون پڙهائين. سرڪار ڇوڪرين لاءِ ايتري گرانٽ ٿي ڏياري جو جيڪا عورت مڪتب کوليندي سا ته رڳو پنهنجو گذران ڪري سگهندي پر سڄي ڪٽنب کي پالي سگهندي. زناني تعليم نه هئڻ ڪري مرد به پوري ترقي ڪري نٿا سگهن. ڇو ته ننڍي هوندي ٻارن تي ماءُ جا اثر قابو پئجي ٿا وڃن. جيڪڏهن مائر علم واريون هجن ته ننڍي هوندي کان ئي ٻارن کي چڱي تربيت ڏيئي سگهن. تنهن کان سواءِ ٻارن کي نپائڻ بابت ٻارن جي بيمارين بابت. گهرجي انتظام رکڻ بابت ۽ طعامن تيار ڪرڻ بابت ڪيترائي مفيد ڪتاب لکيل آهن سي جيڪڏهن عورتون پڙهنديون ته گهرن جو انتظام ئي اور ٿي پوندو. علم پکيڙڻ ۾ زميندارن عالمن ۽ پيرن، سيٺين ۽ آفيسرن جي مدد جي تمام گهڻي ضرورت آهي. جيڪڏهن اهي ته دلي ڪوشش ڪن ۽ ماڻهن کي سمجهائڻ ۾ اصل نه ٿڪجن ته مسلمانن جي ترقي جلدي ٿي وڃي. منهنجي سڀني ماڻهن کي استدعا آهي ته حتي المقدور هنن خيالن جي اشاعت ڪن ۽ هي اشتهار ماڻهن کي پڙهي ٻڌائين. پڙهيلن کي گهرجي ته هي ڪتاب اڻ پڙهيلن کي پڙهي ٻڌائين ۽ پوءِ وري ڪنهن ٻئي پڙهيل کي ڏيئي ڇڏين. يا رب! اسان مسلمانن کي علم نصيب ڪر ۽ پورو مسلمان ڪر. آمين ثم آمين!

ديني تعليم
پهريائين هي اصول ياد ڪرڻ گهرجي ته سڀ تعليم سوالن يا گفتگو جي رستي ڏيڻ گهرجي. ٻيو ٻارن جي سمجهه آهر ڳالهيون ڪجن ۽ انهن جي سمجهه کان وڌيڪ ڪا ڳالهه نڪري يا پاڻ پڇن ته انهن کي چئجي ته اها ڳالهه پوءِ سکندو. ٽيون ڇوڪرن کي سوالن پڇڻ لاءِ همٿائجي ته ڀلي سوال پڇن. انهن جو جواب ٿورو ۽ سليس طرح ڏجي.
هر روز جنهن وقت صبح جو ملا مڪتب جو ڪم شروع ڪري تنهن وقت گهرجيس ته سڀني شاگردن کي چوي ته سڀئي گڏجي چئو بـسم الله الرحمن الرحيم، ۽ هنن کي سمجهائجي ته جڏهن ڪو به ڪم شروع ڪيو تڏهن ضرور پهريائين بـسم الله پڙهو. کائڻ، پيئڻ، ٻاهر وڃڻ، مطلب ته سڀ ڪم بـسم الله سان شروع ڪجي. انهن کي سمجهائجي ته انهن لفظن جي معنيٰ آهي ته الله جي نالي سان هي ڪم شروع ٿو ڪريان جو رحم وارو ۽ بخشيندڙ آهي. مگر هي معنيٰ ٿورو دير سان سمجهائبي ته حرڪت ناهي. پهريائين ضروري آهي ته خود الله تعاليٰ جي هيڪڙائي ۽ ٻين ضروري صفتن جو بيان پوري طرح ذهن نشين ڪرائجي پوءِ هو شاگرد چڱي طرح سمجهي سگهندا ته بـسم الله الرحمن الرحيم به هڪڙي دعا آهي. جو چڱو ڪم الله تعاليٰ جي نالي سان شروع ڪبو تنهن ۾ الله تعاليٰ مدد ۽ فتح يابي ڏيندو. بـسم الله پڙهڻ گويا رحم واري الله تعاليٰ جي مدد گهرڻ آهي تنهنڪري جيڪو شخص سچي دل سان بـسم الله چئي ڪو ڪم شروع ڪندو تنهن ۾ خدا تعاليٰ هن کي فتح يابي ڏيندو تنهنڪري بـسم الله پڙهي ڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو فائدو آهي.

الله تعاليٰ جي وجوديت ۽ خالقيت
شاگردن جي روبروءَ مٽيءَ جو ڳوڙهو يا ٻي شڪل ٺاهي پوءِ پڇجي ته هي ڪنهن ٺاهيو؟ هو چوندا ته توهان ٺاهيو. اهڙا ٻيا به سوال ڪجن. پوءِ پڇجي ته هي ڪهڙي شيءِ مان ٺاهيم؟ هو چوندا ته مٽيءَ مان. پوءِ پڇجي ته مٽي ڪنهن ٺاهي آهي؟ جيڪڏهن نه ٻڌائي سگهن ته ٻڌائجي مٽي الله پيدا ڪئي آهي. پوءِ پڇجي ته هي سج ڌرتي وغيره ڪنهن ٺاهيا آهن؟ ۽ اسان کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ۽ اسان پاڻ جهڙا ماڻهو ٺاهي سگهون ٿا يا نه؟ ۽ وار يا ننهن يا ڏند سڌ پڌ اهڙا ٺاهي سگهون ٿا يا نه؟ هو چوندا ته نه. جيڪڏهن نه چئي سگهن ته پاڻ ٻڌائجي ته اسان اهي شيون ٺاهي نه ٿا سگهون. هي سڀ الله تعاليٰ جي جوڙ آهي.

الله تعاليٰ جون صفتون
پوءِ ڇوڪرن کي چئجي ته جيڪي پڇڻو اٿو سو پڇو. جيڪي شاگرد سمجهو هوندا سي پڇندا ته الله تعاليٰ ڪهڙو آهي ۽ ڪٿي آهي ۽ ڇا ڪندو آهي؟ اسان کي ته ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه ٿو اچي. اهڙن سوالن جا جواب سمجهائي ڏيڻ گهرجن. جيڪڏهن شاگرد نه پڇن ته پاڻ ٻڌائڻو پوندو ته اسان جون اکيون الله تعاليٰ کي ڏسي نه ٿيون سگهن. جڏهن وڏا ٿيندؤ ۽ چڱا ٿيندؤ ته پوءِ اوهان کي الله تعاليٰ جي وڌيڪ خبر پوندي. الله تعاليٰ اسان انسانن وانگر ناهي هن کي شڪل ۽ رنگ روپ ڪونهي. هو سڀ ڪنهن هنڌ آهي هت به اسان کي ڏسي پيو ۽ اسان جيون ڳالهيون به ٿو ٻڌي، سڀ خبر ٿي پويس، رڳو اسان جي دل جا خيال به ڄاڻي ٿو.

رحمانيت ۽ رحيميت
توهان کي ماءُ پيءُ پيار ڪندا آهن نه؟ ٻار چوندا ته هائو. پوءِ انهن کان پڇجي ته ڪيئن ٿا چئو ته ماءُ پيءُ اوهان کي پيار ڪندا آهن؟ هو چوندا ته اسان کي ڀاڪر پائيندا آهن ٽول کارائيندا آهن وغيره. ڀلا ٻڌايو ته الله تعاليٰ به اوهان کي پيار ڪري ٿو يا نه؟ جي چون ته هائو ته انهن کان پڇجي ته ڪئين ٿا سمجهو ته الله تعاليٰ اوهان تي پيار ٿو ڪري؟ نه ٻڌائي سگهن ته هنن کي سمجهائجي ته الله تعاليٰ اوهان جي واسطي ان، پاڻي، ميوا ۽ ڀاڄيون خلقيون آهن. اهي نه هجن ته جيڪر جهٽ سڀ مري وڃون. خدا تعاليٰ اوهان واسطي ڪيتريون نه چڱيون شيون پيدا ڪيون آهن. تڏهن سمجهبو ته ماءُ پيءُ کان به الله تعاليٰ جو پيار اوهان تي وڌيڪ آهي. هاڻي ٻڌايو ته ماءُ پيءُ جو اوهان تي پيار ٿا ڪن تنهن ڪري اوهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جڏهن پنهنجا جواب ڏيئي رهن تڏهن چئجي ته اوهان کي به هنن سان محبت رکڻ گهرجي جيڪي هو توهان کي ڪو ڪم چون سو هڪدم اٿي ڪجي. انهيءَ ۾ اوهان جو فائدو آهي. اتي هرڻيءَ جي يا ڪا ٻي ڳالهه ٻڌائي سمجهائجي ته ماءُ پيءُ جو چيو نه وٺبو ته نقصان ٿيندو ۽ وٺبو ته فائدو پوندو، ڇو ته ننڍا ٻار بي سمجهه آهن ۽ ماءُ پيءُ کي سمجهه وڌيڪ آهي هو ڄاڻن ٿا ته هن ڪم ۾ اسان جو فائدو آهي هن ۾ اسان جو زيان آهي. پوءِ ڇو نه انهن جو چيو وٺڻ گهرجي.
لله تعاليٰ ته وري ماءُ پيءُ کان وڌيڪ مهربان آهي ۽ سمجهه ته گهڻو گهڻو وڌيڪ اٿس. هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو. تنهن ڪري توهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جوابن ملڻ کان پوءِ سمجهائجي ته جئين ماءُ پيءُ کي پيار ٿا ڪيو تئين الله تعاليٰ سان ته پاڻ وڌيڪ محبت رکو. جئين ماءُ پيءُ جو چيو ٿا وٺو تئين الله تعاليٰ جو چوڻ ته ضرور وٺو. الله تعاليٰ جيڪي اسان کي چوي ٿو سو سڀ اسان جي فائدي لاءِ آهي، پوءِ ڇو نه هن جو چيو وٺون؟ چيو نه وٺنداسين ته ضرور ڏکن ۾ پونداسين. پوءِ سمجهو ٻار ضرور پڇندا ته الله تعاليٰ اسان کي ڪجهه چوندو آهي ڇا ۽ اسان هن جو ڪهڙو چيو مڃون؟ اهڙن سوالن جي جواب ۾ هنن کي ٻڌائبو ته الله تعاليٰ جيڪي اسان کي چيو آهي سو سڀ قرآن شريف ۾ لکيل آهي. اهو قرآن اوهان پوءِ سکندو. جيڪي هاڻي توهان سکو ٿا سو به قرآن شريف ۾ لکيل آهي.

حضرت محمد ڪريم ﷺ
ڇوڪرا ضرور پڇندا ته ڪيئن قرآن شريف الله تعاليٰ جو ڪلام ٿيو. انهن کي سمجهائبو ته گهڻا ورهيه ٿيا جو عرب ملڪ ۾ مڪي معظم شهر ۾ هڪڙو شخص پيدا ٿيو. اهو ملڪ الهندي پاسي بلڪل پري آهي. هن جا ماءُ پيءُ ننڍي هوندي ئي مري ويا. هو اهڙو چڱو هو جو توهان هن کي ڏسو ها ته ڏاڍو پيار ڪريوس ها. ماءُ پيءُ کان به وڌيڪ وڻيو ها ڇو ته هن جي سڀني ماڻهن سان محبت هوندي هئي. ٻارن سان ته ڏاڍي دل هوندي هيس. هو ٻارن کي مٿي تي هٿ رکندو هو ۽ چميون ڏيندو هو، ۽ ساڻن بيهي راند ڪندو هو. ڪوڙ ڪڏهن ڪين ڳالهائيندو هو، سڀني ماڻهن سان ڀلائي ڪندو هو. الله تعاليٰ کي ڏاڍو پيارو هو. هن جو نالو هو محمد ﷺ (يعني واکاڻ جو لائق). الله تعاليٰ کي جيڪي چوڻو هوندو هو سو سڀ هن ڏي چورائي موڪليندو هو جيڪي چورائي موڪليندو هو سو سڀ لکندا ويا. ان کي قرآن شريف ٿو ڪوٺجي. حضرت محمد ڪريم ﷺ قرآن شريف ماڻهن کي سيکاريو ۽ پاڻ به گهڻيون ڳالهيون سمجهايائين. اهي سڀ ڳالهيون جيڪي خدا تعاليٰ ۽ حضرت محمد ڪريم ﷺ سيکاريون آهن سي سڀ لکيل آهن اوهان هوريان هوريان سڀ سکندؤ. اوهان کي ضرور سکڻ گهرجن، ۽ ضرور ائين ڪرڻ گهرجي جئين خدا ۽ خدا جي رسول اسان کي سيکاريو آهي. جيڪڏهن ائين نه ڪنداسين ته سزا کائينداسين ۽ ڪنداسين ته سک ڏسنداسين. خدا تعاليٰ قرآن شريف ۾ ٿو فرمائي ته جيڪو ماڻهو منهنجي حڪمن تي هلندو سو مرڻ کان پوءِ بهشت ۾ ويندو، ۽ جيڪو منهنجا حڪم نه مڃيندو سو دوزخ ۾ ويندو. بهشت هڪڙو وڻندڙ باغ آهي جنهن ۾ سڀ ماڻهو خوش هوندا ۽ موجون ماڻيندا ۽ الله تعاليٰ جو ديدار ڪندا. دوزخ اهڙي جاءِ آهي جتي سدا باه پئي ٻري. جيڪي خراب ماڻهو دوزخ ۾ پوندا سي سدائين پيا سڙندا. ڀلا سائين ڪجهه ته ٻڌايو ته الله تعاليٰ ڪهڙا حڪم ڏنا آهن ته انهن موجب هلون.
جواب – اهي حڪم گهڻا آهن – هوريان هوريان پيا سکندو ڪي ٿورا ٻڌو – ماءُ پيءُ جو چيو مڃو – وڏن جو ادب ڪريو – هڪ ٻئي کي پيار ڪريو – سڀ ڪنهن سان ڀلائي ڪريو – ڪوڙ ڪڏهن نه ڳالهايو صفائي سدائين رکو – گاريون يا خراب لفظ وات مان نه ڪڍو – (اهي جيڪي ڳالهيون آهن تن جو فائدو به سمجهائجي)
حضرت محمد ڪريم ﷺ کان اڳي ڪيترائي ماڻهو اهڙا هوا ۽ اڃا تائين به ڪيترا ماڻهو آهن جي هٿ سان پٿرن جون مورتون ٺاهي انهن کي پنهنجو خدا سمجهن ٿا. ڏسو انهن جي مورکائي، اهي پهڻ جا بت نڪي ڏسي ٿا سگهن نڪي ٻڌن ٿا. انهن کان ته اسان پاڻ چڱا آهيون جو الله تعاليٰ اسان کي عقل ۽ سمجهه ڏني آهي، پوءِ اسان ڇو انهن کي پنهنجو خدا ڪري سمجهون؟ هڪڙا ماڻهو وري اهڙا آهن جي پاڻي کي، باهه کي، سج کي ۽ چنڊ کي ۽ ٻين شين کي پنهنجو خدا ٿا سمجهن. اهي به ڀليل آهن. اهي شيون بنا ساه جي آهن – اهي خدا اسان جي لاءِ خلقيون آهن. ڇو ته انهي خدا کي مڃجي جنهن اهي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن؟ ۽ اسان کي به پيدا ڪيائين؟ ۽ رحم ڪري اسان لاءِ هزار نعمتون پيدا ڪيائين؟ خدا هڪ آهي – هو پاڪ ۽ بي عيب آهي هو رحمان آهي جو اسان لاءِ هزار نعمتون پيدا ڪيون اٿس هو رحيم آهي جو اسان جي ڪم ڪار جو اسان کي گهڻو عيوض ٿو ڏئي. هو سڀني جهانن ۽ سڀني شين ۽ سڀني ماڻهن ۽ جانورن جو خلقيندڙ ۽ هلائيندڙ آهي قيامت جي ڏينهن جو مالڪ آهي اسان کي گهرجي ته رڳو سندس عبادت ڪريون ۽ رڳو کائنس مدد گهرون. هميشه اها دعا گهرون ته اي رب اسان جا! اسان کي سڌي رستي تي هلاءِ ته اسان اهڙا ڪم ڪريون جي توکي وڻن. الله تعاليٰ کي ڪنهن جي پرواه ڪانهي مگر اسان سڀئي هن جا محتاج آهيون هو نڪي ڄڻي ٿو نڪي ڄائو آهي هن جهڙو ڪوئي ڪونهي. اسان کي گهرجي ته هميشه الله تعاليٰ جو نالو وٺون، سندس واکاڻ ڪريون ۽ سندس شڪر ڪريون جو اسان سان هيتريون ڀلايون ٿو ڪري، سندس عبادت ڪريون، ۽ کائنس دعا گهرون ته اسان جون مرادون پوريون ڪري. اڪثر حضرت محمد ڪريم ﷺ به نسبت روايتون بيان ڪري ٻڌائجن ۽ جڏهن ڇوڪرا لائق ٿين تڏهن سلسلي وار سوانح عمري پڻ سيکارجي. ڪلمو معنيٰ ۽ سمجهاڻي سان سيکارڻ گهرجي. ٻار ڏهن ورهن جا ٿين ته نماز جي لفظن جي معنيٰ سمجهاڻيءَ سان سيکارجي. اسلام جا پنج رڪن فائدن سميت سيکارجن. وغيره وغيره. جڏهن ڇوڪرا ڪتاب پاڻ پڙهي سگهن تڏهن هنن کي ديني ڪتاب وٺي ڏجن سي تاڪيد ڪري هنن کي پڙهائجن رفته رفته ضروري عملي ڪم شاگردن کي ضرور سيکارجن. نڪاح پڙهڻ سميت وهنجارڻ ۽ جنازي جي نماز پڙهڻ پردي جي حقيقت ۽ ورثي جا قانون پوءِ رفته رفته ٻيا فقه جا مسئلا پڻ سيکارجن.
نوٽ: خدا گهريو ته مان مڪتبن ۽ اسڪولن جي ٻارن لاءِ ان جي مدد سان ننڍڙا ديني ڪتاب ٺاهيندس جي درجي وار سال سال ۾ هڪ هڪ ڪري پڙهائڻ ۾ ايندو.