مذهب ۽ اقتصادي حالت
اچو ته سنڌ جي مسلمانن جو مثال وٺون. ٻاهريان ماڻهو جيڪي سنڌ ۾ اچي رهيا آهن تن بابت مون کي پوري خبر ناهي. سنڌ ۾ مسلمانن جو تعداد اٽڪل 30 لک آهي. انهن مان اٽڪل ٻه لک ته سست يا ٺڳ آهن جي ڪو به ڪم ڪو نه ڪن ٿا ۽ جون وانگر ٻين جو رت ٿا چوسين. ٻيا ڪمائين هو کائين. ڏٽا مٽا پينو به بيشمار آهن، انهن کي قانونن پنڻ کان روڪڻ گهرجي. انهن کان سواءِ جاهل ملان، جاهل پير، فقير ۽ مجاور به گهڻائي آهن جي نڪي تعليم ڏين نڪي ماڻهن کي اخلاقي سڌاري ۽ ترقي لاءِ هدايتون ڏين. هو هزارن حيلن سان ماڻهن کي ٺڳين ٿا، ڦرين ٿا ۽ موجون ماڻين ٿا ۽ ماڻهن کي سندن دعوتن ۽ نذرانن جي عيوض ۾ دين دنيا جي گمراهي ۾ غرق ٿا ڪن. زميندار يا جاگيردار وري گهرج کان گهڻا قدم ٿا کڻن. ڪم ڪن ٿورو ۽ کائين گهڻو. اهي اڪثر ڪري زميندارن ۽ جاگيردارن کي ناجائز شوقن ۾ گرفتار ڪندا آهن ۽ ها ۾ ها ملائڻ سان ۽ چاپلوسي ڪرڻ سان کين بدچال بنائي سندن خانو خراب ڪندا آهن. رڳو مزور ۽ ڪاسبي به سال ۾ ڪيترائي مهينا واندا ۽ بيڪار ويٺا هوندا آهن. اهڙو ڪو ڪونهي جو کين گهرو هنر سيکاري مشغول رکي. اڪثر زميندار ۽ شاهوڪار شڪار ۽ ٻين بيسود شوقن تي گهڻي دولت ضايع ٿا ڪن. اُهي پنهنجي راڄ کي سڌارڻ ۽ انهن جا فيصلا انصاف سان ڪرڻ بدران انهن کي بگاڙيندا ۽ دٻائيندا آهن، انهن جي حقن ۽ خوداريءَ کي پائمال ڪندا آهن ۽ ڪنهن کي به آسودو ٿيڻ نه ڏيندا آهن.
نوي سيڪڙو مسلمان اڻ پڙهيل ۽ جاهل آهن. انهن کي صحت جي قانونن جي خبر ئي ڪانهي. تنهنڪري دائم المريض ۽ ضعيف مردن، عورتن ۽ ٻارن جو عدد بالڪل گهڻو آهي جي بيماري ۽ ضعف جي ڪري ڪم گهڻو ڪري نٿا سگهن. اٽلندو جيڪڏهن ڪجهه اٿن ته دوائن تي خرچ ڪيو ڇڏين.
سنڌ جي گهڻي دولت اهڙين شين تي ضايع ٿئي ٿي جي غير ضروري يا اٽلندو صحت لاءِ مضر آهن جهڙوڪ تماڪ، حد کان ٻاهر چانهه، پان، سوپاري، شراب، ڀنگ، چرس، گانجو وغيره وغيره. گهڻائي ماڻهو دور دراز مسافريون ڪري مقبرن تي وڃن ٿا ۽ پنهنجو قيمتي وقت ۽ دولت اجايو ضايع ڪن ٿا. ازانسواءِ گهڻائي ماڻهو ڄم، موت، شادي ۽ طهر جي موقعن تي غير اسلامي رسمون بجا آڻي پنهنجو جهڳو جهڻ ڪري ٿا ڇڏين.
مٿي جيڪي جيڪي خرابيون ٻڌايون ويون آهن تن سڀني کان اسلام منع ڪئي آهي. وقت ۽ دولت اجائي وڃائڻ وڏو گناهه آهي. اجايو خرچ ڪندڙ شيطان جا ڀائر آهن. جيڪو پنهنجي لاءِ ۽ ٻين جي لاءِ ڪمائي ٿو سو قيامت ڏينهن اهڙو ٿي اٿندو جهڙو چوڏهينءَ جو چنڊ. اسلام جي لفظ جي هڪڙي معنيٰ آهي صلح سلامتي ۽ امن امان. مگر اسان جا گهڻائي مسلمان اهڙا آهن جي ٺڳيءَ يا زوريءَ سان هڪ ٻئي کي نقصان رسائين ٿا ۽ هڪ ٻئي کي تباهه ٿا ڪن. گهڻائي اهڙا چور آهن جن کي زميندارن ۽ پوليس کان چورين ڪرڻ لاءِ ليسن مليل آهي. اهي جيڪڏهن پڪڙجي پون ته به ڪنهن کي مجال ناهي جو انهن کي ڪورٽ ۾ رجوع ڪري سگهي.
اهڙن چورن جي موجود هئڻ سبب ملڪيت عزت ۽ جان جي سلامتي ڪانهي. چوريون ڌاڙا ۽ خونريزي عام جام آهن. زر زمين ۽ زالن تي تڪرار جهيڙا ۽ ڪورٽن ۾ ڪيس به ملڪ جي دولت تباهه ڪري رهيا آهن. جوا، زنا ۽ ٻيا فاحش ڪم به سڌي ۽ اڻ سڌيءَ طرح ملڪ جي دولت ضايع ڪري رهيا آهن.
علاج ڪهڙا آهن؟ مکيه علاج آهي تعليم، خصوصن اسلامي تعليم. تنهن کان پوءِ آهي خانه داري ۽ هنن جي تعليم ۽ صحت جي قانونن ۽ صفائي جي تعليم. صحت جو کاتو ايتري قدر وڌائجي جو ڊاڪٽر هر هڪ ڳوٺ ۾ هر محلي ۾ وڃي ماڻهن کي صحت جا قانون ٻڌائين ۽ سڀني بيمار ۽ ضعيف ماڻهن جي تپاس ڪري علاج ڏسين.
رشوت جا سڀني خرابين جو بنياد آهي ۽ جنهن بنسبت حضرت ﷺ جن فرمايو آهي ته رشوت وٺندڙ توڙي ڏيندڙ تي الله تعاليٰ لعنت ٿو ڪري سا ڪنهن به قيمت تي بند ڪرڻ گهرجي. سرڪاري ڪامورا، افسوس جو تعليم يافته ٿي ڪري به، رشوت خوري جي قبيح گناهه ۾ گرفتار آهن ۽ پنهنجي قوم ۽ ملڪ کي تباهه ٿا ڪن. کين ڄاڻن گهرجي ته هو پبلڪ جا خادم آهن. قوم جي پيسي مان پگهارون ٿا کڻن تنهنڪري پبلڪ جا خادم آهن. هنن کي نمڪ حرام نه پر نمڪ حلال ٿيڻ گهرجي ۽ پبلڪ جي خدمت ڪرڻ گهرجي. هنن کي گهرجي ته پنهنجي فرصت واري وقت ۾ ماڻهن کي گڏ ڪري تعليم صحت ۽ اخلاقن وغيره تي ليڪچر ڏين.
(هفتيوار حُريت 19 جون 1950ع)