ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

ٽريننگ ڪاليج جي پهرئين سال جي شاگردن جو امتحان

(سنڌي جو سال 1934)

ارمان جي ڳالهه آهي، جو ڪن اميدوارن جي سمجهه، خيال، عبارت ۽ الفاظ اهڙا مس آهن جهڙا چوٿين درجي جي ڪنهن چڱي شاگرد جا. بيهڪ جون نشانيون ته ورلي ڪنهن اميدوار ڪم آنديون آهن. فقرن ٺاهڻ جو رواج به منجهن ڪو نه ٿو ڏسجي. هڪڙي عام غلطي سندن هي آهي جو جيڪي لکن ٿا تنهن کي وري پڙهي نٿا ڏسن ۽ پنهنجيون چوڪون درست نه ٿا ڪن. ڪي چوڪون اهڙيون سليس ۽ ظاهر آهن جو چوٿين درجي جو ڪو چڱو شاگرد به انهن کي جيڪر درست ڪري سگهي. مفصل ريمارڪ هيٺ ڏجن ٿا:-
1 - پهريون سوال هي آهي ته "هيٺيون سٽون ڪٿي ڪم آيل آهن، سو ڏيکاري انهن جو مطلب سمجهايو.
هن سوال جي جواب لکڻ ۾ هڪ عام غلطي هي هئي جو انهن سٽن ۾ ڏکين لفظن ۽ اصطلاحن يا پهاڪن جي سمجهاڻي ڪا نه ڏنل هئي. فقط انهن جملن کي ڪجهه ٻئي نموني ۾ ڪري لکيو ويو. ڪن ته ڏکيا لفظ به ساڳيئي سمجهاڻي ۾ ڪم آندا. مثلن تڇ سمان، ست رڇين، ستي لڪڙي، بچه ڪشي، ڪمر ڪشي، حقارت وغيره. ٻي عام غلط فهمي هي هئي جو هر هڪ ڀاڱي جي سمجهاڻي لاءِ گهربل احوال کان وڌيڪ اجايو احوال به اميدوار لکي پئي ويا. نه ته سبق منجهان فقط اوترو ٿورو مختصر احوال ڏيڻو آهي، جنهن مان ڏنل سٽن جي مطلب سمجهائڻ ۾ آساني ٿئي. مثلن فردوسي به نسبت ڪي اميدوار سڄو سبق لکي ويا. نه ته ضرورت فقط هيتري آهي ته ٻڌائجي ته محمود غزنويءَ فردوسيءَ کي انجام ڏنو هو ته شاهنامي جي هر هڪ مصرع لاءِ هڪ سونو درهم کيس ڏنو ويندو. مگر محمود غزنوي جو جيڪو خاص پيارو وزير هو، تنهن جي فردوسي سان دشمني هئي، تنهن فردوسيءَ کي سونن درمن جي بدران چانديءَ جا درهم ڏياريا.
2 - ڀاڱي جي سمجهاڻي هڪ ٻن اميدوارن هن طرح لکي:- راجا رام موهن راءِ ملڪ جو ڏاڍو خير خواهه هو. هن ڏاڍا خير جا ڪم ڪيا. اسان کي به ائين ڪرڻ گهرجي. هن سمجهاڻي ۾ ستي لڪڙي ۽ بچه ڪشي بند ڪرڻ جي ته ڳالهه به ڪانهي. ٻين جوابن ۾ به اڪثر اها خامي هئي جو يا ته جواب گهربل احوال کان بلڪل گهٽ يا گهربل احوال کان بلڪل نرالو يا بلڪل وڌيڪ هو.
"مقرب جي معنيٰ ڪنهن هڪ اميدوار کي به نه آئي. اميدوارن ان جهڙا هيٺيان لفظ ٻڌا هوندا، قرب، قرباني، قريب - زمان ماضي قريب - انهن منجهان پوئين لفظ مان خبر هوندن ته قريب معنيٰ آهي ويجهو. مقرب جي معنيٰ به آهي ويجهو ڪيل يعني خاص طرح پيارو جنهن کي هميشه ويجهو وهاريو وڃي. اميدوارن ان جي معنيٰ لکي آهي وزير. مگر هروڀرو ائين ناهي. رواجي نوڪر به مقرب ٿي سگهي ٿو.
3 - ٻئي سوال ۾ "پورهئي جي ورڇ“ يا "ٻيلن مان فائدا“ تي مضمون لکڻو آهي. مگر ڪن اميدوارن پورهئي جي ورڇ تي مضمون لکيو، تن مان گهڻن جي لکڻ مان ائين معلوم ٿيو ته هنن اهو سبق بلڪل ڪين سمجهيو آهي. گهڻن ته فقط ڪتاب ۾ ڏنل مثال ڪم آندا آهن، پر اهڙن لفظن ۾ ۽ اهڙن ريمارڪن سان جو پڪ ٿي ته اها ڳالهه سندن مغز ۾ بلڪل ڪين ويٺي آهي. هڪڙي اميدوار لکيو ته پورهئي جي ورڇ جي معنيٰ آهي ڍنگ يا تجويز سان ڪم ڪرڻ.
”ٻيلن مان فائدا“ ڪن اميدوارن اهو مضمون هيٺين نموني ۾ لکيو جو بلڪل اڻ وڻندڙ آهي:-
1 - ٻيلن مان گاهه ٿئي ٿو.
2 - ٻيلن مان ڪاٺيون ٿين ٿيون جي جاين جوڙائڻ ۽ ٻارڻ لاءِ ڪم اچن ٿيون.
3 - ٻيلن مان لاک ٿئي ٿي.
4 - ٻيلن ۾ ماکي لڀي ٿي.
5 - ٻيلا ڪاربانڪ ائسڊ گئس کائن ٿا، تنهن ڪري هوا کي صاف ٿا ڪن وغيره.
4 - ٽئين سوال ۾ ڪن لفظن جي معنى ۽ سمجهاڻي ڏيڻي آهي، ۽ انهن لفظن کي جملن ۾ ڪم آڻي ڏيکارڻو آهي. مگر سڀني اميدوارن مان فقط هڪ اميدوار انهن لفظن کي صحيح طور جملن ۾ ڪم آڻي ڏيکاريو. ٻين اميدوارن فقط هن طرح لکيو "اڪبر فياض هو“، "مئجسٽريٽ ڏاڍي بي ريائي ڏيکاري“ وغيره. جملي ۾ لفظ اهڙيءَ طرح ڪم آڻجي جو جملي مان ئي سمجهي وڃجي ته ان لفظ جي معنيٰ ڇا آهي. مثلن هڪڙي خان بهادر هڪ مزور کي مار ڏني. مزور مئجسٽريٽ وٽ فرياد ڪيو، مئجسٽريٽ کي ثابتي پوري ملي. هن اهڙي بي ريائي ڏيکاري جو خان بهادر کي سزا ڏيئي ڇڏيائين، ۽ اهو خيال ڪون ڪيائين ته جوابدار وڏو ماڻهو آهي. ٻيو مثال، شير شاهه اهڙو فياض بادشاهه هو جو رعيت جي ڀلي لاءِ رستا ٺهرايائين، واهه کوٽايائين خيراتي اسپتالون ڪڍيائين وغيره.
بي ريائي جي معنيٰ ڪنهن به اميدوار چڱي طرح نه سمجهائي. "بي ريائيء معنيٰ "پاسخاطري نه ڪرڻ“ برابر آهي، پر هن لفظ جي اصل معنيٰ اڃا به وسيع آهي. رياءَ جي اصل معنيٰ آهي ڏسڻ يا ڏيکارڻ. ڪي ماڻهو نماز فقط هن لاءِ پڙهندا آهن ته ماڻهو مون کي نماز پڙهندو ڏسي نيڪ سمجهن، هي آهي رياءَ جي نماز يعني ماڻهن کي ڏيکارڻ جي نماز. ساڳي طرح مئجسٽريٽ کي به گهرجي ته ثابتي کي ڏسي، نه فريادي يا جوابدار کي ڏسي فيصلو ڪري. يعني کيس اها ڳالهه ڏسڻي ناهي ته فريادي يا جوابدار وڏو ماڻهو آهي، يا منهنجو مائٽ يا دوست آهي، يا نمازي آهي وغيره وغيره.
تحمل جي معنيٰ گهڻن اميدوارن صبر لکي آهي، مگر تحمل ۽ صبر ۾ ڪجهه تفاوت آهي. اميدوارن حمال جو لفظ ٻڌو هوندو. جنهن جي معنيٰ آهي بار کڻندڙ. حمل = هن کنيو. تنهن ڪري تحمل جي معنيٰ آهي بربادي يا بار سهڻ. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان کي گهٽ وڌ ڳالهائي يا ننڍيون ننڍيون تڪليفون ڏئي ته اسان غم کائي وڃون ۽ هن سان تڪرار نه ڪيون يا عيوضو نه وٺون ته چئبو ته اسان تحمل يا بردباري اختيار ڪئي.
قناعت جي معنيٰ آهي سادي گذران تي راضي رهڻ ۽ اجايو عيش عشرت نه ڪرڻ. مگر ڪن اميدوارن شايد ڪا ٻي معنيٰ سمجهي آهي جو گهڻو ڪري هي جمله ڪم آندو اٿن ته فلاڻو صوفي قناعت جو صاحب هو.
فياض جي معنيٰ به اميدوارن ”ڪرامت جو صاحب“ يا ”مريدن کي ولي بڻائي ڇڏيندڙ“ سمجهيو آهي. مگر فياض جي معنيٰ آهي فائدو پهچائيندڙ پوءِ ڪير به فائدا پهچائي، ۽ ڪهڙا به فائدا پهچائي.
ڪي اميدوار هيءَ غلطي ٿا ڪن جو معنيٰ ڏيڻ ۾ به ساڳيو لفظ ڪم ٿا آڻين، مثلن فياض معنيٰ فيض ڏيندڙ، ۽ بي ريائي معنيٰ رياءُ نه ڪرڻ، ڪي وري هي به غلطي ٿا ڪن جو اسم ذات جي معنيٰ اسم نافل ۾ يا اسم جي صفت ۾ (وغيره) ٿا ڏين. مثلن بي ريائي جي معنيٰ رياءُ نه ڪندڙ، فياض معنيٰ فائدو پهچائڻ، تحمل معنيٰ صبر وارو وغيره وغيره.
5 - چوٿين سوال جي جواب ۾ ٽي فقرا ڪرڻ گهرجن. هڪ ۾ خود قرباني جي معنيٰ سمجهائجي، ٻئي ۾ پهرين قرباني جو بيان ۽ ٽئين ۾ ٻي قرباني وارو بيان ڪجي. خود قرباني جي معنيٰ ڪنهن ورلي اميدوار کي لکڻ آئي. گهڻو ڪري سڀني سمجهيو آهي ته فقط سر قربان ڪرڻ يا حياتي ڏيڻ کي خود قرباني ٿو سڏجي. مگر ائين ناهي، سچي معنيٰ هي آهي ته ٻين جي ڀلائي لاءِ پنهنجو نقصان سهڻ، يا پاڻ کي تڪليف ڏيڻ، يا جان جوکي ۾ وجهڻ يا سر ڏيڻ اها آهي خود قرباني.
پنجين ڪتاب جي سبق ۾ حاتم جون ٻه قربانيون بيان ڪيل آهن، مگر اميدوارن بنا سمجهائڻ جي اجائي پٽاڙ ڪري سڄو سبق کڻي لکيو آهي. نه ته لکڻو فقط هيترو آهي ته حاتم پهرين قرباني هي ڪئي جو جڏهن نوفل مٿس ڪاهيو، تڏهن ٻنهي طرفن جي ماڻهن کي خونريزي وغيره کان بچائڻ لاءِ گهر ٻار، راڄ ڀاڳ ۽ سک ڦٽي ڪري جهنگ منهن ڪري هليو ويو، يعني دنيا جا سڀ مزا قربان ڪري پاڻ کي تڪليفن جي منهن ۾ ڏنائين. ٻي قرباني هي ڪيائين جو غريب ڪاٺير کي 500 اشرفين ڏيارڻ واسطي پاڻيهي اچي هن کي چيائين ته مون کي هلي نوفل جي حوالي ڪر ته توکي 500 اشرفيون انعام ملن. يعني اگرچه سمجهيائين ٿي ته نوفل مون کي يا قيد ۾ رکندو يا مارائي ڇڏيندو، ته به ڪاٺير جي چڱائي لاءِ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين. مگر اميدوارن هنن ٿورن لفظن لکڻ بدران سڄو سبق کڻي لکيو آهي، ۽ اها چٽائي ڪانه ڪئي اٿن ته ڪهڙيون ٻه قربانيون ڪيائين.
6 - اشتقاق ۽ معنيٰ لکڻ هڪ اميدوار کي به نه آئي آهي. مرگهه ترشنا جي معنيٰ رڃ ٻن اميدوارن لکي. ٻين گهڻو ڪري لکيو ”هرڻ جي اڃ“ جن رڃ لکيو تن به ڪون سمجهايو ته ”رڃ“ تي ”هرڻ جي اڃ“ نالو ڪيئن پيو. اميدوارن کي اها خبر ڪانهي ته جنهن اصلوڪن لفظ يا لفظن مان ڏنل لفظ نڪتو آهي، تنهن يا تن جي معنيٰ ڏيئي پوءِ ڏنل لفظ جي معنيٰ سمجهائجي. محبوب جو اشتقاق لکڻ به ڪنهن کي به ڪو نه آيو. جئين فعل مان مفعول، وزن مان موزون، عشق مان معشوق تئين حب مان محبوب ٺهيل آهي. مفعول، موزون، معشوق ۽ محبوب اهي سڀئي اسم مفعول آهن، جيئن سنڌي لکيل، ڪيل، پڙهيل، وغيره اسم مفعول آهن. تنهن ڪري محبوق جي معنيٰ آهي سڪ ڪيل يعني جنهن سان سڪ هجي، جو پيارو هجي. حب = هن پيار ڪيو. خوردبيني، فرمانبرداري ۽ جانشين جو اشتقاق ۽ معنيٰ به گهڻن کي ڪا نه آئي.
7 - 6 سوال جي جواب ۾ بيتن جي معنيٰ سمجهائي آهي. اميدوارن کي گهرجي ته پهريائين ڏکين لفظن، اصطلاحن ۽ تشبيهن جي سمجهاڻي ڏين، پوءِ بيت جي لفظي معنيٰ ۽ پوءِ اندروني مطلب ۽ سمجهاڻي. مگر هڪ اميدوار به ائين ڪونه ڪيو. ڪن ته فقط اندروني معنيٰ لکي. مثلن الف بيت به نسبت فقط هيترو لکيائون:-
من مان غير ٻيائي ڪڍي ڇڏ، سدائين سچ تي هل ۽ ڌڻيءَ جي بندگي ويٺو ڪر.
8 - اٺين سوال جي جوابن مان ڏسجي ٿو ته اميداورن کي پنهنجي سمجهه يا بلڪل ڪانهي يا پنهنجي سمجهه هلائڻ جو ڪڏهن خيال ئي ڪون ڪيو اٿن. جيڪي استادن کان سکيو اٿن يا ڪتاب ۾ پڙهيو اٿن سو ئي لکي ويا آهن، ڪن ته فقط ڳالهه کڻي لکي آهي، ايترو به ڪونه لکيو اٿن ته ڇو کين اها ڳالهه ٻين کان وڌيڪ ٿي وڻي.
9 - جن لفظن جي ترڪيب ڪرڻي آهي سي سولا آهن، ته به گهڻن اميدوارن کي ترڪيب ڪرڻ ڪانه آئي آهي.
10 - ڇيد ڪرڻ ته فقط هڪ يا ٻن اميدوارن کي آيو آهي.
11 - تقطيع ڪرڻ اڌ کان وڌيڪ اميدوارن کي آئي آهي.
منهنجي صلاح آهي ته سال جي اندر جيڪي امتحان شاگردن جا وٺجن، تن امتحانن جي سوالن جي پيپرن جا ماڊل جواب لکائي ڇڏجن ته کين خبر پوي ته جواب ڪيئن لکجن، ته پوءِ سالياني امتحان ۾ پنهنجي علم آهر چڱا جواب لکي ويندا ۽ مارڪون کڻي ويندا.
(اخبار تعليم آگسٽ 1934ع)