پاڪستان جو دستور
ڪاميٽيءَ ٻي هيءَ سفارش به ڪئي آهي ته امربالمعروف ۽ نهي المنڪر جي لاءِ هڪ ادارو قائم ڪيو وڃي. جيڪڏهن سفارش جو مطلب هي آهي ته ڪي مولوي پگهار تي وعظ ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا وڃن ته انهيءَ سفارش جا مقصد به اهي ئي چئي سگجهن ٿا جي مٿي بيان ڪيل آهن. مولوي ته هو نئن به مسجدن ۾ خواهه ٻاهر وعظ ۽ خطبا ڏيندا رهيا آهن جن مان ڪجهه به حاصل ڪونه ٿو ٿئي. قرآن مان ظاهر آهي ته سرڪاري عملدار زور ۽ طاقت سان قرآني حڪمن تي عمل ڪرائين ۽ زور زبردستيءَ سان گناهن کي روڪين. سکڻا وعظ ڪجهه به فائدو ڪونه ٿا ڏين.
وعظي مولوين کي پگهارون ڏيڻ عوام تي اجايو ٻوجهه وجهڻو آهي. تاريخي حقيقت هي آهي ته يزيد کانپوءِ اسلامي نظام بگڙي ويو. بادشاهن ۽ اميرن پنهنجي غير اسلامي ڪرتوتن کي ڍڪڻ لاءِ ۽ پنهنجي طاقت کي قائم رکڻ لاءِ ضعيف دل ۽ لالچي عالمن کي خريد ڪري ورتو ۽ حق گو عالمن کي يا ته جيل ۾ رکيو يا ته قتل ڪرائي ڇڏيو. جن کي خريد ڪري سگهيا تن کي عوام تي مسلط ڪري ڇڏيائون ۽ عوام ٻن چڪين يعني ملوڪيت ۽ مذهبي پيشوائيت جي پڙن جي وچ ۾ پيسبا رهيا. افسوس جو اسان جي جمهوري گورنمينٽ به ساڳي ئي پاليسي اختيار ڪري رهي آهي.
ٻي تاريخي حقيقت هيءَ آهي ته اوائلي زماني ۾ فقط قرآن مجيد تي عمل ڪيو ويندو هو. حصرت محمد ﷺ جن ۽ اوائلي خليفه فقط قرآن مجيد تي عمل ڪندا هئا ۽ جزوي ڳالهين بنسبت جماعت سان مشورو ڪري پوءِ فيصلا ڪري انهن تي عمل ڪندا ۽ ڪرائيندا هئا. اها آهي پيغمبري سنت. حضور جن ۽ اوائلي خليفن حديثن لکڻ کان قطعي منع ڪئي. اٽڪل هو سؤ سن هجري ۾ امام مالڪ فقط ٽي سو حديثون لکيون. امام بخاري 250 هجري ۾ 2 لک حديثن مان چونڊي فقط 7 هزار حديثون لکيون. مگر پوءِ به چوڏهن لک حديثون روايت هيٺ آيون. انهن مان گهڻيون ئي حديثون قرآن مجيد جي خلاف آهن، هڪ ٻئي جي به خلاف آهن، خود حضرت ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي توهين ڪندڙ آهن ۽ گهڻيون ئي رواجي عقل جي به خلاف آهن. حديثن سان گڏوگڏ وري فقه جو دور شروع ٿي ويو. فقهي قانونن ۾ به بي شمار اختلاف آهن، انهيءَ ڪري فرقا ٺهيا، اگرچه قرآن مجيد ۾ فرقا ٺاهڻ شرڪ آهي. انهن فرقن جي ڪري ٻڌي ٽٽي پئي ٿي. انهن فرقن هڪ ٻئي تي ڪفر جون فتوائون جاري ڪيون، قتل ۽ فساد جي بازار هميشه گرم رهندي آئي، خود مسلمان پاڻ چنگيز خان ۽ هلاڪو خان سان ساز باز ڪري کين ايران ۽ بغداد تي حملو ڪرايو جنهن ڪري وحشي مغلن اسلامي ملڪن کي تلق وتاراج ڪري ڇڏيو ۽ اڄ تائين نڪي مسلمانن وري زور ورتو آهي نڪي اسلام وري زنده ٿيو آهي. قرآن مجيد جي تعليم لکن ڪتابن جي انبار هيٺ پوري لڪائي ويئي آهي.
هاڻي وقت اچي ويو آهي.ته کليو کلايو جرائت سان پنهنجي سرڪردن کان پڇڻ گهرجي ته توهان مسلمان آهيو يا نه جيڪڏهن مسلمان آهيو ته قرآن مجيد تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهيو يانه؟ جيڪڏهن ٻڌل آهيو ته پوءِ ڇونه ٿا پاڪستان جي دستور کي قرآن جي دستور مطابق مرتب ڪيو؟ سولي رٿ هيءَ آهي ته محمد اسلم جيراجپوري، غلام احمد پرويز، ابوالا على مودودي ۽ سيد سليمان ندويءَ کي پاڻ سان شامل ڪري دستور به مرتب ڪريو ۽ پوءِ قانون به ٺاهيو. بيشڪ هو پاڻ ۾ ئي گهڻا اختلاف ڪندا. پوءِ اختلاف جي حالت ۾ توهان پنهنجو عقل ڪم آڻيو ۽ اها راءِ قبول ڪيو جا وڌيڪ معقول ۽ مفيد سمجهو. ٻي تمام ضروري ڳالهه هيءَ آهي ته بنا دير هڪدم سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ قرآن مجيد جو ترجمو سيکارڻ جو حڪم ڪيو، ان ڳالهه ۾ هي سوال درپيش ايندو ته ڪنهن جو ترجمو سيکاريو وڃي. بيشڪ ترجمن ۾ به اختلاف آهن پر اختلافن جي ڪري قرآن شريف معنى سان پڙهڻ ڇڏي ڏجي ڇا؟ انهيءَ سوال بابت منهنجي راءِ هيءَ آهي ته شاهه ولي الله جو ترجمو يا شيخ الهند محموالحسن جو يا ابو الڪلام آزاد جو ترجمو يا عبدالله يوسف علي جو ترجمو يا ڪنهن مشهور مصر جي مصنف جو ترجمو انهن ساڳين چئن عالمن جي آڏو پيش ڪجي. جڏهن هو اتفاق راءِ سان ڪي تبديليون ڪرڻ جو مشورو ڏين ته اهي تبديلون هڪدم ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪن ڳالهين بابت يڪراءِ نه ٿين ته اصلي ترجمي کي قائم رکڻ گهرجي. تفسير تمام مختصر رکڻ گهرجي. پوءِ انهيءَ ترجمي ۽ تفسير موجب درجي وار ريڊر ٺاهڻ گهرجن ۽ سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائڻ گهرجن ۽ سڀني امتحانن لاءِ اهو سبجيڪٽ لازمي هئڻ گهرجي. جيڪي به ڊپلومايا ڊگريءَ جا امتحان ٿين ٿا تن ۾ به اهو سبجيڪٽ لازمي هئڻ گهرجي. ممڪن آهي ته پوءِ ترجمي ۽ تفسير ۾ سڌاري جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي ۽ سڌارا ڪيا ويندا.
بنيادي اصولن جي ڪاميٽيءَ هي به سفارش ڪئي آهي ته مسجدن جي تنظيم ڪئي وڃي. مسجدن جي تنظيم ڪيئن ڪرڻ گهرجي ۽ ڪيئن سوره توبه جي 60 آيت تي عمل ڪرڻ لاءِ هر هڪ مسجد سان بيت المال شامل ڪجي تنهن جي سمجهائڻ لاءِ جدا مضمون جي ضرورت آهي. بهرحال نماز جو نظام ۽ مسجدن جي تنظيم اسلامي سرڪار جو اولين فرض آهي. نظام اهڙو رکڻ گهرجي جو هر هڪ مسلمان مرد توڙي عورت هر روز 15 منٽ قرآن مجيد جو ترجمو ٻڌي.
جن صاحبن رپورٽ تيار ڪئي آهي تن جي اسلام سان دلچسپي هن مان ثابت آهي ته امير مملڪت يعني حڪومت جي اعلى صدر لاءِ علمي شرط فقط هي رکيو اٿن ته هو ڪنهن به زبان ۾ لکي پڙهي سگهي. گهٽ ۾ گهٽ هي شرط وجهڻ گهربو هو ته نه رڳو قرآن شريف جي معنى سمجهندڙ هجي پر ان تي هر طرح عمل به ڪندڙ هجي. منهنجو ذاتي خيال ته هي آهي ته ووٽرن لاءِ هي شرط هئڻ گهرجي ته هر هڪ ووٽر مئٽريڪيوليشن جو امتحان يا گهٽ ۾ گهٽ ورنيڪيولر فائينل پاس ڪيل هجي ۽ اسيمبليءَ لاءِ اميد وار گهٽ ۾ گهٽ گريجوئيٽ هئڻ گهرجن ۽ ان سان گڏ قرآن مجيد معنى سان ڄاڻندڙ هجن ۽ ان تي هر طرح عمل ڪندڙ به هجن.
ڪاميٽي جيڪا سفارش حلف نامه به نسبت ڪئي آهي سا يورپي ماڻهن کان اڌاري ورتل آهي. منهنجو خيال آهي ته هر هڪ اسيمبلي ميمبر ۽ هر هڪ عملدار ۽ ملازم کان لکيل قسم نامون ورتو وڃي ته مان هر روز گهٽ ۾ گهٽ 15 منٽ قرآن مجيد جو ترجمو پڙهندس ۽ خانگي توڙي سرڪاري حيثيت ۾ قرآن مجيد جي ڪمن جي تعميل ڪندو رهندس. (توحيد- جنوري- فبروري 1953ع)