اسلام ڇا آهي؟
رسول الله ﷺ جن وٽ ڪي ماڻهو مسلمان ٿيڻ ايندا هئا ته کانئن بروقت هي انجام ورتا ويندا هئا.
1) اسان هڪ خدا جي عبادت (ٻانهپ) ڪنداسين ۽ ڪنهن کي هن جو شريڪ نه بنائينداسين.
2) اسان چوري يا زنا ڪڏهن ڪين ڪنداسين.
3) اسان پنهنجي اولاد کي قتل نه ڪنداسين.
4) اسان ڪنهن تي ڪوڙي تهمت نه لڳائينداسين، نڪي چغلي هڻنداسين.
5) اسان نبي ﷺ جي فرمانبرداري سڀ ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ ڪندا رهنداسين.
هڪڙي اصحابيءَ کان روايت آهي، ته جڏهن پاڻ رسول الله ﷺ جي هٿ تي بيعت ڪيائين تڏهن کانئس اسلام تي هلڻ، ۽ مسلمانن سان خير خواهي ڪرڻ جو شرط ورتو ويو.
اسان جا پير ۽ مرشد اهڙا انجام بلڪل ڪونه وٺندا آهن. ڪي ته فقط چڳه وڍي مريد بنائيندا آهن ۽ حڪم ڪندا آهن ته ٻارهين ٻارهين مهيني مقرر ڪيل ڏن ڏيئي وڃجان. جيڪي چڱا عالم پير آهن، سي به اهڙيون ٻه چار ڳالهيون ٻڌائيندا آهن، جن مان نڪو نڪري کڙ نڪو تيل.
ناظرين صاحبو! مٿي ڏنل پنجين فقره تي ته ڪجهه نظر ڪري انصاف ڪجو. پاڻ اگرچه پيغمبر هئا ته به اهڙو انجام ڪو نه وٺندا هئا ته سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ منهنجي فرمانبرداري ڪندو، پر ائين انجام وٺندا هئا ته، سڀ ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ منهنجي فرمانبداري ڪندو، مگر اڄوڪا عالم ۽ پير ۽ مرشد ۽ درويش اها تلقين ڪندا آهن ته، جيئن اسان حڪم ڪيون تيئن ڪيو، اگرچه توهان کي اهو ڪم گناهه جو ڏسڻ ۾ اچي. هڪڙي روايت مون کي ياد آهي ته، رسول الله ﷺ ڪنهن عورت کي گهرائي چيو ته مڙس سان هن ريت هلت ڪر. عورت پڇيو ته اهو حڪم مون کي اسلام جي مذهب موجب ٿا ڏيو يا ذاتي سفارش ٿا ڪيو؟ پاڻ فرمايائون ته ذاتي سفارش ٿو ڪريان. عورت چيو ته مان قبول ڪري نٿي سگهان. ﷺ کيس ڪجهه به نه چيو نڪي ناراضپو ڏيکاريو:
اڄوڪا عالم نالي جي مسلمانن کي مسلمان بنائڻ لاءِ مٿيان انجام ته ڪونه وٺن پر رڳو ڪلمي شريف جي معنيٰ به ڪو نه سيکارين، پوءِ ڪيئن کين عالم ڪوٺجي، ۽ ڪيئن عوام الناس کي مسلمان ڪوٺجي؟ ياد رکڻ گهرجي ته ڪلمي پڙهڻ سان ماڻهو مسلمان ڪونه ٿو ٿئي، پر ڪلمي تي ايمان آڻڻ سان، پوءِ توڙي سنڌيءَ ۾ پڙهجي. ايمان ڪنهن به ڳالهه تي تڏهن آڻبو، جڏهن اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي، ۽ دل سان لڳندي، ۽ سچي معلوم ٿيندي. ايمان آهي ”اقرار با اللسان و تصديق با القلب“ يعني زبان سان اقرار ڪرڻ ۽ دل سان تصديق ڪرڻ. ڪلمي شريف جي معنيٰ هيءَ آهي ته الله تعاليٰ کان سواءِ ڪو به معبود ڪونهي ۽ حضرت محمد (ﷺ) الله جو رسول آهي.
پهرئين ڀاڱي جو مطلب آهي ته فقط الله تعاليٰ جي عبادت ڪجي ۽ فقط سندس حڪمن جي فرمانبرداري ڪجي. ٻين جو حڪم تڏهن مڃجي جڏهن مناسب به هجي، ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن جي خلاف به نه هجي. اڄ ڪلهه ماڻهو ٻين جا حڪم مڃن ٿا، اگرچه الله تعاليٰ جي حڪمن جي خلاف هجن. جنهنجو مطلب اهو ٿيو ته، هو الله تعاليٰ کان انهن کي وڏو ٿا سمجهن ۽ منجهن ايمان وڌيڪ اٿن ۽ خدا جي خوف کان سندن خوف وڌيڪ ٿا رکن. ڪي وري الله تعاليٰ جي حڪمن کان شيطان جي حڪم کي وڌيڪ ترجيح ٿا ڏين. الله تعاليٰ جا حڪم ڪهڙا آهن، تنهن جو جواب وري ڪلمي شريف جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڏنل آهي، يعني اهي حڪم اهي آهن جي سندس موڪليل پيغمبر سيکاريا آهن، يعني قرآن مجيد ۽ رسول الله ﷺ جا صحيح طور روايت ڪيل قول ۽ فعل.
ڪلمي شريف جي معنيٰ مان ئي معلوم ڪري سگهبو ته اسان کي نه رڳو ڪلمي شريف جي معنيٰ سمجهي زبان سان اقرار ۽ قلب سان تصديق ڪرڻي آهي، پر الله تعاليٰ جي حڪمن جي فرمانبرداري به ڪرڻي آهي، اهو ئي سبب آهي جو لا اله الا الله جو ذڪر افضل سمجهيو ويندو آهي. ڇو ته ان ڪلمي ۾ سڄو اسلام اچي ويو. قرآن شريف ۾ ڪٿي به ائين فرمايل نه آهي ته جيڪو شخص رڳو ايمان آڻيندو سو بهشت ۾ ويندو. بلڪ جتي جتي ايمان آڻڻ جو حڪم ڪيل آهي، اتي چڱن عملن جو به حڪم ڪيل آهي. ”اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ“ جا الفاظ جتي ڪٿي گڏ آيل آهن. ٻين سون آيتن مان به ثابت آهي ته مومن ۽ مسلمان انهيءَ کي چئجي، جو الله تعاليٰ جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪري. ايمان بيشڪ مقدم آهي، ڇو ته چڱن عملن جو مدار صحيح عقيدن تي آهي. پر عملن کان سواءِ ايمان ائين آهي، جيئن ميوي کانسواءِ درخت. پوءِ ائين به آهي ته جنهن کي پڪو ايمان هوندو سو عمل به ضرور ڪندو. مثلن مون کي پڪ آهي ته باهه ۾ هٿ وجهندس ته ايذاءِ ايندو، تنهنڪري هٿ وجهندس ئي ڪين. مون کي ڪراچيءَ وڃڻو آهي، پڪو ويساهه اٿم ته ڏکڻ طرف آهي، تنهن ڪري ضرور ڏکڻ ويندس، اُتر هرگز ڪين ويندس. اسان ۽ اسان جا عالم جو عمل ۾ قاصر آهن، تنهن جو سبب رڳو هيءُ آهي، جو اسان جو ايمان به ضعيف آهي. اهڙا بزرگ آهن ئي ڪين جن جي صحبت اسان جي ايمان کي پڪو ڪري، ۽ اسان کي صالح عملن تي آماده ڪري. چيو اٿن ته ”جهڙي صحبت تهڙو اثر“.
ناظرينو! ٻڌائڻ فرمايو، ته عالم ۽ پير ڪلمي شريف جي معنيٰ ٻڌائي اسان کي مسلمان ڪن ٿا يا نه. جي نه، ته ڇو نٿا ڪن؟ سبب هي آهي ته پاڻ ئي ڪونه ٿا سمجهن، ته اسلام ڇا آهي ۽ ڪلمي شريف ۾ ڪيتري حڪمت رکيل آهي. ائين ته نه آهي ته جيڪڏهن ماڻهن کي ڪلمي شريف جي معنيٰ جي خبر پوندي ته هو قرآن شريف ۽ حديث ڏي متوجه ٿيندا ۽ الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ڪندا، نه سندن؟ پر ائين ڇا هوندو!
هيءَ ڳالهه به ضرور ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته الله تعاليٰ غني آهي، کيس اسان جي عبادت جو احتياج ڪونهي. جيڪڏهن اسان سندس فرمانبرداري نه ڪيون ته کيس ڪو به نقص يا نقصان نٿو رسي. باقي رهي هيءَ ڳالهه ته ڇو اسان تي نماز ۽ روزن وغيره جي تڪليف رکي اٿس. ظالم آهي ڇا؟ نه، هرگز نه! غور ۽ عقل سان ڏسندؤ ته جيڪي به اسان تي فرض رکيا اٿس، جيڪي به حڪم ڪيا اٿس، ۽ جيڪي به سيکاريو اٿس، سو سڀ اسان جي فائدي لاءِ آهي. هو ظالم نه آهي پر هو رحيم ۽ شفيق آهي. جيڪڏهن اسان کي اسان جي بد عملن جي سزا ٿو ڏئي ته اهو به سندس رحم آهي، ڇو ته سزا نه ڏئي ته وڌيڪ ۽ وڌيڪ خراب ٿيون. توهان ڏٺو هوندو ته الله تعاليٰ اسان کي وڌيڪ تڏهن ياد ايندو آهي، جڏهن اسان تي ڪا مصيبت يا تڪليف نازل ٿيندي آهي. پر افسوس جو اسان بي دين ان تڪليف گذارڻ بعد وري الله تعاليٰ کي وساري ڇڏيندا آهيون، اڳيئي چيو ويو آهي ته اسلام جو خاص مقصد آهي اخلاقن جو سڌارو ۽ ذات انسان جو ڀلو.
حديث آهي ته الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته، ”اي انسان! مون سان محبت رکين ٿو ته پهريائين ذات انسان سان محبت رک. سڀ کان چڱو انسان اهو آهي، جنهن جا اخلاق چڱا هجن، ۽ جو خدا جي خلق کي فائدو پهچائي.“ تنهنڪري ضروري آهي ته اسان عقل جي وسيلي اسلام جي حڪمن ۽ تعليمات جون خوبيون ۽ فائدا بيان ڪيون. ان ۾ دنياوي فائدا به اچي ٿا وڃن. ڇو ته جيڪڏهن اهي بيان ٻڌائبا ته غير مسلمان اسلام ڏي مائل ٿيندا ۽ مسلمانن جو ايمان وڌيڪ پڪو ٿيندو. هڪڙي حديث آهي ته ڪو شخص دنيائي فائدي جي نيت سان ڪو شرعي ڪم ڪندو ته هن جو اهو عمل رد آهي. تنهنڪري بهتر آهي ته شرعي ڪم انهيءَ نيت سان ڪجن ته اهي مهربان مولا جا حڪم آهن سي ضرور مون کي مڃڻ گهرجن. جو مهربان مولا مون سان هيڏيون مهربانيون ٿو ڪري، تنهن جو شڪرگذار رهڻ، ۽ تنهنجا حڪم مڃڻ منهنجو فرض آهي. اهڙي مهربان مولا سان محبت رکندس، ۽ کيس راضي رکڻ جي ڪوشش ڪندس، ته هو مون تي وڌيڪ مهربان رهندو.
انهيءَ جو اهو مطلب ناهي ته انهن شرعي حڪمن جي دنيائي فائدن جو ويچار ئي ڪرڻ نه گهرجي. مثلاً حضرت علي رضي الله فرمايو آهي ته، ”صوموا تصحوا- روزا رکو ۽ صحت پرايو،“ يعني روزا صحت وڌائين ٿا. ازانسواءِ مٿئين حديث شايد ٻئي مقصد سان فرمائي وئي آهي. مثلن نماز انهيءَ مقصد سان پڙهڻ ته ماڻهو مونکي نيڪ سمجهن، يا روزا انهيءَ نيت سان رکڻ ته ماني مفت جي ملي، يا قرآن شريف انهيءَ نيت سان پڙهائڻ ته ماڻهن کان پيسا ملن اهڙي نيت سان اهي ڪم ڪبا ته پوءِ بيشڪ اهي مردود آهن.
اسلام جو مقصد مٿي سمجهايو ويو آهي، انهيءَ مقصد نه سمجهڻ ڪري اسلام ۽ مسلمانن بلڪ عالمن جي حالت حيرت ناڪ ٿي وئي آهي. اسلام ڪونهي، ان جو پاڇو سو آهي. جسم آهي، مگر منجهس روح يا زندگي ڪانهي. جيئن روح کان سواءِ جسم ڪنو ڍونڍ ٿي ٿو وڃي، اهائي حالت اسلام ۽ مسلمانن جي ٿي رهي آهي. نانگ نڪري ويو آهي. رڳو ليڪو پيو ٿو ڪُٽجي. اهو ئي سبب آهي جو قرآن شريف معنيٰ سان ڪون ٿو پڙهيو وڃي. ان کي فقط پوتيون پارائي چميون ڏئي گهر ۾ رکيو ٿو وڃي. بيمارن جي سيني تي رکيو ٿو وڃي، بيمارن يا مردن کي بخشيو ٿو وڃي يا ان سان اسقاط ڪرايو ٿو وڃي يا وبا وغيره جي ڏينهن ۾ گهرن جي چوڌاري ڦيرايو ٿو وڃي. ڪروڙين مسلمان ان کي هر روز صبوح جو گهڙي کن پڙهن ٿا، مگر هنن کي ڪڏهن اهو خيال به ڪو نه ٿو اچي ته اسانکي الله تعاليٰ جو حڪم ڪيل آهي ته ان کي سمجهو ۽ ان تي عمل ڪيو. نماز وظيفا وغيره به ساڳيءَ طرح بنا سمجهڻ جي پڙهيا ٿا وڃن، گويا قرآن شريف ۽ ڪلمي شريف ۽ صلوات سڳوري کي جوڳين وارو منتر يا منڊ سمجهيو ٿو وڃي، جن جي رڳو اُچارڻ سان يعني رڳو زبان ۽ چپن هلائڻ سان دنيا ۽ آخرت جون مرادون حاصل ٿي وينديون.
اهو ئي سبب آهي جو جنهن رسول مقبول ﷺ جي پيروي ڪرڻ جو قرآن شريف ۾ حڪم ڪيل آهي، ۽ فرمايل آهي ته جيڪڏهن الله تعاليٰ سان محبت ٿا رکو ته سندس رسول ﷺ جي عملن جهڙا عمل ڪيو، تنهن رسول مقبول ﷺ جا عمل ۽ اخلاق ۽ حياتيءَ جو احوال ماڻهن کي ڪون ٿو ٻڌايو وڃي. ان جي عيوض ڪوڙا ۽ گمراهه ڪندڙ معجزا ۽ مغالطو ۾ وجهندڙ مولود ۽ اڪثر ڪري ڪوڙي تعريف بيان ڪئي ويندي آهي. هڪڙي ڀيري ٻن بزرگن تڪليف وٺي مهربانيون ڪري مون کي اچي چيو ته فلاڻا، فلاڻي هنڌ مولود خواني آهي هلو ته ٻڌون، مون چيو ته مون کي ڪوڙي تعريف ٻڌڻي ناهي. هنن جا ڏند چپن سان لڳي ويا، ۽ فرمايائون ته رسول اللهﷺ جي تعريف ڪوڙي ڪيئن ٿي سگهندي؟ جيڪا تعريف سندن ڪري سگهجي تنهن کان هو گهڻو مٿي هئا. انهن بزرگن مون کي منڪر سمجهيو هوندو، مگر زيردستي ڪري ڪڇي ڪون سگهيا. مان هڪڙي باب ۾ سمجهائيندس ته ڪوڙي تعريف ڪهڙي آهي، ۽ سچي ڪهڙي آهي، حقيقت اها آهي ته گهڻا مسلمان ۽ خود عالم رسول الله ﷺ ۽ اسلام جي گلا ۽ توهين ڪري رهيا آهن نه واکاڻ ۽ عزت.
ڪوڙن معجزن بابت چيو ويندو آهي ته انهيءَ نيت سان ته ماڻهن ۾ رسول اللهﷺ لاءِ عزت ۽ حب وڌي، ڪوڙا معجزا ٺاهڻ ۽ ٻڌائڻ جائز آهي. خدا يا خير ڪر! ڪڏهن ڪوڙ هڻڻ به جائز ٿي سگهي ٿو؟ سچا معجزا ڪينهن ڇا؟ يا جيڪا سچي تعريف رسول الله ﷺ جي قرآن شريف ۽ صحيح بخاريءَ ۾ بيان ڪيل آهي، سا ٿوري آهي يا اڻپوري آهي ڇا؟ انهن جاهلن کي اها خبر ناهي ته دنيا ۾ عقل ۽ علم گهڻو وڌي ويو آهي، هو ڪوڙ سچ کي هڪدم پرکيو ٿا وٺن. مولودن ۾ جيڪي ڪوڙا معجزا يا تعريف، غير مسلمان يا يورپي تعليم يافته مسلمان ٻڌن ٿا، سي انهن ۾ اسلام ۽ اسلام جي باني ﷺ لاءِ نفرت پيدا ٿا ڪن. اڪثر ڪري مولودن ۾ حضرت پاڪ ﷺ کي رواجي معشوق بنايو ويندو آهي. مثلن ”اچ ٻارو چل اچ، پنهل ڄام پرچ الا، گهوريو وڇوڙيو ٿو ماري“. يا هن قسم جا واهيات جملا ڪم آندا ويندا آهن، جي ناحق هندن جون دليون ڏکوئين. مثلن ”هٽ ڀڃي حجرا ڪيو، مکي مٽ ڀري“. اڪثر ڪري رسول الله ﷺ کي الوهيت جو درجو ۽ صفتون ڏنيون وينديون آهن جيڪو شرڪ آهي.
هڪڙي مولوي سڳوري هڪڙو غزل امام حسين رضي الله جي تعريف ۾ چيو آهي، جنهن ۾ چيو اٿس ته محشر جو ڪهڙو ڊپ آهي، جڏهن امام حسين منهنجو شافع آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته خدا ۽ محشر کان ڊڄڻ اجايو آهي، بيشڪ موجون ماڻجن ۽ گناهه ڪجن!
منهنجو عرض ۽ غرض هي آهي ته اردوءَ ۾ گهڻن ئي قابل عالمن رسول اللهﷺ تي سچا ۽ سهڻا قصيدا ٺاهيا آهن، جي گمراهه ڪرڻ بدران رهنمائي ڪندڙ آهن. سنڌين کي گهرجي ته مبالغي جي مصالحي ۽ ڪوڙ جي چٽ کي ڇڏي سچ کي اختيار ڪن ۽ خدا جي خلق کي گمراهه نه ڪن. شاعرن ۽ ڳائيندڙن کي گهرجي ته جيستائين وڏن عالمن جي تصديق نه ڪرائين، تيستائين مولود ۽ قصيدا ڪنهن کي نه ٻڌائين. بهتر ائين ٿئي ته ڪو چڱو عالم چڱا قصيدا ۽ مولود ۽ غزل گڏ ڪري ڇپارائي راڳيندڙن کي هدايت ڪري ته فقط اُهي ڳائين.