ڀتين جي سينگار ۽ نصحيت لاءِ چند آيات و احاديث وغيرھ
2 - ڪلمه شريف لا اله الا الله محمد رسول الله يعني خدا تعاليٰ کان سواءِ ڪو معبود ڪونهي جنهن جي عبادت يا ٻانهپ ڪئي وڃي حضرت محمد ﷺ الله تعاليٰ جو پيغام آڻيندڙ ۽ موڪليل آهي.
3 - الله اڪبر يعني الله تعاليٰ سڀني کان وڏو آهي.
4 - قول: شرف الانسان بالعلم والادب لابالمال والنسب يعني انسان جي عزت علم ۽ ادب سان آهي نه دولت ۽ خانداني سان.
5 - آيت: ان اڪرمڪم عند الله اتقاڪم يعني الله تعاليٰ وٽ اوهان مان وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جو اوهان ۾ وڌيڪ پرهيزگار هجي.
6 - حديث: من اعظم الخطاءِ اللسان الڪذب يعني سڀني گناهن کان وڏو گناه ڪوڙي زبان آهي.
7 - حديث: المسلم من سلم المسلمون من لسانه ويده يعني پورو مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ (جي ايذاءَ) کان مسلمان سلامت هجي.
8 - حديث: المهاجرمن هجر مانهی الله عزوجل منه يعني مهاجر اهو آهي جو الله تعاليٰ جي منع ڪيل شين کان پري ڀڄي.
9 - حديث: اربع من کن فيه کان منا فقا ومن کانت فیہ خصلته منهن کانت فيه خصلته من النفاق حتی يدعها اذا اوتمن خان واذا حدث ڪذب واذا عاهد غدر واذا خاصم فجر يعني اهو شخص جنهن ۾ هي چار خصلتون آهن سو ..... منافق ۽ جنهن ۾ انهن مان هڪڙي خصلت آهي تنهن ۾ نفاق جي ..... به خصلت آهي جيستائين ان کي ڇڏي ڏئي. 1 - جڏهن وٽس امانت ..... هجي ته خيانت ڪري 2 - ڳالهه ڪري ته ڪوڙ ڳالهائي 3 - انجام ڪري ته ڦري وڃي 4- پاڙي ۾ جهيڙو ڪري ته گاريون ڏئي.
10 - حديث: ان الحياءِ والايمان قرناءَ جميعا فازا رفع احد ..... رفع الخر يعني لڄ ۽ ايمان ٻه گڏيل سڱ آهن پوءِ جڏهن انهن مان هڪڙو مٿي ٿو کڄي ته ٻيو به کڄي ٿو وڃي يعني جنهن کي حياءِ ڪونهي تنهن کي ايمان ڪونهي.
11 - حديث: الجنته تحت اقدام الوالدين يعني بهشت ماءُ پيءُ جي پيرن هيٺان آهي.
12 - حديث: لايزنی الزانی حين يزنی وهو مومن لايسرق ..... السارق حين يسرق وهو مومن لايشرب الخمر حين يشربها ..... مومن لايفل احد کم حين يغل وهو مومن فايا کم اياکم يعني اهو شخص مومن نه آهي جيڪو زنا ٿو ڪري يا چوري ٿو ڪري يا شراب ٿو پيئي يا امانت ۾ خيانت ٿو ڪري. خبردار! خبردار!
13 - اللهم انی اعوذبک من العجز والکسل والجبن يعني سائين! مون کي جڏائي، سستي ۽ بزدلي کان رکي وٺ.
14 - حديث: بعثت لا تمم مکارم الاخلاق يعني مان موڪليو ويو آهيان ته اخلاقي خوبين کي ڪماليت وٺايان يعني ان جو مقصد ئي آهي چڱا اخلاق سيکارڻ.
15 - حديث: خير الناس من ينفع الناس يعني سڀ کان چڱو انسان اهو آهي جو ٻين انسانن کي فائدو پهچائي.
16 - آيت: لعنت الله علي الکاذبين يعني ڪوڙن تي الله تعاليٰ جي لعنت آهي.