ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

بلند خيالي (IDEALISM)

ماسترن کي گهرجي ته شاگردن ۾ بلند خيالي ۽ قومي خدمت جا انگ پيدا ڪن. انسان ۽ ٻين حيوانن ۽ تفاوت اهو ئي آهي ته انسان کي خدا تعاليٰ عقل ڏنو آهي ۽ انهي ڪري مٿس جوابداريون به وڏيون رکيون ويون آهن. ڪنهن شخص جا عمل نه رڳو مٿس اثر ٿا ڪن، پر سڄي معاشري تي اثر پيدا ٿا ڪن سو به هميشه لاءِ سڀني مذهبن موجب هي زندگي فقط هڪ مسافريءَ جي مثال آهي. منزل مقصود اڳتي آهي. جيڪي هن دنيا ۾ پوکبو سو ئي آخرت ۾ لڻبو. جيڪڏهن انسان جي حياتي جو مقصد رڳو هجي ها کائڻ پيئڻ وغيره ته پوءِ انسان ۽ ڪتن ٻلن جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت ٿيو؟ الله تعاليٰ انسان کي نه رڳو عقل ڏنو آهي، پر ٻين سڀني حيوانن کان صد بار وڌيڪ نعمتون بخشيون اٿس. پر انهيءَ ئي عقل ۽ نعمتن جي ڪري مٿس جوابداريون به تمام ڳريون رکيل آهن. انسان ۾ چڱن خاصيتن سان گڏ شيطاني وسوسا به رکيل آهن. انسان جو فرض آهي ته عقل، علم ۽ مذهب جي وسيلي شيطاني خيالن کي وس ۾ رکي، سٺين خاصيتن کي زور وٺائي. پر اهو فرض ڪو انسان کي تڪليف ۾ وجهڻ لاءِ ڪون رٿيو ويو آهي، ان ۾ انسان جو ئي فائدو آهي. جيڪڏهن هو شيطاني خيالن تي عمل ڪندو ته پاڻ ئي مصيبتون ڏسندو ۽ ڪنڌ ڀر ڪرندو ۽ جيڪڏهن سٺن جذبن تي عمل ڪندو ته سعادت ۽ ترقي نصيب ٿيندس.
گناهه جا ڪم ڪهڙا آهن ۽ ثواب جا ڪهڙا، سي گهڻو ڪري سڀ ڪنهن کي معلوم آهن، پر سڀني گناهن ۾ عظيم گناهه آهي. ٻئي جو نقصان ڪرڻ يا ٻئي کي ناحق رنجائڻ ۽ سڀني کان وڏو ثواب جو ڪم آهي ٻئي کي جائز طرح فائدو پهچائڻ يا ٻئي جي دل خوش ڪرڻ. سڀ ڪنهن انسان کي ٻين سڀني انسانن سان دلي محبت ۽ همدردي هئڻ گهرجي. ذات انسان سان محبت رکڻ آهي الله تعاليٰ سان محبت رکڻ. ٻئي سان عداوت يا بغض رکڻ آهي الله تعاليٰ سان عداوت ۽ بغض رکڻ. وڏي ڳالهه ته هي آهي ته اگرچه پاڻ کي تڪليفون ڏيئي ۽ خود قرباني ڪري ٻين جو فائدو ٿو ڪجي ته به آخر پنهنجو ئي فائدو ٿو ٿئي ۽ عزت ۽ خوشي وڌي ٿي. جيڪڏهن ٻين جو نقصان ٿو ڪجي ته آخر پنهنجو ئي نقصان ٿو ٿئي. ڏسو ته جيڪڏهن سڀ ماڻهو هڪ ٻئي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ته جيڪر ڪيترو نه سڀ ماڻهو مصيبتن ۾ اچي وڃن ۽ جيڪڏهن سڀئي ماڻهو هڪ ٻئي سان چڱاين ڪرڻ جي ڪوشس ڪن ته دنيا ڪهڙو نه وڻندڙ بهشت ٿي پوي. پر انهيءَ نيت سان چڱائي نه ڪجي ته ان مان پنهنجي عزت وڌندي، ان خود غرضيءَ سان ڪڏهن به هن جي عزت نه وڌندي، اٽلندو شرمساري ۽ بي عزتي پيش ايندس. سچي دل ۽ سچي محبت ۽ سچي همدردي سان ٻين جي ڀلائي ڪرڻ مان ئي سڀ چڱا نتيجا ٿا نڪرن.
ڪچي کان ئي شاگردن ۾ اهي اثر وجهجن ته توهان بي زبان حيوانن وانگر ڪين آهيو. توهان ۾ الله تعاليٰ وڏي حڪمت رکي آهي. توهان جيڪڏهن هاڻي کان ئي چڱيون عادتون پرايو ۽ علم ۽ عقل پرائڻ جي ڪوشش ڪيو ۽ ٻين سان همدردي ۽ ڀلائي ڪرڻ جو گڻ پاڻ ۾ پيدا ڪيو ۽ حب الوطن رکو ته وڏي هوندي توهان وڏا ڪم ڪري سگهندو ۽ پنهنجي ملڪ جي ترقي ڪري قوم جا ليڊر بڻبو. ملڪ جي آئنده ترقي جو مدار اوهان تي ئي آهي. اوهان مان هر هڪ کي ملڪ جي خدمت لاءِ تيار رهڻ گهرجي. اوهان مان هر هڪ ائين سمجهي ته مان پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ گهڻو ئي ڪري سگهندس.
اهڙي طرح سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ شاگردن ۾ اعليٰ ۾ اعليٰ جذبا پيدا ڪجن ۽ منجهن نيڪ خيال وجهجن. انهيءَ لاءِ چڱو آهي ته ماستر مهيني ۾ هڪڙو ڀيرو ميٽنگ ڪري تقريرون ڏين.
(اخبار تعليم مارچ 1929ع)