اخلاقي گلدستو
مسلمان ڀائرو! اوهان سڀئي چاهيو ٿا ته اسان خوشحال ۽ آسودا هجون، تندرست ۽ طاقمند هجون، بيمارين ۽ دوائن کان ڇٽل رهون، چڱا چڱا کاڌا جهڙوڪ کير، مکڻ، گوشت، مڇي ۽ ميوا کائون. چڱا چڱا ڪپڙا جيڪي اونهاري جي گرميءَ ۽ سياري جي سرديءَ کان بچائين، سي پهريون. اهڙن ڪشادن گهرن ۾ رهون جن ۾ گرميءَ ۽ سرديءَ کان بچاءُ هجي ۽ صفائي سٺائي موجود هجي. چورن، ٺڳن، بدمعاشن ۽ ظالمن جي لچاين ۽ ظلمن کان آزاد رهون. مطلب ته هر طرح دنيا ۾ خوش ۽ باعزت رهون. اِهي اوهانجون خواهشون ۽ تمنائون آهن ته پوءِ انهن مراد حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا ٿا ڪريو ۽ ڇا ڪرڻ گهرجي. مان اوهانکي يقين سان ۽ ثابتين سان ٻڌائيندس ته فقط علم جي وسيلي ئي اوهان پنهنجون اهي سڀ مرادون حاصل ڪري سگهندؤ. جيڪڏهن اوهان سڀ پڙهيل هجو ۽ چڱا چڱا ڪتاب پڙهندا رهو ته پوءِ ترقي ۽ سڌارو جلد اچي ويندو.
مسلمان ڀائرو! مثال گهڻي ئي آهن مگر مان اوهانکي فقط ٻه مثال پيش ڪريان ٿو. (1) جپان جو ۽ (2) ترڪيءَ جو. ستر (70) سال اڳي جپان جا ماڻهو بلڪل جاهل هئا، جهل جي ڪري بلڪل سڃا ۽ مصيبتن ۾ گرفتار هئا. خوش قسمتيءِ کان سندن بادشاه کي پنهنجي رعيت سان همدردي پيدا ٿي. هن علم وڌايو. علم جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو جپان اڄ ڪلهه دنيا جي زبردست قوم آهي. جپان جا مزور به اسان جي زميندارن ۽ ڪامورن کان وڌيڪ خوش حال آهن. اُنهن جا گهر ۽ ڪپڙا اهڙا صاف ۽ سهڻا آهن جو گويا پَرِين جو ملڪ آهي. گهرن جي اڳيان پٺيان سهڻا سهڻا باغيچا اٿن. سال 1914ع کان اڳي ترڪن جي حالت به ڏاڍي خراب هئي. ترڪيءَ جا سلطان اڌ دنيا تي حڪمران هئا. سندن سلطنت ٽن (3) کنڊن (ايشا، يورپ ۽ آفريڪا) تائين پکڙيل هئي مگر علمي سڌارو نه ڪرڻ ڪري، ترڪ سڃيا، ذليل ۽ ڪمزور ٿي ويا. اگرچه ترڪن جهڙي بهادر قوم دنيا ۾ ڪا به ڪانهي ته به جاهل هئڻ ڪري يورپ جون ننڍيون ننڍيون بادشاهتون به سلطان کان ملڪ ڦرينديون رهيون. وڏيءَ لڙائيءَ ۾ به ترڪن شڪست کاڌي ۽ سڄو ملڪ دشمن جي چنبي ۾ اچي ويو ۽ ترڪن جي آزاد حڪومت جو خاتمو ٿي ويو. اُن وقت غازي مصطفيٰ ڪمال پاشا دل جو درد سهي نه سگهيو، استنبول مان ڇڄي سر جو سانگو لاهي انگورا ۽ آزاديءَ جو جهنڊو کڙو ڪيائين ۽ لشڪر گڏ ڪري دشمنن کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيائين. پوءِ ته رات ڏينهن ننڊ ڦٽائي قوم جي سڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيائين. گهڻو ڌيان علم تي ڏنائين. علم جو شوق ايتري قدر پيدا ڪيائين ۽ اهڙا قانون پاس ڪيائين جو ٻڍا مرد ۽ ٻڍيون عورتون به پڙهي پيون. علم جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو ترڪ بلڪل آسودا ۽ خوشحال ٿي پيا آهن. جڏهن جڏهن غاري مصطفيٰ ڪمال پاشا اعلان ڪندو هو ته هيترا ڪروڙ روپيا جنگي هوائي جهازن جوڙائڻ لاءِ هفتي اندر گهرجن ته ترڪ 3 ڏنهن اندر اوترا ڪروڙ رپيا جمع ڪري ڏيندا هئا. نيتجو اهو ٿيو آهي جو ترڪي به جپان وانگر دنيا جي زبردست طاقت آهي. ڪنهن کي به مجال نه آهي ته ترڪيءَ تي حملو ڪري سگهي.
مسلمان ڀائرو! جيڪڏهن هنن مثالن تي به اوهان کي اعتبار نه اچي ته الله تعاليٰ ۽ الله جي رسول الله ﷺ تي ته اعتبار ڪندؤ. جيڪڏهن مسلمان آهيو ته ضرور اعتبار ڪندؤ. قرآن شريف الله جو ڪلام آهي اهو سڄو اُنهن حڪمن ۽ هدايتن سان ڀريل آهي ته علم پڙهو. جڏهن حضرت جن کي نبوت ملي ۽ حضرت جبرئيل وحي کڻي آيو تڏهن پهريان پهريان هي آيتون نازل ٿيون:
بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیۡمِ
اِقْرَاۡ بِاسْمِ رَبِّکَ الَّذِیۡ خَلَقَ ۚ﴿۱﴾ خَلَقَ الْاِنۡسَانَ مِنْ عَلَقٍ ۚ﴿۲﴾ اِقْرَاۡ وَ رَبُّکَ الْاَكْرَمُ ۙ﴿۳﴾ الَّذِیۡ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ ۙ﴿۴﴾ عَلَّمَ الْاِنۡسَانَ مَا لَمْ یَعْلَمْ ؕ﴿۵﴾
اُنهن آيتن سڳورين جي معنيٰ هي آهي ته ”پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان جنهن خلق کي خلقيو. جنهن انسانن کي رت جي ڄميل ڦڙي مان ٺاهيو. پڙهه تنهنجو رب اعليٰ شان وارو آهي، جنهن قلم جي وسيلي علم سيکاريو ۽ انسانن کي اهو علم سيکاريائين جو هو نه ڄاڻندڙ هو.“
ڀائرو! انهن آيتن تي ڪجهه غور ڪيو. پهريون پهريون حڪم جو الله تعاليٰ موڪلڻ فرمايو سو اهو آهي ته پڙهو. انهيءَ منجهان اوهان سمجهي سگهندو ته سڀني کان ضروري ڳالهه آهي علم پڙهڻ. علم سان ئي الله جي ۽ الله جي رسول جي ۽ اسلام جي خبر پوندي ۽ سڌارو ۽ ترقي ڪري سگهبي. وري فرمايل آهي ته پنهنجي رب جي نالي سان پڙهه. ائين فرمايل نه آهي ته الله جي نالي سان يا رحمان جي نالي سان پڙهه. انهيءَ ۾ به حڪمت رکيل آهي. رب جي معنيٰ آهي نپائيندڙ ۽ ترقيءَ جي اوج تي پهچائيندڙ. يعني اشارو اهو آهي ته علم پڙهندؤ ته ترقيءَ جي اوج تي پهچندؤ. "اهو رب جنهن خلق کي خلقيوءِ اِنهن لفظن ۾ وڏيون حڪمتون سمايل آهن. ڏسو ته مٽي ظاهر ۾ ته ڪهڙي خسيس شيءَ آهي مگر رب تعاليٰ انهيءَ مٽيءَ مان پنهنجي ربوبيت جي وسيلي سهڻا سهڻا وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، ميوا اَناج ۽ ڀاڄيون بنائي دنيا کي گلزا ڪري ٿو ڇڏي. جئن رب تعاليٰ دنيا جي شين کي ترقي وٺائي ٿوتيئن حڪم ٿو ڪري ته علم پڙهو ته اوهان کي به ڇا مان ڇا بنائي ڇڏيان. وري به الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته پڙهه تنهنجو رب اهو اعليٰ شان وارو آهي جنهن اِنسان کي (رت جي ڄميل ڦڙي مان ٺاهيو) قلم جي وسيلي علم سيکاريو. ڏسو وري به پڙهڻ لکڻ جو تاڪيد فرمايل آهي ۽ اشارو اهو آيل آهي ته علم ۽ قلم جي وسيلي ترقي ڪري اعليٰ شان حاصل ڪريو. پڇاڙيءَ ۾ فرمايل آهي ته انهيءَ اعليٰ شان واري رب اِنسان کي اهڙو علم سيکاريو جو اڳ نه ڄاڻندو هو. ڏسو ته ڪن ڏينهن ۾ جهنگلي ماڻهو جهنگن ۾ اُگهاڙا گهمندا هئا ۽ ڪچو گوشت کائيندا هئا. علم جي ڪري اڄ ڪيڏي ترقي ٿي ويئي آهي. اسانجي ۽ اسانجي والدين جي حياتيءَ ۾ ئي ڏسو ته ڪيڏي ترقي ٿي آهي. پهريائين ڪلون، ريلون، تار برقيون آيون پوءِ سائيڪلون ۽ موٽر ڪارون ٺهيون هاڻي ته هوائي جهاز پرواز پيا ڪن، اهي سڀ علم جون برڪتون آهن. جئن آيتن منجهان سمجهي سگهو ٿا ته الله تعاليٰ جو سڀ کان پهريون پهريون ضروري حڪم آهي ته پڙهو ۽ لکو. رڳو پڙهڻ جو حڪم نه آهي پر لکڻ جو به آهي.
حضرت رسول الله ﷺ جا قول به علم بابت گهڻا آهن. پر انهن مان رڳو چار ٻڌائيندس:-
1) پاڻ فرمايو اٿن ته، ”طلب العلم فريضته علي ڪل مسلم و مسلمته. يعني علم جي طلب ڪرڻ سڀ ڪنهن مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي.“ هن منجهان سمجهي سگهندو ته الله ۽ الله جي رسول جا حڪم علم بابت ۽ لکڻ پڙهڻ بابت جهڙا مردن لاءِ آهن تهڙا عورتن لاءِ. جيستائين سڀ مرد ۽ سڀ عورتون نه پڙهنديون تيستائين ترقي ڪا نه ٿيندي.
2) ٻيءَ حديث شريف ۾ آهي ته علم واري جي مس شهيد جي رت کان به وڌيڪ پاڪ آهي. ڀائرو! ڏسو ته جيڪي اسلام جي خاطر پنهنجو سر قربان ٿا ڪن تن کان به علم جي طلب ڪندڙن جو درجو وڏو آهي.
3) ٽئين حديث شريف ۾ آهي ته، ”اطلبوا العلم و لوڪان بالصين. يعني علم جي طلب ڪريو اگرچه اهو علم چين ولايت ۾ ملي.“ ڏسو ڪاڏي عربستان جو ملڪ، ڪاڏي چين ولايت، هزارن ميلن جو مفاصلو آهي ته به رسول الله صعلم جن فرمائين ٿا ته ايترو پري علم ملي ته اُتي به وڃي علم پرايو. اوهان ڀائرن کي ته گهر ويٺي علم نصيب ٿئي ٿو. توهان کي ڪتاب، سليٽون، پنا مفت ۾ ٿا ڏجن پوءِ توهان ڪيئن الله ۽ الله جي رسول جي حڪمن کان منهن موڙي علم کان انڪار ڪندو؟ اوهان شايد چوندؤ ته علم ننڍي هوندي پڙهبو آهي. هاڻي وڏي ڄمار ۾ اسان تي فرض ڪونهي. مگر حضرت جن فرمايو آهي ته، ”اطلبوا العلم من المهد الي اللحد. يعني ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين علم جي طلب ڪندا رهو.“
مسلمانو! الله ۽ الله جي رسول جا حڪم مڃو. سندن نافرماني نه ڪريو، سچا مسلمان ٿيو، الله تعاليٰ اوهان تي رحم ڪندو ۽ اوهان تي دنيا ۽ آخرت جون نعمتون ۽ برڪتون نازل فرمائيندو.
حب الوطني ۽ خود قرباني
دنيا جي تاريخ پڙهي ڏسندؤ ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته ڪنهن به ملڪ يا ڪنهن به قوم ڪڏهن به ترقي نه ڪئي آهي جيستائين منجهن حب الوطن ۽ خود قرباني جا گڻ پيدا نه ٿيا آهن. قديم يونانين ۽ قديم رومين ۽ هاڻوڪي وقت ۾ انگلنڊ ۽ جرمني، جپان ۽ آمريڪا، ترڪي ۽ ايران جيڪا ترقي ڪئي آهي يا ڪن پيا سا فقط حب الوطني ۽ خود قرباني جي ڪري آهي.
وطن جي حب، ايمان جو جزو آهي. قرآن شريف ۾ حج واري سورت پڙهي ڏسندؤ ته اوهان کي يقين ٿيندو ته اُن ۾ قفط خود قربانيءَ جو سبق سيکاريل آهي ۽ منجهس ڏيکاريل آهي ته خود قرباني ئي عين اسلام آهي. ارمان جي ڳالهه آهي ته اسان سنڌ ديس ۽ قوم لاءِ خود قرباني ڪرڻ بدارن پنهنجي ديس ۽ قوم کي پنهنجي خود غرضيءَ لاءِ قربان پيا ڪريون.
عوام الناس يعني عام ماڻهن ۾ جي اڪثر ڪري جاهل آهن، ڏسندؤ ته گهڻو ڪري منجهن جهيڙا جهٽا، فساد، هڪ ٻئي کي ٺڳڻ ۽ هڪ ٻئي کي نقصان پهچائڻ بلڪل رواجي ڳالهيون آهن. اڄ ڪلهه ٻيا ته ڇڏيو پر ڀائر، ڀائٽيا ۽ چاچا ماما به هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پيا آهن. هي ته ٿيا جاهل، پر تعليم يافته ماڻهن جو ڪهڙو حال آهي! وڏي تعليم حاصل ڪيل يا ته ڊاڪٽر ۽ وڪيل آهن يا سرڪاري ڪامورا آهن. اُنهن يونيورسٽي جون وڏيون ڊگريون حاصل ڪيون آهن ۽ اُنهن شيڪسپيئر، ورڊس ورٿ ۽ ڪارلائل جهڙن شاعرن ۽ مصنفن جا ڪتاب پڙهيا آهن. مگر هو فقط پڙهيا آهن، ڪڙهيا ڪين آهن. ڪامورا وڏيون وڏيون پگهارون ٿا کڻن. کين اها ڳالهه به وسريل آهي ته سندن پگهارن ۽ ڀتن جا پئسا آسمان مان ڪونه ٿا اچن پر مسڪين ماڻهن جي کيسن مان ٿا اچن. ديس جي ماڻهن کان ڍلون وغيره وٺي ڪامورن کي وڏيون پگهارون انهيءِ لاءِ ٿيون ڏجن ته هو ديس جي ماڻهن جي خدمت ڪن. سندن حقن جي حفاظت ڪن ۽ کين علم ۽ اخلاقن سان سينگاري دولتمند ۽ خوش حال ڪن. مگر حالت هي اچي بڻي آهي جو گويا رڍن کي بگهڙن جي سنڀال هيٺ ڏنو ويو آهي. خود قرباني ۽ ديس شيوا ته پري رهي پر رڳو نمڪ حلالي به اسان ڪامورن ۾ ورلي آهي. اسان ديس جي ماڻهن جو نمڪ ٿا کائون مگر اُن جو عيوض ديس جي ماڻهن کي اهو ٿا ڏيون، جو رڳو پنهنجي کيسي جي ڳڻتي ۽ عيش عشرت جو شوق ٿا رکون. اگرچه سڀ ڪامورا هڪ جهڙا نه آهن گهڻا چڱا به آهن. مگر جا خود قرباني يا ڪم از ڪم نمڪ حلالي هئڻ گهرجي سا بلڪل ٿوري آهي.
هاڻي سڄاڳيءَ جو وقت آيو آهي. سنڌ ديس جي هر هڪ شخص خصوصن سرڪاري ڪامورن کي پاڻ ۾ حب الوطني ۽ خود قرباني يا ڪم از ڪم نمڪ حلالي جو گڻ پيدا ڪرڻ گهرجي. هر هڪ شخص کي رات ڏينهن اهوئي خيال ۽ اها ئي نيت رکڻ گهرجي ته جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر پنهنجي ديس ۽ پنهنجي ڀائرن جي سڌاري ۽ ترقي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪريان. حقيقت ۾ خود قرباني ڪرڻ ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي اولاد جو ئي فائدو آهي. اسان سڀئي هڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهيون، جيڪڏهن ٻيڙي ترندي ته سڀئي ترنداسين ۽ جيڪڏهن ٻيڙي ٻڏندي ته سڀئي ٻڏنداسين. تنهنڪري خود قرباني ڪرڻ يا ٻين جو ڀلو ڪرڻ درحقيقت پنهنجو ۽ پنهنجي اولاد جو ڀلو ڪرڻ آهي ۽ ٻين جو نقصان ڪرڻ درحقيقت پنهنجو ۽ پنهنجي اولاد جو نقصان ڪرڻ آهي.
اسانجو پيارو هردلعزيز صاحب آنربل مسٽر پير الاهي بخش صاحب اسان ۾ اميد ٿو رکي ته هر هڪ سنڌي پنهنجي پياري ديس جي سڌاري ۽ ترقي لاءِ فرض ادائي بلڪ خود قرباني ڪري ڏيکاريندو.
هڪڙي عام غلطي
هندن خواه مسلمانن، يهودين خواه ڪرستانن ۾ عام طرح هڪڙو غلط خيال گهر ڪري ويو آهي ته مذهب فقط مسجد يا مندر ۾ وڃڻ ۽ بنا سمجهه مذهبي يا ڌرمي ڪتاب پڙهڻ ۽ ظاهري نماز يا پوڄا پاٺ ڪرڻ وغيره تائين محدود آهي ۽ دنيائي ڪمن سان مذهب جو ڪم به واسطو ڪونهي. اهو خيال بلڪل غلط آهي. سڀ ڪو مذهب سيکاري ٿو ته دنيا ۾ ڪهڙيءَ طرح هلجي جو اِنسان تهذيب ۽ ترقي ڪري خوشحال ۽ آسودو گذاري. سڀ ڪو مذهب صفائي ۽ پاڪائي، نيڪ اخلاقن ۽ ٻين سان عدل ۽ احسان ڪرڻ ۽ صلح ۾ رهڻ جي تعليم ٿو ڏئي. تنهن کانسواءِ هر ڪو مذهب شادي وغيره جا قانون، ورثي جا قانون ۽ ٻيا قانون سيکاري ٿو. مطلب ته دنيا ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ جيڪي ڪم ڪيون ٿا تن بنسبت مذهب هدايتون ٿو ڏئي. جيڪڏهن اسان دنيا جا سڀ ڪم سچائي ۽ انصاف سان خدا جي حڪمن ۽ فطرت جي قانونن موافق ٿا ڪريون ته اسان خدا جي عبادت يا بندگي ٿا ڪريون ۽ سندس فرمانبردار ٻانها ٿي ٿا گذاريون. پر جيڪڏهن اسان ائين نه ٿا ڪريون ته شيطان جي عبادت ٿا ڪريون ۽ پاڻ کي دنيا ۾ ئي ذليل ۽ تباه ٿا ڪريون. مذهب جي پابنديءَ کانسواءِ اِنسان ائين آهي جئن مهار کانسواءِ اُٺ يا سکاڻ کانسواءِ ٻيڙي. مقرر قانونن کي ڦٽي ڪرڻ سان قومون ڪاڏي جو ڪاڏي ڌوڪينديون ٿيون وڃن، تانجو وڃي ٿيون ڪنڌ ڀرڪرن. مگر مذهب درميانو ۽ سنئون سڌو سلامتيءَ وارو رستو ٿو ڏيکاري، جنهن تي هلڻ سان دائمي ترقي حاصل ڪري ٿي سگهجي.
عام طرح هي خيال مسلمانن جي مغز ۾ ويهجي ويو آهي ته دولت حرام آهي مگر حقيقت ائين آهي ته دولت سان ئي دين ۽ دنيا جا ڪم سنوارجن ٿا. قرآن شريف ۾ جمع واري سورت جي آخري رڪوع مان ظاهر آهي ته جيستائين جمع جي نماز جو آذان ٿئي تيستائين دنيا جا ڪم ڪاريون ڪري ٿا سگهجن ۽ نماز پوري ٿيڻ بعد وري زمين تي پکڙجي پوڻ ۽ خدا جي فضل يعني رزق يا دولت ڪمائڻ جو حڪم آهي. قرآن شريف ۾ هڪڙي دعا آهي جنهنجي معنيٰ آهي ته اي رب سائين! اسانکي دنيا ۽ آخرت جي چڱائي ڏي. هڪڙي حديث آهي ته سڃائي ٻنهي جهانن ۾ منهن ڪارائي آهي. ٻي حديث آهي ته جيڪو پنهنجي لاءِ ۽ ٻين جي لاءِ دولت ڪمائي ٿو سو قيامت جي ڏينهن اهڙي طرح اٿيندو جهڙو چوڏهينءَ جو چنڊ.
ڀائرو! مذهب ترقيءَ جي تعليم ٿو ڏئي. تنهنڪري علم پڙهو ۽ هنر سکو، نيڪ اخلاق رکو. سڀ ڪنهن سان عدل ۽ احسان ڪريو! اتفاق ۽ محبت سان گڏجي ڪم ڪريو. تندرستي جا قانون پڙهي اُنهن تي عمل ڪري تندرست ۽ طاقتور ٿيو ۽ جائز طرح دولت ڪمايو ۽ جائز طرح انکي خرچ ڪريو.
قرآن شريف معنيٰ سان پڙهڻ
مون تي هي ڪم رکيو ويو آهي ته شاندار اخبار (علم) لاءِ اخلاقي ۽ پنگتي (قومي) سڌارن بابت مضمون لکندو رهان. هي اخبار آنربيل پير الاهي بخش صاحب اهڙي نموني رٿي آهي، جو اميد ٿي ڪجي ته ملڪ ۾ نئين روشني ۽ بيداري پيدا ڪندي. سڀني قومن ۾ ميلاپ ۽ محبت پيدا ڪري هڪ قوم بنائيندي ۽ ترقي ۽ سڌاري جو باعث ٿيندي.
اخلاقي ۽ پنگتي (قومي) سوالن تي اچڻ کان اڳي مان ڪن ٻين مضمونن تي قلم ٿو کڻان، جن تي اخلاقي ۽ پنگتي سڌارن جو مدار آهي. ترقي، سڌاري، دولتمندي ۽ سچي خوشي جو مدار آهي علم ۽ هنر تي. اخلاقن ۽ عملن ۾محنت ۽ سادگي تي. مگر مسلمانن لاءِ سڀ نصيحتون قرآن پاڪ ۾ اچي وڃن ٿيون. قرآن شريف ئي ترقين جي ڪنجي آهي.
مسلمان ڀائرو! جيڪڏهن توهان دولتمند ۽ عزت وارا ٿيڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن دنيا ۽ شاندار بڻجڻ چاهيو ٿا ۽ دنيا ۽ آخرت جون سچيون نعمتون ماڻڻ چاهيو ٿا ته قرآن مجيد معنيٰ سان پڙهو. سڀ مرد ۽ عورتون، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون قرآن مجيد جي معنيٰ پڙهو ۽ اڻ پڙهيلن کي پڙهي ٻڌايو. وڌيڪ نه، ته هر روز فقط هڪ آيت جي معنيٰ سکو. وڏي آيت هجي ته چئن پنجن ڏينهن ۾ فقط هڪ آيت جي معنيٰ سکو.
الله تعاليٰ بار بار ٿو فرمائي ته قرآن شريف کي سمجهو. ان تي غور ۽ فڪر ڪريو ۽ عقل هلايو ۽ ان تي عمل ڪيو. يعنيٰ الله تعاليٰ جي حڪمن جي پيروي ڪريو ته توهان ايمان وارا ٿيو ۽ چڱا عمل ڪريو ترقي ڪريو ۽ الله تعالى جا پيارا بنجي وڃو. جيڪي ماڻهو قرآن شريف جي حڪمن تي هلن ٿا ۽ الله تعاليٰ ۽ آخرت تي ايمان آڻين ٿا ۽ صالح عمل ڪن ٿا سي ئي اهل الله ۽ الله تعاليٰ جا اولياءِ (پيارا) آهن. مگر جيڪي الله تعاليٰ جي حڪمن جي خلاف ٿا وڃن، سي شيطان جا اولياءَ آهن.
مسلمان ڀائرو! اوهانکي ڪي ماڻهو چوندا ته قرآن مجيد جي معنيٰ سمجهڻ ڏکي آهي. مگر الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته "تحقيق اسان قرآن مجيد کي نصيحت لاءِ بلڪل آسان ڪيو آهي، پوءِ آهي ڪو جو اُن مان نصيحت وٺي. قرآن مجيد جي معنيٰ سنئين سڌي ۽ ظاهر آهي ۽ عقل جي موافق آهي.
مسلمان ڀائرو! هي ڳالهه ياد رکو ته جيڪي به قرآن مجيد کي سچو سمجهن ٿا ۽ انکي سمجهي عمل ڪن ٿا سي سڀ پورا پورا مسلمان آهن. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ اسانکي "مسلم“ جو خطاب ڏنو آهي. تنهنڪري اوهان الله تعاليٰ جي خطاب جي عزت ڪيو ۽ پاڻ کي فقط مسلم سڏايو، ۽ ٻيا هٿرادو لقب ڦٽي ڪريو. تعصب ۽ مذهب جي فرقه بنديءَ جا جهڳڙا ڇڏي ڏيو ۽ پاڻ ۾ گڏجي اتفاق ڪري قومي سڌارو ۽ ترقي ڪريو. الله تعاليٰ شال اسان سڀني هندن خواه مسلمانن کي ملائي ملڪ جي ترقي ڪرائيندو.
سنڌ جا مسلمان پنهنجي اولاد جا سچا خير خواه نه آهن
حضرت رسول الله ﷺ جن فرمايو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي اولاد ۾ چڱيون عادتون ۽ چڱا لڇڻ نٿو ڇڏي اگرچه ڪيتري به دولت هنن لاءِ ڇڏي مري وڃي. روزمره جو تجربو آهي ته جن ۾ اخلاق ۽ عادتون خراب آهن سي لک روپيا ٻن سالن اندر کپائي مصيبتن ۾ گرفتار ٿي وڃن ٿا. وڏي ۾ وڏي دولت آهي چڱيون عادتون ۽ چڱا لڇڻ. دنيا ۾ اهو ئي آسودو ۽ باعزت گذاريندو جنهن جا اخلاق چڱا هوندا. مگر جنهن جا اخلاق خراب هوندا سو هن ئي دنيا ۾ سڃائي، بيمارين ۽ مصيبتن ۾ گرفتار ٿي ويندو. سنڌ جا مسلمان چڱين عادتن ۽ چڱن لڇڻن بدارن ٻارن کي بدعادتون سيکاريندا آهن. جيڪڏهن ڪو ٻار گار ڏيندو آهي يا ڪوڙ ڳالهائيندو آهي يا ٻئي کي ڌڪ هڻندو آهي ته انهيءَ جا مائٽ کيس روڪڻ بدارن کلندا ۽ خوش ٿينيدا آهن، جنهنڪري اُهو ٻار وڌيڪ خراب ٿيندو ويندو آهي. جيڪي مسلمان شاهوڪار آهن سي وري نه رڳو پاڻ هٿ ڦاڙ ۽ خرچائو آهن، نه رڳو ٻار جا هر قسم جا اَنگل پورا ڪندا آهن پر ازخود خوشيءَ سان هنن کي ريشمي ڪپڙا وغيره ڏيندا آهن. جيڪڏهن ٻار جا هر قسم جا اَنگل پورا ڪجن ٿا ته پوءِ هو پاڻ تي ضابطي رکڻ ۽ چڱي مٺي ڳالهه جي پروڙ ڪرڻ نٿو سکي.
عجب ته هي آهي ته سنڌ جا مسلمان نه رڳو ٻارن کي چڱي تربيت نٿا ڏين پر دولت ڪمائڻ ۽ بچائڻ ۽ اولاد لاءِ ڇڏڻ جو خيال به بلڪل ڪو نه ٿا رکن. هو پنهنجي عيشن ۽ شوقن ۾ ايترو غلطان آهن جو انهيءَ مستيءَ ۽ مدهوشيءَ ۾ اولاد به هنن کي وسري ٿو وڃي ۽ هنن جي آئينده جو خيال ڪو نه ٿا ڪن. جيڪڏهن ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کان ٺڳي ڪري ڪي ٿورا پئسا ڦٻائجن ٿا يا روزي ڦرجن ٿا ته ڪيترائي سال جيل اچي ٿو وڃي. پر پنهنجي اولاد جا سوَ هزار بلڪ لک رپيا اجايا لٽي ناس ڪري ٿا ڇڏجن ته اُن لاءِ قاعدو ئي ڪونهي. شڪار ڪرڻ، ڪڪڙ ڪتا ۽ رڇ ويڙهائڻ، نشا پتا ڪرڻ، خالي ناموس لاءِ ملڪيت ناس ڪرڻ ۽ بداخلاقن پٺيان دولت لٽائڻ وغيره وغيره پنهنجي اولاد سان سخت دشمني ڪرڻ ناهي ته ٻيو ڇا آهي. ظاهري ٻارن کي پيار ڏيڻ مگر سندن حياتي ۽ آخرت خراب ڪرڻ سچو پيار ناهي پر وڏي دشمني آهي.
(1) عقل ۽ اختيار
حضرت رسول ﷺ فرمايو آهي ته مان انهي لاءِ نبي ڪري موڪليو ويو آهيان ته سهڻ اخلاقن کي ڪماليت وٺايان. ائين به فرمايو اٿن ته بهشت ۾ اهو ئي ويندو جنهن جا اخلاق چڱا هوندا. درحقيقت سڀني پيغمبرن، رشين اهائي تعليم ڏني ۽ اخلاقن سڌارڻ تي ئي وڏو زور ڏنائون.
انسان ۽ ٻين حيوانن ۾ فقط اهو ئي تفاوت آهي ته انسان کي عقل آهي مگر ٻين حيوانن کي عقل ڪونهي. ڏسو ته انسان پنهنجو عقل هلائي ڇا ڇا ڪري سگهيو آهي. ريل گاڏيون، تار، برقي، وڄ کان ڪم وٺڻ، هوائي جهاز وغيره وغيره سڀ انسان جي عقل جي ثابتي ٿا ڏين. مگر ٻيا حيوان ڪو به نئون سڌارو يا ترقي ڪا نه ٿا ڪري سگهن. عقل انسان لاءِ وڏي ۾ وڏي ڏات ۽ نعمت آهي. حضرت جن فرمايو آهي ته پهرين پهرين شيءَ جا خلقي ويئي سا آهي عقل. قرآن شريف ۾ جا بجا فرمايل آهي ته جهل يعني اڻڄاڻائي کي ڪڍو، علم حاصل ڪيو، عقل هلايو، غور فڪر ۽ تدبير کان ڪم وٺو ۽ دنيا جي هر ڪنهن شيءِ هر ڪنهن حيوان کي پنهنجي تابع ڪري انکان مناسب فائدو وٺو. عقل جو وري لازمي نتيجو آهي اختيار، تميز ۽ ارادي ۽ عمل جي قوت، يعني انسان کي اهو اختيار مليل آهي ته هو نا مناسب ۽ نقصان ڪار ڪمن ۽ شين کان پاڻ کي روڪي ۽ مناسب ۽ فائدي وارا ڪم ڪري. جيڪڏهن انسان کي اهو اختيار نه هجي ها ته پوءِ عقل ڪهڙي ڪم جو ٿئي ها.
جيڪڏهن پاڻ کي گناهن کان روڪڻ ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جي طاقت اسان کي ڏنل نه هجي ها ته پوءِ وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ ۽ قرآن شريف ۽ ٻين ڌرمي ڪتابن جو ضرور ڪهڙو هو. تنهن کانسواءِ جيڪڏهن انسان کي ڪو به اختيار ڪونهي ته پوءِ ان کي گناهن لاءِ دنيا ۾ سزا ڏيڻ ۽ آخرت ۾ عذاب ڪرڻ سراسر ظلم چئبو، مگر حقيقت ۾ ظلم نه آهي. انسان کي جنهن صورت ۾ عقل جي عاليشان نعمت عطا ٿيل آهي جنهن جي وسيلي هو پنهنجي لاءِ بي بها نعمتون حاصل ڪري سگهي ٿو تنهن صورت ۾ مٿس ٻوجه ۽ جوابداريون به وڏيون رکيل آهن. عقل سان گڏ انسان ۾ حرص ۽ جذبا رکيل آهن جن کي حدن اندر رکڻ هڪ وڏو مشڪل ڪم آهي. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي علم ۽ عقل گهٽ آهي، پاڻ تي ضابطو پورو ڪونهيس ۽ ارادي ۽ عقل جي قوت گهٽ اٿس ته پوءِ حرص جي تابع ٿي نقصان ڪار ڪم ڪري پاڻ کي (اسفل السافلين) وحشي ۽ خوار خراب ۽ تباه ڪري ٿو ڇڏي. پر جيڪڏهن علم، عقل ۽ دينداري جي ماتحت پاڻ تي ضابطو رکي نقصان ڪار ڪمن کان پاڻ روڪي ٿو ۽ فائدي وارا ڪم ڪري ٿو ته پوءِ هو سڌارو ۽ ترقي، دنيا ۽ آخرت جون نعمتون ماڻي ٿو.
(2) ارادي جي قوت۽ پاڻ تي ضابطو
پهرين مضمون ۾ ڏيکاريل آهي ته نيڪ اخلاقن ۽ نيڪ عملن لاءِ پهريائين ضرورت آهي علم ۽ عقل جي. ڇو ته جيڪڏهن علم ۽ عقل نه هوندو ته اِها به خبر ڪا نه رهندي ته ڪهڙا ڪم نه ڪرڻ گهرجن. انهي مضمون ۾ ائين به چيو ويو آهي ته جو ماڻهو علم، عقل ۽ دينداريءَ جي ماتحت پاڻ ضابطو (Self Control) رکي ۽ ارادي جي قوت (Will Power) عمل ۾ آڻي بدڪمن کان پاڻ کي بچائيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو سو اعليٰ درجي جي ترقي ڪندو ۽ هجو شخص جاهل رهي نفساني خواهش يا شيطان جي تابع رهي خراب ڪم ڪندو سو ڍورن ۽ مرن کان بدتر ٿي خوار خراب ۽ تباه ٿي ويندو. مٿي علم ۽ عقل سان دينداري جو لفظ به ڳنڍيل آهي. هاڻي دينداريءَ بنسبت ڪجهه بحث ڪجي ٿو. اهاڳالهه ته بلڪل ظاهر آهي ته انسان ۾ روحانيت يا ڌرم جو مادو قدرتي طرح رکيل آهي. جيڪو به مادو يا جذبو اسان ۾ قدرتي طور رکيل آهي سو ضرور اسانجي فائدي لاءِ هوندو. مگر جيڪڏهن اسان جذبن کي جهل ۽ بيوقوفيءَ سان ڪم ٿا آڻيون ته نقصانڪار ڪم ڪري ٿا وجهون ۽ جيڪڏهن علم ۽ عقل کي انهن سان شامل ٿا ڪيون ته پوءِ اعليٰ سڌارو ڪري ٿا سگهون. مان قبول ٿو ڪريان ته ڌرم جي آڙ ۾ اڪثر ماڻهن کي ڀرمن، سنسن، بدسمن، تعصب ۽ فسادن وڪوڙي ڇڏيو آهي. پر اهو سڀ انهي ڪري آهي جو يا ته قومون دنيوي علم يا عقل کان پري رهيون آهن يا ته ڪن خود غرض پادرين، پنڊتن، ملن وغيره هن کي سچي ڌرم کان برغلائي ڇڏيو آهي.
تاريخ مان ڏسي سگهبو ته قومن گهڻو ڪري تڏهن ترقي ڪئي آهي جڏهن منجهن ڪو پيغمبر يا رشي پيدا ٿيو آهي.
اِنسان جا حرص ۽ شيطاني جذبا قوي ۽ تڪڙا آهن اگرچه ڪي شخص کڻي عاقل ۽ عالم به هجن ته به عقل ۽ علم جي ٿڌا ۽ ڍرا آهن، هن کي شيطاني عملن کان وقت سر روڪي نٿا سگهن. ڌرمي جذبو ئي قوي ۽ تڪڙو آهي جو نفساني خواهشن تي غالب پئجي سگهي ٿو. مثلاً
ڪيترائي ماڻهو ڄاڻن به ٿا ته نشو، زنا وغيره خراب آهن ته به هو پاڻ کي انهن ڪمن کان روڪي نٿا سگهن. مگر مديني منوره ۾ جڏهن اها آيت نازل ٿي ته نشو حرام آهي، تڏهن سڀني مسلمانن جن ۾ شراب پيڻ جي سخت عادت پيل هئي هڪدم ۽ هميشه لاءِ شراب پيڻ بند ڪري ڇڏيو. ڇو ته هن کي پڪو ڌرمي ويساهه هو ته اهو حڪم الله تعاليٰ جو آهي ۽ اسان کي ضرور مڃڻو آهي. ديني علم جي ضرورت هن ڪري به آهي جو انسان جو علم ۽ عقل ناقص آهي ۽ فقط الله تعاليٰ جو علم ۽ عقل ئي ڪامل آهي. ڏسو ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جي دينوي علم جا وڏا عالم آهن، وڏا داناءَ، عاقل ۽ فيلسوف آهن ته به سچي دين جي رهبري نه هئڻ ڪري سمجهن ٿا ته نشي، زنا، جوا وغيره ۾ خرابي آهي ئي ڪا نه. گهڻائي اهڙا آهن جي شاديءَ جي ضرورت ڪا نه ٿا سمجهن ۽ گهڻائي اهڙا آهن جو اٰگهاڙن رهڻ ۾ ڪو نقصان ڪو نه ٿا ڏسن. دين يا ڌرم جي پابندي کانسواءِ انسان اهڙي طرح آهي جيئن سکاڻ کانسواءِ ٻيڙي يا ناڪيليءَ کانسواءِ اُٺ يا بي مهار شتر. ڪاڏي جو ڪاڏي هليا ٿا وڃن تيئن ويچارو انسان به ڌرم جي ناڪيلي کانسواءِ حرصن ۽ رسمن جي وس ٿي ڪاڏي جو ڪاڏي دربدر ٿي پاڻ کي تباه ڪري ٿو ڇڏي. ڏسو ته ماڻهو ڪڏهن ته زالن کي اهڙو سخت پڙود ٿا ڪرائين جو خدائي هوا ۽ خدائي روشنائي کان ۽ قدرتي نظارن جهڙوڪ جبل، نديون، ڍنڍون وغيره ۽ مصنوعي ڪاريگرن جهڙوڪ تاج محل ۽ باغات وغيره ڏسڻ کان بلڪ علم ۽ عقل پرائڻ کان محروم ٿا رکن ۽ بعضي ته وري زالن کي اهڙي ڇوٽ ڇڏي ٿا ڏين جو جيڏانهن وڻين تيڏانهن ڪنهن به مرد سان هليون وڃن ۽ جيڪي بيحيائيءَ جا ڪم کين وڻن سي ڪن.
مطلب ته دين يا ڌرم جي پابندي کانسواءِ ماڻهو وقتي خيالن، وقتي رسمن ۽ وقتي فئشنن جي اثر هيٺ ڦيريون کائي ڪنڌ ڀر ٿا ڪرن. اسان انسان نه آهيون پر ڪکن پنن وانگر اهڙا ڪمزور آهيون جو فئشن جو درياءُ اسانکي لوڙهي وڃي ٿو سمنڊ ۾ غرق ڪري.
ستين ڪتاب ۾ ڏهون سبق جو مذهب يا ڌرم جي ضرورت بابت آهي سو ماستر صاحبن کي چڱي طرح سمجهڻ گهرجي ۽ شاگردن کي به چڱي طرح سمجهائڻ گهرجي.
هيءَ ڳالهه ضروري آهي ته ديني علم سان گڏ دينوي علم ۽ عقل جي به ضرورت آهي، هي به ضرورت آهي ته پادري، پنڊت، ملان، مولوي وغيره خود غرض ۽ فريبي هجن تن جي ڪوڙين ڳالهين کان پاڻ بچائڻ گهرجي ۽ سڌيءَ طرح مذهبي ڪتاب پاڻ پڙهڻ گهرجن.
﴿3﴾ دينداري ۽ روحانيت
گذريل مضمون ۾ ڏيکاريل آهي ته دنيوي علم ۽ عقل سان گڏ ديني يا ڌرمي علم جي به ضرورت آهي. تاريخ مان ڏسجي ٿو ته سڀني ملڪن ۽ قومن ۾ اسڪول پهريائين فقط ڌرمي علم ۽ ادب ۽ فضيلت سيکارڻ لاءِ جاري ٿيا ۽ انهن اسڪولن جا معلم نهايت ديندار، بي غرض، شريف ۽ اعليٰ رتبي جا ماڻهو هوندا هئا. سڀ ماڻهو هنکي گرو ۽ رهبر ڪري سمجهندا هئا.
يورپ ۾ هن وقت اگرچ بيديني جي لهر زور شور سان چالو آهي ته به دنيوي تعليم سان گڏ بائبل سيکاري وڃي ٿي. مگر هندستان ۾ جنهن صورت ۾ حڪومت انگريزن جي ٿي ويئي ۽ ان ڪري هندستانين جي مذهبن ۾ دست اندازي ڪرڻ نامناسب سمجهي ويئي تنهن صورت ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ مذهبي تعليم کي جاءِ ڪانه ڏني ويئي، فقط دنيوي تعليم هئڻ ڪري ڌرمي جذبو ڪمزور ٿي ويو آهي، اخلاق خراب ٿي ويا آهن ۽ خود غرضي، عيش عشرت ۽ گنهگاري زور وٺي ويا آهن.
مگر هاڻي خود سرڪار نامدار پرائمري ايڊيوڪيشن ائڪٽ ۾ اسڪول بورڊن کي پرائمري اسڪول ۾ ڌرمي تعليم جاري ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. منهنجي رٿ آهي ته پرائمري اسڪولن لاءِ نهايت سليس ننڍڙا ڌرمي ڪتاب مزيدار آکاڻين ۾ تيار ڪرڻ گهرجن. هر ڪنهن مذهب وارا پنهنجي مناسب، ڪتاب تيار ڪن ۽ تعليم کاتي کان منظور ڪرائي اسڪولن ۾ هفتي ۾ ٻه يا ٽي ڪلاڪ خاص ڌرمي تعليم لاءِ رکجن. پوءِ انهن ڪلاڪن ۾ مسلمان شاگرد جدا ڪمرن ۾ وڃن ۽ هندو شاگرد جدا ڪمرن ۾ وغيره ۽ اتي استادن جي زير نظر فقط منظور ٿيل ڪتاب پڙهن ۽ سمجهن.
انهي ڪتابن جي لکندڙن کي گهرجي ته همدردي، خيرخواهي، اتفاق ۽ محبت تي خاص زور ڏين ۽ زوردار نموني ۾ ڏيکارين ته ڌرم يا مذهب جي مکيه تعليم آهي ئي اها ته مذهبي تعصب ڪڍي ڇڏجي، سڀني مذهب وارن سان اتفاق ۽ محبت سان پيش اچجي، درحقيقت سڀني انسان جي شيوا خدمت ڪرڻ. حضرت رسول ﷺ فرمايو آهي ته سڀني کان چڱو انسان اِهو آهي جو ٻين انسانن کي فائدو پهچائي.
نه رڳو پرائمري اسڪول پر سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ (هنري هجن توڙي ٻيا) مطلب ته هر قسم جي درسگاهن ۾ ڌرمي تعليم ضرور هئڻ گهرجي.
(4) تعليم ۽ تربيت
اڳين ٽن مضمونن ۾ علم ۽ عقل تي زور ڏنو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته نيڪ اخلاقن ۽ نيڪ عملن جو مدار علم ۽ عقل تي آهي. علم ۾ ديني ۽ دنيوي ٻئي علم اچي ٿا وڃن. ائين بيشڪ آهي ته پهريائين آهي علم پوءِ عقل ۽ آخر ۾ آهي عمل. پر ايئن به چيو ويو آهي ته عقل سان گڏ پاڻتي ضابطو رکڻ (Self - control and discipline) ۽ ارادي جي قوت (Will power) ۽ روحانيت (Spirituality) به بلڪل ضروري آهي. ٿورن لفظن ۾ چئجي ته تعليم سان گڏ تربيت جي سخت ضرورت آهي. تعليم ۽ تربيت ٻار جي ڄمڻ کان وٺي ٿئي ٿي. تعليم ڇا آهي ۽ تربيت ڇا آهي تنهن جي سمجهائڻ لاءِ هڪڙو سولو مثال ٿو ڏيان. جيڪڏهن ٻار کي سيکارجي ته هرروز ڏندڻ هڻڻ چڱو آهي ته ان کي چئبو تعليم. جيڪڏهن ٻار کي هرروز ڏندڻ هڻڻ تي مجبور به ڪجي تانجو هن کي ڏندڻ هڻڻ جي عادت پئجي وڃي ۽ بنا چوڻ جي به هرروز پنهنجي خوشيءَ سان ڏندڻ هڻندو رهي ته اها آهي تربيت. هن مان سمجهي سگهبو ته تربيت کان سواءِ خالي تعليم ياعمل کان سواءِ علم بلڪل يا گهڻي قدر بيڪار آهي. انهيءَ ڪري مائٽن ۽ استادن تي وڏي ۾ وڏو فرض اهو آهي ته هو نه رڳو ٻارن کي چڱي تعليم ڏين پر هنن ۾ چڱيون عادتون ۽ چڱا لڇڻ پيدا ڪن، خراب ڪمن کان سختيءَ سان روڪين ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جو مادو پيدا ڪن.
وڏو فرض ۽ وڏي جوابداري ماءُ پيءُ تي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ماءُ پيءُ (خصوصا مسلمان) پنهنجي اولاد کي سڌارڻ بدارن بگاڙيندا آهن. ماءُ پيءُ ۽ وڏن جو پهريون فرض هي آهي ته اول پاڻ کي سڌارين ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ گارين ڏيڻ ۽ بدالفاظن ڪڍڻ کان پاڻ کي بچائين، نه ته سندن ٻار به ضرور اهي ئي بد لڇڻ سکي پوندا ۽ سڌاري ڪرڻ جي بدارن پاڻ کي بگاڙي تباه ڪندا. ٻي ضروري ڳالهه هي آهي ته اولاد جي هر ڪا خواهش چڱي يا بري پوري ڪرڻ نه گهرجي. جيڪڏهن هنن جي هر ڪا خواهش پوري ڪبي ته پنهنجي خواهشن کي ضابطي هيٺ رکڻ ڪو نه سکندا. مثلا جيڪڏهن ٻار جي چوڻ موجب هر ڪا کائڻ جي شيءَ يا هر ڪو رانديڪو يا هر ڪنهن قسم جي قيمتي پوشاڪ، واچون وغيره وٺي ڏبيون ته چٽي جي عادت پرائيندو، تندرستي خراب ڪندو، اسراف يعني گهڻو ۽ اجايو خرچ ڪرڻ سکندو ۽ وڏي ڳالهه ته پاڻ تي ضابطي رکڻ بدارن بي لغام حيوان بڻجي پوندو. جيڪڏهن ماءُ پيءُ پاڻ ئي جهنگلي ۽ بداخلاق هوندا ته پوءِ جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا، جهڙي صحبت تهڙو اثر!
ماءُ پيءُ کانپوءِ وڏي جوابداري ۽ فرض آهي ماسترن ۽ معلمن تي. ماستر ۽ معلم فقط اُهي هئڻ گهرجن جي نيڪ اخلاق هجن، جن کي وطن ۽ قوم لاءِ حب هجي، جن کي ٻارن لاءِ پيار هجي ۽ جن کي ٻارن جي عادتن ۽ اخلاقن سڌارڻ جي شوق هجي. بدقسمتي سان ڪيترائي ماستر ۽ معلم اهڙا نيڪ اخلاق نه آهن جهڙا هو هئڻ گهرجن. مان ماستر صاحبن ۽ معلمن کي ڏوهه ڪو نه ٿو ڏيان، مان فقط سڌاري جي نيت سان مٿيان الفاظ مجبورا ڪم ٿو آڻيان، ورنه مونکي ماسترن ۽ معلم صاحبن جي فرقي لاءِ عزت آهي، مان کين ٻين کاتن جي ڪامورن کان بهتر ٿو سمجهان. مان چاهيان ٿو ته سڀ ماڻهو کين عزت ڏين ۽ کين هر طرح سکيو رکن ته هو دل و جان سان پنهنجو شريف ڌنڌو شريفانه نموني سان ادا ڪري سگهن ۽ اسانجي ٻچن کي سڌاري قوم ۽ ملڪ جي ترقي ڪن.
مڪتب ۽ اسڪول ۾ رڳو وهڻ ئي ٻار جي لاءِ تربيت آهي. جيڪڏهن ضابطو ۽ انتظام چڱو آهي ته ٻار هڪدم پاڻ تي ضابطو رکڻ ٿو سکي. جيڪڏهن هو استاد ۽ ڪتابن جو ادب ۽ تعظيم ڪرڻ ۽ استادن جي فرمانبرداري ڪرڻ ٿو سکي ته هو هڪدم جهنگلي ۽ وحشي حالت مان نڪري سڌاري ۽ تهذيب جي حالت ۾ اچڻ شروع ٿو ڪري. دنيا جا سڀ وهنوار ادب، تعظيم ۽ فرمانبرداري سان ٿا هلن. تنهڪري تمام ضروري آهي ته سڀ شاگردن اگرچه ڪاليجي شاگرد هجن، پنهنجي اُستادن ۽ ٻين پاڻ کان وڏن جو ادب رکن، کين تعظيم ڏين، جتي کين ڏسن اُتي ادب سان سلام ڪن ۽ اسڪول يا ڪاليج جي قانونن جي پوري پوري تعميل ڪن. ماءُ پيءُ ۽ استادن جي فرمانبرداري ڪن. اها آهي(Self - control and discipline) جنهن کانسواءِ دنيا ۾ ڪو به سڌارو، ڪا به ترقي ۽ ڪو به وڏو ڪم ڪري نٿو سگهجي.
روحانيت به پاڻ تي ضابطو رکڻ سيکاري ٿي. صبح شام عبادت ڪرڻ ۽ هر وقت ڌڻي کي ياد ڪرڻ ۽ ورت يا روزا رکڻ (Self - control and discipline) سيکارين ٿا، بشرطيڪ انهيءَ ئي نيت سان ادا ڪجن ته اسان پاڻ کي گناهن کان روڪيون ۽ چڱا ڪم ڪريون. ڌڻيءَ کي ياد رکڻ جي معنيٰ هروڀرو اها ناهي ته رڳو زبان سان الله يا رام سيتا، رام سيتا چئجي پر معنيٰ اها آهي ته ڌڻيءَ جي حڪمن ۽ قدرت جي قانونن تي عمل ڪجي، گناهن کان پاڻ کي روڪجي ۽ چڱا ڪم ڪجن.
(5) ڊسپلين نظام ۽ آزادي
اڳئين مضمون ۾ چيل آهي ته دنيا جو سڀ ڪاروبار فرمانبرداريءَ سان ٿو هلي. سچ آهي ته گهر چڱيءَ طرح تڏهن ٿو هلي جڏهن گهر جا ڀاتي، گهر جي وڏي جي پوري پوري فرمانبرداري ٿا ڪن. ڪنهن به ڳوٺ يا محله جا ماڻهو تڏهن خوش گذاري سگهن ٿا جڏهن پنهنجي نيڪ مرد جي ماتحت اتفاق سان رهن ٿا يا مکيءَ ۽ پئنچات جي فيصلن موجب عمل ڪن ٿا. ڪنهن به ڪارخاني جو ڪم تڏهن سٺو هلي ٿو جڏهن سڀ مزور، منشي وغيره ڪارخاني جي سنڀاليندڙ جي اشاري تي هلن ٿا. فوج اهائي سوڀاري ٿئي ٿي جا ڪمانڊر جا حڪم هڪدم بجا آڻي ٿي ۽ رعيت اهائي ترقي ڪري ٿي جا حڪومت جي قانونن جي پيروي ڪري ٿي. مگر ان فرمانبرداريءَ سان ڪيترائي شرط ۽ فرض لاڳو آهن جي والدين ۽ استادن تي ٻارن بابت، نيڪ مرد يا مکيءَ تي ڳوٺ جي ماڻهن بابت، ڪارخاني جي ڪم هلائيندڙ تي مزورن ۽ منشين به نبست، ڪمانڊر تي فوج بابت، ۽ حاڪمن تي رعيت بابت لازم ٿين ٿا. هڪڙو مکيه شرط هي آهي ته استاد، نيڪ مرد، ڪمانڊر ۽ حاڪم وغيره پنهنجي زيردستن سان اهڙو ئي پيار، محبت ۽ خير خواهي رکن جهڙي چڱا ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد سان رکندا آهن. سندن هدايتون ۽ قانون سندن زيردستن جي سڌاري، فائدي ۽ سک سهنج لاءِ هجن نه پنهنجي سهوليت ۽ فائدي لاءِ.“
هيءَ وڏي غلطي جا ڪي ماءُ پيءُ يا گهر جا مالڪ گهر جي ڀاتين بابت يا استاد ۽ ماستر پنهنجي شاگردن بابت ڪندا آهن سا هيءَ آهي جو هو پنهنجي ڀاتين يا شاگردن تي حد کان ٻاهر رعب تاب رکي سڀ ڪم پنهنجي مرضيءَ موجب ڪرائيندا آهن. ورنه هي ضروري ڳالهه آهي ته جيئن جيئن ٻار وڏو ٿيندو وڃي، علم ۽ عقل حاصل ڪندو وڃي، تيئن تيئن هن کي اختياري ڏجي ته هو پنهنجو دماغ هلائي، پنهنجي رٿ ٺاهي، پنهنجي مرضيءَ موجب عمل ڪري ته هن ۾ ارادي جي قوت Will power)) ۽ دماغ ڪم ڪرڻ جو مادو (initiative) پيدا ٿئي. فقط هنجي عملن تي ايتري نظرداري رکجي جو جيڪڏهن هو غلط طريقو اختيار ڪري ته هن جي رهمنائي ڪجي يا گناه جي ڪم ڏي وڃي ته هن کي روڪجي. جيڪڏهن انسان کي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ نه ڏبو ته هو عقل ڪو نه سکندو، هنجي دل ۽ دماغ مرده ٿي ويندو، هو حيوان بنجي ويندو، نه ته هن جي ڪا عزت ٿيندي ۽ نه هن کي دنيا ۾ ڪا خوشي حاصل ٿيندي. جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪر يا ڇوڪريءَ يا گهر جي ڀاتيءَ تي ايتري سختي ڪجي جو زور رکجيس ته ماني نه کاءُ ڀت کاءُ، جوئر نه کاءُ ٻاجهري کاءُ، مکڻ نه کاءُ تريل پٽاٽا کاءُ، (تريل شين کان توبه توبه) کنڊ نه کاءُ مٺائي کاءُ، اڄ نه ڪپڙا بدلاءِ سڀاڻي بدلاءِ، هي ڪپڙا نه پاءِ هو ڪپڙا پاءِ، هت نه ويهه هتي ويهه، سمهه نه ويهي رهه وغيره وغيره. پوءِ اهڙو ڇوڪر يا ڇوڪري يا گهر جو ڀاتي نه رڳو قيدين کان به خراب حالت ۾ آهي پر وڏي ڳالهه هي آهي ته الله تعاليٰ جون ڏنل نعمتون علم ۽ عقل بيڪار بنايا وڃن ٿا. انسانن کي حيوان ۽ غلام بنايو وڃي ٿو ۽ هنجي سڄي حياتي ۽ خوشي برباد ڪئي وڃي ٿي.
هڪ حديث شريف آهي ته اوهان مان هر هڪ حاڪم آهي. اوهان کان اوهان جي زيردستن بابت پڇاڻو ٿيندو يعني جي منهنجا ٻانها اوهان جي زيردستيءَ ۾ مون ڏنا هئا تن سان اوهان ڪهڙي هلت ڪئي ۽ انهن جي فائدي لاءِ اوهان ڇا ڪيو. پوءِ جن پنهنجي زيردستن سان ظلم ڪيو هوندو تن کي دوزخ ۾ موڪليو ويندو. سچ آهي ته ظالم بهشت جي بوءِ به ڪين سگهندا. اسلام ۽ ٻيا مذهب اهائي تعليم ٿا ڏين ته سڀ انسان هڪ جهڙا آهن ۽ سڀني کي هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت سان هلڻ گهرجي. پوءِ جيڪي ظالم رعب تاب رکي ظلم ڪري يا فريب ۽ ٺڳيءَ سان يا حال ۽ توجهه وجهڻ سان ٻين کي پنهنجو مطيع ۽ غلام بنائي انهن کي پنهنجي غرضن لاءِ پنهنجي مرضيءَ موجب هلائين ٿا ۽ انهن مان پنهنجا فائدا ڪڍن ٿا سي اسلام ۽ ڌرم جا دشمن آهن. جيڪو الله کي ڇڏي ٻئي ڪنهن کان ڊڄي ٿو سو سمجهبو ته پنهنجي پالڻهار جهانن جي مالڪ کان نٿو ڊڄي. مطلب هي آهي ته جيڪو ٻين کي غلام ٿو بنائي سو ظالم بلڪ ڪفر کي ويجهو آهي ۽ جيڪو جاهل پاڻ کي ٻئي جو غلام ٿو ڪري سو به ڪفر کي ويجهو آهي.
﴿6﴾ مساوات يعني هڪجهڙائي
اڳئين مضمون ۾ چٽيءَ طرح سمجهايل آهي ته جيئن جيئن ٻار يا شاگرد وڏا ٿيندا وڃن ۽ علم ۽ عقل پرائيندا وڃن تيئن تيئن کين پنهنجي عقل ۽ مرضيءَ موجب عمل ڪرڻ جي آزادي ۽ اختياري ڏيندو وڃجي. انهيءَ لاءِ ته هنن ۾ دماغ هلائڻ ۽ عمل ڪرڻ جو مادو (initiative) پيدا ٿئي. هو حيوان نه ٿين پر اِنسان ٿين ۽ الله تعاليٰ جون ڏنل نعمتون ڪم آڻي دنيا ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارين. پنهنجي لاءِ عزت ۽ خوشي حاصل ڪن ۽ ٻين کي به فيض ۽ فائدو پهچائي سگهن. جيڪي ظالم اِنسانن تي رعب تاب رکي کين غلام ٿا بنائين ۽ الله تعاليٰ جون ڏنل لياقتون ضايع ٿا ڪرائين سي الله تعاليٰ جا دشمن آهن ۽ الله تعاليٰ سندن دشمن آهي ۽ هو ڪڏهن به بهشت ۾ ڪونه ويندا.
حديث شريف آهي ته جنهن اِنسان ۾ هڪڙو داڻو به هٺ جو آهي سو بهشت ۾ ڪو نه ويندو. هَٺُ ڇا آهي؟ پاڻ فرمايائون ته هٺ آهي پاڻ کي ٻين کان مٿي سمجهڻ ۽ ٻين کي پاڻ کان گهٽ سمجهڻ. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته اي اِنسانو! مون اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان خلقيو آهي. اوهان ۾ ذاتيون ۽ قبيلا رڳو سڃاڻپ لاءِ ٺاهيا اٿم نه ته الله تعاليٰ وٽ عزت ته فقط اُنهي جي آهي جنهن جا لڇڻ سٺا آهن ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ آهي. جيڪڏهن ڪو وڏو پير، زميندار، نواب يا بادشاهه بداخلاق آهي ته هو نيڪ اخلاق هاري يا مزور پيرن جي خاڪ جي برابر به نه آهي. هڪ حديث سڳوري آهي ته عزت علم ۽ چڱائي سان آهي نه دولت ۽ خاندانائيءَ سان.
حضرت رسول الله ﷺ جن نهايت ئي نماڻا هوندا هئا. پاڻ سڳورا پٽ وهندا هئا. ڪپڙا تمام سادا پائيندا هئا. ڪپڙو ڦاٽندو هون ته پاڻ ئي ٽوپو ڏئي اڳڙي وجهي وري پائيندا هئا، جُتي ڇڄندي هين ته پاڻ ئي چتي هڻي وري پائيندا هئا. بعضي ته اُگهاڙي پٺي سان تڏي تي ليٽي پوندا هئا ۽ تڏي جا نشان پٺي تي ٺهي بيهندا هئا. مسڪين ماڻهن بلڪ جهنگلي بدوين سان به گڏجي ماني کائيندا هئا. ٻين ماڻهن سان اهڙو رلي ملي وهندا هئا جو جڏهن ڪو اَڻ واقف ماڻهو ايندو هو ته حاضرماڻهن کان پڇڻو پوندو هوس ته اوهان ۾ حضرت محمد (ﷺ) ڪهڙو آهي. پوءِ حاضر ماڻهو کيس ڏيکاريندا هئا ته هي ويٺو آهي. پاڻ سڳورا ڪچهريءَ مان اٿندا هئا يا ٻاهران ڪچهريءَ ۾ ايندا هئا ته ٻين کي اُٿي بيهڻ کان منع ڪندا هئا ۽ اُٿي بيهڻ نه ڏيندا هئا. ڪنهن ماڻهوءَ ساڻن جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪو ظالم ڪيو هو ۽ پوءِ اچي معافي وٺندو هو ته پاڻ سڳورا نه رڳو معافي هڪدم ڏيندا هئا پر حياءَ کان اکيون کڻي هيٺ ڪندا هئا. ماڻهن تي رعب رکڻ بدارن سندن دلجو ئي ڪندا هئا. هڪڙي ڀيري ڪو اَڻ واقف شخص آيو ۽ هيبت کان ڏڪڻ لڳو. حضرت جن کيس فرمايو ته ڊڄين ڇو ٿو، مان اهو آهيان جنهن جي والده سڪو گوشت کائيندي هئي. اڄوڪا ماڻهو سمجهڻ ٿا رعب رکڻ کانسواءِ ضابطو ۽ انتظام رکي نه سگهبو. ائين هرگز نه آهي. حضرت جن توڙي سندن خليفا سادگيءَ ۽ نماڻائيءَ هوندي به پورو پورو انتظام رکي سگهندا هئا ۽ پورو پورو انصاف ڪندا هئا. هڪڙي ڀيري ڪنهن شريف خاندان جي عورت فاطمه نالي جي چوري ڪندي پڪڙجي پئي. وڏا وڏا سردار گڏجي حضرت جن وٽ سفارش ڪرڻ آيا ته کيس معافي ملي. پاڻ سڳورن کي اها ڳالهه پسند نه آئي ۽ قدري جوش سان فرمايائون ته قسم آهي اُنهي پالڻهار جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي ته جيڪڏهن منهنجي نياڻي فاطمه (رضي الله تعاليٰ عنها) اهڙو فعل ڪري ها ته به سندس هٿ وڍائي ڇڏيان ها. ڇا اوهان خدا جي شرعي حدن ۾ دست اندازي ٿا ڪريو!
پاڻ سڳورا فرمائيندا هئا ته پنهنجي اولاد کي عزت ڏيو. پاڻ سڳورا ٻارن سان رانديون ڪندا هئا ۽ ڊوڙون پائيندا هئا. درحقيقت اِنسانن ۽ راندين ڪرڻ جو جذبو فطرتي طرح رکيل آهي. تنهڪري نه رڳو ٻارن کي پر وڏن کي به رانديون ڪرڻ گهرجن. راندين ڪرڻ ڪري نه رڳو بدن کي ورزش ٿي ملي پر کل خوشي جي ڪري تندرستي به سٺي ٿي رهي. خوشي جهڙي ٻي خوراڪ ئي ڪانهي. ازانسواءِ راندين جي ڪري اخلاقن تي پڻ سٺو اثر پوي ٿو، هَٺُ گهٽ ٿو ٿئي ۽ مساوات يعني هڪجهڙائي جو گڻ پيدا ٿو ٿئي. پيار ۽ محبت پيدا ٿي ٿئي ۽ گڏ جي ڪم ڪرڻ جو مادو پيدا ٿو ٿئي وغيره وغيره.
(7) مساوات يا هڪجهڙائي
مٿي مساوات يعني هڪجهڙائي بابت بحث ڪيل آهي. سڀ اِنسان هڪ ئي پالڻهار جا پيدا ڪيل آهيون تنهنڪري هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي آهيون ۽ پاڻ ۾ ڀائر ڀينر آهيون. اسانجي پالڻهار اسان ۾ ڪو به تفاوت ڪو نه رکيو آهي. سڀني کي هڪ جهڙا عضوا ۽ هڪ جهڙي فطرت ڏني اٿس. سڀئي سندس ئي نعمتون هوا، باه، پاڻي، ميوا ۽ اناج ڪم ٿا آڻيون. اسلام اهڙي مساوات ۽ ڀائپي قائم ڪئي جو مسڪين بدوين بلڪ حبشي غلامن ۽ قريش سرادرن جي وچ۾ ڪو تفاوت ڪو نه رکيو. هڪڙي ڀيري ابن عدي رسول الله ﷺ وٽ آيو ته پاڻ سڳورن کيس گاديلي تي وهاريو ۽ پاڻ پٽ تي ويهي رهيا. هڪڙي ڀيري حضرت بلال حبشي غلام شاديءَ جي خواهش ڏيکاري ته سڀني قريش؛ جي ڪنهن نئين ڄاول نياڻيءَ کي جيئري دفن ڪري ڇڏيندا هئا، انهيءَ عار کان ته وڏي ٿيندي ته پرڻائڻي پوندي؛ اهي ساڳيا مغرور قريش اڄ اسلام جي ڪري اهڙا نماڻا ٿي ويا هئا جو سڀني يڪ آواز چيو اي بلال اسان تيار آهيون، جنهن کان نياڻي گهرين سو ڏيڻ لاءِ ٿيار آهي . ٻيا مسڪين ته ڇڏيو پر دشمنن، ڪافرن ۽ ظالمن سان جيڪا هلت پاڻ سڳورا ڪندا هئا سا ٻڌو. جيڪي ڪافر جنگ ۾ گرفتار ٿيندا هئا تن کي حضرت جن گهڻو ڪري بنا عيوضي ڇڏي ڏيندا هئا. ڪن ڪن کي ضرورت وقت عيوضي ملڻ بعد ڇڏيندا هئا. جيستائين اهي عيوضو ڏئي پاڻ آزاد ڪرائيندا هئا تيستائين ائين لڳندو هو ته غلامن کي غلام ڪري ڪو نه ڏٺو ويندو هو، پر گهر جي ڀاتي بلڪ بهتر ڪري ڏٺو ويندو هو. حضرت جن جو حڪم هو ته جيترو ڪم پاڻ ڪريو اوترو غلامن کان ڪرايو. جهڙي ماني پاڻ کائو تهڙي کين کارايو ۽ جهڙا ڪپڙا پاڻ پايو تهڙا کين پهرايو. اهڙا غلام جڏهن آزاد ٿي گهر ويندا هئا تڏهن پنهنجن مائٽن کي حيرت جهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ۽ چوندا هئا ته خدا مسلمانن کي سلامت رکي، هو اسان کي پنهنجي ٻچن کان به اڳ ۾ ماني کارائيندا هئا ۽ اسان کي پاڻ کان به وڌيڪ سکيو رکندا هئا. پويان مسلمان بادشاه اگرچه اسلام تي پورا نه هئا ته به اهڙا گهڻائي مثال ٿيا آهن جو هو غلامن کي پٽن جهڙو ڪري ڀائيندا هئا. کين وزير، ايلچي، ڪمانڊر ۽ گورنر ڪندا هئا، بلڪ ڪڏهن ته ناٺي بڻائي ملڪيت ۽ بادشاهيءَ جو وارث به ڪندا هئا.
حضرت جن نه رڳو خدا جا رسول هئا پر پڇاڙيءَ واري زماني ۾ پنهجي ملڪ عرب جي حڪومت به سندن هيٺ آئي. مگر پاڻ سڳورا پوءِ به اهڙا نماڻا رهيا جهڙا اڳي هئا. اڄو ڪن حاڪمن وانگر رعب ڪو نه رکندا هئا، نڪي بيجا حڪم ڪڍندا هئا. جيڪي غير مسلمان، مسلمان ٿيندا هئا سي بيعت ڪرڻ وقت ڪي وعده ڪندا هئا. انهن ۾ پويون وعدو اهو هوندو هو ته سڀ ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ رسول الله ﷺ جي فرمانبرداري ڪنداسين. پڙهندڙؤ! ڏسو ته اڄو ڪن مرشدن يا حاڪمن وانگر حضرت جن اهو شرط ڪو نه وٺندا هئا ته سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ منهنجي فرمانبرداري ڪندو، مگر اهو شرط وٺندا هئا ته سڀ ڪنهن چڱيءَ ڳالهه ۾ منهنجي فرمانبرداري ڪندو. اگرچه خدا جو رسول ڪڏهن به اڻ چڱي ڪم لاءِ حڪم نٿو ڪري تڏهن به انهيءَ نموني جو وعدا وٺندا هئا. هڪڙي سچي روايت آهي ته ڪنهن شخص حضرت جن کي عرض ڪيو ته منهنجي زال کي سمجهايو ته منهنجو فلاڻو ڪم ڪري. پاڻ سندن زال کي سمجهايائون ان مائي پڇيو ته خدائي شرعي حڪم ٿا ڏيو يا ذاتي سفارش ٿا ڪريو. پاڻ فرمايائون ته ذاتي سفارش ٿو ڪريان تنهن تي مائيءَ چيو ته مان اهو ڪم نٿي ڪري سگهان. رسول الله ﷺ ان تي ڪجهه به ناراضپو نه ڏيکاريو ۽ فرمايو ته چڱو تنهنجي مرضي. سبحان الله! ڪهڙي نه عجيب ثابتي آهي ته خدائي شرعي حڪمن کان سواءِ ٻيو ڪو به حڪم حضرت جن زور سان ڪو نه مڃائيندا هئا، اگرچه اُهو حڪم بلڪل چڱي ڳالهه بابت هجي.
(8) بنياد آهي پيار ۽ محبت
اڳين مضمونن ۾ چٽائيءَ سان ڏيکاريل آهي ته (هي حديث آهي) سڀني کان چڱو انسان اُهو آهي جو ٻين انسانن کي نفع ٿو پهچائي. ٻي حديث آهي ته مسلمان اُهو آهي جنهنجي هٿ ۽ زبان کان ٻيا انسان سلامت هجن. هن مان ثابت آهي ته سڀني کان خراب انسان اهو آهي جو ٻين سان ظلم ٿو ڪري، ٻين کي گاريون ٿو ڏئي، ناحق وڙهي ٿو، ٻين جونقصان ٿو ڪري، ٻين کي خواهه مخواهه رنجائي ٿو، چوريون ٿو ڪري، رشوت ٿو وٺي، ڌاڙا ٿو هڻي، خون ٿو ڪري وغيره وغيره. بلڪ ائين چئي ٿا سگهون ته جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا ماڻهو سلامت نه آهن سو مسلمان ئي ناهي. هڪ ٻي حديث به آهي ته جيڪو پرائو حق کائي ٿو سو الله تعاليٰ جي هيڪڙائي جو مڃيندڙ ئي ناهي. اڄوڪي زماني ۾ بزرگ ۽ پهتل شخص خبر ناهي ته ڪنهن کي ٿا سمجهن؟ مگر قرآن شريف ۾ بلڪل چٽيءَ طرح فرمايل آهي ته توهان مان فقط اهو ئي چڱو آهي جو ٻين جي ڀلائي لاءِ خرچ ٿو ڪري، يعني فقط اهوئي شخص چڱو آهي جو پنهنجي بدن ۽ دماغ کي تڪيلف ڏئي پنهنجو نقصان سهي ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ٻين سان ڀلايون ڪري ٿو ۽ الله تعاليٰ جي ڏنل رزق مان وسعت آهر محتاجن جي مدد ڪري ٿو. جمع جي خطبه ۾ هر هفتي پيش امام قرآن شريف جي هڪڙي آيت پڙهندو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ته الله تعاليٰ عدل ڪرڻ، احسان ڪرڻ ۽ مائٽن کي ڏيڻ جو حڪم ٿو ڪري.
جنهن صورت ۾ ٻين سان ڀلائي ڪرڻ ئي سڀني کان وڏو خلق آهي تنهن صورت ۾ سوال آهي ته ڪيئن ٿو اهو گڻ پاڻ ۾ پيدا ٿئي. جواب آهي ته انهيءَ گڻ جو بنياد آهي پيار ۽ محبت. ڏسو ته اسان پنهنجي اولاد سان محبت هئڻ ڪري پاڻ تڪليفون ڏيئي به کين خوش رکڻ جي ڪوشش ٿا ڪيون. ساڳيءَ طرح اولاد، ماءُ پيءُ لاءِ ۽ ڀائر ڀينر هڪ ٻئي لاءِ اوتري ئي قدر چڱايون ڪن ٿا جيتري قدر هڪ ٻئي لاءِ پيار محبت رکن ٿا. مگر الله تعاليٰ جو اسان کي ماءُ پيءُ کان به هزار ڀيرا وڌيڪ پيار ٿو ڪري ۽ جو اسان کي هر قسم جون نعمتون ٿو بخشي تنهن لاءِ اسان کي هزار ڀيرا وڌيڪ محبت هئڻ گهرجي ۽ جئن ته سڀ انسان الله تعاليٰ جا خلقيل آهيون ۽ انهيءِ ڪري اسان سڀ پاڻ ۾ ڀائر ڀينر آهيون، تنهن صورت ۾ اسان سڀني کي هڪ ٻئي سان اهڙي ئي ۾ محبت هئڻ گهرجي جهڙي ماءُ پيءُ کي اولاد لاءِ آهي. هڪڙي حديث آهي ته الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته اي بندا مون سان محبت رکڻ جي دعويٰ ٿو ڪرين ته پهريائين ذات انسان سان محبت رک. ٻي قدسي حديث آهي ته الله تعاليٰ فرمائيندو ته فلاڻا! مان بيمار هوس تون مون کان پڇڻ نه آئين ۽ منهنجي تيمارداري (خدمت يا سنڀال) ڪا نه ڪيئي. اهو شخص چوندو ته اي رب سائين! تون ته بيمارين کان پاڪ آهين مان ڪيئن تنهنجي تيمارداري ڪيان ها. پاڻ فرمائيندو ته فلاڻو شخص بيمار هو تو کي خبر به هئي ته به تو هن لاءِ ڪجهه نه ڪيو. وري فرمائيندو ته فلاڻا! مان بکيو هوس تو مونکي ماني نه کارائي. اهو شخص چوندو ته اي رب! پاڪ تون بک ڏک کان آجو آهين مان ڪيئن تو کي ماني کارايان ها. تڏهن پاڻ فرمائيندو ته فلاڻو شخص فلاڻي وقت بکيو ويٺو هو تو کي خبر به هئي ته به تو هن کي ماني نه ڏني. سبحان الله! هنن حديثن مان ظاهر آهي ته الله تعاليٰ انسان کي پاڻ سان گويا ملائي ٿو ڇڏي ۽ هڪ ٿو سمجهي. هاڻي هي ڳالهه بلڪل صاف ٿي ويئي ته جيڪو سڀني انسانن سان محبت ٿو رکي ۽ ٻين سان چڱايون ٿو ڪري سو ئي الله تعاليٰ سان محبت رکندڙ آهي ۽ اهو ئي الله تعاليٰ کي پيارو آهي ۽ اهو ئي الله تعاليٰ وٽ عزت وارو آهي، مگر جو شخص ٻين سان محبت جي بدران دشمني ٿو رکي ۽ چڱاين ڪرڻ جي بجاءِ ٻين کي ايذائي ٿو ۽ ٻين جونقصان ٿو ڪري سو الله تعاليٰ جو نه رڳو نافرمان آهي پر دشمن آهي ۽ الله تعاليٰ به انهيءَ کي خوار خراب ڪري جهنم ۾ داخل ٿو ڪري.
(9) ٻين سان چڱائي يا برائي ڪرڻ جو باريڪ فلسفو
ٻين سان چڱائي ڪرڻ درحقيقت پاڻ سان چڱائي ڪرڻ آهي ۽ ٻين جو نقصان ڪرڻ درحقيقت پنهنجو نقصان ڪرڻ آهي. هي اٰهو باريڪ فلسفو آهي جو گهڻن کي سمجهه ۾ نه آيو آهي ۽ گهڻن ٻڌي سڌي به وساري ڇڏيو آهي. سياڻا چئي ويا آهن ته ڀلو ڪر ته ڀلو ٿيئي، ۽ پڻ چيو اٿن ته جيڪو ٻين لاءِ کڏ کوٽيندو تنهن ۾ پاڻ پوندو. قرآن شريف ۾ پڻ باربار اهڙي چٽائي ڪيل آهي مثلا هڪڙي هنڌ فرمايل آهي ته اُنهن وانگر نه ٿيو جن خدا کي وساري ڇڏيو، پوءِ پاڻ کي وساري ڇڏيائون يعني جيڪي خداءِ جي حڪمن تي نه هليا تن درحقيقت پنهنجو ئي نقصان ڪيو. اهو پهاڪو پڻ مشهور آهي ته جيڪو خادم ٿو ٿئي سو ئي مخدوم ٿي ٿو وڃي. جيڪو خلق جي خذمت ٿو ڪري تنهن کي ئي خلق پنهنجو رئيس يا سردار ٿي ڪري. هوئين به پنهنجو عقل هلائي ڏسو ته ڳالهه صاف ظاهر ٿي پوندي. جيڪڏهن هڪڙا ماڻهو ٻين سان سچي نيت سان ڀلايون ڪندا، جنهن ڪري سڀني کي فائدو ٿيندو ۽ سڀني جي ترقي ٿيندي، مگر جيڪڏهن ڪي ماڻهو ٻين جونقصان ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيهندا ته ضرور ٻيا به کين نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندا جنهن ڪري سڀئي نقصان هيٺ ايندا ۽ نتيجو ٿيندو قوم جي بربادي. سڄي قوم يا سڄو ملڪ ٻيڙيءَ مثل آهي. جيڪڏهن ٻيڙي دير سان پار پهچندي يا ٻڌي ويندي ته ٻيڙيءَ ۾ ويٺل سڀني ماڻهن جو نقصان ٿيندو، پر جيڪڏهن ٻيڙي آسانيءَ سان جلد پار پهچندي ته سڀئي گڏجي ملڪ جي ترقي ڪنداسون ته اسان سڀني جي چڱائي آهي، پر جيڪڏهن سڀئي هڪ ٻئي جو نقصان ڪري ملڪ جي ٻيڙي ٻوڙينداسون ته سڀئي تباهه ٿينداسون.
اسان جي سنڌ ملڪ جي اخلاقي حالت تباهه ڪن آهي. اسان سڀ پنهنجي غلط عقل موجب پنهنجي غرضن لاءِ ٻين جو نقصان ٿاڪريون ۽ پاڻ سان گڏ ٻين کي به تباهه ٿا ڪيون. سمجهو ته ٻن شينهن هڪ مئل جانور لڌو آهي. هو صلح ڪري اُن کي کائڻ بدارن هڪ ٻئي سان وڙهي هڪ ٻئي کي ماري ٿا وجهن يا سمجهو ته هڪڙي ٻير آهي جنهن ۾ اڌ جيترا ٻيرو ڪچا آهن باقي ٻير کائڻ جهڙا آهن. پنڌرهن ماڻهو هڪڙي طرف کان اچن ٿا انهن ٻيرن لاءِ ۽ پنڌرهن ماڻهو ٻئي طرف کان. ٻئي ٽوليون هڪ ٻئي کان وڌيڪ ٻير حاصل ڪرڻ لاءِ زور سان ٻير ڇاڻي ڪچا ٻير به ڪيترائي ٿا وجهن بلڪ جلدي ڪرڻ لاءِ ٽاريون ڇڃي هٿ ۾ ٿا ڪن بلڪ هڪ ٻئي سان وڙهي هڪ ٻئي کي زخمي ڪري ٿا وجهن تان جو ڪي ته انهن مان مري ٿا وڃن. پوءِ ته پوليس به اچي ٿي مٿان ڪڙڪي. ٻئي ڌريون سخت تڪليف هيٺ اچي ٿيون وڃن. پوليس، وڪيل، مئجسٽرٌيٽ، منشين بلڪ پٽيوالن کي پيسا ٿا ڏين ۽ مهينن جا مهينا رلي دربدر خاڪ بسر ٿي تباهه ٿي ٿا وڃن. اسانجي ملڪ جي حالت سچ پچ اُنهن شينهن وانگر يا ٻيرن تي وڙهندڙن وانگر آهي. اسان هڪ ٻئي جي نقصان ڪرڻ کان ڪو نه ٿا گسون. اسان تيسائين هرگز ترقي نه ڪنداسين جيستائين هڪ ٻئي سان عدل ۽ خيرخواهي نه ڪنداسون.
ارمان جي ڳالهه آهي ته هندستان ۾ هندو مسلم ڇڪتاڻ به وڌندڙ آهي. اسان جا مدبر ليڊر به اهڙي سولي ڳالهه سمجهي نٿا سگهن ته جيڪڏهن هندو مسلمانن سان عدل بلڪ احسان ڪن ته اُن ۾سندن ئي فائدو آهي ۽ جيڪڏهن مسلمان هندن سان چڱايون ڪن ته اُن ۾ مسلمانن جو فائدو آهي. جيڪڏهن مسلمان سڃا ۽ وحشي هوندا ته هندنن کي انهن مان خطرو آهي ۽ جيڪڏهن هو سڌريل ۽ آسودا هوندا ته هندن کي به فائدو آهي. ساڳيءَ طرح هندو سڌريل ۽ شاهوڪار هوندا ته ان ۾ مسلمانن جو به فائدو آهي نه ته سندن به نقصان آهي. پوءِ ڇوءِ نه سڀئي گڏجي ڪم ڪيون ۽ هڪ ٻئي سان محبت ۽ خيرخواهي سان هلون ته سڀئي ترقي ڪري خوش گذاريون. وڻ جو ٻج پاڻ کي زمين ۾ دفن ڪري فنا ٿو ٿئي ته ان مان عجيب درخت پيدا ٿو ٿئي ۽ منجهس عجيب ميوا پيدا ٿا ٿين. ساڳيءَ طرح قوم اندر جيڪڏهن ڪو انسان ٻين لاءِ خود قرباني ٿو ڪري ته قوم جو سرتاج ٿو ٿئي. مگر هي لفظ خود قربانيءَ وارو ماڻهن کي ڏاڍو ڊيڄاريندڙ آهي. هو سمجهن ٿا ته ٻين لاءِ چڱايون ڪرڻ آهي پاڻ کي نقصان رسائڻ، بلڪ پاڻ کي تباهه ڪرڻ. ائين هرگز نه آهي. هر ڪو انسان پوءِ ڪهڙو به مسڪين ۽ محتاج هجي ته به پاڻ کي نقصان رسائڻ کانسواءِ به ٻين جي ڪجهه نه ڪجهه خدمت ڪري سگهي ٿو، همدردي ۽ خيرخواهي ڏيکاري چڱي صلاح ڏيئي سگهي ٿو يا گهٽ ۾ گهٽ ٻين کي نقصان رسائڻ کان پاڻ کي روڪي سگهي ٿو. مگر جيڪي ماڻهو علم ۽ دماغ وارا آهن يا دولتمندآهن سي پاڻ کي برباد ڪرڻ کانسواءِ ئي قوم جي لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪري سگهن ٿا. ضروري ڳالهه فقط هيءَ آهي ته هر ڪو انسان صاف نيت رکي پڪو ارادو ڪري ته مان هرگز ڪنهن به انسان جو نقصان نه ڪندس. سڀڪنهن سان محبت ۽ خيرخواهي جي هلت هلندس ۽ پڄنديءَ آهر ٻين سان ڀلايون ڪندس ۽ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندس. اها نيت رکي پڪو ارادو ڪري عمل ڪبو ته انشاءَ الله اسان جو ملڪ چڱي ترقي ڪندو ۽ اسان سڀ خوش ۽ باعزت رهنداسين.
نيڪ اخلاق ۽ نيڪ عمل
(10) گناه ۽ ان جا ڪارڻ
گناهه جا ڪم اهي آهن جي پاڻ لاءِ ۽ ٻين لاءِ نقصان ڪار آهن. جيڪي ڪم پاڻ لاءِ ۽ ٻين لاءِ فائدي وارا آهن سي ثواب جا ڪم آهن. مثلا فقط هڪ پيسو پنهنجو سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏڻ سو به گناهه جو ڪم آهي. اڳين مضمونن ۾ سمجهايل آهي ته ٻين جونقصان ڪرڻ درحقيقت پنهنجو نقصان ڪرڻ آهي. هاڻي سوال آهي ته ڪهڙا ڪم نقصان جا يعنيٰ گناهه جا آهن ۽ ڪهڙا ڪم چڱا يعني ثواب جا آهن. هي وڏو سوال آهي، جنهن بابت مذهبن يا ڌرمن گهڻي قدر صفائي ۽ رهنمائي ڪري ڇڏي آهي، البت ارمان جي ڳالهه آهي ته ڪن خود غرض فرقن مذهبن کي بگاڙي ڇڏيو آهي تنهن ڪري مختلف مذهبن جي تعليمات ۾ فرق پيو ڏسڻ ۾ اچي. تاهم گهڻيون ئي مکيه ڳالهيون سڀني مذهبن ۾ اچي وڃن ٿيون. مثلا ڪوڙ، ٺڳي امانت ۾ خيانت، انجام ڀڃڻ، چوري، ڌاڙو، خون، زنا، ظلم وغيره سڀني مذهبن ۾ وڏا گناهه سمجهيا وڃن ٿا. ضروري ڳالهه هي آهي ته مذهبي تعليم سان گڏ دنيوي تعليم عقل، غور ۽ فڪر جي به سخت ضرورت آهي. انهن جي ئي وسيلي اسان سمجهي سگهنداسين ته ڪهڙا ڪم نقصان ڪار آهن ۽ ڪهڙا فائدي وارا آهن، ڪهڙا قوم ۽ ملڪ کي تباهه ڪندڙ آهن ۽ ڪهڙا ترقي ڪرائيندڙ آهن. جيڪڏهن علم ۽ عقل ڪونهي ته پوءِ خود سچي مذهبي تعليم کي به بگاڙي ابتڙ ڪيا وڃن ٿا. ڪيترائي ماڻهو اهڙا ڪم ڪن ٿا جن کي هو ثواب جا ڪم سمجهن ٿا مگر درحقيقت گناهه جا ڪم آهن، ۽ ڪيترائي ماڻهو اهڙا ڪم نٿا ڪن جن کي هو گناهه جا ڪم ٿا سمجهن مگر درحقيقت اهي ثواب جا ڪم آهن ۽ ڪرڻ گهرجن. ٻيو سوال هي آهي ته جيڪڏهن گناه جا سڀ ڪم پنهنجي لاءِ ئي ”نقصان ڪار آهن ته ماڻهو پنهنجو نقصان پاڻ ڇو ٿا ڪن؟ ان بابت ڪي سبب اڳي به بيان ڪيا ويا آهن، پر مکيه سبب آهي جهل ۽ ناداني. ڏسو ته ڪو ماڻهو پنهنجو هٿ باهه ۾ ٿو وجهي ته ايذاءِ ٿو اچي ۽ نقصان ٿو ٿئي تنهنڪري ڪو به ماڻهو اهڙو نادانيءَ جو ڪم نٿو ڪري. مگر هي ڳالهه تمام سولي آهي ته سڀ ڪو سمجهي ٿو سگهي ۽ ان جو نقصان ڪار نتيجو هڪدم ٿو ملي تنهن ڪري ڪو به ماڻهو اهڙو ڪم ڪو نه ٿو ڪري. مگر جن نقصان ڪار ڪمن جو خراب نتيجو هڪدم ظاهر نٿو ٿئي تن کي سمجهڻ جاهلن لاءِ ڏکيو آهي. تنهن ڪري هو گناهه جا ڪم ڪرڻ کان پاڻ کي نٿا روڪين. ساڳيءَ طرح ڪيترن ئي چڱن ڪمن يعني ثواب جي ڪمن ڪرڻ جو فائدو ترت ظاهر نٿو ٿئي تنهنڪري جاهل ماڻهو انهن جو فائدو سمجهي نٿا سگهن ۽ اهي ڪم نٿا ڪن. اهو ئي سبب آهي جو الله تعاليٰ اسان ڏي رسول ۽ رشي مني موڪليا جن اسان کي گناه ۽ ثواب جا ڪم ٻڌايا ۽ سمجهايا. مگر عجب هي آهي ته اگرچه ڪيترن ئي ماڻهن کي خبر به آهي ته اسان جي ڌرم يا مذهب موجب فلاڻا ڪم گناه جا ۽ فلاڻا ثواب جا آهن تڏهن به اسان انهن موجب عمل نٿا ڪريون ان جو سبب هڪ هي آهي ته اسان کي الله ۽ سندس پيغمبر تي پورو ايمان ڪونهي ۽ سندن تعلميات تي پورو يقين ڪونهي. جيڪڏهن ڪو حڪيم يا ڊاڪٽر اسان کي ڪوڙي دوا پيڻ لاءِ حڪم ٿو ڪري ۽ ڪن لذيذ طعامن کائڻ کان منع ڪري ته اسان هن تي ويساه رکي عمل ڪيون ٿا، مگر حڪيمن جي حڪيم يعني الله تعاليٰ تي اسان ايمان ڇڏي ڏنو آهي ۽ سندس تعليمات تي يقين ڪو نه ٿا رکون. افسوس! مٿي چيو ويو آهي ته جهل ۽ ناداني ئي وڏو ڪارڻ آهي گناهن جي ڪمن جو. تنهنڪري جهل خود ئي وڏو گناه آهي. قرآن شريف ۾ گنهگارن، فاسق، ظالمن بلڪ ڪافرن کي جاهل ڪوٺيو ويو آهي، جنهن مان نتيجو ڪڍي ٿو سگهجي ته جهل نه رڳو وڏي ۾ وڏو گناهه آهي مگر ڪفر آهي. اڪثر عالمن جي فتويٰ آهي ته جهل ڪفر کي ويجهو آهي، مگر مان سمجهان ٿو ته جهل مطلق عين ڪفر آهي.
(11) سچ ڳالهائڻ
چوڻي آهي ته سچ ته بيٺو نچ ۽ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ. اسڪولي شاگرد ڪتابن ۾ گهڻائي سبق ٿا پڙهن (مثلا جعفر وارو) ته ڪوڙ ۾ وڏو نقصان آهي ۽ بيتن ۾ وڏي آواز چوندا آهن ته آءُ نه ڪڏهن ڪوڙو ٿيندس، ساهه سدائين سچ تي ڏيندس وغيره وغيره. پر حالت هي آهي جو زبان سان هر ڪو ئي ٿو چوي ته ڪوڙ ڳالهائڻ ڏاڍو خراب آهي مگر هر هڪ انسان سراسري ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ٺڳيون ڪري ٿو، ڪوڙا وعدا ڏئي ٿو وغيره وغيره، انهيءَ جو سبب ڇا آهي؟ سبب هي آهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ سان پنهنجو مطلب ترت ڪڍي ٿو وٺجي ۽ نتيجن جو ڪجهه خيال نٿو ڪجي. ننڍن ٻارن کي پينگهي ۾ ئي ڪوڙ سيکاريو وڃي ٿو. مثلا ٻار رئندو آهي انگل ڪندو آهي ته کيس چيو ويندو آهي ته بس ڪر گهگهو ٿو اچي جو کائي ويندوءِ، بس ڪر نه ته گدڙ کڻي ويندءِ، بس ڪر نه ته ٻليءَ جي حوالي ٿي ڪريانءِ وغيره وغيره. نتيجو هي ٿو نڪري جو ٻار جلد ئي سمجهي ٿو وڃي ته ماءُ ساڻس ڪوڙ ٿي ڳالهائي. ازانسواءِ جڏهن ماءُ پيءُ، مٽ مائٽ ڪوڙ ڳالهائيندا ته ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڇو نه ڪوڙ ڳالهائيندا، پوءِ جيڪڏهن اسڪول ۾ سبق پڙهيائون ته ڇا ٿيو. هو سبق سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ واسطي ڪو نه ٿا پڙهن پر خالي پڙهڻ واسطي ماستر کي ٻڌائڻ واسطي ۽ امتحان ڏيڻ واسطي ٿا پڙهن. وڏي ارمان جي ڳالهه آهي ته خود معلم ۽ ماستر به خود شاگردن جي روبرو ڪوڙ ڳالهائين ٿا پوءِ شاگرد ڪيئن سچ ڳالهائڻ سکندا. سچ پچ ته جي ڪڏهن معلم ۽ ماستر ڪوڙا آهن يا بداخلاق آهن ته هو شاگردن جي حياتي برباد ٿا ڪن ۽ هنن وٽ پڙهڻ کان نه پڙهڻ چڱو آهي. گهڻائي ماڻهو ائين چوندا آهن ته ڪوڙ کانسواءِ دنيا هلي نٿي سگهي. اها سندن ڪو تاهه نظري آهي، نه ته سچ اهو آهي ته ڪوڙ جي ڪري ئي دنيا هلي نٿي سگهي ۽ ڪوڙ جي ڪري ئي تباهيون، مصيبتون، جهيڙا، فساد، چوريون، ڌاڙا، خون ۽ ٻيا وڏا وڏا گناهه ٿين ٿا. جيڪڏهن ننڍي هوندي کان ئي ڪوڙ جي عادت ٻارن ۾ پئجي وڃي ته گناهن کي ٻنجو اچي وڃي. ڪوڙ سڀني گناهن جي ماءُ آهي.
قرآن شريف ۾ آهي ته، ”لَّعْنَتَ اللهِ عَلَی الْکٰذِبِیۡنَ﴿۶۱﴾ يعني ڪوڙن تي الله تعاليٰ جي لعنت آهي.“ اهي شيطان وانگر الله تعاليٰ جي درگاه مان لوڌيل آهن. هڪڙي حديث شريف آهي ته منافق جون چار نشانيون آهن. جيڪڏهن چار ئي منجهس آهن ته هو پورو منافق آهي. جيڪڏهن هڪڙي اٿس ته اوتري قدر منافق آهي. اهي چار هي آهن: 1. ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائي 2. واعدو ڪري ته ڀڃي 3. امانت ۾ خيانت ڪري ۽ 4. تڪرار ڪري ته گاريون ڏئي. منافق انهيءَ کي چئبو آهي جو اندر ۾ هڪڙي رکي ۽ ٻاهر ٻي. منافق، ڪافر کان به وڌيڪ خراب آهي. اوائلي زماني ۾ مسلمان ڪنهن به حالت ۾ ڪوڙ ڪين ڳالهائيندا هئا. جيڪڏهن ڪو غير مسلمان ڪنهن مسلمان کي چوندو هو ته مان ڪيئن تو تي اعتبار ڪريان ته کيس چيو ويندو هو ته جيڪو مسلمان هوندو سو هرگز ڪوڙ ڪين ڳالهائيندو ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالهائيندو سو مسلمان ئي ناهي. هڪڙي حديث يا قول آهي ته ڪوڙ، ايمان جي ڪتر آهي يعني جنهن ڪوڙ ڳالهايو تنهن جو ايمان ويو. افسوس ته ههڙين آيتن ۽ حديثن هوندي به اڄوڪا مسلمان ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ٺڳيون ٿا ڪن، وعدا ڪري ڦري ٿا وڃن، امانت ۾ خيانت ٿا ڪن، گاريون ٿا ڏين ۽ ٻيا انهن کان وڏا گناهه به ٿا ڪن ته به پاڻ کي مسلمان ۽ بهشت جا حقدار ٿا سمجهن. ائين نٿا سمجهن ته هو هن ئي دنيا ۾ سڃا ۽ ذليل ۽ خوار خراب ٿي پيا آهن، بلڪ گويا هتي ئي دوزخ ۾ آهن. الله تعاليٰ شال اسان سڀني هندن خواه مسلمانن کي سڀني گناهن کان بچائي، خصوصا ڪوڙ کان پري رکي.
سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته جپاني ماڻهو وڏي ترقي ڪري ويا آهن. هو هن ئي دنيا ۾ بهشت جون موجون ٿا ماڻين. انهيءَ جو سبب ڇا آهي؟ جيڪي ماڻهو جپان ۾ رهي آيا آهن سي چون ٿا ته جپاني ماڻهو ڪوڙ ڪڏهن ڪين ڳالهائيندا آهن. ٻيو عجيب خصلتون انهن ۾ آهن مثلاً صفائي، محنت ۽ سانگ صوفو. اهو ئي سبب آهي جو جپان جي ماڻهن سڄي دنيا کي واپار، هنر ۽ ڪاريگرين ۾ ڪامل شڪست ڏني آهي.
(12) تهذيب ۽ وحشت
مهذب يا سڌريل ماڻهو اهو آهي جنهن کي ڪجهه علم ۽ عقل آهي، جنهن کي پنهنجي زبان، دل ۽ هٿ تي ڪجهه قدر ظابطو آهي. جو ٻين جي حقن ۽ جذبن جو خيال رکي ٿو بلڪ هميشه اهو خيال ٿو رکي ته مون کي ٻين سان اهڙي طرح هلڻ گهرجي جيئن مان چاهيان ٿو ته ٻيا مون سان هلن. انجي ابتڙ وحشي يا جهنگلي ماڻهو اهو آهي جنهن کي علم ۽ عقل نالي ماتر آهي. جنهن کي پنهنجي زبان، دل ۽ هٿ تي ضابطو ڪونهي. جو پنهنجي خواهشن پوري ڪرڻ لاءِ ٻين جي حقن کي پائمال ڪرڻ کان بلڪل نٿو هٽي، بلڪ جنهن وقت هن ۾ ڪا خواهش يا جذبو اُڀري ٿو تنهن وقت هو هوش کان نڪري ڇا جو ڇا ڪري ٿو وجهي. اهڙا ماڻهو اڪثر ڪري ٻهراڙي جي ننڍڙن ڳوٺن يا بيابانن ۽ جبلن جا رهاڪو هوندا آهن جن ڪڏهن اسڪول يا مڪتب ۾ پير به ڪو نه پاتو هوندو آهي. اهڙا ماڻهو ٿوري گهڻي ڳالهه تي گاريون ۽ بد الفاظ ڪڍندا آهن ۽ لٺ يا ڪهاڙي وهائي ڪڍندا آهن. تازي ڳالهه آهي ته مٺي جي ٻاهران ڪنهن ميلي تي سوين مرد ۽ عورتون اچي گڏ ٿيون هيون. ڪو ٻهراڙي جو جهنگلي ماڻهو اچي اتان لنگهيو. نواجون عورتون هار سينگار سان ڏسي ان جهنگلي ماڻهو جوهوش ايتري قدر ڪافور ٿي ويو جو اٺ کي ڇڏي هڪ نوجوان عورت کي امالڪ اچي وحشيانه نموني سان هٿ وڌائين. جيڪڏهن ٻيا مرد هن کي هڪدم نه پڪڙين ها ته هو سون مردن ۽ زالن جي وچ ۾ سڀ ڪجهه ڪري گذري ها. ٻي آڳاٽي ڳالهه آهي ته ڪنهن ٻروچ کي واٽ ويندي بک لڳي. ڪو ماڻهو انجي اڳيان پي ويو ٻروچ سمجهيو ته مٿي تي ماني رکيو کنيو ٿو وڃي، سو هڪدم ترار ڪڍي هنجي سسي لاهي وڌائين پوءِ ڏٺائين ته ماني نه هئي پر ٿوٻي هئي جا گهر وڃي ماءُ کي ڏنائين. ماءُ چيس ته ابا سنڌي مئو ته صدقي ٿيو مون کي ٿوٻي جي ڏاڍي گهرج هئي. اهي مثال انهن ماڻهن جا آهن جيڪي ڏهه آنه جهنگلي آهن. اسان پنهنجي غرضن خاطر جهنگلي ٻروچ وانگر ماني لاءِ خون کڻي ڪو نه ٿا ڪريون مگر پاليسي، ڊپلومسي، منافقي، ٺڳي، ڌوڪيبازي بلڪ زور زبردستي سان هزارن جا حق پائمال ٿا ڪريون. هزارين ظلم ٿا ڪريون، چوريون ڌاڙا ۽ خون ٿا ڪريو ۽ ٻين نمونن سان هزارن جا خانا خراب ٿا ڪريون. تنهن ڪري ضروري آهي ته پينگهي کان وٺي پنهنجي ٻچن کي ۽ پاڻ کي اهو ئي سبق سيکاريندا رهون ته اسان کي ٻين سان اهڙي طرح هلڻ گهرجي جهڙي طرح اسين چاهيون ٿا ته ٻيا اسان سان هلن.
ٻين سان عزت ۽ محبت سان هلڻ پاڻ لاءِ عزت ۽ محبت پيدا ڪرڻ آهي. ٻين جي حقن جو خيال رکڻ درحقيقت پنهنجي حقن جو بچاءُ ڪرڻ آهي، ائين ڪنداسون ته ٻيا ۽ اسان پاڻ ترقي ڪنداسون، ورنه سڀئي تباهه ٿينداسون.
اڳئين زماني ۾ گاريون فقط رنگيليون ۽ ڪي مڇي وڪڻندڙ مهاڻيون ڏينديون هيون. هاڻي ته عام ماڻهو ڪتي کي، ٻلي کي، ڍڳي ڍور کي بلڪ پٿر ٺڪر کي، زال کي، ڌيءُ کي، ماءُ کي ڏينهن ۾ سو ڀيرا اهڙيون ڪچيون ۽ ڪنيون گاريون (مخصوص عضون جا نالا وٺي) ڏين ٿا جو ٻڌي دل کي صدمون ۽ لوڏو اچي وڃي ٿو، مگر هنن لاءِ رواجي ڳالهه آهي. عجب ته وري هي آهي ته انگريزي تعليم يافته انگريزي اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد به اهڙيون ڪنيون گاريون ۽ بدالفاظ وات مان ڪڍن ٿا جو ٻڌي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. وڌيڪ عجب هي آهي ته وڏا وڏا آفيسر ۽ زميندار گارين کي ڪميڻن جو ڪم سمجهڻ بدارن پنهنجي لاءِ شان، تجمل ۽ دٻدٻو ٿا سمجهن. هو اڪثر ڪري پنهنجن نوڪرن، زيردستن ۽ تعلق وارن سان گارين جي وسڪاري سان ڳالهائيندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته اهو ئي اپاءُ آهي ٻين تي ظابطي ۽ انتظام ۽ رعب تاب رکڻ جو. درحقيقت ائين بلڪل نه آهي يورپي آفيسر پنهنجن نوڪرن ۽ زيردستن تي پورو پورو ضابطو رکن ٿا مگر نه گارين جي وسيلي.
حديث موجب گار ڏيڻ منافقي جي نشاني آهي. هڪڙي حديث ۾ آهي ته (هڪڙي مسلمان جو ٻي) ڪنهن مسلمان کي بڇڙو ڳالهائڻ خدا تعاليٰ جي نافرماني آهي ۽ ان سان وڙهڻ ڪفر آهي. گارين ڏيڻ ۽ بدالفاظن ڪڍڻ مان هڪڙو نقصان اهو ئي ٿو ٿئي جو اڪثر ڪري ان مان جهيڙو زور ٿو وٺي ۽ ويڙهه ۽ خونريزي ٿي ٿئي. ٻيو وڏو نقصان هي آهي ته گارين ٻڌڻ ۽ ڏيڻ جي ڪري حياءُ، لڄ ۽ شرم نڪري ٿو وڃي، جنهن ڪري زنا ۽ بدڪارين لاءِ رستو صاف ٿو ٿئي. لڄ گناهن کان ڍال آهي تنهن ڪري ماءُ پيءُ ۽ استادن جو هي وڏو فرض آهي ته گارين کان پرهيز ڪن ۽ اولاد ۽ شاگردن کي انهيءَ بد تهذيبيءَ کان سختي سان روڪين.
(13) پاڪدامني
قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته هر ڪنهن شيءَ ۾ نر ماد آهي. سائنس وارن به تازو هاڻي ثابت ڪيو آهي ته نباتات يعني وڻن، ٻوٽن، پوکن وغيره ۾ نر ماد آهي ۽ نر جو ٻج ماديءَ جي گنڀيرڻ ۾ ٿو پوي ته اُن مان ميوا اناج وغيره پيدا ٿين ٿا. ساڳي طرح ساهوارن جانورن ۾ به نر جو ٻج مادي ۾ ٿو پوي ته ٻچا ۽ اولاد پيدا ٿين ٿا. هن مان ڏسبو ته الله تعاليٰ فطرت ۾ نر ماد انهيءَ لاءِ رکيا آهن ته ميوا، اناج، ٻچا، اولاد پيدا ٿين ۽ ساهوارن جو گذارن ٿيندو رهي، ساهوارا پيدا ٿيندا رهن. ڏسو ته ڪتن، ٻلن، ڍڳن، ڍورن وغيره ۾ نر ۽ ماديءَ جو ميلاپ فقط تڏهن ٿو ٿئي جڏهن ماديءَ جي پيٽ ۾ آنا يا ٻچا پيدا ڪرڻا آهن، پوءِ ميلاپ ڪو نه ٿو ٿئي. وري جڏهن ٻچا وڏا ٿين ٿا ۽ ماءُ انهن کي پالڻ کان فارغ ٿئي ٿي، تڏهن وقت اچڻ تي وري به نر ۽ ماديءَ جي ميلاپ جي ضرورت ٻچن پيدا ڪرڻ لاءِ ٿئي ٿي. انهيءَ مان سمجهي سگهبو ته الله تعاليٰ انسانن ۾ به نر مادي خاص طرح انهي لاءِ ٺاهيا آهن ته انسانن جو نسل قائم رهي. مگر جيئن ته انسان اشراف المخلوقات آهي ته الله تعاليٰ انسانن کي ٻين حيوانن کان هزار ڀيرا وڌيڪ نعمتون عطا ڪيون آهن ۽ عطا ڪرڻ چاهي ٿو، تنهن صورت ۾ الله تعاليٰ مرد ۽ عورت جي ميلاپ ۾ ٻيون نعمتون ۽ برڪتون به رکيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو ٻيا حيوان فقط ٻچن پيدا ڪرڻ جي موسوم ۾ ميلاپ ڪري سگهن ٿا مگر مرد ۽ عورت کي ٻين وقتن تي ميلاپ ڪرڻ جي طاقت پڻ ڏني ويئي آهي. مگر بي شڪر انسان انهي بي بها نعمت جو قدر نه سڃاڻي، عقل ۽ دين کي لتاڙي حدن کان ٻاهر نڪري اهڙا ڪنا ڪم ٿا جو ڪتن، ٻلن، نانگن ۽ مرن کان پاڻ کي بدتر بنائي پاڻ کي تباهه ڪري ٿا ڇڏين.
مرد ۽ عورت کي جو الله تعاليٰ گهڻو ڪري هر وقت ميلاپ ڪرڻ جي طاقت ڏني آهي سو ڇو؟ ان ۾ ڪهڙي حڪمت ۽ ڪهڙيون برڪتون رکيل آهن؟ جواب هي آهي ته الله تعاليٰ چاهي ٿو ته انسانن ۾ محبت ۽ خير خواهي ۽ خود قرباني جو ڍنگ پيدا ٿئي. اڳي سمجهايو ويو آهي ته نيڪ اخلاقن ۽ نيڪ عملن جو بنياد آهي پيار ۽ محبت. هاڻي ڏيکاريو ويندو ته پيار ۽ محبت جو بنياد آهي شادي. شادي کانسواءِ انسان جيڪر اهڙي ئي حالت ۾ هجن ها جهڙي حالت ۾ ڀيل يا جهنگ جا مرون آهن. شاديءَ جي ڪري ئي مرد کي عورت لاءِ ۽ عورت کي مرد لاءِ پيار ۽ محبت آهي. هو هڪ ٻئي لاءِ جيئن ٿا ۽ هڪ ٻئي لاءِ خود قربانيون ڪن ٿا. وري جڏهن کين اولاد پيدا ٿئي ٿو تڏهن پنهنجن ٻارن لاءِ بيحد پيار رکن ٿا ۽ اُنهن لاءِ سڀ ڪنهن قسم جون تڪيلفون خوشيءَ سان ڪن ٿا ۽ کين هر طرح سکيو ۽ خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. والاد کي به ماءُ پيءُ جي هنج ۾ ئي پيار جو سبق ملي ٿو. اهو ئي ساڳيو پيار ۽ ساڳي خود قرباني بتدريج ٻين اِنسانن لاءِ پنهنجي قلب ۾ پيدا ڪري وسيع برادري قائم ڪجي ٿي. الله تعاليٰ جو مقصد ئي اهو آهي ته سڀ اِنسان هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت رکن، ميل ميلاپ ڪن ۽ هڪ ٻئي کي مدد ڏيئي اِنسان ذات جي سعادت ۽ ترقي جو سامان پيدا ڪن جا ڳالهه اڳين مضمونن ۾ بار بار سمجهائي ويئي آهي.
الله تعاليٰ اِنسانن کي ٻين حيوانن کان هزار بار وڌيڪ نعمتون ڏنيون آهن پر اُنهن سان گڏ خرابيون به رکيل آهن جن کان بچڻ لاءِ الله تعاليٰ اِنسانن کي عقل به عطا ڪيو آهي ۽ الهامي ڪتاب به موڪليا آهن جن ۾ هدايت جو رستو يعني سعادت ۽ ترقي جو رستو ۽ گمراهيءَ جو رستو يعني مصيبتن ۽ تباهي جو رستو چٽا چٽا ڪري ڏيکاريا ويا آهن. مردن ۽ عورتن کي جو هر وقت ميلاپ ڪرڻ جي طاقت ڏني وئي آهي سا هڪ بي بها نعمت آهي، مگر اُن سان گڏ حد کان ٻاهر وڃڻ ۾ جي خرابيون رکيل آهن سي بي انتها آهن. سڀني مذهبن جي تعليم آهي ته مرد عورت سان شادي ڪري ۽ هو هڪ ٻئي سان گڏ رهي ڪنٽب ٺاهين ۽ ڪو به مرد ڌارين عورتن سان ۽ ڪا به عورت ڌارئي مرد سان اهو تعلق نه رکي جو زال مڙس پاڻ ۾ رکن ٿا. ازانسواءِ ڪو به مرد ۽ عورت ڪنهن به ٻئي قسم جي بدڪاري نه ڪن. اسلام ۾ هن نسبت اهڙا ته سخت حڪم آهن جهڙا شايد ورلي ڪنهن مذهب ۾ هوندا. قرآن شريف ۾ آيتون آهن ته زنا کي ۽ فواحش ڪمن کي ويجهو به نه وڃو. هڪ حديث شريف آهي: ته زاني مسلمان ئي نه آهي جيستائين هو زنا ڪندو رهي ٿو. اسلام ۾ زنا ۽ اهڙيون بدڪاريون قانوني ڏوهه آهن. مثلا جيڪڏهن اڻ پڙڻيل مرد ۽ اڻ پرڻيل عورت زنا ڪري ته اُنجي سزا هڪ سؤ چهبڪ آهي ۽ جيڪڏهن پرڻيل مرد ۽ پرڻيل عورت زنا ڪري ته اُنجي سزا آهي پٿرن سان سنگسار ڪري مارڻ. اهڙين سخت سزائن مقرر ڪرڻ لاءِ ڪافي سبب آهن. زنا جا تباهه ڪندڙ نتيجا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن. اِنسان جي لڄ نهايت قيمتي جزو آهي. زنا ۽ ٻين بدڪارين جي ڪري اِنسان جي تندرستي، طاقت ۽ عمر گهڻي قدر گهٽجي ويون آهن. زنا جي ڪري قيمتي وقت ۽ دولت ضايع ٿين ٿا. زنا جي ڪري فساد ۽ خونريزيون ٿين ٿيون. زنا جي ڪري گهر ۽ خاندان بهشت جي بدران دوزخ بنجي پون ٿا وغيره وغيره.
زنا ۽ ٻين اهڙين بدڪارين کان بچڻ لاءِ اسلام ڪي حيلا وسيلا به سيکاريا آهن. خود نماز ۽ روزا به گهڻي قدر زنا کي روڪين ٿا، بشرطيڪ اهي سمجهه سان ادا ڪجن. سچي نماز ۽ ڀڳتي اها آهي، جنهن ۾ سچي نيت سان ڌڻيءَ کان سوال گهرجي ته اي پالڻهار مونکي سنئين واٽ ڏيکار ۽ گناهن کان بچاءِ ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جي توفيق ڏي. دعا سان گڏ هر وقت گناهن کان بچڻ ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهجي. سچو ورت ۽ سچا روزا اهي آهن جن ۾ گناهن کان قطعي پرهيز ڪجي. قرآن شريف ۾ حڪم آهي ته ڌاريا مرد ۽ عورتون هڪ ٻئي ڏي نه نهارين ۽ عورت ڌارين مردن کي پنهنجو هارسينگار نه ڏيکاري نڪي ساڻن عشقي ڳالهيون ڪري. هڪ حديث آهي ته جتي هڪ مرد ۽ هڪ عورت اڪيلا ٿا ويهن يا رهن اُتي ٽيون شيطان به اچيو ٿو وهي. ٻي حديث آهي ته جتي هڪ اِنسان اڪيلو ٿو رهي اُتي هڪ شيطان به ٿو اچي رهي ۽ جتي ٻه اِنسان ٿا رهن يا گهمن اُتي ٻه شيطان ٿا اچن. مگر ٻن کان وڌيڪ جي سگنت چڱي آهي. هن مان هي به سمجهڻ گهرجي ته ٻه مرد به هڪ ٻئي سان اڪيلا نه رهن ۽ نڪي گمهڻ وڃن.
هڪڙي حديث آهي ته پنهنجي اولاد کي سج لٿي کانپوءِ گهر کان ٻاهر وڃڻ نه ڏيو. هنن آيتن، حديثن ۽ پردي جومقصد فقط هي آهي ته مردن خواه عورتن کي رڳو زنا ۽ بدڪارين جو وجهه نه ملي پر رڳو فاحش ڳالهين ڪرڻ جو وجهه به نه ملي. ٻيا وسيلا هي آهن ته خراب ماڻهن جي صحبت کان پري ڀڄجي ۽ فحش ڳالهين ڪرڻ، بدالفاظن ڪڍڻ بلڪ خراب خيالن کان پاڻکي پري رکجي. واندو يا بيڪار وهڻ به خراب خيالن ۽ خراب ڪمن جو باعث بڻجي ٿو. سڀ ڪنهن اِنسان کي گهرجي ته چڱن ڪمن ۽ چڱين وندرن ۾ مشغول رهي.
هڪڙي حديث آهي ته جنهن کي لڄ نه آهي تنهن کي ايمان به ڪونهي. وڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو اڄ ڪلهه عوام الناس خواه عزت ۽ دولت وارا ماڻهو نه رڳو کليو کلايو زنا ڪن ٿا ۽ پرايون عورتون گهر ۾ يا گهر جي ويجهو رهائين ٿا ۽ کليو کلايو ٻيون بدڪاريون ڪن ٿا پر اهڙن ڪمن تي فخر به ٿا وٺن ۽ لاف زني به ٿا ڪن نعوذ باالله منها. اهڙن ماڻهن شرم ۽ حيا وڪڻي ڇڏيو آهي ۽ هو اسلام ۽ ايمان کان سوَ ڪوه پري ٿي ويا آهن. ڌڻي شال اسان سڀني هندن خواه مسلمانن کي بيحيائي ۽ بدڪارين ۽ زنا کان پناه ڏئي.
(14) سخاوت ۽ پنڻ جو ڌنڌو
سڀ ڪنهن مذهب ۾ سخاوت هڪڙو تمام اعليٰ خلق سمجهيو وڃي ٿو. هڪ حديث شريف آهي ته ٻه انسان ريس ڪرڻ جي لائق آهن، هڪ علم وارو جو ٻين کي علم سيکاري ۽ ٻيو دولت وارو جو پنهنجي دولت مان ٻين جي فائدي ڪاڻ سخاوت ڪري. مگر هڪڙي ڳالهه جا عام طرح ماڻهن وساري ڇڏي آهي سا هيءَ آهي ته ڪونه چڱو خلق، جيڪڏهن عقل موافق مناسب موقع تي ڪم نه آڻبو ته اُٽلندو نقصانڪار ثابت ٿيندو، تنهنڪري اُهو ثواب جو ڪم ناهي پر گناهه جو ڪم آهي. ساڳي طرح ڪاوڙ هڪ خراب خلق سمجهيو وڃي ٿو. مگر جيڪڏهن ان کي عقل موافق مناسب موقع تي ڪم آڻجي ته ان مان فائدو ٿو ٿئي ۽ اهو ثواب جوڪم بڻجي ٿو پوي. مثلاً جيڪڏهن ڪنهن غريب سان ڪو ظالم ظلم ڪري ته ڪاوڙ نه اچڻ گهرجي ڇا؟ ضرور اچڻ گهرجي. مگر آپي کان ٻاهر نڪري نه وڃجي، ۽ عقل کان ڪم وٺي مناسب طور ان غريب کي ظالم جي ظلم کان بچائجي ۽ جيڪڏهن ظلم ٿي به ويو هجي ته حتي المقدور مظلوم کي ان جو عيوضو ڏياريو وڃي ۽ ظالم کي اهڙي تنبيه ڪجي جو آئينده اهڙا ظلم نه ڪري.
اڄ ڪلهه سخاوت اهڙي ڪم عقلي سان ۽ نامناسب طور ڪئي وڃي ٿي جو فائدي جي بدارن قوم ۽ ملڪ جي تباهي ٿي ٿئي. انهي نامناسب سخاوت جو نتيجو هي نڪتو آهي جو هزارين ڏٽا مٽا، ٿلها متارا ڪم يا ڌنڌو ڪرڻ ڦٽي ڪري پنڻ جو پيشو اختيار ٿا ڪن ۽ سون فڪرن ۽ حيلن سان پرائي پگهر جي ڪمائيءَ مان چڱو حصو پنهنجي هٿ آڻي نشي ۽ ٻين بدڪارين ۾ خرچ ڪن ٿا. اهڙن ماڻهن کي خيرات ڏين گناهه آهي. ڇو ته هنن کي خيرات ملڻ جي ڪري ئي هنن مان ڌنڌي ڪرڻ جي خيال نڪري ٿو وڃي ۽ سستي پيدا ٿي ٿئي ۽ قوم جي دولت اجائي ضايع ٿئي ٿي. جيڪڏهن هنن کي خيرات نه ڏبي ته هوضرور وڃي ڪنهن چڱي ڌنڌي کي لڳندا. ڪيترن ئي حديثن مان ثابت آهي ته اهڙن ماڻهن کي خيرات نه ڏيڻ گهرجي. پنڻ حرام آهي. پنڻ تڏهن جائز آهي جڏهن ڪم به نه لڳي ۽ اهڙي ڪا به شيءَ ڪا نه هجي جا وڪڻي اٽو يا چانور وٺي ويلو ڪاٽجي. جيڪڏهن هڪ ئي ويلي لاءِ اٽو يا چانور موجود آهي ته پنڻ حرام آهي. پاڙي وارن تي فرض آهي ته اهڙو ماڻهو جيڪو بکيو هجي تنهن کي ماني کارائين ۽ پوءِ پاڻ کائين ۽ اُگهاڙو هجي ته ڪپڙو ڍڪائين، ٻي ڪا ضرورت هجي اها پوري ڪن، مگر هن کي پئسا نه ڏين. ساڳي طرح انڌن، منڊن ۽ جڏن کي به پنڻ نه ڏجي. هنن کي ڪو نه ڪو مناسب طور ڪم جيڪو هو ڪري سگهن سو ڪرڻ لاءِ ڏجي. پوءِ به جيڪڏهن هنن کي پورت نه پوي ته پاڙيوارن کي گهرجي ته هن جو احتياج پورو ڪن. جيڪڏهن ائين ڪبو ته پنڻ جو ڌنڌو قطعا بند ٿي ويندو ۽ بند ٿيڻ گهرجي. حساب ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ سال ۾ ٻه ڪروڙ رپيا فقط پنندڙن تي خرچ ٿو اچي. سرڪار کي به گهرجي ته ڪي اهڙا قانون پاس ڪري جن جي ڪري پنڻ جو ڌنڌو بند ٿئي يا ڪم از ڪم گهڻو گهٽجي وڃي.
سڀ کان چڱي سخاوت اُها آهي جنهن مان مجموعي طرح قوم جي ترقي ٿئي، مثلا اسڪول ۽ مدرسن کي مدد ڏيڻ، خيراتين اسپتالون کولائڻ، ايماندار ماڻهن کي مدد ڏيئي سندن ڌنڌي، کيتي، هنر، واپار وغيره ۾ کين ترقي ڏيارڻ وغيره. ملڪيت مان ڪجهه حصو اهڙن ڪمن لاءِ هميشه کان وقف ڪري ڇڏڻ بهترين سخاوت آهي. ان کي صدقه جاريه چئبو آهي.
(15) عدل ۽ رشوت
هر ڪو پيش امام هر ڪنهن خطبي ۾ قرآن شريف جي هي آيت ضرور پڙهندو آهي ته الله تعاليٰ اوهان کي عدل ۽ احسان جو حڪم ٿو ڪري. انسانيت جي عروج جا ٽي ڏاڪا آهن. 1. هيءُ ته هڪ انسان ٻين اِنسانن سان عدل ڪري يعني سڀڪنهن کي حق پلئه وجهي، ڪنهنجو به حق نه کائي، نه ڪنهن کي ايذائي ۽ نه ڪنهنجو نقصان ڪري. 2. ٻيو درجو اِنسانيت جو هي آهي ته نه رڳو ٻين سان عدل ڪري پر ٻين سان احسان ڪري، ٻين سان چڱايون ڪري، چڱايون نه ڪري سگهي ته ڪم از ڪم سچي نيت سان خير خواهي ۽ همدردي رکي ۽ سڀڪنهن سان وڻندڙ نموني ۾ پيش اچي. هڪ حديث شريف آهي ته رڳو ٻين سان مرڪي ملڻ به سخاوت آهي. 3. ٽيون درجو انسانيت جو هي آهي ته انسان ٻين سان اهڙي خوشي ۽ محبت سان چڱايون ڪري، جيئن ماءُ پيءُ، اولاد سان وڏي خوشي ۽ محبت سان چڱايون ڪندا آهن.
مٿي عدل جي وسيع معنيٰ ڏني ويئي آهي، محدود معنيٰ ۾ عدل انهيءَ کي چوندا آهيون جو ڌرين جي وچ ۾ فيصلي ڪرڻ ۾ ڏيکاربو آهي. اسان جا جج، مئجسٽريٽ، وڏيرا، مکي، پٽيل وغيره تڪڙا ڌرين جي وچ ۾ فيصلا ڪندا آهن، مگر انهن مان پنجاه في صدي عدل جي بدران ظلم ڪندا آهن. عدل انصاف جو خون ڪرڻ هڪ تمام عظيم گناه آهي، جنهن گناهه جي ڪرڻ کان اڄ ڪلهه جا فيصلا نبيريندڙ اڪثر ڪري ڪو نه ٿا ڊڄن. بي انصافيءَ جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو لچن، بدمعاشن ۽ ظالمن جون ڪاروايون قائم ٿي ويون آهن. اهي هر طرح ظلم ڪن ٿا مگر انهن جو ڪو نالو به ڪو نه ٿو وٺي سگهي. سڀ ڪوئي کانئن ڊڄي ٿو. امن امان نڪري ويو آهي، شريفن جو نه مال سلامت آهي، نه عزت سلامت، نه جان سلامت، ۽ نه سندن عورتن جي عصمت سلامت آهي.
انهيءَ ظلم ۽ بيداريءَ جو وڏو ڪارڻ رشوت آهي. رشوت اهي ٿا وٺن جن کي اڪثر ڪري ٻين کان وڌيڪ ملڪيت ۽ وڌيڪ پيدائش آهي. اُنهن شرم ۽ حياءُ سڀ وڃائي ڇڏيو آهي ۽ الله تعاليٰ کي قطعي وساري ڇڏيو اٿن. سندن رشوت خوري جي ڪري ظلم جي بازار گرم لڳي ويئي آهي. رشوت ڏيندڙ خواه وٺندڙ تي الله تعاليٰ لعنت فرمائي آهي. اگرچه رشوت وٺندڙن جو ڏوهه تمام وڏو آهي تاهم رشوت ڏيندڙ اڪثر ڪري مجبوري حالتن هيٺ رشوت ٿا ڏين تاهم کين گهرجي ته همت ڪري رشوت ڏيڻ کان پاڻ کي روڪين ۽ نقصان سهڻ پسند ڪن. پهريائين بيشڪ تڪليف ڏسڻي پوي ٿي پر پوءِ نيٺ فائدو پوي ٿو. ٻيو ڪارڻ ظلم ۽ بيداريءَ جو آهي. ڪوڙي گواهي ڏيڻ. ڪوڙي شاهدي ڏيڻ به هڪ عظيم گناهه آهي. جيڪڏهن شاهد ڪوڙي شاهدي ڏيندو ته پوءِ ويچارو مئجسٽريٽ ڪيئن انصاف ڪري سگهندو. شاهدي هميشهه سچي ڏيڻ گهرجي اگرچه اها پنهنجي پيءَ يا ٻين مائٽن جي خلاف هجي. شاهدي ڏيڻ ۾ ڪنهن کان به ڊڄڻ نه گهرجي، جيڪو ٻين کان ڊڄي ٿو سو خدا کان نٿو ڊڄي. مان هڪ غريب سان ظلم ٿو ڪريان سڀاڻي مون سان به ظلم ٿيندو، سچي شاهدي ڏيڻ ۾ منهنجو فائدو آهي. مئجسٽريٽ به اهو ئي عادل منصف آهي جو پنهنجي پٽ ۽ پيءُ کي به مناسب سزا ڏيئي ڇڏي. جيستائين ڪامورا رسائي بند نه ڪندا تيستائين ملڪ تباهه پيو ٿيندو. سرڪار نامدار کي به گهرجي ته رشوت ۽ رسائي بند ڪرڻ لاءِ خاص ڪوششون وٺي.
(16) رحمدلي ۽ وياج خوري
اسلام ۾ وياج ڏيڻ توڙي وٺڻ حرام آهي. ٻين مذهبن جي تعليم وياج نسبت خبر نه آهي ته ڪهڙي آهي، مگر شيڪسپيئر جي مشهور ڊراما ”وينس جو سوداگر“ مان ڏسجي ٿو ته ڪم از ڪم راڻي ايليزبيٿ جي ڏينهن تائين عيسائي مذهب ۾ به وياج حرام سمجهيو ويندو هو. ڪي ماڻهو دليل ڏيندا آهن ته پئسا واپار ۾ لڳائڻ ۽ نفعو ڪڍڻ ۽ جاءِ جوڙائي مسواڙ جي ڪمائي به وياج وانگر آهن، تنهنڪري وياج جائز آهي، مگر ائين نه آهي. واپار ڪرڻ ۾ ڪم ڪرڻو ٿو پوي، ڇو ته جنسون خريد ڪجن ٿيون، کڻائجن ٿيون ۽ ريزڪي طور وڪڻجن ٿيون ساڳي طرح جايون جوڙائجن ٿيون يا جڙيل جاين جي وقت به وقت مرمت ڪرائجي ٿي وغيره وغيره. مگر اڌارن پيسن ڏيڻ ۾ ۽ بنديءَ ۾ لکي ڇڏڻ ۾ ڪو ڪم ڪو نه آهي. اڃا به وڏو سبب وياج جي ناجائز هئڻ جو هي آهي ته وياج وٺندڙ ضعيف اِنسان جي ڪمزورين جي فائدو ٿو وٺي. انسان ويچارو اڪثر مت جو موڙهل آهي، جاهل آهي، ضعيف دل آهي ۽ گهڻو ڪري سستي، عياشي ۽ اسراف ڏي مائل آهي. انهيءَ ڪري ئي حديث سڳوري آهي ته بازار ڏي جيڪڏهن وڃڻو پوي ته بازار جي شر کان پناهه گهري پوءِ وڃجي ۽ پڻ حديث آهي ته جڏهن تو کي ڪنهن شيءَ خريد ڪرڻ جي دل چوي، تڏهن اهو خيال ڪر ته اُنهي شيءَ کانسواءِ منهنجي سري سگهندي يا نه. جيڪڏهن سمجهين ته سري سگهندي ته پوءِ خريد نه ڪر. جيڪڏهن ماڻهن کي اڌارو پئسا ملن ٿا ته هو بيوقوف ۽ بيپرواه بڻجي وياج تي اُڌارو وٺن ٿا. پئسا خوب وٺن ٿا ۽ پاڻکي تباهه ڪن ٿا. جيڪڏهن کين وياج تي پئسا نه ملن ته هو مجبورا سستي ۽ عياشي ۽ اسراف ڇڏي ڏيندا. سڀني قومن جي حالت ڏسو، جتي به وياج جو دستور گهڻي قدر چالو آهي اُتي قوم ۽ ملڪ تباهه حال آهي، قرضدار ماڻهو غلام ۽ ٻانها ٿي ٿا گذارين ۽ هو دنيا ۾ ڪجهه به ڪرڻ کان عاجز ۽ جڏا آهن. عجب ته هي آهي ته خود وياج وٺندڙ به اڳي يا پوءِ تباهه ٿا ٿين. جيئن مردا وهنجاريندڙ اڪثر ڪري فطرتا چاهيندا آهن ته ڪي ڊنگ مرن ته پئسا ڪمايون. تهڙي طرح اڪثر وياج وٺندڙ فطرتا چاهيندا آهن ته ملڪيتن وارا، عيش، اسراف، بدڪارين ۽ گناهن ۾ ڦاسن ته اسان وياج ڪمائي سندن ملڪيتون ڦٻايون. نتيجو هي ٿو ٿئي جو وياج وٺندڙن ۾ سنگدلي ۽ بي رحمي پيدا ٿئي ٿي ۽ وياج ڏيندڙن ۾ تباهه ٿيڻ وقت وياج وٺندڙ لاءِ دشمني پيدا ٿي ٿئي. وياج وٺندڙ نه رڳو سنگدل ٿا ٿين پر ٿوري وقت بعد اُنهن ۾ به سستي ۽ عياشي پيدا ٿئي ٿي. هو لالچجي مسڪين ماڻهن کي به وڏن وياجن تي پئسا ٿا ڏين، جن مان ڪيترائي قرض ڏيئي نٿا سگهن ۽ لهڻيدارن کي ٽوٽو پئجي ٿو وڃي. سنڌ ۾ ڪجهه وقت کان اها حالت مون گهڻي قدر ڏٺي آهي جو خود وياج وٺندڙ به تباهه ٿي ويا آهن.
قرآن شريف ۾ جتي جتي وياج کان منع ڪيل آهي اُتي پهريائين رحمدلي ڏيکارڻ ۽ زڪوات ۽ خيرات ڏيڻ جو حڪم آيل آهي جنهن مان نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته وياج وٺڻ رحمدلي ۽ خيرات ڏيڻ جو ضد آهي.
سنڌ ۾ وياج خور گهڻو ڪري پئسو رپئي تي يا ٽڪو رپئي تي يا آنو رپئي تي مهيني ۾ وياج وٺن ٿا. آني رپئي جي حساب سان سورهن مهينن ۾ رقم ٻيڻي ٿئي ٿي. ازانسواءِ هميشه ڇهين مهيني يا ٻارهين ٻارهين مهيني وياج مور سان گڏيو وڃي ٿو هي حالت بلڪل تباهه ڪندڙ آهي. ڪي ماڻهو وياج تي پئسا کڻي ڪو ڌنڌو ڪندا آهن. ائين ڪرڻ به تباهي جو ڪارڻ ٿو ٿئي ۽ ڌنڌي ۾ ڪامياب ٿي نٿو سگهجي.
وياج وٺڻ سرمايه داري جي خرابين مان وڏي ۾ وڏي خرابي آهي ۽ يورپ ۾ اها خرابي گهڻي قدر محسوس ڪئي اٿن ۽ ماڻهو سوشلزم ڏي مائل ٿيندا ٿا وڃن. سنڌ جي سرڪار کي گهرجي ته وياج جي تباهي کان قوم ۽ ملڪ کي نجات ڏيڻ لاءِ ڪي سخت قانون پاس ڪري ۽ مالي ترقي ڪرڻ جي آڏو اها جيڪا وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، سا دفع ڪري ڇڏي ته ماڻهو هندو خواه مسلمان مالي ترقي ڪري خوشحال ۽ آسودا ٿين.
سرمايه دارن کي گهرجي ته پهنجا پئسا واپار، ڪارخانن ۽ ميون جي باغن پوکائڻ ۾ لڳائين جن مان سڀني ماڻهن کي فائدو آهي مگر وياج تي پئسا هرگز نه ڏين. مسلمانن کي ڄاڻڻ گهرجي ته وياج ڏيڻ قطعي حرام آهي. گهرج پوي ته زمين يا سامان وڪڻي پورائي ڪجي. جيڪڏهن پوءِ پورائي نه پوي ته پني کائڻ جائز آهي مگر وياج تي پئسا وٺڻ جائز نه آهي.
(17) بي تعصبي ۽ رواداري
اسلام لفظ جي لغوي معنيٰ آهي صلح يا صلح ڪرائڻ. اسلام درحقيقت صلح جو پيغام آهي. حضرت رسول ﷺ ۽ اوائلي مسلمانن جيڪا رواداري ۽ صلح جي هلت غير مسلمانن سان ورتي تنهن لاءِ تاريخ شاهد آهي. جڏهن نجران جا عيسائي حضرت جن وٽ وفد ٺاهي ايا تڏهن حضرت جن کين مسجد ۾ رهايو ۽ مسجد ۾ ئي کين پنهنجي نموني عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني. عجب ته هي آهي ته عبادت ڪرڻ وقت حضرت عيسى ؑ جو بت به انهن جي پيش رکيل هو. گويا بت پرستي کان به کين منع ڪانه ڪئي ويئي. جيڪا سند کين عطا ٿي سا موجود آهي. جيڪا آزادي انهن کي ملي سا اڄ تائين ڪنهن به حاڪم قوم ڪنهن به محڪم قوم کي ڪا نه ڏني آهي. ان لاءِ اُها سند شاهد آهي. حضرت جن جڏهن مدينه منوره ۾ آيا تڏهن پهريائين پهريائين اهو ڪم ڪيائون جو بت پرستن ڪافرن ۽ يهودين سان عهدناما ڪيائون جن ۾ انهنکي هر قسم جي آزادي ڏني ويئي. نه رڳو مذهب جي پر تعليم وغيره جي به. عهدنامي جو هڪڙو شرط هي هو ته جيڪڏهن مٿن ڪو دشمن حملو ڪندو ته مسلمان سندس مدد ڪندا ۽ مسلمانن تي ڪو حملو ڪندو ته هو به سندس مدد ڪندا. اسلام ۾ پاڙيوارن غير مسلمانن تي به اهڙو ئي مهربان رهڻ جو حڪم آهي جهڙو پاڙيوارن مسلمانن تي. اسلام ۾ غير مسلمانن کي به صدقو، خيراتون وغيره ڏيڻ جائز آهي.
اقبال مرحوم فرمايو آهي ته:
مذہب نہیں سکهاتا آپس میں بیر رکهنا
ہندی ہیں ہم وطن ہے ہندوستان ہمارا
مولانا حالي مرحوم پنهنجي مشهور مسدس ۾ فرمايو آهي ته حضرت جن
ڈرایا تعصب سے ان کو یہ کہہ کر
کہ زندہ رہا اور مرا جو اس پر
ہوا وہ ہماری جماعت سے باہر
سایا ہمارا نہ ہم اس کے یار
حضرت رسول ﷺ فرمايو آهي ته سڀني کان چڱو انسان اُهو آهي جو ٻين انسانن کي نفع پهچائي. هن حديث ۾ ائين ناهي ته سڀني کان چڱوانسان اهو مسلمان آهي جو ٻين مسلمانن کي نفعو پهچائي. ٻي حديث آهي ته مسلمان اُهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا انسان سلامت آهن. قرآن شريف ۾ هڪڙي مشهور آيت آهي ته اي انسانو! مون اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان ٺاهيو. اوهان ۾ قبيلا ۽ ذاتيون رڳو سڃاڻپ لاءِ ٺاهيل آهن ور نه الله تعاليٰ وٽ ته وڌيڪ عزت انهي جي آهي جو وڌيڪ پرهيزگار آهي. هن آيت ۾ ڏسو ته سڀني انسانن کي خطاب آهي نه فقط مسلمانن کي.
افسوس، صد افسوس ته اسان هندو مسلمان پاڳل ٿي ويا آهيون. اسان ايترو به سمجهي نٿا سگهون ته اسان هڪ ئي پالڻهار جا پيدا ڪيل آهيون جورب العالمين آهي نه رب المسلمين يا رب الهنود آهي. هو سڀني لاءِ رحمان ۽ رحيم آهي نه رڳو هندن يا مسلمانن لاءِ فقط هيترو آهي ته هو وڌيڪ مهربان انهن تي آهي ۽ وڌيڪ رحيم انهن لاءِ آهي جيڪي سندس مرضي مطابق زندگي گهارين ٿا. اسان جو هڪ ٻئي جي پاڙي ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي ويٺا آهيون، ۽ هڪ ئي زمين تي هڪ ئي خدا جون هڪ جهڙيون نعمتون هوا، باهه، پاڻي، اناج، ميوا وغيره ماڻيون ٿا سو ڪيئن هڪ ٻئي سان بي اتفاقي سان رهي سگهنداسين. اسان کي ايتري به سمجهه ناهي ته صلح ۾ ٻنهين ڌرين جو فائدو آهي، ۽ نفاق ۾ ٻنهين ڌرين جو نقصان آهي. يقين ڄاڻو ته اسان هڪ ٻئي تي مهربان رهنداسين ته هر طرح ترقي ڪنداسين ۽ هڪ ٻئي جا دشمن ٿينداسين ته ٻئي ڌريون تباهه ٿينداسين.
اي پالڻهار تون اسان تي رحم ڪر!
(18) ديني تعليم
اڳين مضمونن خصوصا نمبر 3 ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته اخلاقن سڌارڻ لاءِ ديني علم ۽ روحانيت ضروري آهن. اها ڳالهه هر ڪو ئي قبول به ڪري ٿو مگر جڏهن عملاً اسڪولن ۾ ديني تعليم رائج ڪرڻ جو سوال ٿو اُٿار جي تڏهن گهڻو ڪري مخالفت ٿا ڪن. يورپي خيالن جي غوغاءَ (واويلا يا هل) ٻين سڀني خيالن کي ٻوڙو ڪري ڇڏيو آهي. مون اٽڪل ويهن سالن کان وٺي ديني تعليم رائج ڪرڻ لاءِ آواز اُٿاريو آهي مگر ”نقار خانه مين طوطي کا آواز کون سنتا هي.“ سڀ ڪنهن کي خبر هوندي ته روحانيت انسان جي فطرت ۾ رکيل آهي جا هرگز وڃڻي نه آهي سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته هر ملڪ ۽ هر قوم ۾ اسڪول، مدرسا ۽ پاٺشالائون (پڙهڻ جون جايون) فقط ديني يا ڌرمي تعليم ڏيڻ لاءِ کوليون ويون بلڪ چئجي ته دنيوي تعليم به ڌرمي نموني سان ڏني ويندي هئي. ڇو ته دين ۽ دنيا ڪو الڳ ڪو نه آهن. دين ئي سيکاري ٿو ته دنيا ۾ اسانکي ڪهڙيءَ طرح هلڻ گهرجي. ديني تعليم واري زماني ۾ اسان جا وڏا خدا کان ۽ قيامت جي عذاب کان ڊڄندا هئا ۽ گناهن ڪرڻ کان پاڻ کي روڪيندا هئا ۽ نيڪ اخلاق ڪرڻ جي ڪمال ڪوشش ڪندا هئا. هن وقت اڪثر ماڻهو خدا جو خوف لاهي آخرت جي عذاب کان بي ڊپا ٿي ڪوتاه نظر ۽ پاڳل بنجي گناهن ۾ ڪاهي پيا آهن. تاريخ ڪو چڱي طرح پڙهي ڏسي ته معلوم ٿيندو ته دنيا جي ڪنهن به قوم تڏهن ترقي ڪئي آهي، جڏهن دين جي اثر هيٺ نيڪ اخلاق ٿي آهي ۽ وري تڏهن ڪري آهي جڏهن دولت سان مالامال ٿي عيش عشرت ۽ گناهن ۾ غلطان ٿي سست ۽ بدڪار بني آهي. عجب ته هي آهي ته خود يورپ ۾ به سواءِ رشيا جي ٻين سڀني ملڪن ۾ دنيوي تعليم سان گڏ ديني تعليم به ڏني وڃي ٿي. سنڌ ۾ ديني تعليم رائج ڪرڻ جا مخالف هڪڙو دليل هيءُ ٿا ڏين ته ديني تعليم جي ڪري اخلاقن جو سڌارو ڪو نه ٿيندو. مگر سڄي دنيا قولاً ۽ عملاً قبول ڪري رهي آهي ته پروپئگنڊا جو اثر بلڪل وڏو ۽ بي پايان آهي. سائنس به ثابت ڪيو آهي ۽ هر عمل ۽ هر لفظ کي اثر ضرور آهي پوءِ جيڪڏهن مسلمانن کي چئبو ته الله ۽ الله جو رسول هيءُ ٿا فرمائين يا هندن کي چئبو ته شري رامچندا ۽ ڪرشن مهراج هيءُ ٿا فرمائين ته اثر ڪو نه ٿيندو ڇا؟ ٻيو دليل هيءُ ڏيندا آهن ته اسڪولن ۾ مختلف قومن جا شاگرد آهن، تنهنڪري ديني تعليم ڏيڻ محال آهي. اُن جو جواب هي آهي ته هفتي ۾ فقط ٻه يا ٽي ڪلاڪ ڌرمي تعليم لاءِ مقرر ڪجن ۽ اُنهن ڪلاڪن ۾ جتي جتي ممڪن هجي، هندو ۽ مسلمان شاگرد ڌار ڌار ڪمرن ۾ ويهي پنهنجي مذهب جي ماسترن جي نظرداري هيٺ مقرر ٿيل ڪتاب پڙهن. جتي ممڪن نه هجن اُتي کڻي ديني تعليم رائج نه ڪجي. پر گهڻو ڪري سڀني اسڪول ۾ رائج ڪري ٿي سگهجي. ٽيون دليل هيءُ ٿا ڏين ته مذهبي تعليم ڏيڻ ڪري مختلف قومن جي وچ ۾ تعصب ۽ نفاق وڌندو. اُن جو جواب هيءُ آهي ته مذهب جي بنيادي تعليم آهي ئي بي تعصبي، رواداري، همدردي ۽ خير خواهي. پوءِ جيڪڏهن اهڙي تعليم ڏبي ته ڇو نه تفاق ۽ دشمنيءَ جي بدران اُٽلندو اتفاق ۽ محبت پيدا ٿيندي. هن وقت سچي ديني تعليم نه هئڻ ڪري مختلف قومن ۾ نفاق ۽ دشمني وڌندي وڃي ٿي جنهن ڪري هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هر وقت فساد پيدا پيا ٿين. اُنهن جي بند ڪرڻ ۽ اتفاق ۽ دوستي پيدا ڪرڻ جو وسيلو فقط هيءُ آهي ته سچي مذهبي تعليم ڏني وڃي.
سڀني هندن ۽ مسلمانن کي گهرجي ته هي سوال هٿ ۾ کڻن ۽ فيصلو ڪن ته مذهب سچا آهن يا ڪوڙا؟ جيڪڏهن ڪوڙا آهن ته کليو کلايو اعلان ڪن ۽ مذهبن کي ترڪ ڪرڻ جو پروپئگنڊا ڪن. پر جيڪڏهن قبول ڪن ته مذهب سچا ۽ چڱا آهن ۽ انهنجي تعليم فائدي واري آهي ته هڪدم اهڙا ڪتاب تيار ڪجن جي اسڪول جي شاگردن کي پڙهائجن. مخالف فقط هن ڪري مخالفت ٿا ڪن جو اهڙا ڪتاب هنن ڏٺائي نه آهن، جن مان فيصلو ڪري سگهن ته برابر ديني تعليم فائدي واري ٿيندي. اسان کي گهرجي ته هن ڪم ۾ دير نه وجهون ۽ هڪدم اهو فيصلو ڪريون، نه ته اسان جو اولاد بي دين ۽ بداخلاق ٿي ويندو ۽ قومي ۽ ملڪي ترقي ڪا نه ٿيندي.
(19) تعليم جو سڌارو
تعليم جو سڌارو تڏهن ٿيندو جڏهن معلم ۽ ماستر چڱا ملندا. اڳئين زماني ۾ فقط اُهي معلم استاد مدرسا ۽ پاٺشالائون کوليندا هئا جي وڏا ديندار ۽ ڌرمشت ماڻهو هوندا هئا. سڀ ماڻهو هنن کي گرو ۽ رهبر ڪري سمجهندا هئا. هنن کي بادشاه ۽ راجائون به وڏي عزت ڏيندا هئا. هو ڪنهن دنيائي لالچ تي تعليم نه ڏيندا هئا، پر فقط پنهنجي دلي شوق ۽ چاه سان پاڻ کي تڪليفن ۽ نقصانن ۾ وجهي اهو اعليٰ ڪم پنهنجي سر تي کڻندا هئا. هنن جو خاص مقصد اهو هوندو هو ته ماڻهو ڌرمشت ۽ نيڪ اخلاق ٿين. هن وقت يورپ ۾ به عام طور قبول ڪيو ٿو وڃي ته نيڪ اخلاقيءَ تي تعليم جو اعليٰ مقصد آهي. اڄ ڪلهه اڪثر معلم ۽ ماستر نه ديندار ۽ نيڪ اخلاق آهن نڪي انهي نيت سان اهو ڌنڌو اختيار ٿا ڪن ته قوم ۽ ملڪ جو سڌارو ۽ ترقي ڪريون. سرڪار کي گهربو هو ته فقط اوترا اسڪول کولي ها جيترن لاءِ نيڪ اخلاق ماستر ملي سگهن ها. هزار رواجي اسڪولن کان هڪ نيڪ اخلاق ماسترن وارو اسڪول بهتر آهي. هاڻي ته رڳو اسڪولن وڌائڻ جو خيال آهي مگر تعليم جي سڌارڻ يا اعليٰ اخلاق وارا ماستر ۽ رهبر پيدا ڪرڻ جو خيال ئي ڪونهي. ٻيو تعليم جو نقص هي آهي ته جيڪي شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا سي ڪم کي ڌڪارين ٿا ۽ ڪم ڪرڻ ڇڏي نازڪ بدن بيڪار ٿي پون ٿا. تعليم کي سڌارڻ ۽ نيڪ اخلاق ماسترن ۽ رهبرن پيدا ڪرڻ لاءِ منهنجي رٿ هي آهي ته هڪ اهڙو درس گاه قائم ڪجي جنهن تي سڄي قوم ۽ سرڪار پنهنجو توجه چڱي طرح ڏيئي سگهي.
اهو اسڪول اٽڪل 500 ايڪڙ زرعي زمين جي وچ ۾ قائم ڪجي. انهيءَ ۾ معلم ۽ شاگرد فقط اهي رکجن جي لکيل انجام نامون ڏين ته اسين ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائينداسين ۽ ڪڏهن به فاحش لفظ زبان مان نه ڪڍنداسين، سڀني گناهن جي ڪمن کان پري رهنداسين، سادي زندگي اختيار ڪنداسين ۽ پنهنجي هٿن سان سڀ ڪنهن قسم جو چڱو ڪم وڏي خوشيءَ ۽ چاهه سان ڪنداسين. معلم ۽ شاگرد بورڊنگ هائوس ۾ رهن معلم اعليٰ اخلاقن وارا هجن جي شاگردن جي عادتن ۽ اخلاقن تي پوري نظر رکن. معلم ۽ شاگرد گڏجي کيتيءَ جو ڪم ۽ ٻيا هنري ڪم ڪن، کيتي ۽ هنر سيکارڻ لاءِ به اعليٰ اخلاقن وارا گرئجوئيٽ مقرر ڪجن جي کيتي يا ٻي هنر چڱي طرح ڄاڻندڙ هجن.
اعليٰ نموني جي مذهبي تعليم به ضرور ڏيڻ گهرجي ۽ ننڍي هوندي کان شاگردن تي اثر وجهن ته آسودگي، شاهوڪاري ۽ ترقيءَ جو سچو مدار چڱين عادتن ۽ اعليٰ اخلاقن تي آهي.
انهيءَ اعليٰ درسگاهه ۾ خاص ڌيان تقرير ڪرڻ ۽ چڱي تحرير لکڻ تي ڏيڻ گهرجي. معلم وڏا مصنف يا مضمون نويس هئڻ گهرجن ۽ شاگردن کي شروعات کان ئي تقريرون ڪرڻ ۽ مضمون لکڻ جو استعمال ڏجي. جيڪڏهن هو تقريرن ڪرڻ ۽ مضمونن لکڻ ۾ قابل ٿيندا ته اڳتي هلي هو ڪارائتا ماستر، ڪارائتا انسپيڪٽر ۽ ڪارائتا ليڊر ثابت ٿيندا.
هن درسگاهه کي چڱي نموني هلائڻ لاءِ آمريڪا جي ٽسڪيگي واري درسگاه ۽ بنگال جي شانتي نڪتين درسگاه مان گهڻا عملي سبق وٺي سگهجن ٿا. انهن مان پهريون درسگاه واشنگٽن مشهور شيدي جو قائم ڪيل آهي ۽ پويون مشهور شاعر ۽ فيلسوف ڊاڪٽر ٽئگور جو.
منهنجي هن رٿ جا مخالف فقط هن ڪري مخالفت ڪن ٿا جو مخالفت ته انسانن جي فطرت ۾ موجود آهي ۽ مخالفت مان کين مزو ٿو اچي. نئون خيال هڪدم قبول ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي. بهرحال اهڙي درسگاه قائم ڪرڻ ۾ نقصان ڪهڙو آهي؟ ڪو به چڱو ڪم هٿ ۾ ته کڻجي، پوءِ جيڪڏهن سورهن آنا فائدو حاصل نه ٿيندو ته ڪجهه ته ٿيندو. ٿورو فائدو به هئڻ، نه هئڻ کان چڱو آهي. دستور آهي ته ڪو به ڪم هڪدم وڏا فائدا پيدا ڪو نه ڪندو آهي. پر جي ڪڏهن خيال سان ان کي هلائبو ۽ غلطيون ڪڍي سڌارا ڪندا اچبا ته نيٺ عاليشان نتيجو ڏيکاريندو. ٻيو اعتراض هي آهي ته پئسا ڪٿان آڻجن. اهو اعتراض بلڪل اجايو آهي. لکين رپيا تعليم تي خرچ ڪيا وڃن ٿا. اڃا به وڏيون رقمون تعليم وڌائڻ لاءِ منظور ڪرڻ ۾ اينديون. پوءِ ڇو نه اسڪول وڌائڻ وارين رقمن مان ڪجهه رقم پاسيري ڪري هن ڪم لاءِ منظور ڪجي. ازانسواءِ ڇو نه اهڙي درسگاه لاءِ ڪا خاص ٽئڪس مقرر ڪجي.
(20) پڄاڻي - سڀني مضمونن جو نچوڙ
مون تي اهو ڪم رکيل آهي ته اخلاقي ۽ پنگتي سوالن تي مضمون لکندو رهان. هيستائين پنگتي سوالن تي هڪ مضمون به ڪو نه لکيو اٿم تنهنڪري في الحال اخلاقي مضمونن کي ڇڏي پنگتي سڌاري يا اصلاح الرسوم بابت مضمون لکڻ شروع ڪندس. هيستائين جيڪي مضمون لکيا اٿم تن جو نچوڙ هيءُ آهي:
سڌاري ۽ ترقيءَ جو بنياد آهي علم. اسانجو فرض آهي ته تعليم ايتري هجي جو هر هڪ مرد ۽ هر هڪ عورت پڙهي پوي ۽ سڀ ڪو سنڌي اخبارون ۽ ڪتاب پڙهي. هيءُ فرض رڳو سرڪار جو نه آهي ته وڏيون ٽئڪسون وجهي ۽ وڏا خرچ ڪري تعليم کي وڌائي، پر ماڻهن کي پاڻ سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ پاڻ ڪوشس ڪري پڙهي پون. سڀني بالغ مردن ۽ عورتن کي فرصت جي وقت ڪجهه نه ڪجهه سکڻ گهرجي. هر هڪ ڳوٺ ۽ محلي ۾ لئبرريون هئڻ گهرجن. علم ئي سيکاري ٿو ته ڪيئن اِنسان پنهنجي تندرستي ۽ اخلاق ۽ مالي حالت سڌاري سگهي ٿو ۽ ترقيءَ جو مدار تندرستي ۽ نيڪ اخلاقن تي آهي. اخلاقن بابت پهريائين هيءَ ڳالهه ضروري آهي ته ڪوڙ، گارين ۽ فاحش لفظن ڪڍڻ کان قطعي پرهيز ڪريون. هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته سڀني کان اعليٰ خلق آهي پيار، محبت، همدردي، خيرخواهي ۽ احسان. سڀني کان وڏو گناهه آهي دشمني ۽ ظلم. درحقيقت ٻين سان خير خواهي ۽ ڀلائي ڪرڻ ۾ پنهنجي ئي چڱائي آهي. ٻين سان دشمني ۽ ظلم ڪرڻ درحقيقيت پاڻ سان دشمني ۽ ظلم ڪرڻ آهي. ٻين سان خير خواهي ڪندڙ ئي الله تعاليٰ سان محبت رکندڙ آهي ۽ الله تعاليٰ کي پيارو آهي. ٻين سان دشمني ۽ ظلم ڪندڙ ئي الله تعاليٰ جو دشمن آهي ۽ الله تعاليٰ سندس دشمن آهي.
جيڪڏهن اسان سڀ تندرست ۽ نيڪ اخلاق هجون ته سنڌ جو ملڪ ٽن سالن اندر شاهوڪار ٿي وڃي ۽ هر هڪ سنڌي تمام آسودو ۽ خوشحال گذاري. نيڪ اخلاقن لاءِ تربيت دينداري ۽ روحانيت جي به ضرورت آهي.
سرڪار نامدار کي گهرجهي ته پنڻ، وياج خوري ۽ نشيدار شين جي واهپي بند ڪرڻ لاءِ خاص قانون ٺاهي عمل ۾ آڻين ۽ فاحش ڪمن جا اَڏا ڪڍي ڇڏين ۽ رشوت، رسائي، جوابازي وغيره کي بند ڪرڻ لاءِ خاص اُپاءُ وٺن.
هرهڪ ڳوٺ ۽ محلي ۾ انجمن يا جماعت ٺاهجي جا تعليم، لئبرري ۽ صفائي وغيره لاءِ بندوبست رکي ۽ اخلاقن سڌارڻ جي ڪوشش ڪري ۽ هر هڪ ڳوٺ ۾ لئبرري قائم ڪري. لئبرري قائم ڪرڻ لاءِ هڪڙي تجويز هيءَ آهي ته جنهن کي به ڪو ڪتاب هجي سو پڙهي پوءِ لئبرري کي ڏيئي ڇڏي. ٻي تجويز هيءَ به آهي ته هر ڪو گهر هرروز هڪ لپ اَن جي لئبرري لاءِ ڌار ڪري رکي ۽ هر مهيني بعد اُهي لپون وڪڻي پئسا لئبرري جي سيڪريٽري کي ڏيئي رسيد وٺي ڇڏي.
رسمن بابت جيڪي مضمون لکندس سي اڳيئي منهنجي ڪتاب رسومات تباهي ۾ ڏنل آهن. اهو ڪتاب تمام گهڻو مقبول پيل آهي. اهو اگرچ مسلمانن لاءِ آهي ته به هندو به اُن مان پنهنجي لاءِ فائدو وٺي سگهن ٿا. اهو ڪتاب ميسرز پوڪرداس ائنڊسنز وٽان ڪراچي ۽ حيدرآباد (هاڻي سنڌيڪا اڪيڊمي جي بوڪ اسٽال) مان ملي سگهندو. اهو ڪتاب هر مسلمان کي پڙهڻ گهرجي. منهنجو تازو ڇپيل ڪتاب ترقي سنڌ مسلم جيڪو اٽڪل ويهه ورهيه اڳي لکيو هوم ۽ تازو مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ ڇپايو آهي سو به ڏاڍو پسند پيو آهي ۽ هر هڪ مسلمان کي پڙهڻ گهرجي. انهن ڪتابن جي وڪري ۾ منهنجو ڪو ذاتي فائدو ڪو نه آهي. انهن جي قيمت آهي فقط چار آنه.
جي مسلمان اڙدو ڄاڻندڙ آهن تن کي گهرجي ته مولانا حالي جو مسدس ۽ قاضي سليمان جو رحمته العالمين ضرور پڙهن. اهي ڪتاب مسلمانن ۾ نئون روح ڦوڪيندا ۽ ترقيءَ جو باعث بڻبا. مگر مسلمانن لاءِ سڀني کان ضروري ڳالهه آهي قرآن شريف معنيٰ سان پڙهڻ. جي ڪڏهن مسلمان قرآن شريف معنيٰ سان پڙهن ته سڌارو ۽ ترقي هڪدم شروع ٿي وڃي.
(21) صحت يا تندرستي
(سڀني ماسترن، معلمن ۽ شاگردن کي استدعا ٿي ڪجي ته هي مضمون عام ماڻهن کي ضرور پڙهي ٻڌائين.)
ڀائرو! جيڪڏهن اوهين چاهيو ٿا ته آسودا ۽ خوش حال ٿيون ته علم ۽ هنر سکو، صحت جا قانون پڙهي، اُنهن تي عمل ڪري تندرست ۽ طاقتور ٿيو، چڱا لڇڻ ۽ چڱيون عادتون رکو ۽ ذات اِنسان سان همدردي ۽ خير خواهي ڪريو ۽ سستي ڇڏي محنت ڪري پيسا ڪمايو ۽ ڪفايت ڪري پيسا بچائي شاهوڪار ٿيو.
صحت جي مضمون تي مان هن ڪري قلم ٿو کڻان، جو صحت کانسواءِ نڪي علم پڙهي ٿو سگهجي، نڪي دولت حاصل ڪري ٿي سگهجي، نڪي ڪا خوشي حاصل ڪري ٿي سگهجي.
صحت جي مدار آهي صفائي، صاف هوا، صاف پاڻي صاف کاڌي ۽ ورزش تي. صفائي ايمان جو جزو آهي. هرروز وهنجڻ، ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا ڏندڻ هڻڻ ۽ ڪپڙا صاف رکڻ تندرستيءَ لاءِ تمام ضروري آهن.
هوا اسان چوويهه ئي ڪلاڪ کائون ٿا، جيڪڏهن هوا صاف آهي ته اُن جهڙي ٻي معجون آهي ئي ڪانه. اسان هوا کي مختلف نمونن سان اهڙو خراب ٿا ڪيون جو اسان اُن حالت ۾ ڪڏهن به تندرست رهي نه سگهنداسين.
عام ماڻهو هر جڳهه پيشاب ٽورو ڪن ٿا، گندگيون ۽ ڍونڍ ڦٽي ڪن ٿا، جنهنڪري هوا خراب ٿئي ٿي، جا اسان کائي پنهنجي بدن ۾ زهر ۽ بيمارين جا جيوڙا وجهون ٿا. تنهنڪري گهرجي ته هرهنڌ سئنيٽري بورڊ مقرر ڪري هر طرح صفائي رکون. جيڪڏهن اهڙو بندوبست نه هجي ته پيشاب ٽوري تي مٽي وجهي ڇڏجي ۽ ڀاڻ پورڻ گهرجي. جيترو ٿي سگهي اوترو کلي هوا ۾ گذارڻ گهرجي. جاين کي چوڌاري گهڻيون ۽ وڏيون دريون هئڻ گهرجن. جيترو ٿي سگهي اوترو کليل هوا ۾ گذارجي.
سمهڻ مهل منهن ڍڪڻ نه گهرجي. ساهه نڪ کان کڻڻ گهرجي، نه وات کان.
پاڻي نلن جو نه ملي ته ڪاڙهي ڇاڻي رکجي ۽ اهو ئي پيڻ جي ڪم آڻجي. کاڌو گهڻي ۾ گهڻو ٽي وقت کائجي. ماڻهن جي عادت آهي ته انهن ٽن وقتن کانسواءِ به جڏهن ڪا کائڻ جي شيءَ ملين ٿي. مثلا ڀڳڙا، پڪوڙا، ميوو وغيره تڏهن اُها به کائي ٿا ڇڏين، گويا ڏينهن ۾ پنج ڇهه ڀيرا کائين ٿا ۽ معده کي آرام ڪرڻ ڪو نه ٿا ڏين. سڀني کان چڱيون غذائون آهن ڪڻڪ، چانور، کير، مکڻ،ڏڌ ۽ ميوا. گيهه، کنڊ، مٺايون ۽ تريل شيون تمام گهڻو گهٽائي ڇڏڻ گهرجن. يوروپي ماڻهو گيهه کائين ئي ڪونه. نشيدار شيون تماڪ، پان، سوپاري نه رڳو صحت لاءِ نقصانڪار آهن پر پيسا به اجايو ضايع ٿا ٿين. کلي هوا ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ رانديون رونديون ڪرڻ صحت لاءِ تمام ضروري آهن.
ڪاوڙ ۽ غصي کان پري رهڻ، رنج وملال کي پاڻ کان دور رکڻ، هميشه کلمک رهڻ به صحت لاءِ تمام ضروري آهن. عام چوڻي آهي ته خوشيءَ جهڙي خوراڪ ڪانهي ۽ ڳڻتي جهڙو ڳاراڻو ڪونهي.
(22) سنڌ جا ماڻهو اڪثر ڪنگال ۽ تباه حال ڇو آهن
سنڌ جو ملڪ ويران ناهي پر ماڻهو ويران آهن، يعني سنڌ جا گهڻا ماڻهو اُنهن گڻن کان خالي آهن، جن سان دولتمند ۽ خوشحال ٿي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ ماڻهن جو قحط آهي. اُٰن جي هڪڙي ثابتي هي آهي ته سنڌ جي آسپاس جيڪي ئي ملڪ آهن تن جا ماڻهو سنڌ ۾ دولت ڪمائڻ اچن ٿا ۽ گهڻي دولت ڪمائي پنهنجن ملڪن ڏي وڃن ٿا يا سنڌ ۾ ئي رهي خوشحال گذارين ٿا. ڏسو ڪڇي، گجراتي، مارواڙي، يوپي جا ڀيا، پنجابي، پٺاڻ، بلوچ، بروهي، ايراني ۽ عرب سنڌ ۾ ڪيتري تعداد ۾ اچي ناڻو ڪمائي ٿا وڃن.انهن مان ڪيترا ته سنڌ ملڪ ۾ رهجي پيا آهن. مهڙائو ڪئنال تي پنجابين جا ڳوٺ ڏسو ۽ انهن سان سنڌي هارين ۽ زميندارن جي ڀيٽ ڪريو ته خبر پئجي وڃي ته سنڌ جا گهڻا ماڻهو ڪيتري قدر بيڪار آهن. وري ٻي ثابتي وٺو. ڪونڪر ۾ وڏيري الهه بچائي جو کيه جو زيتونن جو باغ وڃي ڏسو. هو چئن ايڪڙن مان ايترو ٿو ڪمائي جيترو ٻيا پنجاه ايڪڙن مان به نٿا ڪمائي سگهن. سبب هي آهي ته هو عياش ناهي، پر محنتي آهي. هو پنهنجي سر سڀڪنهن ڪم تي نظرداري ڪري ٿو ۽ پاڻ خريد فروخت ڪري ٿو.
سنڌ جا ماڻهو پنهنجي جهل ۽ بدافعالن جي ڪري جيڪا دولت ضايع ڪن ٿا يا جيڪا دولت ڪمائڻ ۾ قاصر رهن ٿا تنهنجو تفصيل اٽڪل روءِ هيٺ ڏجي ٿو:
1) شراب، ڀنگ، چرس، آفيم، تماڪ، پان وغيره
10000000 رپيا
2) شڪار ڪرڻ، ڪڪڙ، ڪتا ويڙهائڻ وغيره
1000000 رپيا
3) چونڊن تي ۽ عهدن حاصل ڪرڻ وغيره تي
4000000 رپيا
4) نفيس ڪپڙن، زيورن ۽ عيش عشرت تي
100000 رپيا
5) جهيڙا، فساد، چوريون، خون، ڌاڙا، ڪيس ڪرڻ وغيره تي
1000000 رپيا
6) سستي، پنڻ، ٺڳڻ، جهاڙ، منترتنتر،ڪيمياگري ۽ ٻيا ٺڳيءَ جا رستا، دور دور قبرن وغيره تي وڃڻ
10000000 رپيا
7) جهل ۽ بداخلاقيون
1000000 رپيا
8) اُهي فرقا جي ٻين جي ڪمائي تي گذران ڪن ٿا ۽ انجي عيوض ٻين کي ڪو فائدو ڪو نه ٿا ڏين
يعني 10000000 رپيا
9) ڄمڻ، طوهر، جڻئي، شادي، غمي جي موقعن جا خرچ
5000000 رپيا
10) وياج
1000000 رپيا
جمله: 44000000 رپيا
هن مان ڏسبو ته ٿلهي ليکي سنڌ کي سنڌ جي ماڻهن جي غفلت ۽ جهل جي ڪري هر سال قريبا ساڍا چار ڪروڙ رپيا نقصان ٿو پوي. جيڪڏهن سڀ ماڻهو سستي ۽ بداخلاق ڦٽا ڪري دل وجان سان دولت ڪمائڻ کي لڳي وڃن ۽ اجايا خرچ نه ڪن ته سنڌ جو ملڪ ئي سال ۾ دولتمند ٿي پوي.
(23) سنڌ جي ماڻهن جي مالي حالت
اڳئين مضمونن ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ جا ماڻهو هر سال اٽڪل ساڍا چار ڪروڙ رپيا ضايع ڪن ٿا. اهو انگ گهٽ ۾ گهٽ ڏنل آهي. جيڪڏهن اٰنهن ڳالهين تي وڌيڪ غور ڪبو ته ڏسبو ته سنڌ کي هر سال اٽڪل ڏهه ڪروڙ رپيا نقصان ٿو پوي.
انگريزن کان اڳي سنڌ جي پيدائش بلڪل گهٽ هئي ته وري ماڻهن جي سادگي به حيرت انگيز هئي. وڏا وڏا زميندار، جاگيردار ۽ نواب سادين لانڍين ۾ رهندا هئا، جن جي ٺهرائڻ تي خرچ ڪو نه لڳندو هو. ڪرسيون ميزون ڪو نه هيون. فرنيچر فقط کٽون يا کٽولا هوندا هئا ڪي ڪي زميندار گلم رکندا هئا، جي سندن ئي زالن جا ٺهيل هوندا هئا. کائڻ پيڻ تي به خرچ ڪو نه هوندو هو. اَٰن، کير، ڏڌ هر ڪنهن کي پنهنجو هوندو هو. جيڪي گوشت مڇي کائيندا هئاتن کي به گهڻو ڪري پنهنجو ئي هوندو هو. ور نه مهاڻن کان مڇي اَن تي بلڪل سستي ملندي هئي. لٽا ڪپڙا ٿلها، سادا ڪورين کان ورتا ويندا هئا جن جي عيوض ڇهين ڇهين يا ٻارهين ٻارهين مهيني کين اَن ڏيڻ ۾ ايندو هو. ساڳيءَ طرح ڪنڀر، لوهار، حجم ۽ موچيءَ کي به ڇهين ڇهين يا ٻارهين مهيني لاپو ڏيڻ ۾ ايندو هو. جيڪڏهن ڪنهن هاري يا زميندار جو اَن کٽي ويندو هو ته ڪنهن ٻئي کان مفت يا اڌارو ملي سگهندو هو. زالون به نهايت سادا ڪپڙا پهرينديون هيون ۽ گهر جو سڀ ڪم ڪار ان پيهڻ، ساريون ڇڙڻ، ڪپڙا سبڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، رڌڻ پچائڻ، چرخي تي ڪپهه ڪتڻ جو ڪم پاڻ ڪنديون هيون. بلڪ عام ماڻهن جون زالون ته ٻاهريون ڪم مثلا ڪاٺيون ميڙي اچڻ، رونبو ڪرڻ، لابارو ڪرڻ، گاه ڪرڻ وغيره به ڪنديون هيون. انهيءَ ڪري مردن خواه عورتن جي تندرستي ۽ طاقت به بهتر هوندي هئي ۽ خوشي به گهڻي هوندي هئي. اخلاق بهتر هئا. هي هٿراڌو ٺهيل خيالي مبالغو ناهي، منهجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ مون پاڻ جيڪي ڪراڙا يا اڌوهي يا چاليهن ورهين جي ڄمار وارا ماڻهو ڏٺا تن جا اولاد طاقت ۽ تندرستي ۾ انهن جي اڌجهڙا به نه ٿيا.
اڄوڪي زماني ۾ اسراف ۽ اجايو خرچ ڪرڻ حد کان ٻاهر گذري چڪو آهي. نفيس ڪپڙا بلڪ ريشمي ڪپڙا ڪم آندا وڃن ٿا جي سڌي طرح خواه اَڻ سڌي طرح بداخلاقي جو ڪارڻ بڻجن ٿا. ازانسواءِ اهي ڪپڙا خرچ به گهڻو ٿا کائين ۽ جٽاءُ به ٿورو ٿا ڪن، جنهنڪري مالي حالت به خراب ٿئي ٿي. جنڊ جي اٽي ۽ اُکري مهري جي چانورن بدارن انجڻ جو اَٽو ۽ انجڻ جا چانور ڪم آندو وڃن ٿا جنهنڪري اجايو خرچ به ڪيو ٿو وڃي ۽ تندرستي به خراب ٿئي ٿي. ازانسواءِ ڪپڙا درزين کان سبائجن ٿا ۽ ڌوٻين کان ڌوارجن ٿا جنهنڪري پڻ خرچ وڌي ٿو.
ليڊرن ۽ ايڊيٽرن جو فرض آهي ته سادگي بنسبت پروپئگنڊا ڪري ملڪ ۽ وطن کي مالي تباهي کان بچائين. مالي حالت بهتر ٿيندي ته علم ۽ تعليم به وڌائي سگهبا ۽ اخلاق به سڌاري سگهبا. ميوات جي باغن پوکڻ بنسبت به پروپئگنڊا ڪرڻ ضروري آهي. ميوات کائڻ جي ڪري تندرستي به تمام گهڻو بهتر ٿيندي.