اسلام ۽ ترقي
واضع هجي ته سنڌ جي مسلمانن جي مذهبي حالت بيان ڪرڻ کان اڳي اسلام جي تاريخ تمام مـختصر طور بيان ڪندس. پر تنهن کان اڳي مان پنهنجو احوال ناظرين جي آڏو پيش ڪرڻ ٿو گهران ته مان عالم ڪو نه آهيان، ۽ در حقيقت مون کي هن قسم جي ڪتاب لکڻ جي جرئت ڪرڻ نه گهربي هئي، مگر ڪن سببن ڪري مان هن ڪم کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان. اهي سبب هيٺين بيان ۾ اچي ويندا:
منهنجو مرشد ۽ منهنجو والد صوفي هئا، مگر بي علم هئا. اسلام جي کين ڪا به خبر ڪانه هئي. اگرچه هو فهم ۽ عقل وارا هئا ۽ نيڪ نيت ۽ اخلاص وارا به هئا، مگر اسلام جي واقفيت نه هئڻ ڪري ۽ هاڻوڪي ڪوڙي تصوف جي رواج هئڻ ڪري شريعت کان پري هئا. روزي ۽ نماز کان غافل هئا، بلڪ نشو ڪرڻ کي ذڪر پچائڻ واريءَ حالت ۾ مباح ڄاڻندا هئا. بهشت فقط دلاسو ۽ دوزخ فقط دڙڪو سمجهندا هئا. مان به ننڍڙي کان ئي انهن جي زير اثر اهڙن خيالن ۽ ويساهن جو قائل هوس.
سنه 1901ع ۾ ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ فري بورڊر ٿي انگريزي تعليم وٺڻ لڳس ۽ بورڊنگ هائوس ۾ رهندو هوس. ان وقت مولوي صاحب ميان محمد عثمان مرحوم هو. ساڍا پنج سال مدرسي ۾ رهيس. مولوي صاحب پنهنجا ٺاهيل ڪتاب تحفته الاسلام جا سبق سيکاريندو هو. انهن ۾ گهڻو ڪري فقط فقه يعني وضو، نماز، روزن، حج وغيره جا نفل سنتون واجب فرض ڏنل آهن. جبرن پنجئي وقت نماز پڙهائي ويندي هئي ۽ روزا رکايا ويندا هئا ۽ مولوي صاحب مرحوم هر جمعي تي وعظ به ڪندو هو.
مگر شاگردن کي درحقيقت نڪا اسلام جي واقفيت حاصل ٿيندي هئي، نڪي هو ديندار ئي ٿيندا هئا. ان جو سبب هڪ ته هي هو جو اسلام جا مکيه ڪتاب ۽ مکيه تعليمات بلڪل ڪونه سيکاريا ويندا هئا. مثلن قرآن شريف ۽ حديثن مان چونڊيل ٽڪرا ترجمي ۽ سمجهاڻيءَ سان ڪونه سيکاربا هئا. اسلامي عقيدا سمجهاڻيءَ سان، اسلامي تاريخ، اسلامي فلسفو ۽ خود فقهه جا به ڪيترائي مکيه ڀاڱا ڪو نه سيکاريا ويندا هئا. مرحوم مولوي صاحب اگرچه رواجي عالمن کان صدبار بهتر هو ۽ گهڻو وقت ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ رهڻ ڪري ۽ مختلف قسمن جي ماڻهن ۽ انگريزي دانن سان هلڻ چلڻ ڪري دنيا جي ٿوري گهڻي واقفيت به حاصل ٿيس ۽ ڪي قدر فهم به تيز ٿيس. تاهم پڇاڙيءَ تائين پراڻن مولوين جي اثر مان ٻاهر نڪري نه سگهيو. جڏهن وعظ ڪندو هو تڏهن ائين سمجهه ۾ ايندو هو ته جيئن ڇوڪرن کي جبرن نماز پڙهائي ٿي وڃي، تيئن مولوي صاحب به مجبورن وعظ ٿو ڪري. جنهن ماڻهوءَ کي وعظ ڪرڻ جو شوق ئي ڪو نه هوندو تنهنجي وعظ ۾ ڪهڙي خوبي رهندي ۽ ان مان ڪهڙو اثر پيدا ٿيندو.
مدرسو ڇڏڻ کان پوءِ نماز ۽ روزا به ڇڏي ڏنم، بلڪ مدرسي واري عرصي ۾ به جڏهين پنهنجي ڳوٺ ۾ موڪلن تي هوندو هوس، تڏهن نماز ۽ روزن کان به موڪل وٺندو هوس. صوفيانه خيال منهنجي دل ۾ وڌيڪ پڪا ٿيندا ويا. مان اسلام کي ڪوڙو ڪونه سمجهندو هوس، مگر منهنجي والد ۽ مرشد منهنجي دل تي اهو اثر وهاريو هو، ته قرآن شريف ۾ تصوف ئي تصوف سيکاريل آهي، مگر مولوي يا ته ان کي سمجهن نٿا، يا ته ڄاڻي واڻي عام ماڻهن کان لڪائين ٿا. 1910ع ۾ بي اي پاس ڪيم ۽ 1912ع ۾ ايم اي پاس ڪيم.
پهريائين ڪراچيءَ جي اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ماستر هوس. ان عرصي ۾ ڪنهن دوست مون کي مولانا حاليءَ جي مسدس جو نسخو ڏنو. مان اگرچ ان کان اڳي ڪو اڙدو ڪتاب ڪو نه پڙهيو هو، ته به رفته رفته اهو ڪتاب پڙهي ۽ سمجهي ويس ۽ حاشين ۾ ڏنل نوٽن ۽ آيتن ۽ حديثن مان معلوم ٿيو ته اهو ڪتاب اسلام جي تعليمات تي مبني آهي. انهيءَ ڪتاب منهنجون اکيون کوليون ۽ ظاهر ڪري ڏيکاريائين ته اسلام اهو ناهي جو اڄوڪا صوفي ٿا سيکارين. نڪي اهو آهي جو جاهل ملان ۽ نيم خوانده مولوي ٿا ڏيکارين. مگر اسلام اها تعليم ٿو ڏئي جا ڪامل عقل تي ٻڌل آهي ۽ جنهن تي انسان جي ڪامل ترقي جو مدار آهي. مثلن اسلام علم پڙهڻ، تجارت، سير ۽ سفر، محنت ڪرڻ، وقت نه وڃائڻ، اسراف نه ڪرڻ، نيڪ اخلاق رکڻ وغيره وغيره جي تعليم ڏني آهي. مگر نيم خوانده مولوي نه رڳو اهي ڳالهيون ڪو نه سيکاريندا هئا، پر انهن مان ڪيترين ئي ڳالهين جي سخت مخالفت به ڪندا هئا، ۽ اڃا سوڌو ڪندا اچن. جنهن ڪري مسلمان اڃان سوڌو پست ۽ ذليل ۽ تباهه ٿيندا پيا وڃن.
مولانا حاليءَ جي مسدس پڙهڻ کان پوءِ مون کي اسلام جي واقفيت جو شوق پيدا ٿيو. جلدئي مرحوم نواب محسن الملڪ جا ڪتاب جهڙوڪ: ”مسلمانون ڪي تهذيب“ ۽ ”مسلمانون ڪي ترقي اور تنزل ڪي اسباب“. مرحوم نواب صدرالدين جا ڪتاب جهڙوڪ اصلاح البشر ۽ ”اصلاح الرسوم،“ قاضي سليمان صاحب جو مشهور ڪتاب ”رحمت للعالمين“، مولانا شبلي مرحوم جا گهڻائي ڪتاب خصوصن ”سيرت النبي“، مولانا اقبال جا نظم، خواجه ڪمال الدين صاحب جون تصنيفون ۽ ٻيا سوين ڪتاب پڙهيم. ازانسواءِ خواجه ڪمال الدين لنڊن مان هڪ ماهوار انگريزي رسالو 1912ع ۾ جاري ڪيو سو اڄ تائين بلاناغه گهرائيندو آيو آهيان يعني اُهي رسالا اڄ تائين اٽڪل 230 گهرايا ۽ پڙهيا اٿم. ان سان قرآن شريف جي معنيٰ ۽ تفسير ٻه ٽي ڀيرا پڙهيو اٿم. جيئن پوءِ تيئن خاطري ٿيندي پئي وئي آهي ته اسلام ڪمال عقل تي ٻڌل آهي، ۽ اسلام ئي ڪامل ترقيءَ جو وسيلو ٿي سگهي ٿو.
حضرت رسول ﷺ فرمايو آهي ته بعثت لاتمم مڪارم الاخلاق يعني مان انهيءَ لاءِ نبي ٿي آيو آهيان ته اخلاقي خوبين کي ڪماليت وٺايان.
قرآن شريف ۾ اسلام جو مقصد فلاح بيان ڪيل آهي. فلاح جي معنيٰ آهي ”ترقي ۽ بهبودي“ ۽ دنيا ۽ آخرت جي چڱائي يا سعادت. هڪڙي حديث سڳوري آهي ته خير الناس من ينفع الناس يعنيٰ ”سڀني کان چڱو انسان اُهو آهي جو ٻين کي نفعو پهچائي“ اسلام جا جيڪي به احڪام آهن تن تي عمل ڪرڻ سان يا پاڻ کي فائدو ٿو رسي يا ٻين کي فائدو ٿو رسائجي.
وري عجيب حڪمت ۽ قدرت ته هيءَ آهي ته ٻين کي فائدي رسائڻ ۾ پنهنجو نقصان نٿو ٿئي، پر اٽلندو پنهنجو فائدو ٿوٿئي، ۽ ٻين کي نقصان رسائڻ ۾ وري پنهنجو ئي نقصان ٿو ٿئي. ٻين سان پيار ۽ عزت سان هلڻ ۾ پنهنجي ۽ ٻين جي به ترقي ٿي ٿئي. اوائلي مسلمان مٿين اصولن ۽ حڪمن تي هلڻ ڪري دولتمند ۽ حڪمران ٿي پيا.
ٻيون قومون به اُنهن کان اُهي سبق سکي ترقي ڪري ويون ۽ اڃا به ترقي ڪن پيون. مگر پويان مسلمان انهن اصولن کي ڦٽي ڪري عيش عشرت ۽ گناهن ۾ غلطان ٿي پست پئجي مصيبتن ۾ مبتلا ٿيا ۽ اڃان به پيا ٿين. غير مسلمان چوندا آهن ته اُهي اصول ته اسان به ڄاڻون ٿا، سڀ ڪنهن مذهب جا اصول اهي ئي آهن. پوءِ ڪهڙو ضرور آهي هرو ڀرو اسلام اختيار ڪرڻ جو!؟
اهو بحث تمام وڏو آهي. مگر هتي فقط هيترو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته غير مسلمانن اهي ۽ ٻيا ڪيترائيءَ اصول اسلام کان سکيا آهن. ٻيو ته ڪيترائي چڱا اصول اڃان اختيار نه ڪيا اٿن. ٽيون ته اسلام نه رڳو چڱاين ڪرڻ ۽ بڇڙاين کان پري رهڻ جو خالي حڪم ٿو ڏئي، پر اُهي عمل ٿو ڪرائي جن جي ڪري اسان ۾ چڱاين ڪرڻ ۽ بڇڙاين کان پاڻ کي روڪڻ جي عادت ۽ طاقت پيدا ٿئي ٿي. نماز روزا، حج ۽ زڪوات جيئن ادا ڪرڻان آهن تيئن ادا ڪجن، ته مسلمان وري به اهڙائي ٿي پون جهڙا اصحاب سڳورا هئا، بلڪ جهڙا انبياءَ عليهم الصلوات والسلام هئا ۽ اهڙائي تندرست سعادتمند، دولتمند ۽ حڪمران ٿي پون جهڙا اوائلي مسلمان هئا.
جن مغربي تهذيب وارن دوستن سان مان اسلام جي سچائيءَ ۽ خوبين ۽ ڪمالن جو ذڪر ڪندو آهيان سي مشڪي فرمائيندا آهن ته ويچارو ضعيف انسان جن خيالن ۾ ڄائو نپيو آهي، تن کي ئي سچو ٿو سمجهي ۽ ٻيا خيال هن جي مغز ۾ ئي نٿا وهن. اِها ڳالهه بلڪل سچي آهي، پر منهنجي مٿين هسٽريءَ مان معلوم ٿيندو ته منهنجي حالت بلڪل نرالي آهي، مان جن خيالن ۾ ڄائس نپنس سي خيال بلڪل ٻيا هئا.
ملن ۽ نيم خوانده مولوين جا جيڪي خيال هئا سي صوفياڻن خيالن جي اثر کان ڪوڙا ڏسڻ ۾ آيا ۽ صوفياڻا خيال وري وڏي هوندي مولانا حاليءَ جي مسدس پڙهڻ بعد دل تان مٽجڻ لڳا. سچي اسلام جي واقفيت مون تڏهن حاصل ڪئي جڏهن 23 ورهين جي عمر جو هوس، ۽ ايم اي اڳي پاس ڪئي هيم اُن وقت تائين منهنجا خيال بلڪل ٻيا هئا، بي اي ۽ ايم اي اهڙا امتحان آهن، جي جن پاس ڪيا آهن، تن جو دماغ ۽ عقل ضرور سالم تسليم ڪرڻو پوندو پر جن شخصن اهي امتحان پاس ڪيا آهن، تن ۾ به وري ٻن قسمن جا گريجوئيٽ آهن: هڪڙا اُهي جي وري ورلي ڪتابن کي هٿ ٿا لائين ۽ ٻيا اُهي جن کي بي اختيار ڪتاب مطالعو ڪرڻ جو شوق رهي ٿو. پوئين قسم جي گريجوئيٽن جو علم، عقل ۽ دماغ وڌيڪ ۽ وڌيڪ سالم ٿيندو ٿو وڃي. هن بندي کي خدا جي فضل سان ڪتابن پڙهڻ جو اهڙو شوق رهيو آهي جو يورپي مصنفن جا هر قسم جا سوين بلڪ هزارين ڪتاب مطالع هيٺ آيل آهن. تنهنڪري غير مسلمانن خواه يورپي خيالن وارن مسلمان دوستن کي ائين چوڻ جو حق بلڪل ڪونهي ته مان ننڍي هوندي کان اسلام جي زير اثر رهيو آهيان ۽ بنا غور ويچار جي اسلام جي تعليمات کي سچو بلڪ ڪامل سمجهي رهيو آهيان. مگر قصوئي اُبتڙ آهي، ڇو ته سچي اسلام جي واقيفت منهنجا ننڍائيءَ وارا خيال سڀ مٽائي ڇڏيا ۽ اسلام جي تعليمات جو اڀياس بلڪل کليل دماغ سان ڪيم ۽ انهن کي سڀ ڪنهن نقطئه نظر کان صحيح ۽ ڪامل ڏٺم. هي سڀ بيان انهي نيت سان ڪيو اٿم ته منهنجا انگريزي دان دوست به کليل دماغ سان اسلام جو اڀياس ڪن. جو الزام هو مون تي ٿا لڳائن، سو درحقيقت ساڻن لاڳو آهي. ڇو ته هو ننڍي هوندي کان فقط دنيوي تعيلم ۽ يورپي تعليم وٺي رهيا آهن ۽ اسلام جي حقيقت چڱي طرح پروڙڻ جي ڪوشش ئي ڪا نه ڪئي اٿن.
مولانا حاليءَ جي مسدس پڙهڻ کان پوءِ مون کي اسلام جي اسپرٽ (روح يا مغز يا جوهر) ۽ تعليمات جي سچائي يا ڪوڙائي پرکڻ جي ڪسوٽي يا معيار اهڙو هٿ اچي ويو جو وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ کان اڳيئي ائين چئي سگهندو هوس ته فلاڻي ڳالهه اسلام هرگز نه سيکاري هوندي ۽ فلاڻي ڳالهه اسلام بيشڪ سيکاري هوندي. اُها ڪسوٽي هيءَ آهي ته اُها تعليم جا ظاهر ظهور عقل جي خلاف هجي ۽ ظاهر ظهور پاڻ کي يا ٻين کي فائدي پهچائڻ بدران نقصان پهچائي ۽ منجهس ڪنهن به قسم جي ترقيءَ جو سبب رکيل ڪو نه هجي سا هرگز سچي نه هوندي. اهڙيون ڳالهيون جي مون کي سچيون ڏسڻ ۾ ڪو نه اينديون هيون تن بابت به چڱن عالمن کان پڇندو هوس ۽ سڀ ڪنهن حالت ۾ منهنجو خيال سچو نڪرندو هو. مثلن هيٺين ڳالهين بابت مون چڱن عالمن کان پڇا ڪئي ۽ انهن جو جواب منهنجي خيال موافق نڪتو. 1. نورنامون ڪوڙو آهي يا سچو، جواب ته ڪوڙو آهي. 2. دعا گنج العرش جون اسنادون سچيون آهن يا ڪوڙيون ، جواب ڪوڙيون. 3. امير حمزه جو قصو سچو آهي يا ڪوڙو، جواب ڪوڙو. 4. ڪن معجزن بابت پڇيم ته سچا آهن يا ڪوڙا جواب ڪوڙا. 5. رسول الله ﷺ جن جا اصحاب سڳورا تسبي ڪم آڻيندا هئا يا نه، جواب نه. 6. اسقاط ڪندا هئا يا نه، جواب نه. 7. عام طرح پيسا وٺي تعويذ لکندا هئا يا نه جواب نه. 8. مرادن حاصل ڪرڻ لاءِ لک صلواتن جا ڪڍندا يا ڪڍرائيندا هئا يا نه، جواب نه. 9. اڪيلو يا گهڻا گڏجي الله الله هو هو (رواجي ذڪر) ڪندا هئا يا نه، جواب نه. 10. اڄوڪن صوفين وارا تصور وغيره پچائيندا هئا يا نه، جواب نه. 11. ماڻهن ۾ حال وجهي کين بيهوش ڪندا هئا يا نه، جواب نه. 12. قرآن شريف بخشيندا هئا يا نه، جواب نه. 13. فالون يا ڪتاب ڪڍي اڳواٽ غيب جو احوال ٻڌائيندا هئا يا نه، جواب نه وغيره وغيره.
مٿين ڪتابن پڙهڻ بعد مون کي اسلام جي تبليغ جو شوق حدِ ڪمال پيدا ٿيو. اها ڳالهه ڪا عجب جهڙي ڪانهي، انسان جي فطرت ئي ائين آهي ته جنهن ڳالهه کي سچ سمجهندو ۽ جنهن جو کيس شوق هوندو سا ڳالهه سڀ ڪنهن سان ڪندو- ان کي ان ڳالهه ڪرڻ کان روڪڻ اهڙو آهي جهڙو درياه کي وهڻ کان روڪڻ يا ٻير کي منع ڪرڻ ته ٻير پيدا نه ڪر- سال 1914 کان وٺي اخبارن: الحق، آفتاب ۽ ٻين ۾ قسم قسم جا مضمون ڇپايا اٿم. ننڍڙا ڪتاب به تصنيف ڪري ڇڏيا اٿم. ڪيترائي ڪتاب ٻيا به تيار ڪيا اٿم جي اڃان ڇپيا نه آهن. گهڻي وقت کان منهنجو خيال رهيو آهي ته سرڪاري سنڌي توڙي انگريزي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ دنيوي تعليم سان گڏ ديني تعليم پڻ ڏيڻ ۾ اچي. ان لاءِ ڪوشش به گهڻي قدر پي ورتي اٿم ۽ ڪيترن ئي سالن کان ديني تعليم جا ڪتاب به تيار ڪري رکيا اٿم. زباني گفتگوءَ جي وسيلي به گهڻي قدر اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو آهيان. مولوي فتح محمد صاحب ۽ مرحوم مولوي الاهي بخش صاحب جي ڪتابن ۽ ڪن ٻين سببن جي ڪري سنڌ ۾ ڪي قدر سجاڳي ٿي آهي. جڏهن مان ننڍو هوس تڏهن جا حالت ڏسڻ ۾ ايندي هئي تنهنجي ۽ هاڻوڪي حالت جي وچ ۾ زمين آسمان جو تفاوت ٿي ويو آهي.
بيشڪ اختلاف گهڻا ٿي پيا آهن پر اختلاف زندگيءَ جي نشاني آهي ۽ جهل وارو نفاق موت جي نشاني آهي. انشاءَالله ته ٿوريئي وقت ۾ قوم جي مذهبي حالت خواه دنيوي حالت بلڪل چڱي ٿي ويندي.
منهنجا ڪتاب جيڪي به ڇپيا آهن سي غير مسلمانن گهڻو پسند ڪيا آهن. مسلمانن به پسند ڪيا آهن. ڪم از ڪم ڪنهن به غلطي ڪا نه ڪڍي آهي نڪو اعتراض اُٿاريو آهي. مگر مسلمانن ۾ ڪي اڳوڻا خيال اهڙا گهر ڪري ويا آهن جو اهڙن ڪتابن کي پڙهڻ ئي ڏکيو ٿو لڳين. سمجهڻ ۽ قدر شناسي ڪرڻ ته پري پر جن کي دماغ ۽ عقل آهي مثلن انگريزي دان، سي ته اهڙن ڪتابن کي هٿ ڇو ٿا لائين. وقت جي مد نظر اهي ڪتاب اهڙي طرز ۾ لکيا ويا جيئن مخالفت پيدا نه ٿئي، ته جيئن رفته رفته اهي خيال ماڻهن ۾ اثر ڪندا وڃن. مگر ڏسجي ٿو ته اهي ڪتاب قوم کي سجاڳ ڪرڻ ۾ اهڙا ڪارگر نه ٿيا آهن، ڇو ته قانون آهي ته جيڪڏهن ٻنيءَ ۾ جهنگ يا ڪلر آهي ته اُن ۾ ٻج نه ڄمندو. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ماڻهن ۾ پراڻا خيال درختن وانگر پڪا ٿيا بيٺا آهن ته انهن ۾ نوان خيال ڪيئن پيدا ٿي سگهندا؟ تنهن ڪري هن ڪتاب لکڻ جي ضرورت محسوس ڪيم ته اهڙو ڪتاب لکان جنهن سان مسلمانن مان پراڻا خيال نڪري وڃن. انهيءَ ڪري مخالفت ضرور ٿيندي، پر جيڪڏهن خود غرضي ڦٽي ڪري ٿڌيءَ دل سان ۽ تهذيب جي طريقي سان بحث مباحثو ٿيندو ته سچ سچ ٿيندو ۽ ڪوڙ ڪوڙ ٿيندو ۽ اسلام جي ترقي ٿيندي - انشاءَ الله ائين ئي ٿيندو.
مون ڪجهه وقت کان وٺي عربي پڙهڻ ۽ سکڻ شروع ڪئي آهي. ارادو اٿم ته عربي سکڻ بعد قرآن شريف جا اوائلي عربي تفسير ۽ صحاح سته ۽ سڀني امامن جا فقه شريف مطالع ڪندس ۽ ان بعد اسلام بابت هڪ مڪمل ڪتاب لکندس.
مگر حياتيءَ تي ڀروسو ڪونهي. تنهن ڪري هي ننڍڙو ڪتاب هاڻي ئي لکي ڇپائڻ جو ارادو ڪيو اٿم، جيڪڏهن حياتيءَ بقاءُ ڪيو ته انشاءَ الله تعاليٰ هڪ وڏو ڪتاب لکندس جنهن ۾ اسلام جي سڄي تاريخ اچي ويندي. مگر مون کي ايتري اميد ڪا نه ٿي ڏسجي ته ايترو علم حاصل ڪري اهڙي قسم جو ڪتاب لکي سگهندس. تنهنڪري منهنجو خيال آهي ته ڪو زبردست عالم اهو ڪم هٿ ۾ کڻي جو مٿي ڄاڻايل ڪتاب سڀ پڙهي ۽ قرآن شريف جا سڀ تفسير نظر مان ڪڍي پوءِ سڀني تفسيرن جي تنقيد ڪري، اول کان اڄ تائين جيڪي اختلاف اسلامي اُصولن ۾ ٿيندا آيا آهن تن جو بيان ڪندو اچي.
ناظرين کي منهنجو عرض آهي، ته خصوصن انهن کي جي منهنجن خيالن جا مخالف هجن ته شرافت ۽ فضليت سان ۽ عقلي ۽ نقلي دليلن سان نڪته چيني ڪن. جيڪڏهن قرآن شريف جي اوائلي تفسيرن ۽ صحيح بخاريءَ ۽ خلفاءِ راشدين جي صحيح هسٽريءَ ۽ امام اعظم سڳوري ۽ ٻين اهڙن اوائلي زبردست امامن جي سند سان منهن جا خيال غلط ثابت ڪيا ويندا ته مان نهايت ممنون ۽ مشڪور رهندس ۽ ٻئي ڇاپي ۾ درستيون ڪري ڇڏيندس. نڪته چيني ڪرڻ جو حق انهي کي آهي جو وڏو عالم هجي ۽ منهن جي سڄي ڪتاب جو مطالعو غور سان ڪري. ائين نه ٿئي ته ڪي ٽڪرا پڙهي پوءِ آپي کان ٻاهر نڪري وڃي.
الله تعاليٰ کي سوال آهي ته شال هيءُ ڪتاب سنڌ جي مسلمانن کي سڄاڳ ڪرڻ لاءِ صوراسرافيل جو ڪم ڏئي.
(1935ع)
اسلام جي مختصر تاريخ
مرحوم رائيٽ آنربل سيد امير علي، جيڪو ڪلڪته هاءِ ڪوٽ جو جج هو، ۽ پوءِ انگلنڊ جي وڏي ۾ وڏي ڪورٽ يعني پروي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو، ۽ جنهن محمدن لا يعني اسلامي شرعي قانونن جا ڪتاب تصنيف ڪيا، جن ڪتابن تي هندوستان جي ڪورٽن ۾ فيصلا ٿا ٿين، تنهن ٻيا به ڪي ڪتاب انگريزيءَ ۾ اسلام ۽ اسلام جي تاريخ تي لکيا آهن جي سڄيءَ دنيا ۾ مسلمانن خواه غير مسلمانن جي ڪتب خانن ۾ موجود آهن، ۽ اهي بلڪل معتبر سمجهيا ٿا وڃن. جڏهن مرحوم مولانا محمد علي جو مرحوم سيد امير عليءَ سان تڪرار ٿي پيو هو تڏهن به مولانا محمد علي جي اخبارن ۾ قبول ڪيو ويندو هو ته سيد امير علي جيڪا اسلام جي خدمت ڪئي آهي سا بيشڪ تحسين جوڳي آهي ۽ سندس علميت ۽ قابليت جو اسان اعتراف ٿا ڪريون. مگر اهي ساڳيا ڪتاب جيڪڏهن سنڌي ۾ ترجمو ڪجن ته اسان جا سنڌ جا نيم خواندهه مولوي سيد امير علي کي ڪافر نه ته به وهابي ته ضرور سڏيندا، اگرچه هو پنهنجي ڪتابن ۾ وهابين جي خلاف ويو آهي. ڇو ته اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي، ته نه رڳو سنڌ جا پر سڄيءَ دنيا جا نيم خوانده مولوي انهن سڀني کي وهابي سڏيندا آهن، جي بدعتن ، بدرسمن ۽ ڀرمن جي خلاف ويندا آهن ۽ اصلاح جي ڪوشش ڪندا آهن، اگرچه هو سچ پچ وهابين جي به برخلاف هوندا آهن.
رائيٽ آنربل سيد امير علي جي مشهور ڪتاب ”اسپرٽ آف اِسلام“ مان ڪي ٽڪرا هت ڏيڻ گهران ٿو، مگر تنهن کان اڳي تمام ٿورڙي اسلام جي تاريخ تمهيد طور لکان ٿو! شيعن ۽ سنين جي اختلاف جي ڪري اها تاريخ ڏيڻ هڪ بلڪل نازڪ ڪم ٿي پيو آهي. مگر مان انهن اختلافن ۽ بحث مباحثن ۾ پوڻ نٿو گهران ۽ ناظرين کي پڻ استدعا ٿو ڪريان ته انهن جهڳڙن ۾ نه پون. آنربل سيد امير علي جا ابا ڏاڏا شيعا هئا ۽ پاڻ به شيعو هو. مگر سچو تاريخي علم انسان کي گهڻي قدر بي تعصب ۽ ڪشاده دماغ بنائي ٿو ڇڏي. سيد صاحب لکي ٿو ته حضرت رسول ﷺ جن جي رحلت بعد مسلمانن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله کي خليفو چونڊيو، ۽ اُهو اُصول قائم ڪيو، جنهن کان سواءِ حڪومت چڱيءَ طرح هلي نٿي سگهي. اهوئي سبب آهي، جو اڄ ڪلهه جتي ڪٿي چونڊن جو رواج قائم ٿي ويو آهي. خود قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته ”اَمرهم شوريٰ بينهم“ يعنيٰ مسلمانن جو ڪم ڪار مشاورت سان هئڻ گهرجي. رسول الله ﷺ جن پاڻ به سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ اصحابن سڳورن جي راءِ وٺندا هئا. سيد صاحب حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق جي گهڻي تعريف ٿو ڪري. حضرت عثمان رضي الله جي به گهڻي تعريف ٿو ڪري، مگر لکي ٿو ته اُهي بنو اُميه، جيڪي هميشه رسول الله ﷺ جي مخالفت ڪندا رهيا ۽ بلڪل دير سان مسلمان ٿيا، تن کي حضرت عثمان وڏا وڏا عهدا ڏنا. انهن حڪومت چڱيءَ طرح نه هلائي ۽ وڏن عهدن جو وجهه وٺي پنهنجو زور وڌايائون، ۽ قدري ظلم به ڪرڻ لڳا. انهن جي ئي ڪري فساد شروع ٿيا، جن ۾ حضرت عثمان سڳورو شهيد ٿيو ۽ حضرت علي رضي الله سان جنگيون لڳيون ۽ آخر يزيد بن امير معاويه سڀني مسلمانن جو بادشاه ٿي ويو. چونڊ ۽ مشاورت جو رواج بند ٿي ويو. موروثي ۽ شخصي حڪومت قائم ٿي ويئي ۽ اسلام کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ان وقت جا گهڻو ڪري سڀ مسلمان امير معاويه ۽ يزيد جي برخلاف هئا، مگر ڪي دل و جان سان ساڻن نه لڙيا. هنن خيال ڪيو ته ٻئي طرف مسلمان آهن، ڇو ناحق خونريزي ٿئي. دنيائي حڪومت هنن جي ٿي ته ڇا، جي هنن جي ٿي ته ڇا. ان ۾ اسلام کي ته جوکو ڪونهي، مگر اها سندن غلطي هئي. هنن کي اهو خيال اچي ڪونه سگهيو، ته موروثي ۽ شخصي استبداردي حڪومت قائم ٿيڻ ڪري نه رڳو حڪومت چڱيءَ طرح ڪا نه هلندي پر آزادي نڪري وڃڻ ڪري خود اسلام ئي تباه ٿي ويندو. جيڪڏهن بادشاه جابر هوندو ته رعيت جي ڪنهن به شخص کي همت نه ٿيندي، جو اهڙي راءِ ڏئي جا بادشاه جي راءِ جي خلاف هجي. اهوئي سبب آهي جو انهيءَ ئي وقت هزارن عالمن فتويٰ ڏني، ته امام حسين بيشڪ واجب القتل هو.
بنو اُميه خواه بنو عباس جي ڏينهن ۾ عالمن ڪوڙيون حديثون ٺاهيون ۽ ڪوڙيون فتوائون ڏنيون - جي عالم بادشاهن جي راين سان شامل نه ٿيا تن کي عهدا ڪو نه مليا، بلڪ انهن کي تڪليفون ۽ سزائون ڏنيون ويون، جيلن ۾ رکيا ويا ۽ بيگناهه قتل ڪيا ويا. امام اعظم ابو حنيفه ؓ اهڙن جابرن جي زيردستيءَ ۾ قاضيءَ جو عظيم الشان عهدو قبول نه ڪيو ته کيس جيل ۾ رکيو ويو. جيل قبول ڪيائين، مگر قاضي ٿيڻ قبول نه ڪيائين، ڇو ته قضا جي ڪم ۾ بعضي ضرور بادشاهه جي مرضيءَ تي هلڻو پويس ها.
حضرت غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلاني ؓ بدعتن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته هزارن علمائن لکيل فتوا ڏني ته هو ڪافر آهي.
هاڻي ٻڌايو ته اهڙين حالتن ۾ سچو اسلام ڪيئن قائم رهي سگهندو. اسلام اُهو مذهب آهي جو دنيا جي هر امر بابت حڪم احڪام ٿو ڏئي. مگر جڏهن دنيا جابرن جي هٿ ۾ اچي وئي، تڏهن اسلام وڃي مسجدن جي ڪنڊن ۾ لڪو ۽ ٻيون گهڻيون ضروري ڳالهيون ڦٽي ڪري رڳو وردن وظائفن ۽ نماز وغيره تائين محدود رهيو. مگر اهي به جن طريقن سان ادا ٿيڻ گهرجن تن سان ادا ڪو نه ٿيا، تنهنڪري انهن مان جيڪي نتيجا ۽ فائدا نڪرڻ مقصود هئا، سي ڪو نه نڪتا. رفته رفته مسلمانن جا نه رڳو عمل خراب ٿي ويا، پر عقيدا به بگڙي ويا، جئين اڳتي بيان ڪيو ويندو.
جيڪي مسلمان خواه غير مسلمان يورپي ترقي ۽ تهذيب جا گرويده آهن، تن کي جڏهن مان چوندو آهيان ته فقط اسلام ئي سچي ترقي ۽ تهذيب جو واحد وسيلو آهي، تڏهن هو کلندا آهن ۽ چوندا آهن ته پوءِ ڇو يورپ آمريڪا ۽ جپان وغيره هيترو خوشحال آهن ۽ ڇو مسلمان هيترو ذليل آهن. مان کين چوندو آهيان ته انهيءَ جو سبب هيءَ آهي ته مسلمانن اسلام جي احڪامن کي ڇڏي ڏنو، مگر يورپ اسلام جي ڪيترن ئي حڪمن ۽ اصولن تي عمل ڪيو، جنهن ڪري هو ترقي ڪري ويا ۽ مسلمان پست پئجي ويا. سو به يورپ جي ترقي ۽ خوشحالي اها هرگز نه آهي، جا اوائلي مسلمانن جي هئي. هنن جي اندروني حالت ۽ خوشي اهڙي هرگز نه آهي جا اوائلي مسلمانن کي نصيب هئي. ڇو ته هنن اسلام جا سڀ حڪم قبول ڪو نه ڪيا آهن. مثلن هنن شراب ڪو نه ڇڏيو آهي، جو شراب اُم الخبائث آهي ۽ ڪيتريون خرابيون پيدا ٿو ڪري. جيئن ته شراب ۾ اجايو پيسو ضايع ٿو ٿئي، تندرستي ٿي بگڙي، اُن مان جهيڙا ۽ فساد ٿا جاڳن، جن جي ڪري محبت ۽ مزي جي بدران ڪينو ۽ مصيبتون پيدا ٿيون ٿين. پوءِ هي سوال ٿا ڪن ته جيڪڏهن اسلام ۾ ايڏي حڪمت ۽ برڪت رکيل آهي ته مسلمانن ڇو اسلامي احڪامن کي ڦٽو ڪيو. ان جو هڪ جواب ته اڳيئي اچي ويو آهي ته ڪن مسلمانن اها غلطي ڪئي جو شخصي حڪومت ۾ جا تباهي رکيل آهي، سا محسوس نه ڪيائون، کين گهربو هو ته سڀئي متفق ٿي سر جو سانگو لاهي، يزيد سان لڙن ها، مگر سندس بيعت نه ڪن ها.
تنهن تي وري چون ٿا ته چڱي ترقي مسلمانن جي ته انهيءَ وقت ٿي جو جڏهن شخصي حڪومت هئي. يعني عباسي خاندان جي عهد حڪومت ۾، نه خلافت راشده جي زماني ۾. اها سچي ڳالهه آهي ته عباسي خاندان جي زماني ۾ علمن ۽ هنرن جو گهڻو واڌارو ٿيو ۽ عاليشان شهر ٺهيا، جن ۾ هر طرح جي عيش عشرت جو سامان موجود هو. واپار ۽ ڪارخانن جو اوج هو، مگر انهيءَ جو بنياد اسلام هو. اسلام ئي علم تي زور ڏنو، مگر اوائلي مسلمان اگرچ علم ۾ به رفته رفته واڌارو ڪندا ويا مگر سندن گهڻو وقت جنگين ۾ صرف ٿيو. مگر جيڪا پوک اوائلي مسلمانن پوکي سا عباسي خاندان جي وقت ۾ پچي تيار ٿي، پر ان پڪل پوک سان گڏ ڪنڊا ۽ ڪرڙ به ڄمي ويا، جن آخر اسلام جي سرسبز کيت کي سڪائي نابود ڪري ڇڏيو. رسول الله ﷺ جن پيشنگوئي ڪرڻ فرمائي هئي، ته مون کي انديشو آهي ته مسلمان گهڻي دولت هئڻ ڪري عيش عشرت ۾ پئجي تباه ٿي ويندا، سو ٿيو به ائين. بنو اُميه عيش عشرت جي شوق ۽ حڪومت جي نشي ۾ آزادي کي نابود ڪيو. آزادي نه هئڻ ڪري اسلام جو زور گهٽجي ويو ۽ دولت مند مسلمانن عيش عشرت ۾ گرفتار ٿي ترقيءَ کي خيرباد ڪري ڇڏيو.
آخري سوال هيءُ به ڪندا آهن، ته نه رڳو اوائلي مسلمانن ترقي ڪري ڏيکاري پر اڳي به گهڻين قومن عاليشان ترقي ڪري ڏيکاري هئي اگرچه هو اسلام تي نه هئا. منهنجو جواب هيءُ آهي ته اڳي سچو مذهب ڪو نه هو ڇا. قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته مون سڀ ڪنهن ملڪ ۾ وقت بوقت پيغمبر ۽ مصلح ولي موڪليا آهن. جيڪڏهن ڪو دنيا جي تاريخ غور سان پڙهي ڏسي ته کيس معلوم ٿيندو، ته جڏهن جڏهن دنيا ۾ ڪنهن ملڪ ۾ ترقي ٿي هوندي، تڏهن اُن کان اڳي ضرور پهريائين ڪو مذهبي پيغمبر يا مصلح پيدا ٿيو هوندو.
مثلن ويدن جي ڪري هندن عاليشان ترقي ڪئي پر جڏهن ڪن خود غرضن برهمڻن مذهب بگاڙي ڇڏيو ته هندو خرابيءَ ۾ پئجي تباه ٿيا، تڏهن گوتم ٻڌ پيدا ٿيو. گوتم جي پيدا ٿيڻ بعد وري هندستان ۾ عاليشان ترقي ٿي ويئي. يورپ ۾ اسلام جي اثر جي ڪري نئون دور شروع ٿيو ۽ مارٽن ليوٽر رومن ڪئٿلڪ پادرين جي برخلاف اٿي کڙو ٿيو ۽ يورپين تاريخ نويس قبول ٿا ڪن ته يورپ جي ترقي انهي ڪري شروع ٿي ويئي.
ڪي مسلمان ڪيترن ئي غير مسلمانن وانگر اهڙا به آهن، جن جو خيال آهي ته الله تعاليٰ پيغمبر ۽ صحيفا اصل ڪونه موڪليا آهن، يعني وحي ۾ ويساه ڪو نه ٿا رکن. هو چون ٿا ته جيئن شاعر ۽ مصنف ۽ خطيب خداداد قابليت سان پنهنجي پنهنجي ملڪ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ گهڻو سڌارو ڪري سگهندا آهن. تيئن پيغمبر به پنهنجي ملڪ ۽ وقت لاءِ چڱا مصلح ٿي گذريا آهن. مگر اُهي نڪي ڪامل هوا نڪي سندن تعليم سڀ ڪنهن ملڪ ۽ سڀ ڪنهن وقت لاءِ ڪارگر ٿي سگهي ٿي. ڪي ته وري اهڙا به آهن، جي ظاهر ظهور دهريا آهن ۽ الله تعاليٰ جي وجود جا ئي منڪر آهن. انهن سڀني کي منهنجي استدعا آهي ته رسول الله ﷺ جون سوانح عمريون مثلن مولانا شبلي جو اڙدو ڪتاب سيرت النبي ۽ قاضي سليمان صاحب جو اڙدو ڪتاب رحمت اللعالمين ۽ خواجه ڪمال الدين صاحب جو انگريزي ڪتاب آيڊل پرافيٽ ۽ رائٽ آنربل سيد امير علي جو سپرٽ آف اسلام ۽ پڻ خواجهّ ڪمال الدين جو نئون انگريزي ڪتاب اسلام ائنڊ سوليزيشن جنهن جو اڙدو ترجمو اسلام اور تمدن تازو ڇپيو آهي، سي پڙهي پوءِ انصاف ڪن.
هاڻي رائٽ آنربل سيد امير علي جي ڪتاب مان ڪي جملا ڏيان ٿو،جن مان خبر پوندي ته امير علي جهڙن عالمن ۽ اسان جي نيم خوانده مولوين جي خيالن ۾ ڪيترو تفاوت آهي، مگر هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مان ساڻس هروڀرو سڀني خيالن ۾ شامل راءِ نه آهيان.
رسول الله ﷺ جن کان پڇيو ويو ته شيطان ڪٿي آهي. پاڻ فرمايائون ته انسان جي دل ۾، پاڻ فرمايائون ته بهشت سڄي دنيا کي وڪوڙيل آهي. ڪنهن شخص پڇيو ته پوءِ دوزح ڪٿي آهي. جواب ۾ فرمايائون ته سبحان الله! جڏهن ڏينهن آهي، تڏهن رات ڪٿي آهي؟ يعنيٰ جيئن ڏينهن ۽ رات اتيئي آهن تئن بهشت ۽ دوزخ به اتيئي آهن.
پاڻ ﷺ فرمايو اٿن ته نماز دل جي حضور کان سواءِ ڪنهن به فائدي جي ناهي، ۽ الله تعاليٰ جا الفاظ، جي سڀني ماڻهن لاءِ آهن ۽ نه هڪ قوم لاءِ. تن جي اڀياس ڪرڻ ۾ دل ۽ زبان پوريءِ طرح سان شامل هئڻ گهرجن. حضرت علي رضي الله فرمايو آهي ته سمجهڻ کانسواءِ عبادت بيڪار آهي، ۽ منجهس ثواب ڪونهي. رسول اللهﷺ فرمايو آهي ته عبادت مان فقط اوترو ڀاڱو الله تعاليٰ وٽ مقبول ٿو ٿئي، جيتري قدر سمجهه ۽ دل جي صدق سان ادا ٿو ڪجي. ائين به لکيل آهي ته رسول اللهﷺ ڪن عجمي پرديسي ماڻهن کي پنهنجي زبان ۾ نماز ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني. هن حديث مان ڪم از ڪم ايترو ته معلوم ڪري سگهجي ٿو ته نماز جا الفاظ سمجهڻ ڪيتري قدر ضروري آهن!
مسلمانن جو هاڻوڪي مرده حالت جو مکيه سبب هيءُ آهي، جو عام طرح هي خيال مسلمانن جي دلين ۾ ويهي ويو آهي ته عقل هلائڻ يا اجتهاد ڪرڻ جو حق فقط اوائلي امامن کي حاصل هو ۽ هن وقت عقل هلائڻ گناهه آهي. جيڪو چوي ته مان حضرت جن جو سچو امتي ٿيان، سو اوائلي امامن مان ڪنهن به هڪ امام جي مذهب تي هلي، ۽ پنهنجي عقل کي ڦٽي ڪري اُنهن جي فتوائن تي هلي. جي عيسوي نائينءَ صديءَ ۾ رهيا ۽ جن کي عيسوي ويهينءَ صديءَ جي ضرورتن جي ڪا به خبر نه هئي. رسول الله ﷺ عقل ڪم آڻڻ تي وڏو زور ڏيڻ فرمايو آهي، مگر اسان جا مسلمان ان کي ڏوهه ۽ گناهه ٿا سمجهن - مسلمان قرآن مجيد تي هلڻ ڇڏي ڏنو آهي جو اُن عليم ۽ حڪيم جو ڪلام آهي، جنهن جي نظر سڄي دنيا تي ۽ سڀني ايامن تي پوندڙ آهي.اُن جي بدران مجتهدن جي فتوائن تي هلن ٿا، جن جي محدود نظر فقط پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي وقت لاءِ محدود آهي. ازانسواءِ پيغمبرن کانسواءِ ٻيو ڪو به انسان ڪهڙو به عاقل هجي، ته به هو ڪامل ٿي نٿو سگهي. قبول ڪيو ويندو ته اسلام ۾ اصلاح يعني سڌارو تڏهن شروع ٿيندو، جڏهن الاهي ڪلام ڪهڙي به زبان ۾ ترجمو ڪجي ته به الاهي ڪلام ئي ٿي رهندو ۽ عبادت ڪهڙي به زبان ۾ الله تعاليٰ وٽ مقبول آهي. حضرت ﷺ جن پاڻ عجمي يعني پرديسي مسلمانن کي پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني، ۽ عربن کي موڪل ڏنائون ته قرآن شريف پنهنجي زبان ۾ پڙهن ۽ فرمايائون ته قرآن شريف مون کي ستن زبانن ۾ جبرائيل ؑ ٻڌائيندو آهي. اسلام جي اوائلي زماني ۾ انهي ڳالهه تي اتفاق هو، ته سمجهڻ کانسواءِ نماز بيڪار آهي. امام ابوحنيفه ؓ جي راءِ آهي ته نماز ۽ خطبو ڪهڙي به زبان ۾ پڙهجي ته جائز ۽ روا آهي. سندس شاگردن ابو يوسف ۽ محمد پنهنجي استاد جي اها راءِ ٿوريءَ تبديليءَ سان قبول ڪئي آهي. اُنهن جي راءِ آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص عربي ڄاڻندڙ نه هجي، ته پوءِ هو ڪهڙي به زبان ۾ نماز پڙهي ته جائز اٿس. اتي سيد امير علي ٿو فرمائي ته هڪڙو سبب آهي، جنهن ڪري جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر عربيءَ ۾ نماز پڙهڻ گهرجي. اُهو سبب هيءُ آهي ته عربي اسلام جي زبان آهي، ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي اشتراڪ ۽ اتفاق ۽ تبادلئه خيالات لاءِ ضروري آهي. خواجه ڪمال الدين جي فرقي وارا وري هي به سبب ڏيندا آهن ته عربي الفاظن ۾ ايتري معنيٰ سمايل آهي جا ترجمي ۾ گهڻو ڪري نٿي اچي سگهي.
قرآن شريف ۾ آهي ته ”لااکراه في الدين“ يعني دين جي باري ۾ جبر يا زور ڪونهي، جنهن کي جهڙو دين وڻي تهڙو اختيار ڪري. اسلام ۾ جيڪا بي تعصبي ۽ رواداري سيکاريل آهي سا ٻئي ڪنهن به مذهب ۾ نه هوندي، مگر پوين عالمن مٿين آيت سڳوريءَ کي منسوخ سمجهيو آهي ۽ خصوصن مرتد (اسلام کي ڇڏڻ واري) کي موت جي سزا جو ڏوهي ٺهرايو آهي.
عورتن جا حق جهڙا اسلام سيکاريا آهن، ۽ عورتن کي جا عزت ۽ آزادي اسلام ڏني آهي سا ڪنهن به مذهب نه ڏني آهي. مگر پوين عالمن اهي حق گهڻو ڪري کسي ورتا آهن، ۽ اهڙن عالمن جي خيالن پڙهڻ سان عورتون شيطان سمجهڻ ۾ اينديون آهن. ڪيترا مسلمان چوندا آهن ته اسلام ۾ اها وڏي خرابي آهي، جو عورتن کي ملڪيت جو وارث ۽ حقدار بنايو اٿس، کين اها خبر ڪا نه ٿي پوي ته ائين چوڻ سان پورا پورا ڪافر ٿا ٿين، ته الله تعاليٰ جي حڪم ۽ ڪلام کي ناقص ۽ غلط ٿا سمجهن.
ٻانهن رکڻ جو رواج اسلام گهڻو ڪري بند ڪري ڇڏيو، فقط لڙائيءَ ۾ قيد ٿيلن کي ٻانهو ڪري رکڻ جائز ڪيو ويو. مگر اڪثر ڪري رسول الله ﷺ جن قيدين کي بروقت آزاد ڪري ڇڏيندا هئا. بعضي فديه وٺڻ سان، بعضي بنا فديه وٺڻ سان. ڪن ٿورين حالتن ۾ ڪي قيدي فديه نه ڏيڻ ڪري ڪن اصحابن سڳورن وٽ رکيا ويا، سو به انهيءَ شرط سان ته انهن قيدين (ڪافرن) سان اهڙي هلت ڪئي وڃي، جهڙي پنهنجي اولاد سان. ڪم جيترو پاڻ ڪجي اوترو انهن کان وٺجي ۽ جهڙو پاڻ کائجي ۽ چوڙجي، تهڙو انهن کي کارائجي ۽ چوڙائجي. مگر پوين مسلمانن مٿين سڀني ڳالهين ۾ ابتڙ روش ورتي ۽ ٻانهن جو واپار عام رواج ۾ اچي ويو.
حنبلين جي مذهب وارن جو ويساهه آهي ته الله تعاليٰ کي جسم آهي ۽ آسمان ۾ عرش يا ڪرسي تي ويٺو آهي.
انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته شروعات ۾ سڀني فرقن کان حنفي مذهب ۾ آزاد خيالي ۽ ڪشاده دلي گهڻي هئي. مگر جئين وقت گذرندو ويو، تيئن بادشاهن جي جبر سبب رفته رفته آزادي ۽ عقل هلائڻ جو مادو نڪري ويو ۽ جيڪا به فتويٰ بادشاه جا مقرر ڪيل عالم ڏيندا هئا، سا قبول ڪئي ويندي هئي.
حنفي پاڻ کي اهل الراءِ والقياس سڏائيندا هئا ۽ ٻيا فرقا به کين ائين ئي سڏيندا هئا ۽ ٻين فرقن وارن کي اهل الحديث سڏيو ويندو هو. ڇو ته هو بنا سوچ ويچار جي سڀني حديثن کي قبول ڪري اُن تي عمل ڪندا هئا. مگر هاڻي حنفين گهڻي زماني کان راءِ ۽ قياس کان ڪم وٺڻ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ قانونن خواه متن ۾ بنا سوچ ويچار جي وڏن جي فتوائن کي قبول ٿا ڪن. اسلام کڻي اُتر قطب جي اسڪيمو ماڻهن کي سيکارجي، ته به هروڀرو اٰنهن سڀني فروعي قانونن سميت سيکارجي، جي عراقي ماڻهن جي عمل لاءِ ٺاهيل هئا سا ڳالهه عقل کان ٻاهر آهي.
غير مقلدن هن وقت اسلام ۾ به گهڻي قدر اصلاح ڪيو آهي. پهريائين ته کين ڪافر يا وهابي سڏيو ويندو هو، مگر هاڻي گهڻي قابليت حاصل ڪري چڪا آهن.
زمخـشري جو قرآن شريف جو مشهور مفسر ٿي گذريو آهي، سو سورت علق جي پهرين آيت جي تفسير ۾ لکي ٿو، ته الله تعاليٰ جو وڏو فضل اسان تي اهو آهي، جو اسان کي قلم جي وسيلي علم سيکاريائين ۽ اُهو علم سيکاريائين جو اسان نه ڄاڻندا هئاسين. ۽ پڻ لکي ٿو ته جيڪڏهن قلم جي وسيلي ڪتاب نه لکجن ها ته دنيا ۽ دين جا امر ڪيئن سڌاري سگهجن ها ۽ ڪا به ترقي ڪا نه ٿئي ها. هن مان ۽ رسول الله ﷺ ۽ حضرت عليءَ رضي الله ۽ ٻين جي قولن مان ثابت آهي ته نه رڳو ديني علم پر دنيوي علم ماڻڻ بابت به سخت تاڪيد ڪيل آهي. خصوصن حضرت عليءَ کي علم جو گهڻو شوق هو، تقريرون ڪندو هو ۽ شعر چوندو هو. ديني عقيدن ۽ احڪامن جي سمجهاڻي عقل ۽ فلسفي سان ڏيندو هو. سندس خطبا اڃا تائين صحيح حالت ۾ موجود آهن. حضرت جعفر صادق رضي الله علم جي تعريف هن طرح ڪئي آهي: ”دل جي روشنائي علم جو جوهر آهي، سچ اُن جو مکيه مقصد آهي، الهام اٰن کي رهنمائي ڪندڙ آهي، عقل اٰن جو قبول ڪندڙ آهي. الله تعاليٰ ۾ اٰن جو ملهم آهي، ۽ انسان جا الفاظ اٰن کي ظاهر ڪندڙ آهن.“
تنگ خيال عالمن جي مخالفت هوندي به مسلمانن دنيائي علومن ۽ هنرن ۾ حيرت انگيز ترقي ڪئي. اسپين ۾ بنو اُميه وارن ڪيترائي علم ۽ هنر ايجاد ڪيا. عباسي خاندان جي زماني ۾ بغداد ۾ سائنس ۽ فلسفو تمام گهڻو زور وٺندو ويو، تان جو تاتارين ملڪ فتح ڪري بغداد کي ناس ڪري ڇڏيو. مگر اُهي ساڳيا جهنگلي جن خلافت ۽ ترقي کي برباد ڪري ڇڏيو، جڏهن پاڻ مسلمان ٿيا، تڏهن وري علم کي ترقي وٺائيندڙ ٿي پيا. مگر جيئن پوءِ تيئن جاهل، ظالم ۽ عياش بادشاهن ترقيءَ کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو.
تقدير جي مسئلي بابت مرحوم رائيٽ آنربل امير علي ٿو لکي ته اسلام کان اڳي عربن جو قسمت ۾ ڪلي ويساهه هو ۽ سمجهندا هئا ته انسان کي قسمت پَنَ وانگر ٿي نچائي ۽ انسان جي وس ۾ ڪجهه به ناهي. انهيءَ ڪري عربن ۾ عملن جي جوابدهي جو انگ بلڪل ڪو نه هو، نڪي قيامت کي مڃيندا هئا، تنهن ڪري هو بلڪل بيپرواهي سان جئين وڻندو هون تيئن ڪندا هئا. قرآن شريف جي هڪ حيرت جهڙي خصوصيت هيءَ آهي جو هڪ پاسي الله تعاليٰ جي رضا ۽ ڪلي اختيار ۽ قدرت بيان ڪيل آهي، ته ٻئي پاسي وري انسان جي آزادي ۽ جوابدهي بيان ڪيل آهي. ظاهر ۾ ماڻهوءَ کي ائين ڏسڻ ۾ ايندو ته اها ڳالهه ٿيڻي ناهي، جو سڀ ڪم ۾ الله تعاليٰ جو به هٿ هجي، ۽ انسان کي اختيار به هجي ته وڻيس ته خراب عمل ڪري. جيڪي آيتون انسان جي جوابدهي ٿيون ڏيکارين، تن مان ڪي هي آهن: ”اِنَّ اللهَ لَا یُغَیِّرُ مَابِقَوْمٍ حَتّٰی یُغَیِّرُوْا مَابِاَنْفُسِہِمْ“ يعني الله تعاليٰ ڪنهن به قوم جي حالت نٿو ڦيرائي جيستائين پاڻ پنهنجي حالت نٿا ڦيرائين. قرآن شريف جي ڪيترين ئي آيتن ۾ الله تعاليٰ جي قدر يا امر يا حڪم جي معنيٰ آهي قدرت جو قانون. سج، چنڊ، تارا وغيره. سڀ قدرت جي قانون موافق پنهنجو پنهنجو ڪم پيا ڪن. بيشڪ اهڙيون آيتون آهن جن ۾ اشارو آهي ته انسان جي مرضيءَ ۾ به الله تعاليٰ جو هٿ آهي پر ٻيون آيتون وري ڏيکارين ٿيون ته ان ۾ انسان جي ارادي جو دخل آهي.
جو شخص الله تعاليٰ کان مدد ٿو گهري، تنهن کي ئي الله تعاليٰ مدد ٿو ڏئي ۽ جو شخص پنهنجي روح کي پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، تنهن کي ئي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان توفيق ٿو ڏئي. جنهن مان ثابت آهي ته انسان جو فرض آهي ڪوشش ڪرڻ ۽ پڻ الله تعاليٰ کان مدد گهرڻ.
ٻيون آيتون هيءُ آهن: ”وَمَنْ یَّكْسِبْ اِثْمًا فَاِنَّمَا یَكْسِبُہٗ عَلٰی نَفْسِہٖ“ يعني جو گناهه ٿو ڪري سو پنهنجي جوابداريءَ تي ٿو ڪري. ”اِنَّ اللهَ لَا یَاْمُرُ بِالْفَحْشَآءِ“ يعني تحقيق الله تعاليٰ گناهه ڪرڻ جو امر ڪونه ٿو ڪڍي. ”وَلٰکِنْ کَانُوْۤا اَنْفُسَہُمْ یَظْلِمُوْنَ“ مگر پاڻ تي ٿا ظلم ڪن. ”فَمَنِ اهْتَدٰی فَاِنَّمَا یَہْتَدِیْ لِنَفْسِہٖۚ وَ مَنْ ضَلَّ فَاِنَّمَا یَضِلُّ عَلَیْہَا“ جنهن هدايت جو رستو ورتو سو پنهنجي لاءِ ٿو وٺي ۽ جو گمراهيءَ جو رستو ٿو وٺي سو پاڻ ٿو پنهنجي لاءِ کڏ کوٽي. انهن ۽ ٻين ڪيترين آيتن مان رسول الله ﷺ ۽ سندس ناٺي حضرت علي رضي الله ۽ ٻين جي قولن مان قضا ۽ قدر يا جبر ۽ اختيار جي مسئلي تي پوري پوري روشنائي پوي ٿي ۽ پڪيءَ طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته الله تعاليٰ انسان کي عقل ڏنو آهي ۽ خيال ۽ عمل جي آزادي ڏني آهي. پوءِ جيڪڏهن چڱو رستو وٺندو ته پنهنجي لاءِ چڱائي ڪندو، خراب رستو وٺندو ته ان جو خراب نتيجو به پاڻ ئي لوڙيندو.
مخالف خيال وارن اُن جي برخلاف حديثون پيش ڪيون آهن، پر اُهي ڪوڙيون ۽ هٿرادو ٺهيل آهن. رسول الله ﷺ جي بيشمار معتبر قولن مان ثابت ٿو ٿئي ته کين انسان جي ارادي جي آزاديءَ ۾ به ويساهه هو. موروثي گمراهي ۽ فطرتي گنهگاريءَ کان کين ڪامل انڪار هو. پاڻ ﷺ فرمائيندا هئا ته سڀ ڪو ٻار صاف ۽ سچو ڄمي ٿو، پوءِ جيڪڏهن سچائي ۽ سڌي رستي کان ڦري ٿو ته اُهو غلط تعليم ۽ تربيت ۽ خراب صحبت جو نتيجو آهي.
سڀ ڪو ماڻهو فطرتي دين تي پيدا ٿو ٿئي، (يعني اسلام تي) مگر سندس والدين ئي آهن، جي کيس يهودي يا ڪرستان يا صابئي ٿا بنائين. اوهان جي چال ئي آهي، جا اوهان کي بهشت يا دوزخ ڏانهن وٺي وڃي ٿي. انسان ۾ ٻه رغبتون آهن، هڪڙي کيس نيڪيءَ ڏانهن ڇڪي ٿي ۽ ٻي بديءَ ڏانهن. پر الله تعاليٰ جي مدد ترغيب آهي ۽ جو شخص بديءَ جي ترغيب تي غالب پوڻ لاءِ الله تعاليٰ جي مدد ٿو گهري، تنهن کي مدد ٿي ملي. سڀ ڪنهن کي سندس چال موجب هدايت ملي ٿي.
حضرت عليءَ رضي الله جا قول به ان بابت چٽائي ٿا ڪن: ”تحقيق جيڪڏهن تون پاڻ کي هدايت نه ڪندين ۽ خبردار نه ڪندين ته ٻيو ڪو به تو کي سڌي رستي تي ڪونه هلائي سگهندو. مان توهان کي تاڪيد سان چوان ٿوته رب جي عبادت سچائيءَ ۽ پاڪائيءَ سان ڪريو هن توهان کي نجات جو رستو ۽ هن دنيا جون لالچون کولي ڏيکاريون آهن. خرابيءَ کان پرهيز ڪيو، اگرچه توهان کي اُها چڱي ڏسڻ ۾ اچي، گناهه کان پري ڀڄو اگرچه وڻندڙ هجي، ڇو ته توهان کي خبر آهي ته گناهه توهان کي رب کان ڪيترو پري اُڇلائي ٿو ڇڏي.“
”اي خدا جا بندؤ! پنهنجا فرض بجا آڻيو، ڇو ته انهن کان غفلت ڪرڻ ۾ ئي توهان جي خرابي آهي، ۽ فقط توهان جا چڱا عمل توهان جي موت وارو رستو آسان ڪندا. پاڪائيءَ سان رهو، چڱا ڪم ڪريو، ۽ خدا کان دعا گهرو ته توهان جي نيڪ ڪوششن ۾ توهان کي مدد ڏئي ۽ توهان جون گذريل خطائون معاف ڪري. جو شخص نيڪيءَ جا ڪم ٿو ڪري سو پنهنجي روح کي آرام ٿو ڏئي، جو خبردار ٿو ٿئي ۽ خدا کان ڊڄي ٿو ۽ حق کي پروڙي ٿو سو ڪامل علم يا معرفت حاصل ٿو ڪري.“
هي الفاظ قسمت ۽ جبر ۽ انهيءَ عقيدي، ته سڀ ڪجهه اسان جي مقدر ۾ اڳواٽ لکيل آهي جي خلاف آهن. بلڪ اهي الفاظ الله تعاليٰ ۾ پڪي ويساهه سان گڏ اهو ويساهه به ڏيکارين ٿا ته انسان ۾ ترقي ڪرڻ جو مادو آهي، ته جنهن ترقيءَ جو مدار انفرادي ڪوشش تي آهي جا ڪوشش وري انسان جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي.
ڪنهن شخص حضرت عليءَ رضي الله کان قضا ۽ قدر جي معنيٰ پڇي. جواب ۾ فرمايائون ته پهرئين لفظ جي معنيٰ آهي خدا جي حڪمن جي پيروي ۽ گناهه کان پرهيز، ۽ ٻئي لفظ جي معنيٰ آهي پاڪ زندگي گذارڻ جي قابليت، ۽ اُهي ڪم ڪرڻ جيڪي خدا جو قرب حاصل ڪرائين، ۽ اُنهن ڪمن کان پرهيز ڪرڻ، جي سندس ڪماليت کان پري اُڇلائي ڇڏين. ايئن نه چئبو ته انسان مجبور آهي، يعني اُن تي الله تعاليٰ جبر ٿو ڪري، ڇو ته ائين چوڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته ”الله تعاليٰ ظالم آهي“ نڪي ائين چئو ته انسان کي ڪلي اختيار آهي. پر حقيقت هيئن آهي: ته سندس مدد ۽ فضل سان اسان کي نيڪيءَ جي ڪمن ڪرڻ جي ڪوشش ۾ همت ملي ٿي. اسان گمراهه هن ڪري ٿيون ٿا جو سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ کان لنوايون ٿا.ڪنهن شخص سوال ڪيو ته پوءِ لاحول ولا قوت الا بالله (ناهي ڪا طاقت ۽ مدد خدا کانسوا) جو مطلب ڇاهي؟
جواب ۾ فرمايائون ته اُن جو مطلب آهي، ته مون کي الله تعاليٰ جي غضب جو خوف ڪونهي پر مون کي سندس پاڪائيءَ جو خوف آهي، نڪا مون کي طاقت آهي سندس حڪمن تي هلڻ جي، پر منهن جي طاقت سندس مدد ۾ آهي.
الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي، ته اسان توهان جي آزمائش وٺي ڏسنداسين ته ڪهڙا مجاهدين (ڪوشش ڪندڙ) آهن، ۽ ڪهڙا تحمل ۽ صبر وارا آهن ۽ توهان جي عملن جي پرک وٺنداسين ۽ اسان توهان جي مدد ڪنداسين ته بتدريج اهو فائدو حاصل ڪيو، جنهن جي توهان کي خبر ڪانهي. هي آيتون انسان جي ارادي جي آزاديءَ جي ثابتي ٿيون ڏين. قرآن شريف جي هيءَ آيت: ته الله تعاليٰ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي هدايت ٿو ڪري، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهنکي گمراهه ٿو ڪري ان آيت جي سمجهاڻي ڏيندي، حضرت علي رضي الله فرمايو ته انهيءَ جو اهو مطلب ناهي ته الله تعاليٰ اسان کي جبرن گناهه يا نيڪيءَ جا ڪم ٿو ڪرائي، نڪي اهو مطلب آهي ته هو بنا سبب ڪنهن کي هدايت ٿو ڪري ۽ ڪنهن کي نٿو ڪري، ڇو ته ائين هجي ها ته پوءِ انسان پنهنجي عملن لاءِ جوابدار ڪو نه هجي ها. پر ان آيت جو مطلب هيءُ آهي ته الله تعاليٰ حق جو رستو ڏيکاري ٿو، ۽ ماڻهن کي اختيار آهي ته جيڪو رستو وڻين سو وٺن. حضرت علي رضي الله، الله تعاليٰ جي ڪلام ۽ حضرت ﷺ جن جي قولن تي فلسفي جو بنيان ٻڌو ۽ مديني منور ۾ سڀ مسلمان سندس ئي فلسفي ۽ راين سان شامل هئا. ساڳيو ئي فلسفو ۽ خيال مديني مان دمشق، ڪوفي، بصره ۽ بغداد ۾ وڃي رائج ٿيا ۽ عباسي خاندان جي اوائلي زماني ۾ اِهو فلسفو اوج تي رسيو.
ڪربلا جي ڪوس ۽ مديني منور جي ڦرلٽ کان پوءِ مدينه منوره واريءَ علمي ترقيءَ کي شڪست آئي. مگر پوءِ وري حضرت جعفر صادق جو گهڻن علومن جو ماهر هو ۽ ڪرستانن ۽ يهودين وغيره سان بحث مباحثا ڪيا هئائين، تنهن حضرت علي رضي الله جي فلسفي کي ترقي وٺرائي. جبر جي سوال تي فرمايائين ته ”جيڪي ماڻهو جبر جا قائل آهن، سي الله تعاليٰ کي انهن سڀني گناهن ۾ شريڪ ٿا ڪن جيڪي هو پاڻ ٿا ڪن“.
جيڪڏهن الله تعاليٰ گناهه به پاڻ ٿو ڪرائي ۽ انهن لاءِ سزا به ٿو ڏئي ته پوءِ چئبو ته هو سخت ظالم آهي. (نعوذ بالله منها) هيءُ ڪفر آهي. جبر جو متو الله تعالي کي بي انصاف ڌڻي ٿو بنائي. جبر جي ابتڙ وري تفويض جو جيڪو متو آهي ته انسان کي ڪلي اختيار آهي ۽ جيئن جنهن کي مناسب نظر اچي تئين ڪري سو به بلڪل خراب آهي. ڇو ته اهو اصول اخلاقن جي بنياد کي ئي اکوڙي ٿو ڇڏي ۽ سڀ ڪنهن انسان کي جيئن وڻندو تيئن پنهنجي حرص و حوس کي ڇوٽ ڇڏي ڏيندو. ڇو ته جيڪڏهن سڀ ڪنهن شخص کي ڪلي اختيار ڏجي ته هو پنهنجي لاءِ حق ۽ ناحق پاڻ پروڙي اختيار ڪري ته پوءِ ساڻس ڪو به قاعدو يا قانون لڳائي نه سگهبو. پر اختيار تفويض کان ٻيءَ طرح آهي. الله تعاليٰ سڀ ڪنهن انسان کي طاقت ڏني آهي ته سندس حڪمن کي سمجهي ۽ اُنهن تي عمل ڪري. جي ماڻهو ڪوشش ٿا ڪن ته پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان رهون، تن کي الله تعاليٰ اُن ۾ مدد ٿو ڪري. اهيئي آهن جو سندس راضپو حاصل ٿا ڪن. مگر اٰهي جي سندس حڪمن جي نافرماني ٿا ڪن سي گنهگار آهن.
عباسي خاندان جي زماني ۾ يونان ۽ هندوستان مان يوناني ۽ سنسڪرت ڪتاب آڻائي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا ۽ علم ۽ فلسفي جي ڌُم لڳي ويئي. انهيءَ زماني ٻه فرقا پيدا ٿيا، هڪ معتزله ۾ ٻيا صفاتيه. اُنهن جو بيان وڏو آهي، مگر ايترو ٻڌائجي ٿو ته معتزله عقل، فلسفي ۽ دليلن کان ڪم وٺندا هئا ۽ صفاتيه بنا سوچ ويچار جي جيڪي وڏن يا عالمن لکيو يا چيو سو قبول ڪندا هئا. ايترو به خيال ڪو نه ڪندا هئا ته ڪهڙيون حديثون معتبر آهن ۽ ڪهڙيون غير معتبر، ۽ فلاڻا متا يا اصول هڪ ٻئي سان موافق آهن يا مخالف. اڄوڪا عالم اڪثر ڪري معتزله فرقه جي خلاف آهن، ۽ پاڻ به صفاتيه فرقي وانگرسڀني گذريل علمائن جي قولن ۽ متن کي بنا سوچ ويچار جي قبول ڪندا آهن، ۽ اهو خيال به نه ڪندا آهن ته اُنهن متن مان ڪيترائي نه رڳو قرآن شريف ۾ معتبر حديثن جي خلاف آهن پر هڪ ٻئي جي به خلاف آهن.
منهنجو خيال آهي ته معتزله به گهڻي قدر غلط هئا، ڇو ته هنن افلاطون ۽ ارسطوءَ کي سورنهن آنا سچو سمجهي، قرآن شريف جا تاويلات اُنهن جي فلسفي جي اصولن مطابق ڪيا. تاهم ايترو ته آهي ته هو عقل کان ڪم وٺندا هئا ۽ صفاتين کان ڪن ڳالهين ۾ بهتر هئا. حڪومت جا عهدا جيستائين معتزله فرقي وارن جي هٿ ۾ رهيا، تيستائين حڪومت جو سرشتو ۽ انتظام عاليشان رهيو. جڏهن عباسي خاندان جي پوين تنگ خيال بادشاهن معتزله فرقي وارن کي معزول ڪري ڇڏيو، تڏهن حڪومت جو انتظام بگڙي ويو. علم جي ترقي رڪجي ويئي، عقل جو دروازو بند ٿي ويو، ۽ ديني خواهه دنيائي تنزل ۽ بگاڙو روز بروز ترقي ڪندو ويو.
معتزله فرقي وارن هڪ نئين علم جو بنياد وڌو، جنهن کي علم الڪلام يعني عقل جو علم سڏبو هو. اُن علم جي وسيلي هو هڪ طرف غير مسلمانن سان مذهبي مناظره ڪري اسلام جي حمايت ڪري سگهندا هئا، ۽ ٻئي طرف تنگ خيال عالمن سان مقابله ڪري سگهندا هئا. اگرچه ابن رشد ۽ ابوسينا جهڙا فيلسوف پوءِ پيدا ٿيا، مگر عمومن اسلامي دنيا کي تنزل جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ وڪوڙيندو ويو.
عيسوي ڏهين صديءَ جي آخر وارو زمانو عقل ۽ سائنس لاءِ هڪ بدقسمتيءَ جو زمانو هو. شاهوڪار عياش ۽ بيدين هئا، ۽ مسڪين جاهل ۽ تعصبي هئا. ان وقت به هڪ چڱي ٽولي پيدا ٿي جن پاڻ کي اخوان الصفا يعني پاڪائيءَ جا ڀائر سڏايو. هنن جا اخلاقي خيال خود اڀياس يعني ذاتي تعليم ۽ خيالن جي پاڪائيءَ تي ٻڌل هئا. هنن جي خيالن مان ڪي خيال هي آهن ته: دماغي ڪمالات کان به اخلاقي فضائل بهتر آهن. روحاني طاقت جنهن جو مدار پاڻ کي صبر اورچائيءَ سان انتظام هيٺ رکڻ ۽ پاڻ کي وس ۾ رکڻ تي آهي، ان روحاني طاقت کي سڀ کان افضل سمجهندا هئا. عمل کان سواءِ ايمان کي، ۽ عقل کان سواءِ علم کي بيڪار سمجهندا هئا. صبر ۽ تحمل، نرمي ۽ محبت، انصاف، رحم، سچ ۽ اخلاقي بلندي، ٻين جي ڀلي لاءِ خود قرباني ڪرڻ تي زور ڏيندا هئا. منافقي، ٺڳي، حسد، هٺ، ظلم، ڪوڙ کي پنهنجي تصنيفن ۾ هر صفحه تي ننديندا هئا. ان وقت جا مذهبي عالم سندن ايتري قدر دشمن ٿي پيا جو متعصب خليفه معتصم کي برغلائي سندن علمي ڪتابن کي ساڙائي ڇڏيائون.
رائيٽ آنربل سيد امير علي لکي ٿو ته امام اعظم ابو حنيفه ۽ امام مالڪ بن انس ڪجهه وقت امام جعفر صادق وٽ تعليم حاصل ڪئي.
امام ابو حنيفه عراق جو ويٺل هو، ۽ امام مالڪ مدنيه منوره جو. ٻئي نيڪ اخلاقن جا پتلا هئا ۽ نهايت شفيق ۽ مهربان هئا ۽ اسلام جي بنياد کي وسيع ڪرڻ لاءِ جوشيلا هئا. آل رسول ﷺ جا حمايتي هئا، جنهن ڪري کين تڪليفون به برادشت ڪرڻيون پيون. امام ابو حنيفه مدينه منور مان موٽڻ وقت ڪوفه ۾ پنهنجو مدرسو کوليو، جو حنفي مذهب جو پايو وجهندڙ ٿيو. گهڻين حديثن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيائين، ۽ سندس تعليمات جو گهڻو مدار قرآن شريف تي رهيو، جنهن مان تمثيل ۽ استنباط جي وسيلي سڀ ڪنهن امر ۽ حالت لاءِ فتوائون ڏنائين. سندس شاگردن ابو يوسف ۽ محمد سندس خيالن کي ترتيب ڏيئي وڌيڪ مروج ڪيو. امام مالڪ وري ٻيو رستو ورتو، هن استنباط کي بلڪل بيدخل ڪيو ۽ پوري پرک کانسواءِ حديثون گڏ ڪري اُنهن تي پنهنجي مذهب جو بنياد ٻڌائين.
ڪاليجن ۾ عقل ۽ فلسفي جو دور هو، ته مسجدن ۽ منبرن ۾ وري حنفي مذهب جو لاڙو ڪجهه قدر صفاتيه فرقي ڏي ٿيندو ويو.
امام حنبل جي ڪتابن ۾ ڪجهه اهڙيون روايتون شامل هيون جي هڪ ٻئي جون مخالف، عقل کان بعيد ۽ حيرت ۾ وجهندڙ هيون. گهڻيون ته هڪ ٻئي سان ئي ٺهڪي ڦهڪي نٿي آيون، ۽ ظاهر ظهور هٿراڌو ٺاهيل هيون. پوءِ ته ترقي ۽ تنزل جي ٽولين جي پاڻ ۾ سخت جنگ شروع ٿي ويئي. ابن حنبل صفاتيه فرقي وارن جا خيال اختيار ڪيا، ۽ سيکاريائين ته الله تعاليٰ کي اکين سان ڏسي سگهجي ٿو، سندس صفتون سندس ذات کان جدا آهن، سندس ڪرسي ۽ عرش تي ويهڻ جو مطلب ظاهري معنيٰ ۾ وٺڻ گهرجي، انسان کي ڪو اختيار ڪونهي، انسان جو سڀ ڪو فعل الله تعاليٰ جو فعل آهي وغيره وغيره. علم ۽ سائنس جي سخت مخالفت ڪيائين، ۽ عقل ۽ فلسفي جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيائين، عام ماڻهن سندس فصاحت ۽ جوش کان متاثر ٿي سندس طرفداري ڪئي. حنفي مذهب وارن جي مقبوليت جو مدار به عام ماڻهن تي هو، ۽ درٻاري ماڻهو فيلسوفن ۽ سائنس دانن جا حاسد هئا، تنهنڪري هو به ابن حنبل سان شامل ٿي ويا. منبرن تان فلسفي ۽ سائنس وارن تي سخت حملا ۽ ڪفر ۽ دوزخ جون فتوائون جاري ٿيون. بغداد جي گهٽين ۾ ڪيترائي فساد ۽ خونريزيون ٿيون. خليفن معتصم ۽ واثق سختيءَ سان سندن جوشيلا حملا روڪيا، ۽ سندن مکيه مهندار کي جيل ۾ رکيو ويو جتي وفات ڪيائين، جنهنڪري هو مقدس شهيد سمجهيو ويو ۽ سندس جنازه سان هڪ لک چاليهه هزار مرد ۽ عورتون شامل ٿيا. سندس مذهب گهڻو زور ڪونه ورتو، مگر سندس خيال حنفي مذهب ۾ گڏجي ويا ايتري قدر جي حنفي متن ۽ اصولن کي نئون رنگ اچي ويو.
هن کان پوءِ حنفي مذهب امام ابو حنيفه ۽ امام ابن حنبل جي تعليمات جو مرڪب ٿي پيو.
جڏهن متوڪل تخت تي ويٺو تڏهن سڀئي ملڪي طاقتون فيلسوفن جي هٿ ۾ هيون. مکيه جوابداري وارا عهدا سندن هٿ ۾ هئا. اٰهي ڪاليجن جا پروفيسر، اسپتالن جا سپرنٽينڊنٽ ۽ رسد گاهن جا ڊائريڪٽر ۽ واپاري هئا. مطلب ته سڄي بادشاهت جي عقل ۽ دولت جا نمائندا ئي فيلسوف هئا. تعليم يافته، دماغي ۽ وقار وارن سڀني فرقن جو مذهب، عقل ۽ فلسفو هو. صفاتيه مذهب مسڪين فرقن ۾ رائج هو. گهڻا قاضي ۽ واعظ ۽ فقيهه انهيءَ فرقي جا هئا. خليفه متوڪل ظالم، نشئي ۽ وقتي سودائي به هو، مگر کيس اهو عقل هٿ آيو ته سندس فائدو ۽ زور انهي ۾ آهي ته پوئين فرقي کي همٿايان ته هڪدم عام ماڻهن ۾ هردلعزيز ٿي پوندس، ۽ متعصب ماڻهن لاءِ چڱو خليفه سمجهڻ ۾ ايندس. هڪدم فرمان ڪڍيائين ته ترقيءَ واري ٽولي کي سڀني عهدن کان معزول ڪيو وڃي. ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند ٿيون. علم، ادب، سائنس ۽ فلسفو سيکارڻ ۽ مشهور ڪرڻ جي منع ٿي ويئي، ۽ فيلسوفن کي شهر مان ڪڍيو ويو. متوڪل حضرت عليءَ رضي الله ۽ سندس پٽن جو مقبرو ڊهرائي ڇڏيو. متعصب ۽ تنگ خيال فقيهن کي سڀ عهدا مليا. متوڪل وفات ڪئي ته مستنصر خليفو ٿيو جنهن جي وقت ۾ وري ترقيءَ پسند ٽولي کي عهدا مليا.
پر بيرحم ۽ خونخوار منتظم با الله جي عهد خلافت ۾ وري ساڳيو تنزل وارو ٽولو زور وٺي ويو. انهن جي راءِ هئي ته جئين الله تعاليٰ کي ڪلي اختيار آهي تيئن سندس عيوض بادشاه کي به ڪلي اختيار آهي، جئين وڻيس تيئن ڪري.
امام غزاليؓ ننڍي هوندي کان مختلف علومن، فلسفي ۽ سائنس حاصل ڪرڻ ۾ گهڻو وقت صرف ڪيو، پر قلبي تشفي نه هئڻ ڪري تصوف ڏي موٽي پيو. اگرچه فلسفي ۽ سائنس کي مذهبي اطمينان ۽ قلبي آرام لاءِ ڇڏي ڏنائين، تڏهن به سندس تصنيفن ۾ بلڪل سهڻا خيال آهن. هو عقل جي تعريف ٿو ڪري، ۽ اُن کي خيالي ويساهه کان بهتر ٿو سمجهي ۽ بي سوچ ۽ تعصبي ايمان جي مخالفت ٿو ڪري جو عقلي تحقيق ۽ علم کي انهيءَ ڪري رد ٿو ڪري ته اهي فيلسوفن وٽان آيل آهن. هو بي سوچ ايمان کي اسلام جو نادان دوست ٿو ڪوٺي. سندس تعليمات بابت ذاتي آزادي، اخلاقي هلت، تزڪيئه نفس، ۽ پنهنجي وقت جي ملن جي بد اخلاق ۽ بيڪار زندگين جي ڌڪار، اهي سڀ ڏيکارين ٿا ته ڪيتري قدر هو نيڪ طبيعت هو.
سال 1150 عيسوي ۾ خليفه مسنصر جي حڪم سان ابن سينا جا فلسفي جا ڪتاب ۽ اخوان الصفا جا رسالا جيڪي خانگي خواه پبلڪ ڪتب خانن ۾ موجود هئا سي سڀ ساڙيا ويا. 1192ع ۾ حڪيم الرڪن عبدالسلام تي ڪفر جو الزام رکيو ويو، ۽ جاهلن ۽ ملن گڏجي سندس ڪتابن کي ڍير ڪري ساڙي ڇڏيو. جيڪو ملان انهن جو مهندار هو سو اُن وقت ڪرسي تي چڙهي بيٺو ۽ فلسفه جي خلاف ليڪچر ڏنائين. هڪڙو شخص جو اُن وقت حاضر هو سو لکي ٿو ته، مون ڏٺو ته اُن ملان جي هٿ ۾ ابن الحزن جو هڪ ڪتاب هو جو ستارن جي علم بابت هو. ملان ڇا ڪيو جو اُهو ڪتاب کولي هڪ گول جي شڪل ماڻهن کي ڏيکاري چيائين ته هي ڏسو! مصيبت! بيان کان ٻاهر مصيبت! ائين چوندي ڪتاب کڻي باهه ۾ وڌائين.
ايترين ڳالهين هوندي به جهل عقل تي غالب نه پوي ها، پر تاتاري مغلن ڪم ئي پورو ڪري ڇڏيو. جيڪي نادان ملن بچايو، سو اُنهن تاتارين باهه جي حوالي ڪري ڇڏيو. تاتاري ان وقت اهڙا جهنگلي هئا جن جو بيان پارسي شعر ۾ اڃا موجود آهي، جتي ڏيکاريل آهي ته سڀني جي وارن ۾ به سؤ جوئان جا هونديون هئن.
حضرت رسول ﷺ عقل ڪم آڻڻ جو تاڪيد ڪيو. مگر اڄوڪن ملن گهڻو ڪري عقل ڪم آڻڻ کي گناهه سمجهيو آهي. پاڻ صه انسان جي پوڄا ڪرڻ يا حد کان ٻاهر عزت ڏيڻ کان منع فرمايائون، مگر اڄوڪن سڀني مسلمانن چئن امامن پنجتن ۽ سلف صالحين کي اهڙو وزن ڏنو آهي جهڙو وحي کي! بلڪ ان کان به وڌيڪ، ۽ شيعن وري پنهنجي مجتهدن کي. انهن جي خيالن کان ٿورڙو ئي تجاوز ٿو ڪجي، پوءِ اگرچه اهو تجاوز رسول الله ﷺ جي تعليمات ۽ عقل سان موافق هجي ته به اُن کي گناهه سمجهيو ٿو وڃي. پاڻ فرمايائون ته جنن ڀوتن وغيره جو اسلام سان ڪو تعلق ڪونهي، مگر ڪن مسلمانن جو انهن ۾ پڪو ايمان آهي. پاڻ تاڪيد ڪيائون ته علم جي طلب ۾ ڪافرن جي ملڪ ڏي به مسافري ڪري وڃو مگر اڄوڪا مسلمان گهر جي اسڪولن ۾ به تعليم وٺڻ کان انڪار ٿا ڪن.
تصوف جو عمل ۽ فلسفو، جو پوءِ اسلام ۾ زور شور سان ٿيو تنهن جو بنياد قرآن شريف جي ڪن آيتن ۽ رسول الله ﷺجي قول ۽ فعل تي ٻڌو ويو. مگر اهو فلسفو عوام الناس کي گمراه ڪري ٿو ڇڏي، ۽ مسلمانن ۾ انهي تصوف جا نتيجا اهڙا برا نڪتا آهن جو الله جي امان. امام غزالي پڻ اهڙي شڪايت ڪئي آهي.
رائيٽ آنربل امير علي جا ڪتاب تمام وڏا آهن. انهن مان فقط ڪي ٿورڙا جملا چونڊي مٿي ڏنا ويا آهن. سنڌ جي مسلمانن جي اهڙي حالت آهي جو ننڍڙا اسلامي ڪتاب چئن پنجن آنن(روپين) وارا به خريد ڪري نٿا سگهن، اگرچه اهي اسلامي ڪتاب عاليشان هجن، ۽ سڀڪنهن فرقي جي مسلمانن وٽ مقبول هجن. پوءِ جيڪڏهن امير علي جا ڪتاب ترجمو ڪري ڇپائجن، ۽ هر هڪ جي قيمت چار روپيه رکجي ته ڪهڙو مسلمان خريد ڪندو. خريد ڪرڻ ته پنهنجي ماڳ، پر اٽلندو مٿي بيان ڪيل ملن وانگر انهن ڪتابن کي باهه جي حوالي ڪري ڇڏيندو. مگر اسان جو فرض آهي ته تعصب ۽ تنگ خيالي دور ڪري اهڙن ڪتابن جو اڀياس کليل دماغ سان ڪيون، ۽ عقلي ۽ نقلي دليلن سان انهن جي تنقيد ڪيون، ۽ صحيح خيالات جي تائيد ڪيون، غلط خيالن جي ترديد ڪيون، ته حق حق ٿئي ۽ باطل باطل ٿئي. تڏهن ئي مسلمانن ۾ ترقيءَ جو دور شروع ٿيندو. اکين ٻوٽڻ سان ترقي ڪانه ٿيندي. رڳو اهڙا ڪتاب ئي نه پر خود مـخالفن ۽ ڪافرن جا ڪتاب ۽ غير مذهبن جا ڪتاب به پڙهڻ گهرجن. امير علي جي ڪتابن پڙهندڙن کي اهو يقين ته هڪدم ٿيندو ته سندس علم ۽ قابليت کي آفرين آهي. ڏسجي ٿو ته هن نه رڳو اسلام جي ديني ۽ دنيوي تاريخ سڄي پڙهي آهي، ۽ سڀني سنين توڙي شيعن جي امامن جون تصنيفون فقه ۽ حديثن جا ڪتاب ۽ تفسير پڙهيا آهن، پر دنيا جي هر مذهب ۽ هر ملڪ جي تاريخ جو اڀياس پڻ ڪيو آهي. هو قديم خواه جديد علومن ۽ فلسفو جو ماهر آهي. اهڙي مصنف جون تصنيفون پڙهڻ ته ضرور گهرجن، پوءِ جيڪڏهن ڪي غلطيون نظر اچن ته انهن بابت تحقيقات ڪري پوءِ انهن جي ترديد ڪجي.
مسلمانن ۾ ٽي فرقا
اڄوڪي زماني ۾ ترقيءَ جي نقطئه نظر سان ڏسبو ته مسلمانن ۾ (خواه ٻين مذهبن ۾) ٽي فرقا آهن. هڪ فرقو انهن جو آهي جي اڄ ڪلهه جي عقل ۽ سائنس ۽ يورپي ترقي ۽ تهذيب جي اثر هيٺ اچي مذهب کي اجايو ۽ بي سود سمجهڻ لڳا آهن. ٻيا اهي جيڪي اڌ پڙهيل مولوي ۽ ملان ۽ عوام الناس آهن، جن کي عقل ۽ تميز ايتري به ڪانهي جو ڪنهن به متي يا خيال بابت چئي سگهن ته قرآن شريف ۽ حديثن سان موافق آهي يا مخالف. اهو فرقو اهڙو خوش اعتقاد آهي جو جيڪي به وڏن چيو آهي يا شاعرن چيو آهي تنهن کي سچ سمجهندا آهن. ٽيون فرقو انهن جو آهي جو سڌيءَ طرح قرآن شريف ۽ صحيح حديثن کان ڪم وٺن ٿا ۽ اوائلي تفسيرن ۽ اصحابن سڳورن جي عملن سان موافقت ٿا رکن. اهو فرقو گهڻي قدر عقل کان ڪم وٺي ٿو. انهن کي اڪثر ڪري اهل الحديث يا غير مقلد يا وهابي سڏيو وڃي ٿو، اگرچه هو سچ پچ وهابي نه آهن. هاڻي انهن ٽن فرقن به نسبت ڪجهه نه ڪجهه بيان ڏبو.
يورپي ترقي ۽ تهذيب جا گرويده ايتري حد کي پهچي ويا آهن جو اُهي مسلمان ئي نه رهيا آهن. هو فقط منافقي طور پاڻ کي مسلمان سڏائين ٿا ڇو ته هنن جا تعلقات مسلمانن سان آهن. جيڪڏهن پاڻ کي مسلمان نه سڏائين ته تڪليفن هيٺ اچي ويندا. مگر منافقي ڪفر کان به خراب آهي. منافقي اسلام کي سخت صدمو ۽ شڪست ٿي پهچائي. ڇو ته نادان عوام الناس مسلمان سندن اسلامي احڪامن کان غفلت ۽ منهن موڙ ڏسي پاڻ به بي دين ٿي ٿا پون. پهاڪو آهي ته الناس علي دين ملوڪهم يعني عام ماڻهو پنهنجي بادشاهن جي روش ٿا وٺن. اسان جا يورپي ترقي جا شائق اڪثر ڪري وڏا آفيسر، ليڊر ۽ پوزيشن وارا ماڻهو آهن، تنهڪري عام ماڻهو ضرور انهن جوئي نقل ڪندا، ۽ سندن روش وٺندا. تنهن ڪري انهن صاحبن کي گهرجي ته همت ۽ جرئت رکي پاڻ کي کليو کلايو دهريو سڏائين، ۽ بزدل ٿي مسلمان نه سڏائين، ۽ ناحق مسلمانن کي کوه ۾ نه ٻوڙين، نڪي غير مسلمانن جي نظر ۾ اسلام کي حقير ۽ بدنام ڪن. کليو کلايو اسلام کان انڪار ڪندا، بلڪ اسلام جي مخالفت ڪندا ته انهيءَ ۾ اسلام کي نقصان ڪونهي پر اٽلندو اسلام جو فائدو آهي، ڇو ته پوءِ بحث مباحثي ۽ مناظري جي ڪري ڪوڙ ۽ سچ ظاهر ٿي پوندو. درحقيقت انهي فرقي کي سچي اسلام جي خبر ئي ڪانهي. هنن کي رڳو اهي خبرون آهن جي نيم خوانده مولوين ۽ ملن کان ٻڌيون اٿن جي سچ پچ به عقل ۽ علم واري انسان کي ايمان مان ڪڍي ٿيون ڇڏين. قوم جي سچن مسلمانن کي به گهرجي ته اهڙن بي دينن کي پنهنجو ليڊر نه بنائين، ۽ انهن کي فخرِ اسلام ڪوٺڻ بدارن لنگئه اسلام سڏين. ارمان ته پيٽ پالو اخباري ايڊيٽرن جو آهي جي پاڻ کي جوشيلا مسلمان به سڏائين ۽ اهڙن ڪوڙن منافقن کي فخر اسلام جا لقب به ڏين. اسان کي گهرجي ته جي شخص نماز روزي ۽ ٻين اسلامي رڪنن جا پابند ناهن تن کي ليڊريءَ تان لاهي ڇڏيون، ۽ انهن کي ليڊر بنايون جيڪي ليڊر شب جي قابل به هجن، پر ان سان گڏ اسلامي احڪامن جي پيروي ڪندڙ به هجن. ليڊر جي معني آهي رهبر، مگر اسان جا گهڻا ليڊر رهبر نه پر رهزن آهن. انهن منافقن کي جيڪڏهن چئجي ٿو ته توهان اسلام بابت جديد ڪتاب پڙهي ڏسو ته هو چون ٿا ته جيڪڏهن اسلام جي تعليم اها آهي جا جديد ڪتابن ۾ ڏيکاري وڃي ٿي ته پوءِ بيشڪ اسلام چڱو چئبو. پر چون ٿا ته حقيقت اها ناهي، اها رڳي مصنفن جي ٺڳي آهي جو تاويلات ڪري اسلام جي اڳوڻي تعليم کي هاڻوڪي خيالن ۽ عقل سان موافق ڪري ٿا ڏيکارين. انهي جو جواب هي آهي ته ڀلا توهان اهي ڪتاب کڻي نه پڙهو. توهان رڳو قرآن۽ حديث جي اصولن کي نظر ۾ رکي قرآن شريف ۽ صحيح بخاري پڙهي ڏسو، يا اوائلي تفسير پڙهي ڏسو، پوءِ توهان ڏسي سگهندو ته ڪيتري قدر جديد ڪتاب انهن سان موافق آهن. الله تعاليٰ شال انهي فرقي کي منافقي کان ڇڏائي پورو مسلمان ڪري يا سندن ڪفر ظاهر ڪري!
ٻيو فرقو انهن جو آهي جن کي نه عقل آهي، نه تميز آهي، نه علم آهي، نه مناظره جي طاقت، نه دين جي خبر آهي نه دنيا جي. جديد علومن ۽ فلسفن کان غير واقف آهن. دنيا جي اڳوڻي تاريخ ته ٺهيو پر هن زماني ۾ ڇا ڇا هلي رهيو آهي تنهن جي به خبرنه اٿن. غير مذهبن ۽ غير مذهب جي ماڻهن جي خيالن جي خبر ته ڪانهين، پر رڳو پنهنجي مذهب اسلام جي به خبر ڪانهين. هو ظاهر زنده آهن، مگر مئلن جي قطار ۾ آهن. اکين هوندي انڌا، ڪنن هوندي ٻوڙا، ۽ دماغ هوندي بي عقل آهن. اخبارون پڙهن ڪين، جيڪي جيڪي اڳوڻن عالمن يا شاعرن چيو آهي يا لکيو آهي سو سڀ سچ ٿا سمجهن. اگرچه قرآن مجيد ۽ حديث جي مخالف هجي، يا خود اهي عالم ۽ شاعر پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مخالف هجن. پر جنهن صورت ۾ هن فرقه وارا سوچ ويچار ڪن ئي ڪو نه ۽ عقل کي پيتيءَ ۾ بند ڪري قفل هڻي ٿا ڇڏين ته پوءِ هنن کي مخالفت ڏسڻ ۾ ڪيئن اچي. نڪي اخبارون پڙهن، نڪي نون تحريڪن ۾ شريڪ ٿين، اٽلندو سڀ ڪنهن تحريڪ جي مخالفت ڪن. جيئن سکڻو گهڙو وڄندو آهي، تيئن هو گهر ويٺي هٺ ۾ پيا ڇڄن. ٻين خيالن جي ماڻهن سان ملڻ ۽ گفتگو ڪرڻ کان ائين ڇرڪندا آهن جيئن ڪانءُ ڪمان کان، تڏهن به پاڻ کي عقل ۽ علم جو درياه سمجهندا آهن. آکاڻي آهي ته هڪڙي ڏيڏري سڄي حياتي هڪ کوهه ۾ رهي هئي، نڪي پاڻ ڪڏهن ٻاهر نڪتي هئي، نڪا ڪا ٻاهرين ڏيڏري وٽس آئي هئي. اتفاقن درياه جي اٿل ٿيڻ ڪري پاڻي اچي کوهه ۾ پيو، ۽ ڪيتريون ئي ٻاهريون ڏيڏريون اچي کوهه ۾ پيون. حال احوال ڏيندي وٺندي کوهه واري ڏيڏري پڇيو ته ڇا درياه هن کوهه جي هن ڪنڊ جيڏو آهي؟ هنن چيو ته نه، درياه جي ڀيٽ کوهه سان ڪريئي ڪانه سگهبي. تڏهن وري پڇيائين ته ڀلا هن کوهه جي اڌ جيڏو آهي؟ جواب ڏنائون ته اجايو مغز ٿي کپائين، لک کوهه گڏجن ته به درياه جي مٽ نه ٿين. تنهن تي کوهه واريءَ ڏيڏريءَ چيو ته توهان ڪوڙ ٿيون ڳالهايو. ڪا به شي هن کوهه جيڏي وڏي ٿي ڪين سگهندي.
نيم خوانده ملن ۽ مولوين جو حال به انهيءَ کوهه واريءَ ڏيڏريءَ جهڙو آهي. هنن ويچارن جيڪي پنهنجي استادن کان سکيو تنهن کان وڌيڪ ڪا به خبر ڪانهين. انهن جي لاءِ دنيا ۾ ٻيو علم آهي ئي ڪو نه. نه وري دنيا جي ملڪن جو سير ڪري زبردست عالمن سان گفتگو ڪئي اٿن. هو جيڪڏهن ڏهن ورهين جي قادياني ڇوڪر يا آريه ڇوڪر سان مناظره ڪن ته هڪ سوال جو جواب به ڪين ڏيئي سگهندا، گهڻي ۾ گهڻو ائين چوندا ته فلاڻي ڪتاب ۾ هيئن لکيل آهي. اُهو ڇوڪرو چوندو ته مان انهيءَ ڪتاب کي مڃان ئي ڪونه ٿو، تون مون کي عقل سان سوال جو جواب ڏي. مولوي صاحب چوندو ته خبيث آهين، منڪر آهين تو سان مون کي ڳالهائڻو ئي ناهي. هن فرقي وارن کي نه ڪتابن جي مطالعي جو شوق آهي، نه تبليغ ڪرڻ جي رغبت يا قابليت آهي. درحقيقت جنهن نالي جي مولوي کي قرآن شريف، حديثن ۽ ڪتابن پڙهڻ جو شوق ناهي سو عالم ناهي پر جاهل آهي. ڇو ته جيڪڏهن قرآن ۽ حديث وغيره کيس سمجهه ۾ اچن ها ته ضرور وڻنس ها، ۽ جي وڻنس ها ته ضرور انهن کي بار بار پڙهي ها، ۽ ٻين کي به شوق ۽ جوش سان ٻڌائي ها. انهيءَ فرقي جون ٻيون خصوصيتون ۽ خيال هيٺين بابن ۾ اچي ويندا، تنهنڪري هت وڌيڪ بيان ڪرڻ نٿو گهران.
ٽيون فرقو اُنهن جو آهي جن موجوده زماني، خصوصن يورپي عقل ۽ علم کان متاثر ٿي، اسلام جو اڀياس بلڪل نيئن نقطئه نظر سان ڪيو آهي، ۽ هاڻي مذهبي آزادي هئڻ ڪري پوئين زماني جي خيالن کي ڇڏي اصل قرآن ۽ حديث ۽ اصحابن سڳورن جي قول ۽ فعل ڏي رجوع ٿيا آهن. نئون نقطئه نظر هي آهي ته آيا اسلام جي تعليم عقل جي موافق آهي يا نه، ۽ ان تعليم تي عمل ڪرڻ سان اسان سچي ترقي ۽ تهذيب ۽ دنيا ۽ آخرت جي بهبودي حاصل ڪري سگهون ٿا يا نه. هي انهي کوجنا ۾ ڪامياب ٿيا آهن ۽ کين يقين آهي ته اسلام ئي ڪامل مذهب آهي ۽ فقط اسلام ئي ڪامل ترقيءَ جو وسيلو آهي. تنهنڪري هنن کي اسلام جي تبليغ جو نهايت گهڻو چاهه آهي، هو غير مذهب وارن سان نه رڳو مناظرو ڪري سگهن ٿا، پر کين اسلام تي آڻي سگهن ٿا، ۽ آڻين پيا. هو غير مذهبن جو اڀياس ڪن ٿا ۽ اُن سان گڏ دنيا جي قديم ۽ جديد تاريخ ۽ فلسفو پڙهن ٿا، ۽ هلندڙ وقت جي حالتن ۽ خيالن جي پوري پوري واقفيت رکن ٿا اٰنهن کي نيم خوانده مولوي اڳي ڪافر سڏيندا هئا، پر هاڻي گهڻو ڪري اهل حديث يا غير مقلد يا وهابي سڏيندا آهن. هندستان ۾ اهو جهڳڙو گهڻو وقت اڳي شروع ٿيو هو. مولانا حالي ۽ مولانا شبلي جهڙن زبردست عالمن کي ڪافر سڏيو ويندو هو، مگر هاڻي هو عام قبوليت حاصل ڪري چڪا آهن. سنڌ ۾ اڃا هاڻي اهڙا عالم پيدا ٿيڻ لڳا آهن، پر علم بلڪل ٿورو اٿن. اميد ته انهيءَ قسم جا عالم جلد گهڻا ٿيندا ۽ کين ورلي ڪو وهابي سڏيندو. هو به قبوليت عام حاصل ڪندا ۽ شرڪ ۽ بدعتون گهڻي قدر نڪري وينديون. انشاءَ الله.
مذهبي بگاڙو
حضرت رسول ﷺ جن جو قول آهي ته سڀ ڪنهن معاملي ۾ قرآن شريف مان هدايت وٺو. جيڪڏهن قرآن شريف مان ان امر به بابت حڪم نه ملي سگهي ته منهنجي قول ۽ فعل مان هدايت وٺو. جيڪڏهن اُنهن مان به نه ملي ته قياس ڪم آڻيو. پر ايئن به فرمايل آهي ته اصحاب سڳورا به هدايت جا ڏيئا آهن. مذهب مان سمجهبو ته قياس سان گڏ اصحابن سڳورن جي عام قول ۽ فعل کي ويچار هيٺ آڻڻو آهي. مگر اُن ۾ هيءَ احتياط ضروري آهي ته اهو قول ۽ فعل اصحابن سڳورن ۾ عام هجي، خصوصن مشهور اصحابن ۾. ائين نه ڪجي جو ڪنهن هڪ اصحابي جي قول يا فعل کي ايترو وزن ڏجي جيترو الله جي ڪلام کي. اصحاب سڳورا به انسان هوا، انسان کان ڪانه ڪا غلطي ضرور ٿيڻي آهي. فقط پيغمبر ئي ڪامل انسان آهن، سو به مذهب جي باري ۾، نه دنيا ئي معاملن ۾.
اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اسلام جا مکيه احڪام قرآن شريف ۾ ئي اچي ٿا وڃن. پر افسوس اهو آهي ته اُن جي معنيٰ سمجهڻ ۽ تفسير ڪرڻ ۾ غلطيون ڪيون ٿيون وڃن. هڪڙو اصول هي آهي ته قرآن مجيد آسان ۽ چٽو آهي، جئين بار بار خود قرآن شريف ۾ فرمايل آهي. قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته اُن جا ڪي ڀاڱا بلڪل چٽا ۽ واضح آهن، باقي جيڪي ڀاڱا مثال يا استعاري طور آهن، تن جو تفسير انهن چٽن ڀاڱن موجب ڪرڻ گهرجي. ٻيو اصول هي آهي ته قرآن شريف جي ڪن آيتن جو تفسير ڪن ٻين آيتن ۾ ئي ملي ٿو. ٽيون اصول هي آهي ته ڪنهن به آيت جي معنيٰ ۽ تفسير اهو وٺجي جو قريني سان موافق هجي يعني انهي آيت کان اڳين ۽ پوين آيتن ۾ جيڪو مضمون هجي انهيءَ سان موافق هجي. چوٿون اصول هي آهي ته تفسير ڪرڻ ۾ صحيح حديثن ۽ اصحابن سڳورن جي عام قولن ۽ فعلن کان به مدد وٺجي. پنجون اصول هي آهي ته اهڙي معنيٰ ۽ مطلب به نه ڪڍجي جو ظاهر ظهور عقل جي خلاف هجي يا ان تي عمل ڪرڻ مان فائدي جي بدارن نقصان هجي. ڇهون اصول هي آهي ته گهڻي قدر اوائلي تفسيرن جي مدد وٺجي. اوائلي ۽ چڱا تفسير هي آهن:
امام فخر الدين رازي جو تفسير ڪبير، ابن جرير جو طبري، زمخشريءَ جو ڪشاف، بيضاوي، ابن ڪثير، ۽ جامع البيان. (۽ هاڻوڪن عالمن مان مولانا آزاد جو ام الڪتاب/ترجمان القرآن ۽ مولاناعبيدالله سنڌيءَ جو الهام الرحمان ۽ المقام المحمود)
پوين مفسرن ٻه وڏيون غلطيون هي ڪيون آهن جوهڪ ته ڪيترين ئي آيتن جو شان نزول ڪن ڪوڙين روايتن سان شامل ڪري پنهنجي معنيٰ ٺاهي اٿن، ۽ ٻيو ته سنئين سڌين ۽ چٽين آيتن، جن جو مطلب بلڪل ظاهر پيو آهي ۽ جن جي تفسير ڪرڻ جي ڪا ضرورت ئي ڪانهي، تن تي پنهنجي مغز خراشي ڪري اونهيون معنائون ۽ مطلب ڪڍيا اٿن، جي معنائون ۽ مطلب بلڪل غلط آهن. ستون اصول هي آهي ته قرآني الفاظن جي لغوي معنيٰ جو به ويچار ڪرڻ گهرجي. هڪڙي لغت آهي جنهن ۾ قرآن شريف جي الفاظن جي معنيٰ ڏنل آهي، اها ضرور ڪم آڻڻ گهرجي. اها لغت آهي امام راغب اصفهانيءَ جي جنهن جو نالو آهي ”مفردات في غريب القران.“ ابن اثير جي نهايه وري حديث لاءِ چڱي لغت آهي.
مان عرض ڪري آيو آهيان ته سڀ کان پهريان اسان کي قرآن شريف تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ اوائلي مسلمان ڪندا به ائين هئا. مگر افسوس جو يزيد جي زماني کان وٺي مذهبي آزادي ڪانه رهي. هزارين ڪوڙيون حديثون ٺهيون، جي اڄ تائين به گمراهي جو سبب بنجي رهيون آهن. ان وقت گهڻي قدر قرآن شريف کي ڇڏي ڪوڙين حديثن تي عمل ڪرڻ ۾ آيو. اهو خيال به ڪو نه ڪيو ويو ته اهي حديثون قرآن شريف سان موافق آهن يا مخالف. امامن ۽ فقيهن سڳورن وري اسلامي احڪامن ۽ فرائضن کي ترتيب ڏئي اصولي ۽ فروعي قانون مرتب ڪيا. انهن اسلام جي عاليشان خدمت ڪئي ۽ عوام الناس جي رهبري ڪئي. مگر افسوس جو فقيهن جي فقه کي، بلڪ علمائن جي فتوائن کي ڪافي سمجهي قرآن شريف ڏي پورو توجهه ڪو نه ڏنو ويو ۽ سچين حديثن ڏي به پورو توجهه ڪو نه رهيو. ان کان پوءِ هزارين ڪوڙا ڪتاب لکيا ويا، جن جي ڪري هيڪاري گمراهي گهڻي ٿي وئي. ان سان گڏ صوفين جا فرقا پيدا ٿيا جن جي ڪري اصل اسلام کان گهڻي انحرافي ٿيندي وئي. سچو تصوف ته بلڪل چڱو هو، مگر ڪوڙن صوفين ۽ شاعرن اسلام کان عوام الناس کي بلڪل برطرف ڪري ڇڏيو. هن وقت اڪثر ڪري پڙهيل ماڻهو به صوفين ۽ شاعرن جي قولن کي سند ڪري وٺندا آهن ۽ قرآن شريف جي آيتن ۽ حديثن ٻڌڻ کان ئي انڪار ڪندا آهن، جنهن جو سبب هي ڏيندا آهن ته انهن ولين سڳورن قرآن شريف ۽ حديثن کي اوهان ملن ۽ مولوين کان بهتر سمجهيو هو. مگر قرآن شريف ۾ هڪ آيت آهي ته الشعراءَ يتبعهم الغاوون يعني گمراه ماڻهو ئي شاعرن جي پيروي ڪندا آهن. عوام الناس جي اهڙي حالت آهي جو مڪانن ۾ ڀنگ پيئندڙن، آفيم کائيندڙن، چرس ڇڪيندڙن ۽ نماز، روزي ۽ قرآن شريف کان پري ڀڄندڙن کي درويش ۽ ولي ٿا سمجهن. سوَ مان نوانوي ماڻهو انهن درويش ۾ ايمان ٿا رکن.
جيڪڏهن اسان جا عالم خبردار هجن ها ته عوام الناس جي اهڙي حالت هرگز ڪا نه ٿئي ها. افسوس هي آهي ته خود عالمن به قرآن شريف کي ڇڏي ڏنو آهي. ڪيترن ئي عالمن جو خيال آهي ته جيڪڏهن قرآن شريف جي ڪنهن آيت ۽ ڪنهن حديث جي وچ ۾ اختلاف نظر اچي ته حديث کي وٺجي نه قرآن شريف جي آيت کي، ڇو ته ممڪن آهي ته اسان قرآن شريف جي ان آيت جو مفهوم پوري طرح سمجهي نٿا سگهون. جيڪڏهن ڪنهن حديث ۽ فقه جي ڪنهن قول ۾ تفاوت نظر اچي ته فقه جي قول کي وٺڻ گهرجي، ڇو ته ممڪن آهي ته اسان ان حديث کي پوري طرح سمجهي نٿا سگهون، ۽ فقيهن سڳورن کي حديثن جو علم وڌيڪ هو. جيڪڏهن فقه جي قول ۽ متاخرين مجتهدن جي ڪنهن فتويٰ ۾ اختلاف نظر اچي، ته ان فتويٰ تي عمل ڪجي نه فقه جي قول تي. ڇو ته مجتهدن جو دماغ اسان کان وڌيڪ سٺو هو. هن مان سمجهي سگهجي ٿو ته سچ پچ پوين عالمن قرآن شريف ۽ حديثن کي بلڪل ڇڏي ڏنو آهي.
ٻيون ثابتيون هي آهن: جڏهن مان ننڍو هوس (خلافت واري گوڙ کان پوءِ حالتون ڪجهه ڪجهه ٻي طرح آهن). تڏهن عالمن کان جيڪڏهن قرآن شريف جي ڪنهن آيت جي معنيٰ پڇي ويندي هئي يا ائين پڇيو ويندو هو ته هن مسئلي بابت قرآن شريف ۾ ڇا فرمايل آهي ته جواب اهو ملندو هو ته قرآن شريف ڪنهن سمجهيو آهي ڇا؟ ارمان انهن جي عقل تي آهي جو خود الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته قرآن شريف جون هدايتون چٽيون آهن، مگر هي نالي جا عالم چون ته قرآن شريف ڪنهن سمجهيو ئي ناهي. پر هو سچ به ٿا چون، ڇو ته پاڻ جو ڪو نه سمجهيو هوندن! ٻي ثابتي هي آهي ته قرآن شريف جي معنيٰ نه خطبن ۾، نه وعظن ۾، نه ئي گفتگو ۾ ٻڌائيندا هئا ۽ نه وري ڪي اهڙا ڪتاب سنڌي زبان ۾ لکيائون جن ۾ قرآن شريف جي آيتن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي هجي. نڪو اهڙو ترجمون ۽ تفسير لکيائون جنهن ۾ بامحاوره سنڌي ڪم آيل هجي. جيڪڏهن هو قرآن شريف سچ پچ سمجهن ها، ۽ اُن تي عمل ڪندڙ هجن ها، ته ضرور کين وڻي ها، ۽ بي اختيار ان جي تبليغ به ڪن ها.
ساڳي طرح جيڪڏهن حديثون پڙهن يا سمجهن ها ته ضرور تقريرن ۽ تحريرن جي وسيلي انهن جي اشاعت ڪن ها. حضرت رسول ﷺ جو قول آهي ته جيڪو چاليهه حديثون مشهور ڪندو، تنهن کي هيترو ڪي هيترو ثواب ملندو. هن اعتراض تي ڪي عالم جواب ڏيندا آهن ته هن ملڪ ۾ سنڌيءَ جو رواج ڪو نه هو، ڪتاب پارسيءَ ۾ لکيا ويندا هئا. خبر نه آهي ته پارسيءَ ۾ سنڌي عالمن جا ڪهڙا ڪتاب انهيءَ قسم جا لکيا ويا هئا، يا هاڻي به موجود آهن، جيڪڏهن اُهي سٺا آهن ته ڇو هن وقت اُنهن جو ترجمو ڪيو نه ٿو وڃي. مگر حقيقتن اهو جواب پورو نه آهي ڇو ته نورنامي ۽ امير حمزه جهڙا ڪوڙا ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيا ويا، باقي قرآن شريف ۽ حديثن کي ڇو ڇڏيو ويو؟ انگريزن جي اچڻ بعد ته سنڌيءَ جو رواج عام ٿي ويو. هزارين سنڌي ڪتاب خصوصن ڪوڙا قصا چار درويش، گل بڪاولي وغيره جهڙا ۽ عشقيہ ڪافيون ۽ غزل ڇپايا ويا، مگر ڪنهن به عالم کي اهو خيال نه آيو ته قرآن شريف منجهؤن ڪي آيتون ۽ صحيح بخاري مان ڪي حديثون چونڊي سنڌيءَ ۾ ترجمون ڪري ڇپايون، ته ويچارن جاهل مسلمانن کي اسلام جي ڪجهه خبر پوي. سنڌي ته ڇڏيو پر پارسي زبان ۾ به سنڌي عالمن ڪو اهڙو ڪتاب ڪو نه لکيو جهڙو اڙدوءَ ۾ رحمته اللعالمين يا سيرت النبي آهي يا خواجه حسن نظامي جو تعليم القران آهي.
رسول الله ﷺ جي سوانح عمري سنڌيءَ ۾ سڀ کان پهريائين هڪ هندوءِ لکي جنهن تي جناب مولوي فتح محمد سيوهاڻي کي رشڪ آئي ۽ حيات النبي لکي ڇپارايائين. پر اهو مولوي صاحب به انهيءَ فرقي مان آهي جنهن کي ڪي نادان وهابي سڏيندا هوندا.
هڪ وڏو عالم هو جنهن وٽان تمام گهڻا شاگرد دستاربندي ڪري ويا آهن. ان عالم سان مون ڪنهن وقت ناسخ منسوخ جي مسئلي بابت گفتگو پئي ڪئي. پڇيومانس ته قرآن شريف جون ڪهڙيون آيتون منسوخ آهن؟ چيائين ته ياد ڪو نه اٿم. مون پڇيس ته جيڪڏهن توهان جهڙا عالم به اها يادگيري نه رکن ته پوءِ قرآن شريف پڙهندي ڪيئن هدايت وٺندو ته هنن آيتن جي حڪمن تي عمل ڪيان ۽ هنن تي عمل نه ڪيان ڇو ته هي منسوخ آهن. ٻيو هڪ عالم جو سندس پاسي ۾ ويٺو هو تنهن ٺڪ جواب ڏنو ( وڏو مولوي صاحب خاموش رهيو) ته عمل جي واسطي فقه ڪافي آهي، قرآن شريف رڳو ثواب واسطي پڙهجي ٿو. خدا خير ڪري! هي اٿو وڏن وڏن عالمن جا حال! خبر نه آهي ته ثواب جي معنيٰ ڪهڙي ٿا وٺن. ڪيئن به هجي مگر مٿئين جواب مان ثابت ٿي چڪو ته خود عالمن به قرآن مجيد ۽ حديث شريف کي سورهن آنا ڇڏي ڏنو آهي.
فقه ڪيترو به چڱو هجي ۽ ڪيترو به صحيح هجي ته به اهڙو ڪافي هرگز ٿي نٿو سگهي جو قرآن ۽ حديث جي حاجت ئي ڪانه رهي، ڇو ته فقه جو بنياد ئي قرآن مجيد ۽ حديث شريف تي آهي. پوءِ جيڪڏهن اصل کي ڇڏي ڏيو ته اسلام صحيح طور سمجهي نه سگهبو. جيئن پاڻي جي تلاءَ کي واه کان جدا ڪري ڇڏيو ۽ نئون نئون پاڻي منجهس نه وجهبو، ته تلاءُ بانس ڪري ويندو، تيئن فقه کي قرآن ۽ حديث کان جدا ڪرڻ به اها ئي اها حالت بڻي آهي. ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته قرآن ۽ حديث ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون به آهن جي فقه ۾ آهن ئي ڪو نه. ٽئين ڳالهه هيءَ آهي ته قرآن ۽ حديث جي ترتيب ٻي آهي ۽ فقه جي ترتيب بلڪل ٻي آهي. جو اثر دل ۽ دماغ تي قرآن شريف ۽ حديث پڙهڻ مان پوندو سو فقه پڙهڻ سان هرگزنه ٿي سگهندو. اهو ئي سبب آهي جو فقه ڪو ئي ڪو نه ٿو پڙهي. پڙهڻ لاءِ ماڻهو ڪوڙا قصا ۽ ڪوڙا ڪتاب خصوصن اهي جيڪي ولين جي ڪوڙن احوالن ۽ هٿراڌو ٺهيل ڪرامتن بابت لکيل آهن. اُهي ئي ڪتاب ماڻهو پڙهي گمراه ٿين ٿا. مگر قرآن ۽ حديث بلڪل ڪونه ٿا پڙهن. اڙدوءَ ۾ تجريد البخاري لکيل آهي. اهڙو ڪتاب سنڌيءَ ۾ به تيار ڪرڻ گهرجي ته هر ڪو سنڌي دان پڙهي فيض ۽ هدايت حاصل ڪري.(نوٽ: هاڻي مولوي دين محمد صاحب وفائي ڇپارايو آهي پر کيس به وهابي سڏيو ويندو آهي).
عالمن تي ڪي ماڻهو اهو به الزام ٿا هڻن ته هو ڄاڻي واڻي قرآن مجيد ۽ حديث شريف جي تبليغ نٿا ڪن، ۽ انهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو نٿا ڪن. هن نيت سان ته جيڪڏهن ماڻهو قرآن ۽ حديث آسانيءَ سان پڙهي سگهندا ته اسان جو وقار ۽ عزت هلي ويندي. ٻيو ته سوال پڇي اسان جو مغز کپائيندا، ٽيون ته اسان جا روزگار جا اُپاءَ بند ٿي ويندا. ڏسجي به ائين پيو ته مولوين، ملن، پيرن، درويشن، مجاورن، تعويذ لکندڙن، سڳو ڌاڳو ٽوڻو ڦيڻو ڪندڙن، فال وجهندڙن ۽ جعفر ۽ رمل جو حساب ڪندڙن جي روزگار جو وسيلو ٿي پيو آهي عام ماڻهن کي هر حيلي سان ڦرڻ. جيڪڏهن ماڻهو جاهل نه هوندا ۽ قرآن ۽ حديث جو علم هوندن ته پوءِ اُنهن سڀني جا اهي روزگار جا وسيلا بند ٿي ويندا. دنيا جا جيڪي به مذهب ٿي گذريا آهن سي سڀ ملان فرقي بگاڙيا. نه رڳو ايترو پر صحيفن ۾ به ڪمي بيشي ڪري ڇڏيائون. اسلام ۾ ملان يا پير فرقو هئو ئي ڪونه. پر پوءِ جِهل وڌڻ ڪري اهي فرقا ٺهيا. ملن به اسلام کي بگاڙڻ موسؤن ڪين گهٽايو آهي، پر خدا جي فضل سان قرآن شريف ۽ صحيح بخاري صحيح سلامت موجود آهن. ماڻهو هاڻي به اٰنهن کي پڙهي ملن کان آزادي حاصل ڪري سگهن ٿا، جن جي روزگار جو مدار ميتن کي وهنجارڻ، ڪفن دفن جو انتظام ڪرڻ، ختمن ڪڍڻ، جماڻا، ۽ ٽڪيون کائڻ، قرآن بخشڻ، اسقاط ڪرڻ، نڪاح پڙهڻ، تعويذ لکڻ، فالن وجهڻ وغيره وغيره تي آهي. ڪنهن بزرگ فرمايو آهي ته اسلام ۾ جيڪي آسانيون آهن سي سڀ الله ۽ الله جي رسول ﷺ جي طرف کان آهن، ۽ جيڪي دشواريون ۽ تڪليفون آهن سي عالمن ٺاهيون آهن. ملان نڪاح ۽ مرده شوئي وغيره به نسبت چوندا آهن ته اهي ڪم بلڪل ڏکيا آهن، سڀ ڪنهن کي ڪو نه اچي سگهندا. حقيقتن اهي ڪم بلڪل سولا آهن. سڀ ڪنهن کي اچڻ گهرجن. ملان فرقي جو ڪو ضرور ئي ڪونهي.
نواب مير صدرالدين حسين خان ٿو فرمائي ته اسلام ۾ غرض واري جي شاهدي يا فتويٰ يا راءِ قبول ئي ناهي. هاڻي جنهن صورت ۾ مٿين فرقن جي روزگار جو مدار ئي ماڻهن تي آهي، ۽ روزگار کان وڌيڪ ته ٻيو ڪو غرض ٿي ڪونه ٿو سگهي، ته درحقيقيت اهڙن غرض وارن ماڻهن کان ڪو به دين جو مسئلو نه پڇڻ گهرجي ۽ نه اُنهن عالمن جي راءِ کي وزن ڏيڻ گهرجي. صرف انهن ئي عالمن جي راءِ کي وزن ڏيڻ گهرجي جن به بابت پڪ هجي ته هنن کي هن مسئلي بابت پنهنجو ڪو غرض ڪونهي.
عقل، اجتهاد، تقليد، اجماع امت وغيره
حضرت رسول ﷺ فرمايو آهي ته جا شيءَ الله تعاليٰ پهريائين خلقي سا آهي عقل. ائين به فرمايو اٿن ته ڪو شخص عبادت ڪري ٿو مگر ثواب فقط اوتري قدر ملندس جيتري قدر سمجهه ڪم آڻيندو. جيڪڏهن سمجهه ڪم نه آڻيندو ته ثواب ڪون ملندس، بلڪ ڪن حالتن ۾ ته گناهه ٿيندس. اڄ ڪلهه ماڻهو گهڻا ديني ڪم بنا سمجهه جي ٿا ڪن، مثلن نماز، روزا، حج، زڪوات، قرآن شريف پڙهڻ، وظيفا پڙهڻ، صلواتون ڪڍڻ وغيره وغيره. اسان هت فقط صدقه ۽ خيرات جو مثال پيش ٿا ڪيون. سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته جنهن شخص کي بک لڳي آهي، کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهيس، نڪي اهڙي ڪا شي اٿس جا وڪڻي اٽو وٺي، فقط اُن کي ئي پنڻ جائز آهي. چئبو ته ٻئي کي پنڻ جائز نه آهي، اگرچ هو انڌو، منڊو، جڏو ۽ محتاج هجي. جيڪڏهن اهڙي حالت ۾ پنڻ حرام آهي ته پنندڙ کي ڏيڻ به حرام آهي. مگر اڄ ڪلهه ڪيترائي سياڻا پڙهيل ماڻهو پنندڙن کي خيرات ڏيندا آهن، مگر يتيمن رنن زالن ۽ پاڙيوارن مسڪينن محتاجن جي خبر ئي ڪانه لهندا آهن. حضرت رسول ﷺ بابت روايت آهي ته ڪنهن شخص اچي سوال ڪيو. رسول الله ﷺ هن کي حڪم ڪيو ته تون وڃي ڪهاڙي ۽ رسو وٺي اچ. جڏهن وٺي آيو تڏهن چيائينس ته هاڻي جهنگ مان ڪاٺيون وڍي وڃي وڪڻ. هڪڙو پينو حضرت عمر رضي الله وٽ آيو، ۽ اچي سوال ڪيائين. حضرت عمر ڏٺو ته پاسي ۾ ڳوٿري اٿس، جا اَن سان ڀري پئي اٿس. پوءِ اُهو اَن ڦري بيت المال ۾ رکيائين ۽ ٿورو اَن هڪ ويلي لاءِ خيرات ڏنائينس. قرآن شريف ۾ سورت والضحيٰ ۾ هڪ آيت آهي ته ”وَ اَمَّا السَّآئِلَ فَلَا تَنْہَرْ ﴿ؕ۱۰﴾“ يعنيٰ جيڪڏهن ڪو سائل هجي ته پوءِ اُن کي جهڻڪ نه. انهيءَ سورت کي غور سان پڙهي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته هت سائل جي معنيٰ پنندڙ نه آهي، پر مسئلو پڇندڙ آهي. ازانسواءِ فلا تنهر جي معنيٰ اها ناهي ته اُن کي خيرات ڏي. ٻيون حديثون اهڙيون آهن جن مان معلوم ٿو ٿئي ته سائل کي ڏيو، پوءِ اگرچ اڌ کارڪ ئي هجي. مگر مٿئين بيان مان معلوم ٿيندو ته اسان کي عقل ڪم آڻڻ گهرجي ۽ تحقيق ڪرڻ گهرجي ته برابر سائل کي گهرج آهي ۽ لاچاري موقعو اٿس يا رڳو پنڻ جو ڌنڌو کڻي اختيار ڪيو اٿس. در حقيقت پنندڙن کي گرفتار ڪري جيل ۾ خوب ڪمارائجي ته آئيندي لاءِ سستي ڇڏي ڪم کي وٺن. رڳو انڌن، منڊن، گونگن، ٻوڙن ۽ جڏن کي به پنهنجي لياقت آهر ڪو نه ڪو ڪم ڪرڻ ضرور گهرجي. پوءِ جيڪڏهن پنهن جي گذران جيترو نه ڪمائي سگهن ته پاڙيوارن تي فرض آهي ته گهرج واري ويلي تي هنن کي بنا سوال جي ايترو ڏين جو اُن وقت کائي ڍوُ ڪن. هن حالت ۾ پنڻ جو رواج بلڪل نڪري ويندو. ائين ڪونه ٿيندو جو هڪڙا رات ڏينهن پورهيو ڪري مس ڪجهه ڪمائين، ته ٻيا مفت خور پينو اچي اُنهن جي ڪمائيءَ جو حصو کڻي وڃن. جتي پينو گهڻا آهن اتي ماڻهو ڪنگال ٿا رهن. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته پنندڙن کي ڪجهه به نه ڏيون، بلڪ اُنهن کي شرمايون ته ڇو ٿا حرام جو ڪم ڪيو. پنندڙن کي ڏيڻ سندن لاءِ نقصان ڪرڻو آهي، ۽ نه ڏيڻ سندن لاءِ چڱائي آهي. ڇو ته کين نه ڏبو ته انهيءَ رذيل ڪم کان ڇٽي پوندا، يعني ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي کي لڳندا. حلال جو پورهيو ڪرڻ شرافت آهي. ارمان جي ڳالهه آهي جو اسان جا سيد پنجن تنن جي اولاد پنڻ جي رذيل ڪم کي لڳا آهن. کين اها به خبر ڪانهي ته حضرت جن ﷺ ۽ حضرت رضي الله ڪمائي گذران ڪندا هئا، ۽ ڪنهن به ڪم کان عار نه ڪندا هئا.
بهتر صدقو ۽ خيرات اُها آهي جنهن مان قوم جي ترقي ٿئي، مثلن ڪنهن محنتي مسڪين کي جوڙو ڏاندن جو وٺي ڏيڻ ته هو پنهنجي ڌنڌي ۾ ترقي ڪري. طالب علمن ۽ معلمن جي مدد ڪرڻ، ڌنڌا ۽ ڪارخانا جاري ڪرڻ، اسڪول ۽ مدرسه کولڻ، خيراتي اسپتالون قائم ڪرڻ وغيره وغيره. مگر افسوس ته اڄ ڪلهه ڪوبه زڪوات ۽ صدقي جو انتظام ڪونهي. خيرات وارا پيسا قوم جي ترقي ته ڪانه ٿا ڪن، اٽلندو نقصان ٿا ڪن، جو مفت خورن جو تعداد ٿو وڌي. نه رڳو ايترو پر ڪن حالتن ۾ خيرات جا پيسا زنا، نشي، جوا ۽ ٻين بد ڪمن ۾ لڳايا ٿا وڃن. افسوس آهي اسان جي عقل تي!
مٿي عقل جو شان ۽ ضرورت ڏيکاري وئي. قرآن شريف ۾ بار بار فرمايل آهي ته عقل ڪم آڻيو، سوچيو، ويچار ڪيو، ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت تي غور ڪيو. ڪافرن بابت چيو ويو آهي ته جاهل آهن نٿا ڄاڻڻ وغيره وغيره. مگر اڄوڪا عالم چون ٿا ته عقل کي پيتيءَ ۾ بند ڪري ڪلف هڻي ڇڏيوس. ڀلا عقل ڪا شي هجي ته بند ٿي سگهي. عقل اسان کي الله تعاليٰ ڏنو آهي. نه رڳو ڏنو آهي، پر حڪم ڪيو اٿس ته عقل کان ڪم وٺو. پر جي حڪم نه ڪري ها ته به عقل کان ڪم نه وٺجي ها ته بي عقلائي کان ڪم وٺجي ها ڇا؟ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون کي ڪا ڳالهه چوي ۽ اها منهنجي عقل موجب غلط نظر اچي ته مان ڪيئن قبول ڪري سگهندس، جيستائين اُهو ماڻهو مون کي پنهنجي عقل موجب سمجهائي نه سگهندو. عقل فقط هڪڙو ڪم ڪري نٿو سگهي سو آهي سچو دين يا مذهب ٺاهڻ. سچو دين يا مذهب فقط اُهو سيکاري سگهي ٿو جنهن دنيا خلقي آهي. مگر دين کي سمجهڻ لاءِ ڪوڙن مذهبن کي ڇڏي سچي مذهب اختيار ڪرڻ لاءِ عقل جي ضرورت آهي. قرآن شريف ۾ بار بار ڪافرن کي چيو ويو آهي ته سمجهه کي ڪم آڻي ڏسو ته هي اسلام سچو آهي يا اوهان جي ابن ڏاڏن وارو دين سچو آهي. عقل ته فقط سچي دين جي تلاش ڪري اُن کي اختيار ڪرڻ لاءِ ڪم ٿو اچي پر ان دين جي تعليمات سمجهڻ لاءِ به ڪم ٿو اچي! عقل نه هوندو ته هر هڪ قول جي اُبتي معنيٰ ڪڍبي. ازانسواءِ عقل هن لاءِ به ڪم ٿو اچي ته ڪيئن ان دين جي تعليمات تي عمل ڪجي جيئن مٿي پنڻ جي مسئلي تي بحث ڪيو ويو آهي. چئبو ته عقل ٽن ضروري ڳالهين لاءِ ڪم ٿو اچي. (1) سچو دين اختيار ڪرڻ لاءِ (2) اُن جي تعليمات سمجهڻ لاءِ (3) اُن جي تعليمات تي چڱي طرح عمل ڪرڻ لاءِ.
مان وري به چٽائيءَ سان ٿو چوان ته عقل فقط هڪڙي ڳالهه لاءِ ڪم نه ٿو اچي سو آهي نئون يا پنهنجو مذهب ٺاهڻ يا پنهنجون تعليمات بنائڻ لاءِ هڪڙو تاريخي مثال ان لاءِ بلڪل ڪافي دليل آهي! اڪبر بادشاه عقل ۾ لاثاني هو. ايتري قدر جو دنياوي معاملن ۾ سڀ ڪنهن کي حيران ڪري ڇڏيندو هو. پاڻ اڃا ننڍيءَ وهيءَ ۾ هوندو هو ته به جنگ جي فن ۾ پوڙهن تجربي ڪار جرنيلن کان به وڌيڪ سياڻپ ڏيکاريندو هو. جيڪڏهن ڪنهن جنگ لاءِ پنهنجا سپه سالار موڪليندو هو، ۽ انهن کي جنگ هلندي پڪ ٿيندي هئي ته هاڻي ضرور شڪست ايندي ته اڪبر بادشاه ڏي گهوڙي سوار کي ڀڄائيندا هئا. اڪبر بادشاه هڪدم اُڏامي ايندو هو ۽ هڪ منٽ ۾ وڙهندڙ لشڪرن کي نظر مان ڪڍي سپه سالارن کي هدايتون ڏيئي واپس هليو ويندو، ۽ سندس سپه سالار انهن هدايتن تي عمل ڪري جنگه کٽي ويندا هئا. اهڙي طرح ٻين دنيا ئي ڪمن ۾ به لاثاني عقل ڏيکاريندو هو. مگر هن کي ننڍي هوندي کان اسلامي تعليم ڪانه ملي هئي.
ننڍيءَ ئي وهيءَ ۾ هن جو تعلق مختلف مذهبن جي ماڻهن سان رهيو، جن سان گفتگو ڪندي سندس عقل واري دماغ کي تسلي حاصل ڪانه ٿي، ڇو ته ان وقت جا خود مسلمان عالم به گهڻي قدر گمراه هئا، جيئن اسان مٿي ڏيکاري آيا آهيون. تنهن ڪري اڪبر خيال ڪيو ته سڀني جون ڳالهيون ٻڌي پنهنجو دين ٺاهيان. اڪبر اگرچ عاقل حشمت وارو بادشاه هو ته به سندس حياتي جي ڏينهن ۾ فقط ڪن ٿورڙن خوشامدي درٻارين سندس دين قبول ڪيو سي به سندس مرڻ کان پوءِ ڦري ويا. خود پاڻ به مرڻ وقت ڪلمون شريف پڙهي وصيت ڪيائين ته مون کي اسلام جي رسمن موجب غسل وغيره ڏجو، ڇو ته مان مسلمان آهيان. هن تاريخي واقعي مان معلوم ٿيندو ته دين سيکارڻ فقط الله تعاليٰ جو ڪم آهي ۽ انسان جو فرض فقط هي آهي ته اُن کي سمجهي ۽ سمجهه سان اُن تي عمل ڪري.
هاڻي اُنهن سوالن تي ٿا اچون جي تمام نازڪ آهن ۽ جن بابت گهڻو اختلاف آهي. اُهي آهن تقليد ۽ اجماع اُمت. عوام الناس کي ته ضرور پنهنجي پيشوائن يا رهبرن جي تقليد ڪرڻي آهي، ۽ اجماع اُمت تي هلڻو آهي، خصوصن انهن قاعدن قانونن وغيره ۾ جن جو تعلق سوسائٽي يا ملڪي معاملن يا ٻين ماڻهن جي حق سان آهي، بلڪ عالمن کي به ضرور اهڙن قانونن جي پابندي ڪرڻي آهي. مگر عقيدن يا ذاتي عملن بابت عالمن کي حق آهي ته پنهنجي سمجهه ڪم آڻين، ۽ جيڪڏهن سندن سمجهه غلط هجي ته وڌيڪ قابل عالمن جو فرض آهي ته هنن کي عقلي نقلي دليل ڏيئي سمجهائين، مگر محبت ۽ ميٺاج سان، نه گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان. گهٽ وڌ يا شوخي سان ڳالهائڻ ڪري اُٽلندو اُبتڙ نتيجو نڪرندو، يعني هن کي پڪ ٿيندي ته مان حق تي آهيان. اڄ ڪلهه گهڻا بيوقوف ماڻهو ٻين کي مڃائڻ لاءِ زبردستي ڪم آڻيندا آهن، زبردستيءَ سان ته کڻي ماڻهو مڃي وٺندو، ۽ موچڙن جي ڊپ کان منافقي طور چوندو ته برابر ائين آهي پر اندر ۾ ته اهو ئي عقيدو رهندو جو اڳي هوس. پوءِ اهڙي زبردستي جنهن مان منافقي پيدا ٿئي، تنهن مان فائدو ته ڪونه ٿيو، پر اُٽلندو نقصان ٿيو. جرمني ۾ هڪڙو مشهور سائنس دان گئليليو ٿي گذريو آهي جنهن پهريائين پهريائين دوربيني جو اوزار ٺاهيو. ان راءِ قائم ڪئي ته ڌرتي گول آهي. ڪرستان پادرين کيس چيو ته تون دين کان ٿو ڦرين ڇو ته بائبل ۾ ائين لکيل ڪونهي. هو تڏهن به نه مڙيو. پادرين هن کي جيل ۾ وجهايو، ته به هو نه مڙيو. جيڪڏهن منافق ٿئي ها ته سڄي دنيا لاءِ نقصان ٿئي ها، مگر همت ۽ جرات ۽ صبر سان تڪليفن سهڻ مان اهو نتيجو نڪتو، جو سڀني ماڻهن کي ان مسئلي تي غور ڪرڻ جو شوق ٿيو، آخر سڄي دنيا قبول ٿي ڪري ته ڌرتي برابر گول آهي.
ان حقيقت تي پهچڻ ڪري جيڪي بي شمار فائدا نڪتا آهن تن جو هتي بيان ڪرڻ جو ضرور ناهي. مگر شرعي قانون، جن جو فيصلو قاضيءَ کي ڪرڻو آهي تن جي پابندي سڀ ڪنهن کي ڪرڻي آهي، بادشاه هجي توڙي گدا، جاهل هجي توڙي سڀني کان وڏو علامه هجي. اگرچه انهيءَ علامه کي پڪ هجي ته اهو قانون غلط آهي ته به کيس ان جي پابندي ڪرڻي آهي. جيڪڏهن پابندي نه ڪندو ته شرعي سزا صبر ۽ تحمل سان ڀوڳي، بلڪ هن جي اها بهادري چئبي، جيڪڏهن چوي ته قاضي صاحب مان ڄاڻان ٿو ته انهيءَ قانون تي اُمت جو اجماع آهي، تنهن ڪري توهان کي ضرور انصاف ڪري مون کي سزا ڏيڻي آهي ۽ مان صبر سان سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان. مون عقلي ۽ نقلي دليلن سان انهيءَ قانون جي ترديد ڪئي آهي. مگر اڃا منهنجو خيال قبوليت هيٺ نه آيو آهي، ۽ قانون رد نه ٿيو آهي، تنهن ڪري مان ڄاڻي واڻي انهيءَ قانون جي عملي انحرافي ڪري سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿو ٿيان، ته من پوءِ امت ان تي ويچار ڪري ان قانون کي مون وانگر غلط سمجهي، ۽ رد ڪري ڇڏي. اهڙا ماڻهو آفرين جا لائق آهن، نه ڌڪار جا، جيئن عام طرح سمجهيو ويندو آهي. هر ڪنهن انسان کي حق آهي پنهنجي ضمير تي هلڻ جو. ڌڪار جا لائق اُهي آهن جيڪي پنهنجي دنياوي غرضن لاءِ منافقي ڪن يا کليو کلايو لچايون ڪن. مگر جيڪو اخلاص ۽ سچائي سان اختلاف ڪري سو تحسين جي لائق آهي، اگرچه هو غلط هجي. هن جي دماغي گهٽتائي تي افسوس ڪجي نه ڌڪار. مگر هن جي جرات ۽ همت ۽ اخلاص تي آفرين چئجي. اختلافن تي غور ڪرڻ ۽ فتويٰ ڏيڻ لاءِ هر سال زبردست عالمن جي ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي.
جيڪو به پاڻ کي مسلمان ٿو سڏائي تنهن کي قرآن شريف جي هر هڪ ڳالهه مڃڻي آهي ۽ سچي سمجهڻي آهي، نه ته هو مسلمان ئي ناهي. پر ڪن آيتن جي معنيٰ ۽ مطلب ڪڍڻ ۾ اختلاف ٿي سگهن ٿا. اسان مٿي اُهي اصول ڏنا آهن. جن موجب قرآن شريف جو تفسير ڪرڻ گهرجي. پوءِ به ضرور اختلاف رهندا. پر اهي اختلاف گهڻو ڪري فروعي مسئلن بابت رهندا. اگرچه مکيه مسئلن ۾ اختلاف ٿين ته به نڪي جهيڙو ۽ فساد ڪجي، نڪي گهٽ وڌ ڳالهائجي، نڪي نفرت جهڙا نالا رکجن، مثلن ڪافر يا وهابي يا گمراه جهڙا لفظ ڪم نه آڻجن. هي ته مسلمان آهن مگر مشرڪن ۽ ڪافرن کي به گهٽ وڌ ڳالهائڻ يا کين نفرت سان ڏسڻ جائز ناهي، بلڪ انهن کي اسلام ڏي ڪشش ئي تڏهن ٿيندي جڏهن هنن سان چڱو برتاءُ ڪبو، ۽ وڻندڙ نموني سان پيش اچبو. ٻيو نمبر وزن ڏيڻو آهي رسول الله ﷺ جي قول ۽ فعل کي. جيڪي پاڻ مذهب جي باري ۾ فرمايو يا ڪيو اٿن ۽ اهي حديثون جيڪڏهن روايت ۽ درايت جي اصولن موجب معتبر آهن ته پوءِ انهن کي به ضرور مڃڻو آهي.
ٽيون نمبر وزن ڏيڻو آهي مشهور اصحابن جي عام قول ۽ فعل کي، خصوصن انهن اصحابن جي قول فعل کي جيڪي گهڻو وقت رسول الله ﷺ جي ڪچهري ۾ حاضر رهيا. پر شرط اهو آهي ته اُهي قول ۽ فعل روايت ۽ درايت جي اُصولن موجب معتبر هجن ۽ قرآن شريف جي تعليمات يا رسول الله ﷺ جي معتبر قول ۽ فعل جي مخالف نه هجن. نڪي وري اهڙا هجن جو ظاهر ظهور عقل جي مخالف هجن. اڪثر ڪري ملان ۽ مولوي پنهنجي ڪن عملن جي تائيد ۾ ڪنهن نه ڪنهن اصحابي يا تابعي يا تبع تابعي جو قول يا فعل بيان ڪندا آهن. مثلن چوندا آهن ته اسان جيڪڏهن پيسا وٺي قرآن شريف جو ختمون ڪڍيو ۽ ثواب اهل ميت کي بخشيو ته انهيءَ ۾ ڪهڙو گناهه آهي. فلاڻي اصحابي يا تابعي به ائين ڪيو هو. هاڻي اسان کي ڏسڻو آهي ته اصحابين ۽ تابعين جي زماني ۾ اهو فعل عمومن ڪيو ويندو هو يا جي نه ڪيو ويندو هو ته هروڀرو ڪنهن هڪڙي ماڻهو ڪنهن خاص حالت ۾ اهڙو فعل ڪيو ته اهو سند ڪري هرگز نه وٺبو. اصحابي ۽ تابعي سڀ ته عالم ڪو نه هئا. ازانسواءِ روزمره ڏسبو آهي ته ساڳي ڳالهه ٻن ماڻهن جي زبان مان نڪرندي آهي ته مطلب ئي ڦري ويندو آهي. رواجي نياپو ڪنهن چڱي پڙهيل ماڻهو هٿ موڪلبو آهي ته به ڪيترائي ڀيرا غلط پهچندو آهي. پر جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو ٻئي کي ٻيو ٽئين کي، ساڳي ڳالهه ٻڌائيندو آهي ته ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي پوندو آهي.
هڪ آکاڻي آهي ته ڪنهن شخص ٻئي سان ڳالهه ڪئي ته فلاڻي کي اُلٽيءَ ۾ ٽي ڪارا ڪانوَ نڪتا. اُن ماڻهوءِ پڇيس ته اها ڳالهه ڪنهن کان ٻڌيئي. جواب ڏنائين ته فلاڻي کان. هو هلي ويو اُنهيءَ وٽ. اُنهي چيس ته مون برابر اها ڳالهه ڪئي هئي، پر ٽي ڪانوَ نه چيا هيم، ٻه چيا هيم. پوءِ پڇيائينس ته تو ڪنهن کان ٻڌي، چي فلاڻي کان. هو هلي ويو اُنهيءَ وٽ. اُنهي چيو ته مون هڪڙو ڪانو چيو هو نه ٻه. پڇيائينس ته تو ڪنهن کان ٻڌي، چي فلاڻي کان. جڏهن اٰنهي کان وڃي پڇيائين، تڏهن چيائين ته مون برابر اها ڳالهه ڪئي هئي، پر مون چيو هو ته اُلٽي اهڙي ڪاري هئي جهڙو ڪارو ڪانءُ. هاڻي قياس ڪري ڏسو ته جڏهن روزمره اهڙي حالت ٿي ڏسجي تڏهن ڪيئن اهڙي تابعي يا اصحابي جي قول يا فعل کي سند ڪري وٺجي جو مشهور عالم يا مجتهد به نه هجي يا رسول الله ﷺ جي صحبت به ڪو ٿورو وقت ڪئي هجيس ۽ سندس انهيءَ قول يا فعل جي تائيد عام طرح اصحابين يا تابعين ۾ به نه لڀي.
ڏٺو ويو آهي ته ڪن مذهبي مسئلن ۾ خود اصحاب سڳورن جا پاڻ ۾ به اختلاف آهن. اهڙيءَ طرح قرآن مجيد جا اوائلي تفسير بيشڪ بلڪل چڱا آهن ۽ اُهي ضرور پڙهڻ گهرجن مگر اُنهن ۾ به ڪجهه ڪجهه اختلاف آهن. مگر اختلاف اڪثر ڪري فروعي ڳالهين ۾ آهن. مکيه ڳالهين ۾ اختلاف ڪينهن. ياد رکڻ گهرجي ته اسلام جي تعليمات جو مکيه ڀاڱو اُهو آهي جنهن جو تعلق عملن سان آهي. ان ڀاڱي بابت به قرآن شريف جي آيتن جو تفسير بلڪل آساني سان ڪري سگهجي ٿو، سو هن طرح ته حديثن مان ڏسڻ گهرجي ته رسول الله ﷺ جو قول ۽ فعل ۽ اصحابن سڳورن جا قول ۽ فعل ان به بابت ڪهڙا هئا. پوءِ جيڪو اُنهن عمل ڪيو سو ئي ان آيت جو تفسير سمجهڻ گهرجي. مثلن قرآن شريف ۾ ذڪر ڪرڻ جو حڪم آهي. ذڪر ڪيئن ڪجي تنهن بابت به حديثن مان ڏسجي ته رسول الله ﷺ ۽ اصحاب سڳورا ڪيئن ذڪر ڪندا هئا. زالن جي پرده بابت اختلاف آهي ڪي چون ٿا منهن ۽ هٿن ۽ پيرن ڍڪڻ جو حڪم ڪونهي. ڪي چون ٿا ته آهي. اسان کي هن طرح فيصلو ڪرڻ گهرجي ته رسول اللهﷺ جا اهل بيت ۽ اصحابن سڳورن جون عورتون ٻاهر نڪرنديون هيون ته منهن ڍڪينديون هيون يا نه. مگر هن قسم جا اختلاف ته معراج جسماني هو يا روحاني حضرت عيسيٰؑ جيئرو آسمان تي چڙهي ويو يا نه. انهن مسئلن جو اسان جي عملن سان ڪو تعلق ڪونهي. تنهن ڪري اهي اهڙا ضروري نه آهن.
هاڻي اچون ٿا فقه تي. فقه جي امامن پنهنجي علميت ۽ قابليت ۽ استنباط جي قوت سان مسلمانن جي هدايت ۽ عمل لاءِ فقه جا مسئله مرتب ڪيا. هنن اسلام جي بيشڪ وڏي خدمت ڪئي. فقه ۾ شرعي قانون آهن. گويا فقه جا امام قانون ساز ۽ قاضي آهن. فقه جو مدار قرآن شريف، حديثن ۽ قياس تي آهي. ياد رکڻ گهرجي ته فقه جي امامن جو مرتبو ڪيڏو به عاليشان هجي، ته به هو پيغمبر نه آهن. جنهن ڪري هنن جو هر هڪ قول وحي جي برابر يا پيغمبرن جي قولن جي برابر سمجهڻ نه گهرجي. جيڪڏهن هو ڪامل هجن ها ته پاڻ ۾ ئي ايترو اختلاف نه هجين ها. امام جعفر صادق، امام اعظم، امام مالڪ، امام شافعي ۽ امام احمد بن حنبل (رحهم الله) جي وچ ۾ ڪيترائي اختلاف آهن. اگرچه اُنهن مان گهڻا اختلاف فروعي آهن، يعني تمام ننڍين ننڍين ڳالهين تي آهن. هڪڙي امام جي ڪنهن فتويٰ تي هلجي ته ڪا وڏي حرڪت ڪانهي. پر اختلافن مان ايتري ڳالهه ته سورهن آنا ثابت آهي ته امام سڳورا اهڙا ڪامل نه هئا جو انهن جو هر هڪ قول وحي وانگر صحيح ۽ سچو هجي. تاريخ مان ثابت آهي ته ڪن امامن حديثن کان تمام ٿورو ڪم ورتو ته ڪن وري تمام گهڻو. امام بخاري جنهن تمام گهڻي جفاڪشي ڪري صحيح حديثون قلم بند ڪيون سو هنن امامن کان پوءِ پيدا ٿيو. جيڪڏهن اڳي پيدا ٿئي ها، ته هنن امامن جي فقه تي سندس صحيح بخاري جو گهڻو چڱو اثر پوي ها. ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته فقه جو مدار نه رڳو قرآن شريف ۽ حديثن تي آهي، پر امامن جي راءِ ۽ قياس تي به. ازانسواءِ فقه ۾ اهڙيون ڳالهيون به اچي ٿيون وڃن جن جو ذڪر قرآن شريف ۽ حديثن ۾ بلڪل ڪونهي. قرآن شريف ۽ رسول الله ﷺ جا مذهبي احڪام سڀني ملڪن ۽ سڀني وقتن لاءِ آهن. پر امامن جي نظر الله تعاليٰ جي نظر وانگر سڀني ملڪن ۽ ايندڙ وقتن تي ڪانه پئجي سگهي هوندي. جيڪي حڪم هنن پنهنجي راءِ، قياس ۽ استنباط جي قوت سان ڏنا سي گهڻي قدر سندن ملڪ ۽ سندن وقت لاءِ وڌيڪ موزون هئا. اگرچه ٻين ملڪن ۽ ٻين وقتن لاءِ به تمام گهڻي رهنمائي ڪري سگهن ٿا. نه رڳو ايترو پر خود پنهنجي ملڪ ۽ سندن وقت لاءِ به هروڀرو سندن سڀ حڪم صحيح ڪو نه هئا. جيئن اڳيئي سمجهايو ويو آهي ته هو انسان هئا ۽ نه پيغمبر، ۽ ائين پڻ ٻڌايو ويو آهي ته هنن جا پاڻ ۾ ئي اختلاف هئا.
خاص طرح امام اعظم ابوحنيفه ؓ جو مثال پيش ٿا ڪيون. ڪنهن بزرگ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته امام اعظم سڳورو امام بخاري ؓ کان اڳي ٿي گذريو آهي. تنهن ڪري سندس فقه کي صحيح بخاريءَ کان وڌيڪ وزن ڏيڻو آهي. جيڪڏهن کڻي اها ڳالهه قبول به ڪجي ته به چئبو ته اهو بزرگ ايترو ته قبول ڪري چڪو ته صحيح بخاري ۽ حنفي فقه جي وچ ۾ اختلاف آهن. پوءِ جن حالتن ۾ اختلاف آهن تن ۾ چئبو ته صحيح بخاري واريون حديثون غير معتبر آهن. پر اها ڳالهه به اهو بزرگ هرگز قبول نه ڪندو، ڇو ته ان ساڳئي ئي ڪتاب ۾ صحيح بخاري جي صحت جي به شاهدي ٿو ڏئي. وڌيڪ عجب جي ڳالهه هيءَ آهي ته اها ڳالهه بلڪل وساري ٿو ڇڏي ته حنفي فقه هوبهو امام اعظم سڳوري جو ٺاهيل هرگز نه آهي. جيڪڏهن اهو حنفي فقه لفظ به لفظ امام اعظم جو هجي ها ۽ اها به خاطري هجي ها ته امام صاحب امام بخاري جيتري يا وڌيڪ جفاڪشيءَ سان حديثون سکيون ۽ روايت ۽ درايت جي اصولن موجب ڪوڙيون ڦٽي ڪري سچيون اختيار ڪيائين ته پوءِ بيشڪ حنفي فقه کي صحيح بخاري کان وڌيڪ وزن ڏيڻو آهي. مگر خود امام اعظم سڳوري پاڻ فرمايو آهي ته جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به فتويٰ جي خلاف ڪا صحيح حديث توهان کي ملي ته پوءِ ان حديث کي سچو سمجهو، نه ڪي منهن جي فتويٰ کي. امام صاحب ۽ سندس شاگردن کي اهل الراءِ و القياس ڪوٺيو ويندو هو، ۽ هو پاڻ کي به ائين سڏيندا هئا. امام صاحب کي استنباط جي طاقت اهڙي تکي هئي جو هو گهڻو ڪري سڀ حڪم ۽ فيصلا خود قرآن شريف مان ڪڍندو هو، رائٽ آنربل امير علي لکي ٿو ته: امام صاحب سير و سفر تمام ٿورو ڪيو جنهن ڪري حديثون بلڪل ٿوريون سکيائين ۽ انهن مان به گهڻين کي رد ڪيائين. مگر مولانا شبلي لکي ٿو ته حديثون بلڪل گهڻيون سکيائين، مگر رد فقط اُهي ڪيائين جي کيس قرآن شريف يا اسلامي تعليمات جي اسپرٽ موافق ڏسڻ ۾ نه آيون، والله اعلم باالصواب. پر مولانا شبلي لکي ٿو ته امام اعظم سڳوري جي ڪا به تصنيف موجود ڪانهي. هو فقط زباني تعليم ۽ تدريس ڏيندو هو. ڪجهه وقت پوءِ سندس شاگردن ابو يوسف ۽ محمد سندس فتوائن ۽ فيصلن کي مرتب ڪري فقه ٺاهيو، ۽ خود انهن شاگردن به ڪن مسئلن ۾ ساڻس اختلاف ڪيو. ازان بعد امام احمد بن حنبل جون تعليمات به حنفي فقه ۾ گڏجي ويون. نه رڳو ايترو پر ڀائنجي ٿو ته پوءِ به وقت بوقت حنفي فقه ۾ ڪمي بيشي ۽ تبديلي ٿيندي آئي آهي. اهڙي حالت ۾ ڪيئن چئي سگهبو ته هاڻوڪي حنفي فقه کي صحيح بخاري کان وڌيڪ وزن ڏيڻ گهرجي ڇو ته امام صاحب امام بخاري کان اڳي ٿي گذريو آهي.
پراڻن خيالن وارا برزگ فرمائين ٿا ته اڳي اختلاف برابر هئا، پر پوءِ تحقيقات ۽ اجتهاد ڪرڻ سان اختلاف مٽبا ويا ۽ آخر حنفي فرقه وارن جو انهي فقه تي اتفاق ٿي ويو جو هاڻوڪي صورت ۾ موجود آهي. چئبو ته اسان اوائلي مسلمانن کان وڌيڪ نصيب وارا آهيون جو سندن ڏينهن ۾ اختلافن جي ڪري کين صحيح تعليم ۽ هدايت ڪانه ملي سگهي، ۽ اسان وٽ ڪامل صحيح تعليم موجود آهي. اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته اوائلي مسلمان اتفاق ڪري ڪونه سگهيا، مگر آفرين آهي پوين جي عقل تي جن اڳوڻن جون غلطيون درست ڪري اتفاق قائم ڪيو. الحمد الله حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي جو بعضي اهي بزرگ قبول به ڪندا آهن ته اسلام جا اوائلي عالم پوين عالمن کان وڌيڪ قابل ۽ معتبر ۽ نيڪ هئا، ته به هو وزن فقط پوين کي ڏيندا آهن. نه اڳين کي. اهي پراڻن خيالن وارا بزرگ رڳو ايتري تي اڪتفا نه ٿا ڪن ته حنفي فقه سورهن آنا صحيح آهي، پر ايئن به ٿا چون ته جي عالم يا مجتهد ٻيا ڪتاب لکندا آيا آهن يا فتوائون ڏيندا آيا آهن، سي به سورهن آنا سچا آهن ۽ انهن کي مڃڻ ضروري آهي ڇو ته انهن تي امت جو اجماع رهيو آهي. جيڪو امت جو اجماع کي نه مڃيندو سو ڪم از ڪم فاسق آهي. انهن بزرگن کي ايترو علم به ناهي جو سمجهي سگهن ته اهي ڪتاب ۽ اهي فتوائون قرآن شريف ۽ صحيح حديثون ۽ خود فقه شريف سان موافق آهن يا نه. ٻيا ڪوڙا واهيات ڪتاب ڇڏي نورنامي ۽ دعا گنج العرش ۽ دلائل الخيرات جو مثال وٺو. نورنامو سڀني مڪتبن ۾ پڙهائڻ ۾ اچي ويو، تنهن ڪري چئبو ته اُن تي اُمت جو اجماع آهي. نورنامه جي پڇاڙي ۾ لکيل آهي ته جيڪو هن کي نه مڃيندو سو ڪافر آهي. دعا گنج العرش جي اسناد ۾ ٻين واهيات ڳالهين سان گڏ هي به لکيل آهي ته هن دعا کي هڪ ڀيرو پڙهڻ قرآن شريف کي هزار ڀيرا پڙهڻ کان بهتر آهي، ۽ لکيل آهي ته هي دعا حضرت جبرئيل الله تعاليٰ وٽان رسول الله ﷺ وٽ آندي. اهو سفيد ڪوڙ آهي. اها دعا الله تعاليٰ جي پاڪ ڪلام قرآن شريف کان ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿي، سو سڀ ڪو ئي ذي فهم سمجهي سگهندو. مگر پراڻن خيالن جي عالمن کي اهي اسنادون به پسند آهن. انهن اسنادن جي پڇاڙي ۾ به لکيل آهي ته جيڪو نه مڃيندو سو ڪافر آهي. هڪڙي مولوي صاحب کان مون پڇيو ته مان نورنامه ڪوڙو ٿو سمجهان ۽ دعا گنج العرش ۽ دلائل الخيرات جون اسنادون به ڪوڙيون ٿو سمجهان. پوءِ مان ڪافر آهيان يا نه؟ پاڻ فرمايائين ته ڇو ٿا اهڙي زوراوري ڪريو. جيڪڏهن مون سان ادب جو تعلق نه هجيس ها ته ٺڪ چئي ڏئي ها: هائو تون ڪافر آهين مگر سندس مهرباني چئبي جو سهڻن لفظن ۾ چيائين ته هائو ڪافر آهيو.
سڄي ڪتاب جو خلاصو
تواريخ جو علم ترقي لاءِ نهايت ضروري آهي. خصوصن اسلام جي تاريخن کي ضرور پڙهڻ گهرجي.
ڪنهن به زبردست عالم کي گهرجي ته قرآن شريف جي سڀني تفسيرن تي تبصرو ۽ ريويو ڪري ۽ پڻ اوائلي زماني کان وٺي اڄ تائين اسلامي عقيدن، خيالن ۽ رسمن ۾ تبديلين ٿيڻ جي هسٽري تيار ڪري.
ظاهر آهي ته مسلمان جيئن پوءِ تيئن بگڙندا ويا آهن ۽ سندن عقيدا، خيال، رسمون وغيره اصحابن سڳورن واري زماني کان گهڻو مختلف ٿي ويا آهن. عقل دين سمجهڻ لاءِ، ان تي عمل ڪرڻ ۽ ٻين کي دين سيکارڻ لاءِ نهايت ضروري آهي.
اجتهاد جو دروازو نڪو ڪڏهن بند ٿيو آهي نڪي ٿيندو. تقليد ڪرڻ ۽ اجماع امت تي هلڻ ضروري آهي، پر ڪن شرطن سان. هڪ ضروري شرط هي آهي ته هر سال وڏن عالمن جي ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي، نه ته جاهلن جا خيال ۽ ڪتاب به رواج ۾ اچي ٿا وڃن. پوءِ اُنهن کي اجماع امت سمجهيو ٿو وڃي.
اسلام اهو مذهب آهي جو ڪامل عقل تي مبني آهي، ۽ اُن تي عمل ڪرڻ ئي اسان جي بهبوديءَ ۽ ترقي جو مدار آهي.
دنيا ۾ گناهن کان بچڻ ۽ چڱن عملن ڪرڻ لاءِ رڳو عقل ڪافي ناهي. روحاني جذبي کي زور وٺائڻ ۽ ان سان عقل کي شامل ڪرڻ سان ئي ماڻهو ترقي ڪري سگهي ٿو. اڄوڪا تعليم يافته چوندا آهن ته نماز روزي وغيره جو ضرور ڪهڙو آهي. کين خبر به آهي ته دنياوي ڪمن ۾ ڪاميابي لاءِ Discipline and self control ضابطي ۽ انتظام ۽ پاڻ کي وس ۾ رکڻ جي ضرورت آهي. نماز ۽ روزو ٻين سون فائدن سان گڏ اعليٰ درجي جي ڊسپلن ۽ سيلف ڪنٽرول ٿا سيکارين. ازان سواءِ نماز ۽ روزا روحاني جذبه کي تقويت ٿا وٺائن. ۽ هر وقت الله تعاليٰ ۽ سندس حڪمن جي يادگيري ٿا ڏيارين. ڪي مغربي خيالن وارا ماڻهو ته اصل دين ڌرم جي ضرورت ئي ڪانه ٿا ڏسن، بلڪ چون ٿا ته دنيا ۾ دين ۽ ڌرم جي ڪري جيڪي فساد فتنا ۽ جنگيون ۽ جهڳڙا پي ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا، تهڙا ٻئي ڪنهن به سبب کان ڪونه ٿيا آهن. اها ڳالهه شايد برابر هجي به پر اهي فساد وغيره هميشه دين جي نه سمجهڻ سبب پي ٿيا آهن. سچو دين اٽلندو انهن ڳالهين جي پاڙ پٽيندڙ آهي. حقيقتن مذهب کان سواءِ انسان شتربي مهار آهي. جيئن ناڪيلي کان سواءِ اُٺ سڌو نه هلندو ۽ جيئن ٻيڙي سکيا کان سواءِ سڌي نه هلندي تيئن روحاني جذبي کان سواءِ انسان ڀٽڪي ڀٽڪي تباه ٿيندو، ڇو ته شريف روحاني جذبي جي اڻ موجودگي جي ڪري شيطاني يا نفساني جذبي جي غلبي هيٺ اچي هلاڪ ٿي ويندو.
اڄوڪن بزرگن جو تسبيح ۽ گوشه نشينيءَ تي زور آهي. مگر اڳوڻن بزرگن جو خاصو هو دنيا ۾ عمل ڪري ڏيکارڻ، اعليٰ اخلاق رکڻ ۽ قوم جو فائدو ڪرڻ.
اسلامي احڪامن تي اڄ ڪلهه عمل اهڙي طرح ڪيو ٿو وڃي جو انهن جو مقصد يا فائدو حاصل ڪونه ٿو ٿئي. گويا اسلام جو پاڇو وڃي رهيو آهي. بلڪ بدعتون ۽ بد رسمون جاري ٿي ويون آهن. قرآن شريف کي هڪ بي معنيٰ منتر سمجهيو وڃي ٿو. ويچارن جاهل مسلمانن ۾ دين جو ايڏو شوق آهي جو ڪروڙين مسلمان صبح جو اُٿي قرآن شريف جو دور ٿا ڪن ۽ اسر جو يا سومهڻي وقت هڪ قسم جو ذڪر ٿا ڪن. جيڪڏهن عالمن ۾ ڪجهه به فهم هجي ها ته ماڻهن کي سمجهائين ها ته معنيٰ سان قرآن شريف موجود آهن، صبح جي وقت جڏهن قرآن شريف جو دور ڪيو ٿا تڏهن معنيٰ کي ڏسو. ڏهه رڪوع بي معنيٰ پڙهي وڃو تنهن کان هڪ آيت معنيٰ سان پڙهو ۽ سمجهو ته گهڻو بهتر اٿو.
صلواتن ۽ وظيفن پڙهڻ ۾ ۽ ٻين ڪن ڪمن ۾ افراط ۽ تفريط کان پاسو ڪجي. سڀني ڪمن ۾ اهو ئي نمونو وٺجي جو اصحاب سڳورا وٺندا هئا.
مسئلن تي راءِ زني ڪرڻ يا انهن جي سمجهڻ ۾ هن اصول کي نه وسارجي ته سڀ ڪنهن ڪم ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ دنوي طرح ڪوشش ڪرڻ به ضروري آهي ۽ ان سان گڏ الله تعاليٰ جي مدد گهرڻ به ضروري آهي. لَّیْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰی
الله تعاليٰ دين ۽ ديني هدايتون ان لاءِ ڏنيون آهن ته اسان گناهن کان بچون، چڱا عمل ڪيون، هڪ ٻئي کي فائدا ڏيون، پاڻ کي پاڪ رکون، فلاح پايون ۽ الله تعاليٰ جو راضپو حاصل ڪري سندس جنت ۾ پهچڻ جا لائق ٿيون. الله تعاليٰ دين ۾ اسان لاءِ آسانيون ۽ فائدا رکيا آهن نه تڪليفون ۽ نقصان.
شفاعت بر حق آهي. پر شفا مومن لاءِ آهي، انهن مومنن جي لاءِ جي هر طرح اسلام تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا رهن. پوءِ به اُهي شفاعت جو حق ڇڪي نٿا سگهن، مگر شفاعت جي اميد رکي سگهن ٿا. پوءِ پاڻ ﷺ جن سندن شفاعت ڪن يا نه ڪن.
ڪوڙي تصوف اسلام کي بگاڙي ڇڏيو آهي ۽ مسلمانن کي سچي اسلام کان بلڪل پري اڇلائي ڇڏيو آهي.
معجزا ۽ ڪرامتون برحق آهن. پر انهن کي ڪنهن قسم جو وزن ڏيڻ نه گهرجي، ڇو ته يوگه ۽ مسمريزم وارا به خرق عادت جهڙا ڪم ڪري سگهن ٿا. سچن بزرگن جي سڃاڻپ جون نشانيون ٻيون آهن. سچا بزرگ اُهي آهن جيڪي پنهنجي روزگار لاءِ ڪمائي ڪن ۽ سخاوت ڪن، وٺڻ بدارن ڏين ۽ قوم جي بهتري لاءِ خود قربانيون ڪن. وڏي نشاني هيءَ به آهي ته انهن جي صحبت جي ڪري گناهن کان باز اچجي ۽ چڱن عملن ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي.
قبا ٺاهڻ نه گهرجن. اُن جي بدارن تعليم تي پيسا خرچ ڪرڻ گهرجن، قبرن جي زيارت ۾ وڏو ثواب آهي پر وڏيون تڪليفون ڪري دور دراز مسافريون ڪري قبرن تي وڃڻ نه گهرجي.
ملن جو فرقو هئڻ ئي نه گهرجي. نڪي پيرن جو فرقو هئڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته انهن معلمن کي مان ۽ عزت ڏيون ۽ پگهارون مقرر ڪري ڏيون جيڪي اسان کي ۽ اسان جي اولاد کي تعليم ڏين، ۽ پڻ انهن عالمن کي عزت ڏيون جيڪي اسلام تي عمل ڪندڙ ۽ مسلمانن کي حق ڏانهن سڏيندڙ هجن. جيڪڏهن تبليغ جي ڪم ڪرڻ ڪري هنن کي سادي گذران هوندي به روزگار جي تنگي ٿي رهي هجي ته انهن جي مدد به ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اها مدد انهن لاءِ ناهي پر قوم جي لاءِ آهي. مسڪين طالب علمن کي مدد ڪرڻ ۾ به وڏو ثواب آهي.
قرآن شريف جي ڪيترن ئي آيتن کي منسوخ سمجهڻ ۾ وڏو نقصان آهي. اهو خيال بلڪل غلط آهي ته اسان جي عملي هدايت لاءِ فقه ڪافي آهي، ۽ قرآن شريف فقط تبرڪ طور پڙهڻ گهرجي.
نجدي غلطين کان خالي ڪو نه آهن پر عمل تي جيترو انهن جو زور آهي ۽ جيتري قدر هو قرآن شريف ۽ حديث تي ۽ شرعي قانون تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، تيترو ٻي ڪا به قوم ۽ ڪا به اسلامي رياست ڪانه ٿي ڪري.
ڪتابن يا شخصن يا فرقن يا غير مذهب ماڻهن تي راءِ زني ڪرڻ ۾ پهريائين سندن خوبين تي زور ڏجي نه عيب جوئي تي، پوءِ جيڪڏهن عيب جوئي به ڪجي ته بلڪل تهذيب جي نموني تي. اهڙي نموني جو خود انهن ماڻهن تي به چڱو اثر پوي. عيب جوئي انهي نيت سان ڪجي ته اهي ماڻهو راهه راست تي اچن، ۽ ٻيا ماڻهو سندن غلطين کان احتراز ڪن. تعصب بلڪل ڪڍي ڇڏڻ گهرجي، سڀ ڪنهن قسم جي ماڻهن سان خنده پيشاني سان ملڻ گهرجي. فقط انهن ماڻهن کان منهن موڙجي جي بدڪار، بدگفتار ۽ فسادي هجن ۽ سمجهائڻ سان به بدڪارين کان نه مڙن.
مسلمانن ۾ جيڪي ٽي فرقا آهن تن کي هڪ ڌاڳي ۾ آڻڻ جي هر طرح ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ۽ اختلافن هوندي به سڀني کي گڏجي نماز پڙهڻ گهرجي ۽ اهڙا ٻيا ضروري ڪم گڏجي ڪرڻ گهرجن. اسلامي ڪتب خانن جو اهتمام ضرور ڪرڻ گهرجي. علم اسلام جو بنياد آهي. دنوي خواه ديني تعليم تي ئي اسلام جو سڄو مدار آهي.
دائمي ترقي ۽ سعادت لاءِ ڪيميائي نسخو ڇا هئڻ گهرجي؟
علم سان گڏ عمل ۽ تقويٰ ۽ سخاوت سان گڏ انصاف، رحم، مساوات،نماڻائي ۽ همدردي .
دعا گنج العرش ۽ دلائل الخيرات جي استادن جو نتيجو اهو ٿيو آهي، جو نه رڳو جاهل پر پڙهيل بلڪ عالم به اُن کي تعويذ وانگر پاڻ وٽ رکندا آهن ۽ هر روز پڙهندا آهن، ۽ عملن ڏيکاريندا آهن ته قرآن شريف کان انهن کي وڌيڪ چڱو ٿا سمجهن.
جيڪا حالت فقه جي ٿي آهي، اها ئي قرآن شريف جي تفسيرن جي ٿي آهي. اسان جي خيال ۾ اڳوڻا تفسير وڌيڪ معتبر ۽ وڌيڪ چڱا آهن، مگر هي رواجي عالم اڳين تفسيرن کي ڏسن به ڪونه. هو پوين کي وڌيڪ معتبر ٿا سمجهن، ۽ ساڳيو دليل ٿا ڏين ته تحقيقات ۽ اجتهاد جي وسيلي اختلاف هلندا رهيا، ۽ آخر اتفاق قائم ٿي ويو. حقيقت ڇا آهي ته پوين مفسرن اڳوڻن اختلافن کي ويچار ۾ نه آندو آهي. ڪجهه اڳوڻا ڪجهه پنهنجا خيال گڏي نوان نوان تفسير ٺاهيندا ويا آهن، جن کي نيم خوانده مولوي سورهن آنا سچو ٿا سمجهن. اسانجو خيال آهي ته اڳوڻا تفسير وڌيڪ معتبر ۽ وڌيڪ صحيح هئا. نيم خوانده مولوين کي ايترو علم ۽ عقل ڪٿي آهي جو اڳوڻن ۽ پوين تفسيرن جي ڀيٽ ڪري ڏسن. هنن جيڪي پنهنجي استاد کان ٻڌو ۽ سکيو سوئي سچ آهي. ان کان ٻاهر جيڪو ٻڌندو سو غلط آهي، فاسق آهي، منڪر آهي، ڪافر آهي ۽ سڀ ڪجهه آهي. تفسير راشدي ۾ لکيل آهي ته قرآن شريف جي آيت ”وَابْتَغُوْۤا اِلَیْہِ الْوَسِیْلَۃَ“ جو مطلب آهي ته مرشد وٺو، ۽ پڻ هڪڙي حديث (جا هٿرادو گهڙيل ٿي ڏسجي) ڏني اٿس ته جنهن کي مرشد ناهي تنهن جو مرشد شيطان آهي. هڪڙي وڏي عالم بزرگ کان مون اهل مماتي وارن کان استمداد (مدد گهرڻ) بابت سوال پڇيو، فرمايائين ته قرآن شريف ۾ ”وَابْتَغُوْۤا اِلَیْہِ الْوَسِیْلَۃَ“ بيٺو آهي جنهن جي معني آهي ته ڳوليو الله تعاليٰ ڏانهن وسيلو. پوءِ اهل مماتي جي ولين جو وسيلو وٺڻ گهرجي. مان ڀانيان ٿو ته اوائلي تفسيرن ۾ هي ٻئي معنائون بلڪل ڪونه ڏيکاريل هونديون. پوين بزرگن قرآن شريف جي آيتن جون نيون نيون معنائون ۽ مطلب پنهنجا پنهنجا پئي ٺاهيا آهن.
نئين روشني وارا عالم جڏهن پراڻن خيالن وارن مولوين سان اختلاف ڪندا آهن، تڏهن کين چيو ويندو آهي ته توهان مجتهد آهيو ڇا؟ جڏهن جواب ملندو اٿن ته اسان مجتهد نه آهيون نه اسان جا ڪي بزرگ مجتهد آهن، جن جا خيال اسان سچا ٿا سمجهون. تڏهن پراڻن خيالن وارا عالم چوندا آهن ته هن وقت اجتهاد جو دروازو بند آهي. جيڪڏهن اجتهاد ڪجي ته به اهڙو هجي جو اڳوڻن سان موافق هجي نه مخالف. اُنهن کان ڪو پڇي ته سندن خيال اوائلي عالمن سان موافق آهن ڇا؟ ۽ اجتهاد جو دروازو ڪڏهن بند ٿيو ۽ ڇو ٿيو؟ پنهنجي لاءِ به بند اٿن يا رڳو مخالفن لاءِ بند آهي؟ اڄ تائين نوان نوان خيال مقبول پوندا آيا آهن، اگرچه اهي قرآن ۽ حديثن ۽ عقل جي موافق به نه هئا. پوءِ هاڻي جيڪڏهن ڪو مجتهد اهڙو تفسير ڪڍي جو حديثن سان ۽ عقل سان موافق هجي ته کيس اجتهاد جو حق ڪونهي ڇا؟ پوءِ هو جواب ڏين ٿا ته اسان جا وڏا عقل وارا هئا، هاڻي عقل ڪٿي آهي؟ در حقيقت جيڪڏهن عقل تي بحث ڪجي ته جيترو عقل اڄوڪي زماني ۾ آهي اوترو اڳي ڪڏهن ڪونه ٿيو. هزارين علم ۽ هنر ايجاد ڪيا ويا آهن، ڏسو ريلون، هوائي جهاز، گرئموفون، سئنيما ۽ تارون وغيره وغيره.
هيستائين عقل جي خلاف تفسيرن لکڻ جو حق سڀڪنهن کي هو ۽ آهي، مگر عقل ۽ سند سان موافق تفسيرن لکڻ جو حق نئين روشني وارن کي ڪونهي، تنهنجو سبب ڇا آهي؟ اسان کي بيشڪ اجماع اُمت تي هلڻو آهي، مگر هيستائين استبدادي حڪومت هئڻ ڪري مسلمان زنده درگور هئا، ۽ مذهبي آزادي نه هئڻ ڪري روز بروز بگاڙو ٿيندو ويو. نئين روشني وارن جو خيال آهي ته نئين سر اصل قرآن شريف ۽ صحيح حديثن ۽ فقه شريف کي ويچار ۾ آڻي، بدعتون ۽ غلطيون ڪڍي ڇڏجن، ۽ ان لاءِ زبردست عالمن جي سالياني ڪانفرنس ٿئي. پوءِ جنهن ڳالهه تي اجماع ٿئي اُن تي هلڻ گهرجي.
مگر پراڻن خيالن وارا مولوي اهڙي ڪانفرنس کان ڪيٻائين ٿا، ڇو ته کين پڪ هوندي ته پلئٽ فارم تي نئين روشني وارن سان هڪ لفظ به نه ڳالهائي سگهندا. اڄ تائين جو اُنهن کي سڀڪنهن قسم جون نيون نيون ڳالهيون پسند پي آيون آهن، پر نئين روشني وارن جا خيال کين نٿا وڻن، تنهنجو سبب هڪ ته هي آهي ته نئين روشني وارن جا خيال سندن خيالن جي سراسر مخالف آهن، ۽ ٻيو سبب هيءُ آهي ته نوان خيال سندن روزگار جي وسيلن کي برباد ٿا ڪن. نوان خيال رائج ٿيندا ته پيرن، ملن ۽ ملن جهڙن مولوين، فقيرن، مجاورن وغيره جي ڪمائي به هلي ويندي، ۽ وقار به هلي ويندو. مان ائين نٿو چوان ته هروڀرو انهيءَ خيال سان مخالفت ٿا ڪن ته اسان جي روزگار جا وسيلا ۽ اسان جو وقار قائم رهي. پر فطرتي قانون آهي ته جنهن ڳالهه مان ڪنهن ماڻهو کي ذاتي فائدو ٿو رسي، تنهن کي ان ڳالهه بابت مخالف خيال تي رڳو ويچار ڪرڻ تي به دل نه ٿيندي. اُٽلندو هو اُهي دليل هٿ ڪندو وتندو جي سندس فائدي ۾ هجن. اهي اگرچه زور وارا نه هوندا ته به کيس بلڪل زور وارا پيا ڏسڻ ۾ ايندا.
مون جيڪي مٿي چيو آهي تنهن جو ٿورن لفظن ۾ مطلب هي آهي ته عقلاً اجتهاد جو دروازو بند ڪونه ٿيو آهي. تقليد ڪرڻ ۽ اجماع اُمت تي هلڻ ضروري آهي، پر زبردست عالمن جي هر سال ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي، پوءِ جيڪو فيصلو ٿئي اُن کي اجماع اُٰمت سمجهڻ گهرجي ۽ اُٰن جي تقليد ڪرڻ گهرجي.
نيم خوانده مولوي جڏهن جڏهن ڪنهن مسئلي تي بحث ڪرڻ ۾ سند يا دليل ڏيئي نٿا سگهن، تڏهن سلف صالحين جي اوٽ ۾ پناهه ٿا وٺن. سلف صالحن جو وڻندڙ لفظ کين ڏاڍي تسلي ٿو ڏئي. مشهور آهي ته جڏهن شتر مرغ شڪارين کان ڀڄي نه سگهندو آهي ۽ ٿڪجي پوندو آهي، تڏهن پنهنجو سڄو منهن واريءَ ۾ لڪائي بيهي رهندو آهي، ۽ سمجهندو آهي ته هاڻي مان شڪارين کان لڪي ويو آهيان، مگر شڪار ڪندڙ ان کي ان حالت ۾ اُٽلندو آسانيءَ سان پڪڙي سگهندا آهن. ساڳي حالت آهي اُنهن مولوين جيڪي سلف صالحين جي دامن ۾ لڪندا آهن. اهو خيال رکڻ ته اسان کون جيڪي اڳ ٿي گذريا آهن سي سڀ هروڀرو اسان کان عقل ۽ تقويٰ ۾ زياده هئا سا سخت غلطي آهي. تواريخ ڏسو ته سڀني پيغمبرن جون اُمتون ٿوري وقت کان پوءِ گمراهه ٿي ويون. حضرت موسيٰ ؑ رڳو ٿورڙي وقت لاءِ پنهنجي ماڻهن کي، پنهنجي ڀاءُ حضرت هارون ؑ جي زير نظر ڇڏي ويو ته هو گابو ٺاهي ان جي پرستش ڪرڻ لڳا. خود رسول خدا ﷺ جا قول موجود آهن، جي ڏيکارين ٿا ته اهڙو زمانو ايندو جنهن ۾ مسلمان بگڙجي ويندا ۽ خود عالم به بيڪار ٿي پوندا (اُنهن حديثن جا الفاظ مون کي ياد نه آهن) پوءِ هروڀرو پاڻ کان اڳين جي آڙ ۾ لڪائڻ ڪيڏي نه غلطي آهي. قرآن شريف ۾ آهي ته، ڪافر، رسول الله ﷺ کي چوندا هئا ته، ”اسان پنهنجي وڏن جو طريقو ڇو ڦٽي ڪريون؟“ الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته انهن کي چؤ ته ”ڇا اوهان اُنهن جو طريقو نه ڦٽي ڪندو، اگرچه هو غلطيءَ تي هئا.“
تاريخ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته مسلمان ۽ سندن عالم جيئن پوءِ تيئن بگڙندا ويا. پوءِ ڪاڏي اُنهن سلفن جي سند، ڪاڏي الله جي ڪتاب ۽ رسول ﷺ جو قول ۽ فعل ۽ اصحابن سڳورن جي قولن ۽ فعلن جي سند. ازانسواءِ جن کي اڄوڪي دنيا جي واقفيت آهي، سي پڪ سان چوندا ته اڄوڪي زماني ۾ عقل ۽ علم بلڪل زور آهي. ايترو قبول ڪيان ٿو ته متاخرين ۾ به ڪي چڱا چڱا عالم ٿي گذريا آهن. مثلاً شاهه ولي الله صاحب دهلويؓ. مگر اهڙن زبردست عالمن جون تصنيفون اسان جي نيم خوانده مولوين کي نڪي سمجهه ۾ اچن نڪي وڻن. طوطي جو آواز نقارخانه ۾ ڪير ٻڌي؟