قرآن شريف مان اخلاقي سبق
9) ۽ جيڪڏهن مؤمنن جون ٻه ڌريون تڪرار ڪن يا وڙهن ته هنن جي وچ ۾ صلح ڪريو. پر جيڪڏهن انهن مان هڪڙي ڌر ٻي سان ناحق ٿي ڪري ته پوءِ ان سان لڙو جا ناحق ٿي ڪري. ايسيتائين جو هو الله جي حڪم ڏي موٽي. پوءِ جيڪڏهن باز اچي وڃي ته انهن جي درميان انصاف سان صلح ڪرايو ۽ عدل ڪريو. تحقيق الله تعاليٰ انهن سان حب ٿو رکي جي عدل ٿا ڪن.
نوٽ :- اڄ ڪلهه جا مسلمان صلح ڪرائڻ بدران اٽلندو جهيڙي جي آگ کي ڦوڪون ڏيئي وڏو ڀنڀٽ ٻاري وجهندا آهن. بلڪ اڻ وڙهيلن کي به پاڻ ۾ ويڙهائي وجهندا آهن. ڇا اِهي مسلمان آهن يا شيطان ۽ الله تعاليٰ جا دشمن آهن؟ هي قصور به اسان ۾ عام آهي جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي سان ظلم ڪندو آهي ته پاڻ يا ته ماٺ ڪيو ويٺا ڏسندا آهيون يا ته انهيءَ جو طرف وٺندا آهيون جو پنهنجو عزيز يا دوست هوندو آهي يا وڏو ماڻهو هوندو آهي پوءِ اگرچه هو ناحق تي هجي. انهيءَ ڪري ظالم کي ائين ڇڏي ڏينداسين يا اٽلندو کيس مدد ڪنداسين ته سڀاڻي اسان تي به ظلم ڪندو.
10) مؤمنَ بيشڪ پاڻ ۾ ڀائر آهن تنهنڪري پنهنجي ڀائرن جي درميان صلح ڪريو. ۽ الله تعاليٰ کان ڊڄو ته منَ توهان تي رحم ڪيو وڃي.
11) اي مؤمنو ! هڪڙي ڌر ٻي ڌرتي ٺٺولي يا مسخري هرگز نه ڪري، شايد پوئين ڌر اڳين کان بهتر هجي ۽ نه وري هڪڙيون عورتون ٻين عورتن سان مسخري يا ٺٺول ڪن. ممڪن آهي ته پويون اڳين کان بهتر هجن. پنهنجن ماڻهن جا عيب نه ڦولهيو نڪي هڪ ٻئي کي خراب (چڙ ڏياريندڙ) نالن سان سڏيو ! ايمان آڻڻ بعد بڇڙو نالو (رکڻ) بالڪل خراب آهي ۽ جيڪو نٿو باز اچي ته پوءِ اهو ظالم آهي.
نوٽ :- هن آيت ۾ بيان ڪيل خطائون اسان ۾ عام طور مروج آهن. اسلام جو مقصد آهي ته اسان ۾ صلح ۽ محبت هجي ۽ اسان هڪ ٻئي جي خيرخواهي ۽ مددگاري ڪريون مگر مٿيان عيب دوستي ۽ محبت جي بدران ڌڪار ۽ دشمني پيدا ٿا ڪن. جنهنڪري فساد ۽ ظلم زور ٿا وٺن.
12) اي ايمان وارؤ! شڪ ۽ گمان آڻڻ کان گهڻي قدر پرهيز ڪريو. تحقيق ڪي شڪ گناهه آهن ۽ جاسوسي نه ڪريو ۽ اوهان منجهون ڪي ٻين جي غيبت (پرپٺ گلا) نه ڪن. ڇا اوهان مان ڪوئي پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسند ٿو ڪري؟ پر توهان کي ان کان ڪراهت ايندي آهي ۽ ڊڄو الله تعاليٰ کان. تحقيق الله تعاليٰ وري وري موٽندڙ ۽ رحيم آهي.
نوٽ :- خالي گمان تي ٻين تي تهمتون رکڻ مان ۽ گمان تي عمل ڪرڻ مان وڏا خلل پيدا ٿيندا آهن. جاسوسي ڪرڻ يعني لڪي ڇپي ٻين جون ڳالهيون ٻڌڻ يا پراوا خط پڙهڻ يا ٻين جي خانگي زندگي لڪي لڪي ڏسڻ اِهي وڏيون غلطيون آهن جن مان پڻ خراب نتيجا نڪرندا آهن. ڪي ماڻهو خصوصن ٻهراڙيءَ جون زالون ڇا ڪنديون آهن جو نه رڳو پرايون ڳالهيون لڪي لڪي ٻڌنديون آهن پر اهن ۾ ڪوڙ گڏي ٻيڻ ٽيڻ ڪري ٻڌائينديون آهن ۽ وڏا جهيڙا مچائينديون آهن. الله تعاليٰ جي امان ! پرپٺ گلا ڪرڻ آهي پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ. نعوذ بالله منها.
13) اي انسانو ! تحقيق اسان اوهان کي نر ۽ ماديءَ مان پيدا ڪيو ۽ اوهان کي قومن ۽ قبيلن ۾ ورهايو (فقط) انهيءَ لاءِ ته اوهان هڪ ٻئي کي سڃاڻو. تحقيق اوهان ۾ وڌيڪ عزت وارو الله تعاليٰ جي نزديڪ اُهو آهي جو اوهان ۾ وڌيڪ پرهيزگار آهي. تحقيق الله تعاليٰ ڄاڻندڙ ۽ خبر رکندڙ آهي.
نوٽ :- هن شاندار آيت ۾ اُهي اعليٰ سبق سيکاريل آهن جن تي ذات انسان جي ترقيءَ جو مدار آهي. مساوات جو سبق اسان ڪيتري زماني کان وٺي گهڻي قدر ڇڏي ڏنو ۽ اسلام جي بنياد کي اکوڙي ڇڏيو.
اڄ زميندار، ڪامورا، دولتمند، پير بلڪ گهڻا مولوي به ٻين کي گهٽ ۽ پاڻ کي وڏو سمجهن ٿا. حالانڪه رسول الله ﷺ جن فرمايو آهي ته جنهن ۾ هڪ داڻو به وڏائي جو آهي سو بهشت ۾ نه ويندو. جيڪي چڱي ۾ چڱا پير آهن، سي به وڏائي ۾ ڀريا پيا آهن. هو پاڻ کي مرشد ۽ ٻين کي مريد ٿا ڪن. هڪ جدا ممتاز جاءِ وٺي ٿا ويهن ۽ ٻيا انهن کي پيرين ٿا پون. جڏهن پير صاحب ڪچهري ۾ اچن ٿا يا ڪچهري مان اٿن ٿا تڏهن سڀ ماڻهو اُٿي ٿا بيهن ۽ پير نذرانا ٿا وٺن وغيره وغيره. کين اها به خبر ناهي ته نيڪي ۽ فضيلت ڏيڻ ۾ آهي نه وٺڻ ۾. قرآن شريف ۾ بار بار ”اَنفقوا“ (خرچ ڪريو) ۽ ”اتو الزڪوات“ (زڪوات ڏيو) جا حڪم ۽ صدقن ڏيڻ جا حڪم آيل آهن.
لَنۡ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰی تُنۡفِقُوۡا مِمَّا تُحِبُّوۡنَ جي آيت انهن پيرن کان وسري وئي آهي. اُها حديث به کين ياد نه آهي جنهن ۾ فرمايل آهي ته مٿيون هٿ (ڏيندڙ هٿ) هيٺين هٿ (وٺندڙ هٿ) کان افضل آهي. جنهن جو مطلب اهو اهو ٿيو ته مريد پنهنجي مرشدن کان وڌيڪ ڀلارا آهن.
هن آيت سڳوريءَ تي هڪڙي مفسر جو نوٽ هن طرح آهي ته:
ذات انسان جي برادريءَ جي اصول جو هت بيان ٿيل آهي. سو نهايت وسيع بنياد تي بيهاريل آهي. هتي خطاب مومنن کي ناهي جيئن اڳين ٻن آيتن ۾ آهي. پر هتي سڀني ماڻهن کي آهي جن کي چيو ويو آهي ته هو سڀ گويا هڪ آڪهه جا ڀاتي آهن ۽ سندن تقسيم قومن ذاتين ۽ پاڙن ۾ هئڻ ڪري هڪ ٻئي کان جدا نه ٿيڻ گهرجي. پر هڪ ٻئي جي وڌيڪ واقفيت هئڻ گهرجي. هن وسيع برادري ۾ هڪ ٻئي تي فضيلت جو مدار ذات دولت ۽ پوزيشن تي نه آهي پر فرضن جي بجا آوري ۽ پرهيزگاري ۽ اخلاقي بلندي تي آهي.
هن آيت ۾ ”اِنَّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَالَّذِیۡنَ هَادُوۡا وَالنَّصٰرٰی الخ ۽ بَلٰی٭ مَنْ اَسْلَمَ وَجْہَہٗ لِلّٰهِ وَہُوَ مُحْسِنٌ الخ مان هي سوال ٿو اٿي ته جيڪڏهن غير مسلمان پرهيزگار هجن. الله تعاليٰ ڏانهن متوجه هجن ۽ چڱايون ڪن يا الله ۽ آخرت ۾ ايمان آڻن ۽ چڱا ڪم ڪن ته پوءِ الله تعاليٰ وٽ محبت پائيندا ۽ بهشت ۾ ويندا ڇا؟ منهنجو خيال آهي ته جنهن صورت ۾ هن وقت فقط قرآن شريف ئي الله تعاليٰ جو ڪلام صحيح سلامت موجود آهي ته پوءِ اهي غير مسلمان جي قرآن شريف تي ايمان نٿا آڻين ۽ ان کي ڪامل نٿا سمجهن تن کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙا عمل چڱا آهن ۽ ڪهڙا خراب؟ الله تعاليٰ ۾ ايمان آڻڻ جي معنيٰ آهي سندس حڪمن جي پيروي ڪرڻ ۽ سندس حڪم آهن قرآن شريف ۾. پوءِ ڪيئن چئبو ته غير مسلمان الله تعاليٰ ۾ ايمان ٿا آڻين يا چڱا عمل ٿا ڪن يا پرهيزگار آهن. ها ايترو سو آهي ته ڪيترا غير مسلمان گهڻن ئي نالي جي مسلمانن کان عملن ۽ اخلاقن ۾ بهتر آهن. پر ان جو سبب هي آهي ته اُهي مسلمان جاهل. احمق ۽ اسلام کان غير واقف آهن ۽ هو غير مسلمان علم وارا عاقل ۽ ڪجهه قدر علم ۽ عقل ۽ چڱن اخلاقن وارا غير مسلمان چڱا آهن. هن سوال ۾ مان وڃڻ نه ٿو گهران مگر ظاهر آهي ته جاهل ۽ فاسق مسلمان پنهنجي جهل بدڪارين جو نتيجو ضرور ڏسندا ۽ غير مسلمان جيڪي الله تعاليٰ سان ڪنهن کي شريڪ نٿا ڪن ۽ ڪي چڱا ڪم به ڪن ٿا سي به ان جو نتيجو ڏسندا. الله تعاليٰ ڪنهن به اخلاص واري ماڻهو جي چڱائي نه وڃائيندو. والله اعلم بالصواب (هي مسئلو عقائد سان تعلق رکي ٿو جنهن تي توحيد پاران ڪنهن وقت روشني وڌي ويندي) (مدير)
14) بدوي ۽ عرب ٿا چون ته اسان ايمان آندو آهي. انهن کي چؤ ته اوهان ايمان ڪو نه آندو آهي. پر چؤ ته اسان تابعداري (يعني) فرمانبرداري ۽ اطاعت ٿاڪريون ۽ اوهان جي دلين ۾ اڃا ايمان داخل ئي نه ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان الله تعاليٰ ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو ته پوءِ هو اوهان جي عملن مان ڪجهه به نه گهٽائيندو. تحقيق الله تعاليٰ غفور ۽ رحيم آهي.
نوٽ :- 12 آيت جي نوٽ ۾ جيڪي مون جاهل ۽ فاسق ۽ نالي جي مسلمانن به نسبت چيو آهي تنهن ۾ نهايت نرمي اختيار ڪئي اٿم ڇو ته جاهلن کي نڪا عقيدن جي خبر نه ڪا حڪمتن جي خبر. پوءِ اهو ڪهڙي قطار ۾ اچي ٿا سگهن. هن آيت 14 ۾ چٽائي آهي ته خالي ايمان ڪيتري قدر ڪارائتو آهي. مقصد آهي الله ۽ الله جي رسول جي حڪمن جي پيروي. مسلمانو! اکيون پٽيو ۽ ڏسو ته توهان ڪيتري قدر الله تعاليٰ جي نعمتن جا حقدار آهيو، دنيا ۽ آخرت ۾.
15) )15( ايمان وارا فقط اُهي آهن جي الله ۽ سندن رسول ۾ ايمان ٿا آڻين. پوءِ ڪو به شڪ نٿا آڻين ۽ پنهنجي مال ۽ جانين سان الله تعاليٰ جي راه ۾ جهاد (ڪوشش) ٿا ڪن، اُهي آهن سچا.
نوٽ :- هن آيت ۾ اڃا به وڌيڪ چٽائي ٿيل آهي ته ايمان وارا اُهي نه آهن جي خالي ايمان ٿا آڻين پر اُهي ايمان وارا آهن جي ايمان سان گڏ پنهنجي مال ۽ جانين سان الله تعاليٰ جي راه ۾ جهاد ٿا ڪن. ٻيا ته ڇڏيو پر پير سڳورا خدا جي راه ۾ پنهنجي جان ۽ مال قربان ٿاڪن يا پنهنجي راه ۾ ٻين کي مال قربان ڪرڻ لاءِ چئي رهيا آهن.
(توحيد آڪٽوبر 1934ع)