ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

ٻيو تعليمي تجربو - ٻاراڻو ڪلاس

ٽي سال کن اڳي مون پٽ جمال الدين کي ٻاراڻي ڪلاس جا سڀ ڪم بلڪل چڱيءَ طرح پنجن مهينن ۾ پورا ڪرايا. هو نه رڳو ٻاراڻي ڪتاب جا لفظ لکي ويندو هو پر سڀ لفظ ٻڌل خواه اڻ ٻڌل رواجي ڏکيائي وارا بلڪ نون غنه وارا به بلڪل آسانيءَ سان لکي ويندو هو. پڙهڻ ۾ هن کي ايتري قدر آساني ٿي پئي جو جڏهن پهرئين يا ٻئي درجي ۾ هو تڏهن ئي ڪو به اڻ پڙهيل ڪتاب کڻي ازخود شوق سان ويهي پڙهندو هو. جيڪا ڳالهه مزيدار لڳندي هيس سا ٻين کي ٻڌائيندو هو. انگ ۽ کوڙا اصولن سان سکيو، جنهن ڪري ڪو به انگ هڪدم ارٿميٽيڪان تي ڪڍي ڏيکاريندو هو ۽ کوڙا پاڻ ٺاهي ويندو هو. ان تجربي جو بيان تعليم اخبار جنوري 1931 واري ڪاپيءَ ۾ ۽ ملا اسڪول مخزن مارچ 1931 واري ڪاپي ۾ ڏنل آهي. جن ماسترن انهيءَ نموني ۾ ٻاراڻو ڪتاب پاڙهيو آهي ۽ پاڙهين ٿا سي ڏاڍو ڪامياب ٿيا آهن. تنهن ڪري استدعا آهي ته سڀ ماستر صاحب منهنجو مضمون وري غور سان پڙهن ۽ انهيءَ ئي رستي سان ٻاراڻو ڪتاب پاڙهين.
ساڳئي ئي طريقي مون وري پنهنجي ٻئي پٽ ڪمال الدين کي تازو تعليم ڏني آهي. جمال الدين بنسبت چوڻ ۾ ايندو هو ته ذهن تمام چڱو هوندس نه ته پنجن مهينن ۾ ڪم ڪونه ڪڍي سگهي ها. مگر ڪمال الدين جو مثال ڏيکاري ٿو ته ذهن جي ڳالهه آهي ئي ڪا نه. ڪمال الدين کي پهريائين هڪ اسڪول ۾ پڙهڻ وهاريم جتي ڇهه مهينا پڙهيو پر ڪجهه نه سکيو. هو گسائيندو تمام گهڻو هو ۽ پڙهڻ سان شوق بلڪل ڪونه هوس. ارمان جي ڳالهه هي آهي جو اڪثر ماستر ٻارن کي پيار ڪرڻ ۽ دل وٺڻ بدران کين دڙڪو داٻ ٿا ڪن ۽ گهڻو وقت زبردستيءَ سان ٻارن کي هڪ هنڌ ويهڻ تي مجبور ٿا ڪن، جنهن ڪري ٻار اسڪول کان ائين ٿا ڀڄن جئين ڪانءُ ڪمان کان. هڪڙي ماستر ڪمال الدين جي دل ورتي ۽ ان وقت هو گسائڻ کان باز آيو. پوءِ ماستر جلد ئي استعيفا ڏئي هليو ويو، ان کان پوءِ ڪمال الدين ڪو ورلي اسڪول ۾ حاضر رهيو. ڇهن مهينن جي عرصي ۾ فقط چوويهه کن اکر جهوني نموني پڙهيو سي به سڃاڻڻ ۽ لکڻ ڪو نه پي آيس. مثلن پ کي ت ته ت کي پ پئي پڙهيائين. مجبور ٿي کيس پاڻ پڙهائڻ شروع ڪيم. پهرين جون 1933 کان تعليم شروع ڪيم ۽ 7 آگسٽ بس ڪيم يعني فقط ٻه مهينا ۽ ست ڏينهن تعليم ڏنم.
پڙهائڻ جو طريقو ساڳيو ئي اختيار ڪيم جيڪو جمال الدين جي حالت ۾ اختيار ڪيو هوم. لفظن کي آوازن ۾ ورهائڻ ۽ آوازن کي گڏي لفظن ٺاهڻ ۾ جمال الدين کي فقط ٽي منٽ. پهريائين چئن سبقن تي مهينو کن لڳي ويو يا اڃا به وڌيڪ، مگر جيئن پوءِ تيئن تڪڙو ڪم نڪرندو ويو. هر روز اٽڪل چاليهه منٽ صبح جو ۽ پنجويهه منٽ شام جو تعليم ڏيندو هو مانس. ٻن مهينن ۽ ستن ڏينهن ۾ هن ٻاراڻو ڪتاب پڙهي پورو ڪيو ۽ پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ اهڙو ئي هوشيار ٿيو آهي جهڙو جمال الدين ٿيو هو. انگن ۽ کوڙن تي مون پاڻ گهٽ ڌيان ڏنو تنهن هوندي به 100 تائين انگ ايڪن ڏهاڪن سان سکيو آهي، فقط اُڻ وارا انگ مثلن اڻهٺ، اڻتهر پورا پڪا نه ڪيائين. بعضي لکي ٿي ويو بعضي چڪ ڪيائين پئي جا هيٺين سوالن سان درست پئي ڪيائين:- اڻهٺ ڇا جي اُڻ آهي؟ چي سٺ جي، سٺ جا ڏهاڪا ڪيترا؟ چي ڇهه، پوءِ اڻهٺ ۾ ڪيترا ٿيا؟ چي پنج. پوءِ درستي ڪري پئي ويو. کوڙو فقط ٻڪي جو سيکاريو مانس پر اصول سمجهڻ سان ارٿميٽيڪان تي سکيو. پهريائين ارٿميٽيڪان تي ٻه ٻه گولا ڪڍندو جوڙ ڪرائيندو ويو مانس پوءِ بنا ارٿيميٽيڪان زباني جوڙ ڪرايو مانس. پوءِ وري ارٿيميٽيڪان تي ايڪ ڏؤن ڏؤن، ٻه ڏؤن چار آخر تائين چئي ويو. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن هڪ هفتو مون وٽ وڌيڪ هجي ها ته کوڙا پنجين تائين ۽ انگ 100 تائين بلڪل چڱي طرح پڪا ٿي وڃنس ها. هن مان سمجهو ته ڪمال الدين کي فقط اڍائي مهينا ڪل لڳن ها ۽ جمال الدين کي پنج مهينا لڳا هئا. اگرچه ظاهراً ڏسجي ٿو ته ڪمال الدين اڳي ئي اسڪول ۾ پڙهيو هو تنهنڪري ٿوري وقت ۾ ڪم ڪڍي ويو، پر مان اڳي ئي بيان ڪيو ته اسڪول ۾ درحقيقت ڪجهه ڪونه سکيو هو، جيڪي ٿورا حرف پڙهيو هو تن مان مون کي ڪجهه به مدد نه ملي. پر کڻي فرض ڪيو ته ڪجهه نه ڪجهه مدد ملي پوندي ته به هفتي کن جي يعني چئبو ته ڪمال الدين ٻن مهينن ويهن ڏينهن ۾ سڀ ڪم ڪڍي ويو.
مان وري به هتي هيٺيان اصول بيان ڪريان ٿو.
1 - تڪڙ اصل نه ڪجي. جيڪو ٿورڙو ئي ڪم ڪجي سو خوب پڪو ڪرائجي، پوءِ اڳتي وڌجي. تڪڙ ڪبي ته سال لڳندا، ڍرائي ڪبي ته مهينا به نه لڳندا.
2 - لکڻ ۽ پڙهڻ گڏ هلائجن. جيڪي سيکارجي سو ٻار لکي به وڃي ۽ سڃاڻي به وڃي ته پوءِ اڳتي وڌجي.
3 - جيڪي اڳي سکيل هجي سو روز بروز وري وري دؤر ڪرائجي يعني لکرائجي ۽ سڃارائجي، نه ته ننڍي ٻار کي اڳيون سکيل ڪم وسري ٿو وڃي.
4 - ٻاراڻي ڪلاس جون سندن سبقن موجب ٽوليون ٺاهجن. هڪڙي ٽوليءَ کي سيکارجي ته ٻين کي يا ته آرام ڏجي يا پٽين تي انڊا به لکرائجن ۽ آرام به ڏجي. ننڍا ٻار تمام جلد ٿڪجي ٿا پون. جيڪڏهن ڏسجي ته ڪنهن به ٽولي ۾ هڪڙو ٻار منجهي پيو آهي. ايتري قدر جو شڪ پوي ته شايد مغز تازو نه اٿس ته ان ٽوليءَ کي هڪدم ڇڏي ڏجي ته آرام وٺن.
5 - هي ڳالهه ضروري آهي ته جيڪي حرف سيکارجن ۽ انهن سان جيڪي آواز شامل ڪجن تن سان لفظ جيڪي به ٺهي سگهن سي سڃاڻارائجن ۽ لکارائجن. مثلن اَ اِ اُ آ ۽ بَ بِ بُ با جڏهن سڃاڻي ۽ لکي وڃن ته تڏهن هيٺيان لفظ لکائجن ۽ سڃاڻارائجن. اَبا، آب، باب، وغيره. چوٿين سبق ۾ جڏهن اي سيکارجي تڏهن اهو آواز سڀني پڙهيل حرفن (يعني ٿ تائين) سان لڳائجي ۽ لفظ ٺهرائجن مثلن بتي، پٽي، بيٽ، وري جڏهن اي جو آواز سيکارجي تڏهن به ساڳيءَ طرح لفظ ٺهرائجن مثلن پٽي، پيٽ وغيره.
6 - ننڍن ٻارن کي اڪثر معلم ۽ ماستر چوندا آهن ته ويهي پڙهو ۽ ڏاڍيان پڙهو. پوءِ هو زور سان الف ب الف ب يا الف زبر اَ ب زبر بَ، الف زير اِ ب زير بِ يا الف مد آ بي الف با الف مد آ، ب الف با وري وري پيا چوندا آهن. ائين ڪرڻ بلڪل بيڪار ۽ بيسود آهي. ٻارن خواه معلمن جو مغز اجايو ٿو کپي. پر جڏهن ٻارن کي جملن وارا سبق سيکارجن مثلن پنجون سبق تڏهن سيکارڻ بعد کين چئي سگهجي ٿو ته هاڻي ان کي پڪو ڪيو پوءِ تمام آهسته ان کي پڙهي پڪو ڪن. پر ان ۾ به وڏو خطرو آهي ڇو ته جيڪڏهن هو ڪا چڪ ڪندا ته پوءِ اها چڪ پڪي ٿي ٿي وڃي ۽ ان کي مٽائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳين. تنهن ڪري سبق چڱيءَ طرح سيکارڻ بعد به ڪنهن مٿئين درجي واري ڇوڪري جي زير نظر سبق پڪو ڪن ته بهتر ٿيندو. پر اهو وڏو ڇوڪرو درستي نه ڪري فقط ان ٻار کي ٻڌائي ته هي لفظ غلط ٿو پڙهين يا هي لفظ ڇڏي ٿو ڏين. پوءِ اهو ٻار پاڻ آواز ڪڍي اهو لفظ درست ڪري پڙهندو. اها ماستر وڏي غلطي ڪندا آهن جو پاڻ درستي ڪندا آهن. ٻارن کي پاڻ پنهنجي غلطي درست ڪرڻ گهرجي.
7 - اصولن ۽ سمجهاڻي سان تعليم ڏيڻ ۾ اڪثر ماستر وڏي تڪليف سمجهندا آهن، مگر مون کي يقين آهي ته چڱيءَ طرح تعليم ڏيڻ ۾ تڪليف به گهٽ ڪرڻي ٿي پوي، وقت به گهٽ ٿو لڳي ۽ تعليم به سٺي ٿي ٿئي. مثلن جيڪڏهن ڪو ماستر بنا اصولن ۽ سمجهاڻي جي پهرين درجو هر روز چار ڪلاڪ هڪ سال پاڙهي ۽ ٻيو ماستر اصولن ۽ سمجهاڻي سان ساڳيو درجو هر روز ٽي ڪلاڪ فقط ڇهه مهينا پاڙهي ته پوئين ماستر جو ڪلاس پهرئين ماستر جي ڪلاس کان گهٽ ۾ گهٽ ڏهوڻو بهتر ٿيندو. ڇو ته پهرئين ڪلاس جو دماغ نه کلندو ۽ اڳتي وڌڻ ۾ تڪليف ڏيندو ۽ پوئين ڪلاس جو دماغ کلندو ويندو ۽ جئين پوءِ تئين تڪليف بلڪل ڪونه ڏيندو. خصوصن حساب جيڪڏهن اصولن سان ٿا سيکارجن ته شاگرد جلد به سکن ٿا ۽ ترقي ڪرڻ ۾ ۽ مٿئين درجن جي حسابن ڪرڻ ۾ بلڪل گهڻي سهولت ٿي پئي ٿي. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڪتاب جي سبقن ۽ تاريخ جاگرافي وغيره تي سمجهه جا سوال ٿا پڇجن ته ٿورئي وقت ۾ شاگرد پنهنجي ليکي پڙهڻ مهل ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ۽ منجهن ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ جو شوق پيدا ٿو ٿئي، نه ته هو رڳو لفظ ٿا پڙهن، نڪي ڪجهه سمجهن ٿا، نڪي واقفيت حاصل ڪن ٿا نڪي خيال ۽ ڳالهه جو مطلب جهٽين ٿا. ان حالت ۾ هنن جو پڙهڻ ۾ نه پڙهڻ هڪجهڙو آهي.
مٿين هدايتن ڏيڻ ۾ اصل مضمون کان پري وڃي پيو آهيان. مضمون آهي ٻاراڻو ڪلاس. ٻاراڻو ڪلاس تمام مکيه ڪلاس آهي. سڄي اسڪول جي واڌاري ۽ سڌاري ۽ ترقيءَ جو بنياد آهي. جيڪڏهن ٻاراڻو ڪتاب چڱي طرح پاڙهجي ته پوءِ ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم لهي ويو. مٿين درجن ۾ پوءِ ماسترن کي فقط اها ڳالهه ڏسڻي پوندي ته شاگرد جيڪي پڙهن ٿا سو سمجهن ٿا يا نه. بلڪ سمجهه ڪم آڻڻ جو بنياد به ٻاراڻي ڪتاب پاڙهڻ مهل وجهي سگهجي ٿو. شاگردن کي هي عادت وجهجي جو جيڪي پڙهن سو زبان هلائڻ ۽ چپن چورڻ کان سواءِ پڙهن ۽ فقط مطلب جهٽي اهو پنهنجن لفظن ۾ ٻڌائي سگهن.
ڏٺو ويو آهي ته جيڪو طريقو ٻاراڻي ڪتاب پاڙهڻ جو اڳئين مضمون ۾ ڏيکاريو اٿم سو ڪن معلمن ۽ ماسترن کي مغز ۾ ئي نٿو ويهي. منهنجي خيال ۾ ائين ٿو اچي ته هو انهيءَ مضمون سمجهڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن يا ان کي عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش نٿا ڪن. سمجهڻ جو بهترين طريقو آهي عمل ۾ آڻڻ. جيڪڏهن هو عمل ۾ آڻين ته ازخود اهو طريقو هنن کي سمجهه ۾ ايندو ويندو.
تنهن هوندي به هتي مان هڪڙو ٻيو طريقو بيان ٿو ڪريان جو سمجهڻ نهايت آسان آهي. اهو طريقو مون آزمايو ڪونهي پر سمجهان ٿو ته ان مان به نهايت چڱو نتيجو نڪري سگهندو. اهو هي آهي:
پهريائين اٽڪل 15 حرف سيکارجن پر اهڙيءَ طرح سيکارجن جو ٻار اهي حرف لکي به وڃن ۽ سڃاڻي به وڃن. پوءِ انهن سان زبر جو آواز شامل ڪجي سو هيئن:- پهريائين ٻارن کي اواز ڪڍڻ ۽ آواز کي ملائي لفظ ٺاهڻ سيکارجي. مثلن ٻارن کان پڇي ته هي ڇا آهي؟ چي اک پوءِ ان لفظ کي ٻن آوازن ۾ ورهائي ڏيکارجي يعني اَ - ک. پوءِ کين چئجي ته ساڳي طرح هت ان جا آواز ٻڌايو. اهو استعمال خوب ڪرائي پوءِ چئجي ته هاڻي مان ٿو آواز ٻڌايان، اوهان انهن کي ملائي لفظ ٻڌايو. مثلن ڪا - ٺي، انهن مان ڪهڙو لفظ ٺهيو ته هو تڪڙو گڏي چون ڪاٺي. اهو به استعمال ٿي رهي ته پوءِ الف کي زبر ڏيئي ( اَ) ٻڌائجي ته هي آهي اَ. وري بي کي ساڳي طرح زبر ڏبي ته ٿيندي بَ. هاڻي ٻڌايو ته ٻي کي زبر ڏبي يعني هي ( ٻَ ) ڇا ٿيو؟ هي ( پَ ) ڇا ٿيو يعني پندرهن ئي حرفن سان زبر شامل ڪجي ۽ ايترو استعمال ڪجي جو اهي سڀ آواز لکي به وڃن ۽ پڙهي به وڃن. پوءِ انهن مان لفظ ٺهرائجن. مثلن اَٺ - پٽ، اهي پڙهائجن به ۽ لکائجن به ايتري قدر جو انهن 15 اکرن مان زبر سان جيڪي به لفظ ٺهي سگهن سي بنا سيکارڻ جي به سڃاڻي ۽ لکي وڃن.
پوءِ انهن پندرهن اکرن سان ساڳي طرح زير جو آواز شامل ڪري لفظ ٺهرائجن. پوءِ وري اهڙا لفظ ٺهرائجن جن ۾ زبر زير ٻٽي اچي وڃي. مثلن پهريائين پٽ - ڀت وغيره پوءِ وري پٽ، ٺپ ۽ پٽ وغيره.
اهڙي طرح ڏه ئي آواز يا بهتر ٿيندو ته اٺ آواز (اَ ۽ اَو کان سواءِ انهن 15 اکرن سان شامل ڪري هر قسم جا لفظ ٺهرائجن، لکرائجن ۽ سڃاڻارائجن.) پوءِ ڪا به تڪليف ڪانه ٿيندي. ڇا ڪجي جو ٻيا 15 اکر سيکاري انهن سان ۽ اڳين 15 سان گڏي لفظ ٺهرائجن. پوءِ وري ٻيا 5. اهڙيءَ طرح جلدئي سڄي الف ب پوري ٿي ويندي. فقط اها خبر نه پوندي ته ز، ذ، ض يا ظ ڪم آڻبي، س، ث يا ص ڪم آڻبو.
عام رواجي دستور آهي جو پهريائين ٻارن کي 25 ئي اکر پاڙهيا وڃن ٿا. اهو ڪم ٻارن لاءِ بلڪل ڪٺن آهن. منهنجي خيال ۾ ائين ٿو اچي ته 6 مهينا لڳائبا ته به مشڪل سان سڀ اکر لکي ۽ سڃاڻي سگهندا ڇو ته هنن کي لفظن ۾ ڪم نه آڻن ڪري وري وري وسري ٿا وڃن.
(اخبار تعليم - ڊسمبر 1933 )