ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

اسلام ۽ اليڪشن

ديباچو
هن رسالي ۾ خاص طرح اليڪشن يعني چونڊن بنسبت ڪجهه بيان ڪيل آهي، مگر ضمنن مجبوريءَ طور هلندڙ زماني جون ڪي خرابيون بيان ڪيل آهن. مان اخلاص سان چوان ٿو ته مان نڪو سرڪار کي ڏوهه ٿو ڏيان نڪو ڪنهن خاص ليڊر يا ليڊرن کي. نڪو ڪنهن خاص فرقي يا فرقن کي. حقيقت هيءَ آهي ته يزيد جي زماني کان وٺي شخصي جابر حڪومت ۽ ڌارين جي حڪومت جي 13 تيرهن صدين اسان سڀني جي اخلاقي حالت بلڪل بگاڙي ڇڏي آهي، ۽ اسلام جو ته رڳو نالو وڃي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن جو ڏوهه آهي ته عوام جو آهي جن قرآن مجيد کي معنيٰ سان پڙهڻ ڦٽي ڪيو، جن فرعوني بادشاهن جي مخالفت نه ڪئي ۽ جن چونڊ واري خلافت وري قائم ڪرڻ جي ڪوشش ئي ڪانه ورتي.
مان حقيقت ۾ مسلم ليگي آهيان. مان نه رڳو پاڻ مسلم ليگ جو ميمبر ٿيس پر ٻيا به 24 ميمبر ڪري ڏنم. ازان سواءِ مسلم ليگ کي زور وٺائڻ لاءِ ڪي تجويزون لکي مسلم ليگ جي ٽن وڏن ڪارڪنن جي خدمت ۾ عرض رکيم. نتيجو ته ڪجهه به ڪونه نڪتو. پر تنهن هوندي به انهيءَ راءِ تي قائم آهيان ته سڀ مسلمان ڀائر آهن ۽ سڀني کي هڪ ٿي رهڻ گهرجي. پارٽي بازيءَ جو رواج بند ڪرڻ گهرجي. خود غرضي ڦٽي ڪري سنڌ جي ۽ پاڪستان جي خدمت ڪرڻ گهرجي. مون کي وطن جي حب ۽ اسلام جي محبت مجبور ٿي ڪري ته مان خرابيون بيان ڪيان ۽ خرابين کي ڪڍڻ جا اپاءَ ٻڌايان. مان ڪنهن به مخالف پارٽيءَ ۾ شامل ڪونه ٿيو آهيان ۽ ڪنهن به ليڊر جو مخالف نه آهيان. منهنجي دعا آهي ته شال الله تعاليٰ اسان تي رحم ڪري ۽ اسان کي علم اخلاق ۽ باهمي همدردي ۽ خير خواهي عطا ڪري ته اسان هر طرح ترقي ڪري خوشحال ٿيون.

مؤتمر عالم اسلامي
تازو تاريخ 12 کان 16 فيبروري 1951 تائين ڪراچيءَ ۾ مؤتمر عالم اسلامي جو شاندار اجلاس ٿي گذريو. اٽڪل 36 اسلامي ملڪن جا عيوضي شريڪ ٿيا ۽ اعليٰ درجي جون تقريرون ٿي گذريون. روس ۽ ڀارت جي مسلمانن جا عيوضي ڪونه آيا. انهيءَ ڪانفرنس ۾ ليڊرن قرآن مجيد تي عمل ڪرڻ لاءِ ۽ اسلامي زندگي اختيار ڪرڻ لاءِ خاص طرح تلقين ڪئي. هونئن به ڏسجي ٿو ته ليڊر، وزير ۽ گورنر جابجا اسلام تي تقريرون ڪن ٿا. پر سوال آهي ته هنن کي سچ پچ اوچتو ئي اوچتو اسلام جي خوبين جي خبر پئجي ويئي آهي، يا ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ ۽ ٺڳيءَ سان ووٽ حاصل ڪري وري به حاڪم بڻجي عوام کي پيڙڻ لاءِ ۽ پاڻ کي ۽ پنهنجن کي فرعوني اوج تي پهچائڻ لاءِ اهي سڀ ڍونگ رچائي رهيا آهن.
ناظرينو‍‍‍‍‍‍‍‌‌‌! توهان ليڊرن ۽ حاڪمن جي لفظن ڏي نه ڏسو، سندن عملن ڏي ڏسو. عملن جي هڪ رتي لفظن جي مڻن کان وڌيڪ چڱي ۽ اثر واري آهي. توهان ظاهر ظهور ڏسو ٿا ته اسان جي ليڊرن ۽ حاڪمن مان گهڻائي رشوتون ۽ رسايون وٺندڙ آهن، گهڻائي زاني ۽ شرابي آهن، گهڻائي چورن ۽ پاٿاريدارن جا يار ۽ مددگار آهن، گهڻا ئي ظالم زميندارن کي مدد ڏيئي عوام کي لتاڙائي تباهه ڪرائي رهيا آهن. گهڻائي اهڙا آهن جي اسراف (حدن کان ٻاهر وڃڻ) تبذير (ڏيکاؤ تجمل وغيره تي اجايا خرچ ڪرڻ) ۾ مبتلا آهن. تبذير وارن لاءِ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته اهي شيطان جا ڀائر آهن. توهان ڏسو ٿا ته هاڻوڪن حاڪمن جي ايام ڪاريءَ ۾ ڪامورن جي رشوت خوري ۽ ظالم زميندارن جو ظلم ڪيتري قدر وڌي ويو آهي. پوءِ به جيڪڏهن اسان جا ليڊر ۽ حاڪم اسلام تي تقريرون ڪن ۽ اسان کي اسلامي زندگي اختيار ڪرڻ جي نصيحت ڪن ته ڇا سمجهڻ گهرجي؟ اهو فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي، پر دل ئي دل ۾ ته هو ڪيتري قدر مسلمان آهن ۽ ڪيتري قدر منافق آهن.

ڊاڪٽر مصطفيٰ صبائي جي اعليٰ تقرير
گذريل مؤتمر اسلامي جي اجلاس ۾ شام جي عيوضي ڊاڪٽر مصطفيٰ صبائي جي تقرير بيشڪ اعليٰ درجي جي هئي. مون کي اها خبر ناهي ته هو پاڻ ڪيتري قدر اعليٰ اخلاقن وارو انسان آهي. هن صاحب پنهنجي تقرير ۾ هي به فرمايو ته عوام کي ظلم کان، سڃائيءَ کان، بک کان، گناهن کان ۽ خدا کي ڇڏي ٻين جي اڏو جهڪڻ کان آزادي ڏياريو. اهي پنج آزاديون انسان جي ترقيءَ لاءِ نهايت ضروري آهن. انهن کان سواءِ ڪابه قوم زندهه رهي نٿي سگهي. خبر ناهي ته ڊاڪٽر موصوف پوئين آزادي به نسبت دل ۾ ڪهڙي معنيٰ رکي آهي، پر مان ان جي تشريح ٿو ڪيان. اڄ ڪلهه عام توڙي خاص ماڻهو خدا جي اڳيان ڪو نه ٿا جهڪن، هو شيطان جي اڳيان ٿا جهڪن. ٻهراڙي جو عوام ڏسو ته ظالم ۽ بدڪار زميندارن جي پيرن تي ڪري ٿا پون، کين کٽ تي وهاري پاڻ پٽ تي ٿا وهن. سندن کٽ تي هٿ رکي ڳالهه ڪرڻ کي خدا جي قسم کان وڌيڪ ٿا سمجهن ۽ ڪنهن لالچ ۽ ڊپ سببان زميندار جا بيواجبي حڪم ٿا مڃن. بلڪ سندن چوڻ تي وڏا ڪبيرا گناهه به ڪن ٿا. ائين ڪرڻ خدا کي ڇڏي ٻين جي اڳيان جهڪڻ نه آهي ته پوءِ ٻيو ڇا آهي؟ ساڳي طرح ننڍا ڪامورا وڏن ڪامورن جي خوشامد ۽ چاپلوسي ڪن ٿا، رسائي ڪن ٿا، ها ۾ ها ملائن ٿا ۽ گهڻائي غير جائز ۽ گناهه جا ڪم ڪن ٿا. اهڙا ڪم ڪرڻ به خدا کي ڇڏي ٻين جي اڳيان جهڪڻ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ٻين کي پنهنجي غرضن لاءِ مطيع ڪرڻ فرعونيت ناهي ته ٻيو ڇا آهي ۽ پاڻ کي خدا سڏائڻ جي برابر ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
ڊاڪٽر موصوف جي تقرير ته بيشڪ سهڻي آهي پر افسوس جو سندن خيالن کي عملي جامون پهرائڻ لاءِ ڪي به رٿون ڪونه ڏنيون اٿس. انشاءَ الله مان اوهان کي ايندڙ صفحن ۾ ٻه ٽي رٿون پيش ڪندس.

اسلام کي نئين سر زندھ ڪرڻ
اسلام کي زنده ڪرڻ لاءِ اها ئي تحريڪ هلائڻ ضروري آهي جا حضرت رسول الله ﷺ جن مڪي معظم ۾ جاري ڪئي ۽ مدينه منور ۾ مڪمل ڪئي. تحريڪ هلائيندڙ کي اهي ئي اخلاق رکڻ گهرجن جي حضرت جن جا هئا، پنهنجن ۽ پروان، دوستن ۽ دشمنن سان اهائي روش وٺڻ گهرجي جا حضرت جن وٺندا هئا. حضرت جن سڄي عربستان جا بادشاهه ٿيا ته به اسلامي سادگي نه ڇڏيائون، پنهنجي هٿن سان ڪم ڪاج ڪرڻ کان عار نه ڪندا هئا، مساوات (هڪجهڙائي ۽ برابري) جو اصول عملن قائم ڪري ڏيکاريائون. دشمنن ۽ ڪافرن سان به چڱايون ڪندا هئا.
اها تحريڪ بدين واري اخبار حزب الله ۾ شايع ٿي هئي. قرآن مجيد ۾ فرمايل آهي ته اوهان ۾ هڪ ٽولي اهڙي هئڻ گهرجي جا ماڻهن کي چڱائي ڏي سڏي چڱن ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڪري ۽ گناهن کان روڪي. سورت العصر ۾ فرمايل آهي ته انسان جي زندگي خساري ۽ ڇيهي ۾ آهي، سواءِ انهن جي جيڪي ايمان ٿا آڻن، صالح عمل ٿا ڪن، حق جي وصيت ٿا ڪن ۽ ٻين کي به مٿين آيتن موجب نصيحت ڪندا ٿا رهن. پوءِ جڏهن اهڙن ماڻهن جو عدد چڱيرو ٿي ويندو تڏهين قوم جي اخلاقي حالت تڪڙي سڌرندي ۽ دنيوي ترقي ڪرڻ ۾ ديرئي ڪانه لڳندي.
ٻي رٿ هيءَ آهي ته اهڙي تحرڪ هلائجي جو سڀ مسلمان مرد توڙي عورتون هر روز پنج ڏهه منٽ قرآن مجيد پاڻ معنيٰ سان پڙهن يا ٻين کان ٻڌن. هي ڪم تمام آسان آهي. هر هڪ ننڍي ڳوٺ ۽ وڏن شهرن جي هر هڪ محلي ۾ ڪنهن مقرر هنڌ تي، ڪنهن مقرر وقت تي ماڻهو گڏ ٿين ۽ هڪڙو چڱو پڙهيل ماڻهو وڏي آواز سان جهلي جهلي چٽيءَ طرح ترجمو پڙهي ٻڌائي. جيستائين مسلمان اهو نظام ۽ انتظام نه رکندا تيستائين سندن مسلماني رڳو نالي جي مسلماني آهي. اڙدوءَ ۾ گهڻائي ترجما بلڪل سٺا آهن، مثلن ابوالڪلام آزاد، علامه اشرف علي، مولوي نذير احمد جو وغيره وغيره. مگر سنڌيءَ ۾ اهڙا چڱا ڪونه آهن. مولانا تاج محمد امررٽي جو ۽ قرآن ڪمپني جو ترجمو تازو حيدرآباد ۾ ڇپايل چڱيرا آهن. پر هڪ ته منجهن تفسير ڪونهي ٻيو ته ترجمو به اهڙو ناهي جو تفسير کان سواءِ ئي سڀ ڪجهه سمجهڻ ۾ اچي، تاهم اهي به غنيمت آهن. جيستائين بهتر ترجما شايع ٿين تيستائين اهي ئي پڙهڻ گهرجن. مان به سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽ تفسير لکڻ شروع ڪيو آهي جو ڇپجڻ شروع ٿيو آهي ۽ انشاءَ الله هڪ سال اندر ڇپجي تيار ٿيندو.
ٽين رٿ هيءَ آهي ته سرڪار يا پبلڪ مان ڪو سخي مرد يا سخي جماعت هڪ اهڙو مدرسو جاري ڪن جنهن ۾ معلمن ۽ شاگردن جي رهڻ جو بندوبست هجي. معلم اعليٰ اخلاق وارا هجن. اسلامي سادگي، هٿن سان ڪم ڪار ڪرڻ ۽ اسلامي مساوات جو خاص لحاظ رکيو وڃي.
شاگردن ۾ هڪ ٻئي سان چڱاين ۽ هڪ ٻئي کي مدد ڪرڻ جو ٻج پوکيو وڃي. تعليم ۾ خاص ڌيان تقرير ڪرڻ ۽ تحرير يعني مضمونن لکڻ تي ڏنو وڃي. انهيءَ لاءِ ته جيڪي شاگرد اتان تحصيل ڪري نڪرن سي تبليغ ۽ اصلاح جو ڪم تقريرن ۽ تصنيفن وغيره جي وسيلي ڪري سگهن.
چوٿين رٿ هيءَ آهي ته سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اسلامي تعليم لازمي ۽ فرض ڪئي وڃي.
پنجين رٿ حديثن ۾ ڏنل آهي جا هن ريت آهي.
حضرت جن فرمايو آهي ته علم جي طلب هر هڪ مسلم مرد توڙي عورت تي فرض آهي. ٻي حديث آهي ته پينگهي کان وٺي قبر تائين علم جي طلب ۾ لڳا رهو. ٽئين حديث آهي ته علم جي طلب ڪريو اگرچه چين ولايت ۾ ملي. ازان سواءِ ٻيون به گهڻيون ئي تمام سٺيون حديثون علم جي فائدن به نسبت آيل آهن. مثلن فرمايل آهي ته علم واري مس شهيد جي رت کان وڌيڪ پاڪ آهي. افسوس جو اسان مسلمانن نه رڳو دنيوي علم کي ڇڏي ڏنو آهي پر قرآني علم به حاصل ڪونه ٿا ڪيون. سڀ ڪنهن ڳالهه لاءِ سرڪار تي ڀاڙڻ به بلڪل غلط آهي. اسان جي ليڊرن ايڊيٽرن ۽ وعظ ڪندڙن کي گهرجي ته خوب پروپئگنڊا هلائن ته هر هڪ ڳوٺ ۽ هر هڪ محلي ۾ هڪڙو پڙهيل ماڻهو هر روز اڌ ڪلاڪ يا ڪلاڪ ڳوٺ يا محلي جي ماڻهن کي علم سيکاري. جيڪڏهن هو عيوض نه وٺي ته وڏو ثواب حاصل ٿيندس، پر جيڪڏهن ڳوٺ يا محلي جا ماڻهو چندو ڪري کيس پگهار ڏين يا گڏوگڏ لاپو فصلن مان ڏين ته به کيس ثواب ملندو بشرطيڪ سندس نيت هجي پاڙي وارن ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جي.
ازان سواءِ هر هڪ ڳوٺ يا محلي ۾ هڪ ڪتب خانو، مسجد يا حجري ۾ هئڻ گهرجي. جيڪو به مسلمان ڪو ڪتاب يا رسالو پڙهي پورو ڪري سو مسجد ۾ رکي. اهڙي طرح بنا خرچ جي ڪتب خانو ٺهي ويندو.

اسلام جي اوائلي سياست
اسلام کي زنده ڪرڻ لاءِ پنج رٿون مٿي ڏنيون ويو آهن. پر هن ڪتاب ۾ خاص طرح چونڊن جي بنسبت ڪي خيال پيش ڪري هڪ رٿ ڏيندس جا تمام ضروري آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ کان سواءِ اسان ڪا به ترقي ڪري ڪونه سگهنداسين. پنهنجي خيالن ۽ رٿ پيش ڪرڻ کان اڳي مان اسلام جي اوئلي تاريخ بيان ٿو ڪريان جا چونڊن جي طريقي تي گهڻي روشني وجهندي. حضرت جن مڪي معظم ۾ اٽڪل ٻارهن سال اسلام جي تبليغ زور شور سان ڪئي. مگر مڪي جي مغرور سردارن به زوردار مخالفت ڪئي. هر ملڪ ۽ هر زماني ۾ اهو دستور پئي رهيو آهي ته شاهوڪار ۽ زور يا حڪومت وارا ماڻهو هميشه حق جي مخالف ڪندا آهن. ڇو ته هو پسند نه ڪندا آهن ته مسڪين ماڻهو ساڻن برابري ڪن، يا خوددار ٿي سندن تابعداري ڦٽي ڪن يا آزاد رهي ترقي ڪري آسوده ٿين. هو هر طرح سان ٻين کي غلاميءَ ۽ سڃائيءَ ۾ رکندا آهن. اهو ئي سبب هو جو مڪي جي سردارن سخت مخالفت ڪئي. تنهن هوندي به وڏي دماغ ۽ اعليٰ اخلاقن وارا ماڻهو مسلمان ٿي پيا. قريش کي ايتري قدر ته خطرو محسوس ٿيو جو مسلمانن تي بي انداز ظلم ڪرڻ لڳا، جنهن ڪري ڪي مسلمان حبش ملڪ ڏي هجرت ڪري ويا. انهيءَ کان پوءِ ڪي مديني جا ماڻهو مڪي ۾ حضرت جن جو وعظ ٻڌي مسلمان ٿيا. انهن سان گڏ حضرت جن پنهنجو اصحابي حضرت مصعب بن عمير مديني ڏي موڪليو. جنهن جي وعظ کان متاثر ٿي ٻيا به گهڻائي مديني جا ماڻهو مسلمان ٿي پيا. ٻئي سال اٽڪل ٻاهتر شخص مڪي ۾ اچي لڪ ڇپ ۾ مڪي جي ٻاهران حضرت جن سان مليا ۽ کين دعوت ڏني ته مديني ۾ هلي رهو ۽ اسان هر طرح اوهان جي ۽ مسلمانن جي مدد ڪنداسين. بيعت ڪرڻ ۾ هنن هيٺيان (5) پنج وعدا يا شرط ڏنا.
1) اسان فقط هڪ الله جي ٻانهپ ڪنداسين ۽ ساڻس ڪنهن کي به شريڪ نه ڪنداسين.
نوٽ: لا اله الا الله ۽ اياڪ نعبد مان به اها ئي معنيٰ نڪري ٿي ته الله جي حڪمن تي هلنداسين ۽ الله جي ڪنهن به حڪم جي خلاف ٻئي ڪنهن جو به حڪم نه مڃينداسين.
2) زنا نه ڪنداسين.
3) چوري نه ڪنداسين.
4) ڪنهن تي بهتان نه ٻڌنداسين.
5) سڀ ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ تنهنجي حڪمن جي پيروي ڪنداسين.

مديني جي حڪومت
ناظرينن کي غور سان ڏسڻ گهرجي ته حضرت جن کي مديني جو بادشاهه مقرر ڪيو ويو. مگر ڪا پگهار يا ذاتي فائدا نڪي آڇيا ويا نڪي گهريا ويا. اٽلندو پنجين شرط ۾ چٽائي ڪئي ويئي ته فقط چڱين يا مناسب ڳالهين ۾ سندس حڪمن جي تعميل ڪئي ويندي. مديني ۾ پاڻ سڳورن هڪڙي ڀيري هڪ عورت کي سندس مڙس به نسبت سفارش ڪئي. هن پڇيو شرعي حڪم ٿا ڏيو يا ذاتي شفارش ٿا ڪريو. پاڻ فرمايائون ته ذاتي سفارش ٿو ڪريان. عورت چيو ته مون کي قبول ناهي. پاڻ سڳورن ذرو به رنجيدگي نه ڏيکاري.
پاڻ سڳورن عدل ۽ انصاف جو معيار قائم ڪيو جو دنيا ۾ ڪنهن به قائم نه ڪيو آهي. هڪڙي ڀيري مسلمانن هڪڙي مسلمان جي فائدي ۾ ورڪ ڪيو. مگر حضرت جن يهوديءَ جي فائدي ۾ فيصلو ڏنو، اگرچه يهودي ان وقت سندس جاني دشمن هئا. هڪڙي ڀيري مسلمانن هڪڙي شريف عورت فاطمه جي لاءِ سفارش ڪئي. پاڻ سڳورن جو چهرو مبارڪ لعل ٿي ويو ۽ فرمايائون ته ڇا توهان خدا جي حدن ۾ دخل ۽ دست اندازي ٿا ڪيو. قسم آهي خدا پاڪ جو ته جيڪڏهن منهنجي نياڻي فاطمه اهو ڏوهه ڪري ها ته به خدائي حد جاري رکان ها.
پاڻ سڳورا ڪکائين مسجد ۾ مٽيءَ تي ويهي سڀ ڪم ڪاريون ڪندا هئا. ڪپڙا نهايت سادا پائيندا هئا. ڪپڙا ڦاٽندا هئن ته پاڻ ئي چتي هڻي وٺندا هئا ۽ جتي ڇڄندي هئن ته پاڻ چتي هڻي وٺندا هئا. کائڻ پيئڻ جي سادگي ايتري قدر هئي جو ڪيترائي ڏينهن سندن گهر جي چلهي ۾ باهه ئي ڪانه ٻرندي هئي. پاڻ سڳورا ٻڪري ڏهندا هئا، ٻهاري پائيندا هئا، بازار مان شيون خريد ڪري پاڻ کڻي ايندا هئا. سندن نوڪر هڪڙي ڀيري چيو ته پاڻ سڳورن ڪڏهن به مون کي ڪونه چيائون ته هيءُ ڪم ڇو ڪيئي ۽ هو ڪم ڇو نه ڪيئي.
بنا آفيس ۽ بنگلن جي، فرنيچر ۽ سامان جي، بنا ڪلارڪن ۽ پٽيوالن جي، بنا پگهار ۽ ڀتن ڀاڙن جي پاڻ سڳورا قوم جي سڌاري لاءِ رات ڏينهن ايترو ڪم ڪندا هئا، جنهن جي ڏهين پتيءَ جيترو ڪم به اڄوڪا بادشاهه ڪونه ٿا ڪن. پوءِ جيڪڏهن ڪم جي خوبي، سهڻائيءَ ۽ فائدن ڏي ٿو ڏسجي ته اڄوڪن حاڪمن جي ڪم ۽ رسول خداﷺ جي ڪم ۾ اونده ۽ روشنيءَ وارو تفاوت نظر ايندو. حضرت جن قوم کي هر طرح اوج تي پهچايو ۽ اسان جا حاڪم هر طرح قوم کي تباهه ڪري رهيا آهن.

خلفاءِ راشدين
حضرت جن جي رحلت بعد مسلمانن حضرت ابوبڪر کي سندس خليفو يا جانشين ڪري چونڊيو ۽ چونڊ جو اصول قائم ڪيو. جيڪڏهن خلافت يا بادشاهي مورثي هجي ها ته حضرت عليءَ کي خليفو چونڊيو وڃي ها، حضرت ابوبڪر بعد حضرت ابوبڪر جي پٽ کي، نه حضرت عمر کي. حضرت عمر بعد سندس پٽ کي، نه حضرت عثمان کي خليفو بنايو وڃي ها. خلفاءِ راشدين پاڻ کي چونڊائڻ لاءِ ورڪ ته ڪانه ڪئي پر رڳو خواهش به ظاهر ڪانه ڪئي. حضرت عمر کان پوءِ حضرت عثمان عليءَ کي ووٽ ڏنو ته حضرت عليءَ وري حضرت عثمان کي ووٽ ڏنو. جڏهن حضرت ابوبڪر خليفو ٿيو. تڏهن بروقت هڪڙي تقرير ڪيائين جنهن جا ٿورا لفظ ڏجن ٿا.
جيڪڏهن مان حق تي هلان ته منهنجي مدد ڪجو. پر جيڪڏهن ڪا غلطي ڪيان ته مون کي ٻڌائجو ۽ صحيح واٽ تي آڻجو. اوهان ۾ جيڪو هيڻو آهي سو منهنجي نظر ۾ طاقتور رهندو جيستائين ڪه مان هن جا جائز حق قائم رکان، ۽ جيڪو اوهان ۾ زور وارو آهي سو منهنجي نظر ۾ هيڻو رهندو جيستائين ڪه مان هن کان اهي حق وٺي انهن کي ڏيان جي حق مٿس ٿين ٿا. جنهن قوم خدا جي راهه ۾ جهاد (حق جي لڙائي توڙي ٻيون حق جي راه ۾ ڪوششون) ڪرڻ ۾ غفلت ڪئي، تنهن کي خدا ضعيف ۽ خوار خراب ڪري ڇڏيو. منهنجي فرمانبرداري تيستائين ڪجو جيستائين مان خدا ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيان. جيڪڏهن مان سندن نافرماني ڪيان ته مون کي ڪو به حق ناهي جو توهان منهنجي حڪمن جي فرمانبرداري ڪيو.
ناظرينو! غور سان مٿيان الفاظ پڙهو ۽ بار بار پڙهو. حڪومت ۽ سياست جا سڀ اعليٰ اصول هنن الفاظن ۾ اچي وڃن ٿا. انهن لفظن مان ظاهر آهي ته حاڪمن جي مقرري ۽ حاڪمن جي معزز ولي عوام جي هٿن ۾ آهي، عوام ئي حاڪم آهي. سندن چونڊيل حاڪم جيڪڏهن عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم نه ڪن ۽ قوم ۽ وطن جي خدمت ايمانداري ۽ انصاف سان نه ڪن ته عوام کي حق آهي ته سندن تابعداري ڪرڻ بدران کين سنئين راه تي آڻين يا موقوف ڪري ڇڏين. هي به ظاهر آهي ته حڪومت جو اولين فرض آهي امن امان قائم ڪرڻ ۽ هيڻن کي ڏاڍن کان بچائڻ (اڄ ڪلهه ڏاڍن کي ۽ ظالمن کي هيڻن ۽ مظلومن جي خلاف مدد ڏني وڃي ٿي).
هڪڙي ڀيري حضرت عمر پنهنجي خلافت جي زماني ۾ جمعي جو خطبو ڏيئي رهيو هو ته هڪڙي ٻڍڙيءَ عورت سندس غلطي درست ڪئي جنهن تي حضرت عمر خدا جا شڪر ادا ڪيا. هڪڙي ڀيري جڏهن خطبو شروع ڪيائين ته مسلمانو! ٻڌو ۽ حڪم جي تعميل ڪيو. تڏهين هڪڙي مسلمان اٿي چيو ته نڪي ٻڌنداسين نڪي حڪمن جي تعميل ڪنداسين ڇو ته تو اسان سڀني کي هڪ هڪ چادر ڏني آهي ۽ پاڻ کي ٻه چادرون ڏنيون اٿيئي. حضرت عمر پنهنجي پٽ ڏي اشارو ڪيو هُن اٿي چيو ته منهنجو پيءُ قد آور آهي تنهنڪري هڪ چادر کيس پوري نه ٿي بيٺي. مون پنهنجي چادر به کيس ڏني، ٻنهي کي ڳنڍي هڪ چادر ڪري پاتي اٿس جا توهان ڏسو ٿا ۽ توهان ڏسو ٿا ته مون کي اهڙي چادر ڪلهن تي ڪانهي. پوءِ سڀني کي پڪ ٿي ته حضرت عمر پاڻ کي وڌيڪ چادر ڪانه ڏني آهي. هڪڙي ڀيري کيس ڪنهن بيماريءَ سبب ماکيءَ جي ضرورت پئي پر ماکي ڪانه ملي سگهي. بيت المال ۾ ماکي پيل هئي پر ان مان ڪجهه کڻي کائڻ جائز نه سمجهائين. پوءِ جڏهن ڪائونسل کيس منظوري ڏني تڏهن ان مان ٿوري استعمال ڪيائين.
چارئي خليفا حضرت رسول الله ﷺ جي نقش قدم تي هليا ۽ نهايت سادي زندگي اختيار ڪيائون. اڪيلو گهمڻ ڦرڻ ۽ ڪم ڪار ڪرڻ کان عار نه ڪندا هئا ۽ پاڻ پنهنجي سر ٻين جي خدمت به ڪندا هئا. ساڳي ڪکائين مسجد ۾ پٽ تي ويهي ڪاروبار هلائيندا هئا. ڪنهن به قسم جو تجمل يا شان شوڪت ڪونه رکندا هئا. حضرت عثمان غني وڏو مالدار هو. تبوڪ جي سفر وقت حضرت جن کي جهاد لاءِ هڪ هزار اٺ ۽ ڏهه هزار دينار ڏنا هئائين. جڏهن پاڻ خليفو ٿيو تڏهن خلافت جي ڪم سبب سندس واپار شايد گهٽجي ويو هو جو مرڻ وقت تمام ٿورڙي ملڪيت ڇڏيائين. اسان منجهون ڪو مسڪين خليفو ٿئي ها ته ٻن ٽن سالن اندر پاڻ کي ڪروڙ پتي ڪري ڇڏي ها. حضرت علي پنهنجي خلافت جي وقت ۾ هڪڙي يهوديءَ تي قاضي جي ڪورٽ ۾ فرياد داخل ڪيو پر شاهد هوس هڪڙو اهو به سندس نوڪر. قاضي ڪيس باطل ٺهرايو. حضرت علي نڪي قاضيءَ تي ڪاوڙيو، نڪي يهوديءَ تي. يهودي اهو انصاف ڏسي خوشيءَ سان مسلمان ٿيو. هڪڙي ڀيري حضرت عمر پنهنجي خلافت جي وقت ۾ قاضي وٽ پنهنجي ڪنهن ڪيس به نسبت ويو. قاضي تعظيم کان اٿي بيٺو. حضرت عمر فرمايو ته اها بي انصافي آهي، توکي ٻنهي ڌرين سان هڪ جهڙي هلت ڪرڻي آهي. مطلب ته حضرت جن ۽ خلفاءِ راشدين جي زماني ۾ خالص جمهوريت قائم ٿي ويئي. حاڪم فقط الله هو ۽ قانون به فقط قرآن هو ۽ حضرت جن جا شرعي حڪم به مسلمانن لاءِ قانون هئا. ڪنهن به مسڪين مسلمان کي ڪو به امير يا ڪامورو رڳو اڙي به نه چئي سگهندو هو. ڪامل اخوت مساوات آزادي ۽ خودداري هئي.
لا اله الا الله تي عمل ڪرڻ جو اهو ئي لازمي نتيجو هو.
لا اله الا الله تي عمل ڪرڻ سان ڇڙو ڇڙ عرب قبيلا هڪ قوم بنجي پيا. وحشي بدوي مهذب قوم ٿي پيا. تهذيب ۽ اخلاقن ۾ عرب مسلمان سڄي دنيا کان گوءِ کڻي ويا. تنهنڪري قومي طاقت به منجهن ايتري قدر پيدا ٿي جو دنيا جي سڀني کان وڌيڪ طاقتور بادشاهتن ايران ۽ روم تي غالب پئجي ويا.
حضرت عمر جي ڏينهن ۾ ايران، شام ۽ مصر تي مسلمانن جي حڪومت قائم ٿي ۽ مسلمانن جا اعليٰ اخلاق ڏسي اتي جا اڪثر ماڻهو به خوشيءَ سان مسلمان ٿيا.

خانه جنگي ۽ ڪربلا جو واقعو
افسوس جو حضرت عثمان جي خلافت جي زماني ۾ ڪن شريرن ڪوڙي پروپئگنڊا هلائي فساد پيدا ڪيو ۽ حضرت عثمان کي شهيد ڪرايو. حضرت عثمان کان پوءِ حضرت علي خليفو ٿيو، مگر حالتون ايتري قدر بگڙي ويون جو خانه جنگي شرع ٿي ويئي. آخر حضرت عليءَ کي به شهيد ڪيو ويو ۽ سندس وڏي پٽ حضرت حسن کي به شام جي حاڪم امير معاويه پنهنجي پٽ يزيد جي فائدي ۾ بيعت ورتي، ۽ معاويه جي مرڻ بعد يزيد پاڻ کي خليفو چوايو. امام حسين بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڪوفي جي ماڻهن کيس خط لکيا ته تون اسان ڏي هليو اچ ته اسان توکي هر طرح مدد ڪنداسين.
حضرت امام حسين ٿورن ماڻهن سان اوڏانهن روانو ٿيو. يزيد کي خبر پئجي ويئي. تنهن لشڪر چاڙهي موڪليو ۽ ڪوفي جي ماڻهن کي ڌمڪائي پنهنجي طرف ڪيائين. امام حسين واپس ورڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجي ماڻهن کي چيائين ته هاڻي سر قربان ڪرڻا آهن. جن کي حياتي پياري آهي تن کي مان خوشيءَ سان اجازت ٿو ڏيان ته اهي ڀل واپس هليا وڃن. سو ڪي واپس ويا باقي سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. حضرت امام حسين سان پنهنجا حرم مبارڪ ۽ ننڍڙا معصوم ٻار به هئا. دشمن پاڻي کانئن روڪي ڇڏيو ۽ پري کان تير وسائيندا رهيا. ڪي معصوم پاڪ به شهيد ٿيا ۽ آخر ڏهين تاريخ محرم جي، خود امام صاحب کي تير هڻي زخمي ڪري وڌائون ۽ آخر سندس سر وڍي يزيد ڏي کڻي ويا. ان کان پوءِ يزيد سڀني مسلمانن تي بادشاهه ٿي ويو ۽ سڀني مسلمانن طوعن ڪرهن بيعت ڪئي. جيڪي گوشه نشين ٿي ويا تن به گويا اڻ سڌيءَ طرح بيعت ڪئي. اهڙيءَ طرح خلافت هميشه لاءِ ختم ٿي ويئي ۽ موروثي ۽ استبدادي بادشاهي قائم ٿي ويئي. جيڪو ڏاڍو ٿيو تنهن پنهنجو گهراڻو قائم ڪيو. اڳتي هلي مسلمانن جون جدا جدا بادشاهتون قائم ٿي ويون، ۽ مسلمان بادشاه اڪثر ڪري هڪ ٻئي سان وڙهندا رهيا ۽ بعضي ته غير مسلم بادشاهن جو طرف وٺي مسلمان بادشاهن ۽ انهن جي بادشاهتن کي تباهه ڪندا رهيا. پوءِ يورپ وارن ايترو زور ورتو جو مسلمانن جا گهڻائي ملڪ کسي ورتائون ۽ باقي ملڪن تي به غلبو ۽ رعب رکي پنهنجو تسلط ڄمايائون. مسڪين مسلمانن تي پوءِ اهي ظلم ٿيا ۽ اهي تباهيون آيون جي تاريخ ۾ پڙهي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ٿي وڃي. شڪر آهي جو هاڻي گهڻين مصيبتن بعد مسلمانن ۾ ڪجهه هوش آيو آهي ۽ هڪ ٻئي سان ٻڌي ۽ اتفاق ڪرڻ جو خيال منجهن پيدا ٿيو آهي.
پر افسوس هي آهي ته مسلمانن حضرت علي ۽ امام حسين جي مدد ڪانه ڪئي جنهن ڪري چونڊ جي خلافت ختم ٿي ويئي ۽ مورثي ۽ استبدادي بادشاهت قائم ٿي ويئي. انهيءَ ڪري نه رڳو آخر مسلمانن جي طاقت هلي ويئي ۽ غيرن جا غلام ٿي ويا، پر خود اسلام به منجهائن رفته رفته نڪري ويو ۽ رڳو وڃي پاڇو رهيو. مسلمان زبان سان ته پوءِ به لا اله الا الله چوندا رهيا پر عملن هن جو ڪلمو هو لا اله الا يزيد، الا اڪبر، الا سلطان عبدالمجيد خان وغيرهم- اڪثر بادشاهه ۽ امير ظالم ۽ بدين هئا. عالمن لالچ ۽ ڊپ کان ڪوڙيون حديثون ٺاهيون ۽ ڪوڙيون فتوائون ڏنيون ۽ مذهب کي گهڻي قدر بگاڙي ڇڏيائون. بادشاهن ۽ اميرن جي بد عملن ۽ بد اخلاقين جي ڪري ٻيا ماڻهو به بد اخلاق ۽ بد ڪار ٿيندا ويا. ۽ ان وقت اسان جي حالت اها آهي جو گهڻن مسلمانن کي ته لا اله الا الله جي معنيٰ جي به خبر ڪانهي. گذريل تيرهن صدين ۾ امامن، علمائن ۽ بزرگن ڇو مورثي بادشاهت جي خلاف ۽ چونڊ واري خلافت قائم ڪرڻ لاءِ جهاد نه ڪيو ۽ سر قربان نه ڪيا سو هڪ درد ناڪ داستان آهي.
هاڻي يورپ جي تقليد ڪري ڪن اسلامي ملڪن ۾ چونڊن جو رواج جاري ڪيو ويو آهي. اڪثر اسلامي ملڪن ۾ نالي طور جمهوريت آهي، باقي ٿورن ملڪن ۾ اڃا تائين مورثي ۽ استبدادي بادشاه پنهنجو حڪم هلائي رهيا آهن. مگر ڪنهن به اسلامي ملڪ ۾ اوائلي جمهوريت، آزادي، خودداري، اخوت، مساوات ۽ انصاف بلڪل ڪونهي.

سنڌ ۾ چونڊون
گهڻي وقت کان لوڪل بورڊن ۽ ميونسپالٽين جون چونڊون ٿينديون آيون آهن. پر اسلامي سپرٽ ۽ اخلاقن نه هئڻ ڪري انهن منجهان فائدن کان نقصان گهڻا پي رسيا آهن. اڪثر ڪري اهي ماڻهو چونڊجن ٿا جي پئسي وارا ۽ زور وارا آهن. اگرچه اهي پئسي وارا آهن ته به بد اخلاق هئڻ ڪري رشوتون وٺندا آهن يا ڪم ازڪم پنهنجا فائدا به ڪڍندا آهن ۽ پنهنجن دوستن ۽ مائٽن کي به نامناسب فائدا ڏيئي پبلڪ جا پئسا هضم ڪندا آهن. نه رڳو ايترو پر آڪٽراءِ وغيره اڳاڙڻ ۾ ڪيترن ئي واپارين سان بيجا رعايت ڪندا آهن. جنهن ڪري آمدني گهٽ ٿئي ٿي، ۽ جن ڪمن تي پيسا خرچڻا آهن، مثلن رستا ٺاهڻ يا جايون ٺهرائڻ ته پوءِ ٺيڪيدارن کان رشوت وٺي انهن سان به گهڻي رعايت ڪندا آهن. مطلب ته آمدني ٿئي گهٽ ۽ خرچ ٿين وڏا ۽ اجايا. ميمبرن ۽ عهديدارن ۾ ايتري بي ايماني هوندي آهي جو بار بار ميونسپالٽيون سسپينڊ ڪيون وينديون آهن. ساڳيءَ طرح لوڪل بورڊن جي حالت به ناگفته آهي. رستن جا مالهي اڪثر ڪري يا سڀئي ميمبرن جا خانگي نوڪر آهن ۽ انهن جو ئي ڪم ڪندا آهن. رستن تي وڻ هاڻي ڪو ورلي آهن.
پر تمام وڏيون خرابيون ۽ تباهيون اسيمبلي جي چونڊن مان پيدا ٿيون آهن ۽ ٿينديون رهن ٿيون. ٻهراڙين ۾ وڏن زميندارن جو زور آهي، ۽ اڪثر ڪري اهي ئي ننڍن زميندارن ۽ پيرن کي خريد ڪري انهن جي مدد سان عوام کان ووٽ حاصل ڪندا آهن. ميمبر ٿيڻ لاءِ هو هزارين رپيا بلڪ لکن تائين به خرچ ڪري وجهندا آهن. ميمبر ٿيڻ بعد هيڪاري زور وٺندا آهن. ڪامورن مان نامناسب فائدو وٺندا آهن ۽ سندن انتظام بگاڙيندا آهن. جن ننڍن زميندارن کين ووٽن ۾ مدد ڪئي هوندي تن کي به وڏا فائدا وٺي ڏيندا آهن. اهي ننڍا زميندار اڪثر ڪري چور رکندا آهن، چوريون ڪرائيندا آهن، ڌاڙا هڻائيندا آهن، زالون کڻائيندا آهن، ڀنگ ۽ رشوتون وٺندا آهن ۽ عوام تي هرطرح جا ظلم ڪندا آهن. اهي وڏا زميندار ايم - اين – اي (MNA) صاحب انهن ننڍن زميندارن کي قاعدي جي گرفت کان بچائيندا آهن تنهن ڪري بلڪل بي ڊپا ٿي ظلم ڪندا آهن. ايم ايل اي صاحب پاڻ به ڪو نه ٿا گهٽائين. هنن کي به ڪم از ڪم چونڊن جو خرچ به ته عوام مان ئي ڪڍڻو آهي. پوءِ ظلم نه ڪن ته ڀلا ٻيو ڇا ڪن. چونڊن جي رواج کان اڳي به زميندار جو زور گهڻو ئي هو. شايد زمينداري ڌنڌو ئي اهڙو آهي جو اڪثر زميندارن کي وحشي بنايو ڇڏي. هيءَ ڳالهه ته ظاهر آهي ته زميندار اڪثر ڪري عيش عشرتن ۾ غلطان رهن ٿا ۽ علم ۽ تعليم ۾ پست رهن ٿا. ڪي زنا ۾، ڪي نشن ۾، ڪي ڪڪڙن ويڙهائڻ ۾، ڪي ڏاندن ڀڄائڻ ۾ ۽ ڪي ڪتن پالڻ ۾ رات ڏينهن حيران پريشان آهن.
حيرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته خود عوام به انهيءَ ظالم زميندار جي ساراهه ڪندو آهي ۽ سندس فرمانبرداري ڪندو آهي. جيڪو چوريون ڌاڙا ۽ خون ڪرائيندڙ هجي ۽ پرايون زالون کڻائيندڙ هجي ۽ ڀنگ ۽ رشوتون وٺندڙ هجي. عوام چوندو آهي ته بيشڪ هو مڙس ماڻهو آهي. پر جيڪڏهن ڪو زميندار با اخلاق ۽ انصاف وارو ماڻهو هوندو آهي ته چوندو آهن ته منجهس ٿوم ئي ڪانهي، نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀوءُ. چيو ويندو آهي ته سنڌ ٻڌل آهي موچڙي سان، سو جيڪڏهن هارين وغيره کي رات ڏينهن موچڙي سان نه ڪٽبو ته مٿي تي چڙهي ويندا ۽ فرمانبرداريءَ کان نڪري ويندا. اي مسڪين عوام اوهان کي هن ڳالهه تي سخت غيرت اچڻ گهرجي. اسلام موجب سڀ مسلمان ڀائر آهن ۽ هڪ جهڙا ۽ برابر آهن. پوءِ توهان ڇو ظالمن جي پيرن ۾ لتاڙجڻ تي صبر ڪيون ويٺا آهيون ۽ ڇو پاڻ کي پاڻهي ظلم جو شڪار ٿيڻ ٿا ڏيو. جڏهن ڪو زميندار يا ڪامورو ڪنهن مسڪين تي ظلم ٿو ڪري تڏهن توهان ڪورٽ ۾ شاهدي ڏيڻ کان به انڪار ٿا ڪريو! توهان ايترو به سمجهي نٿا سگهو ته اڄ هن مسڪين تي مصيبت آئي آهي ته سڀاڻي منهنجو به وارو ايندو. پوءِ مون کي به ڪوئي مدد ڪونه ڪندو.
توهان عوام جيڪڏهن پسند ٿا ڪيو ته توهان تي زميندارن ۽ ڪامورن جا ظلم ٿيندا رهن، هو توهان کي نفرت سان ڏسندا رهن، توهان کي ڪتن ۽ ڪڪڙن کان به گهٽ ڪري سمجهن ته پوءِ توهان جو الله واهي آهي. پر جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته توهان به ٻين جهڙا انسان آهيو، توهان کي به غيرت آهي، توهان به باعزت زندگي چاهيو ٿا ۽ سڌريل ملڪن جي عوام وانگر آزاد ۽ آسودا ٿيڻ چاهيو ٿا ته سجاڳ ٿيو. پاڻ کي نظام هيٺ آڻيو، ۽ ووٽ فقط انهن کي ڏيو جيڪي وڏي علم وارا هجن، اعليٰ اخلاقن وارا هجن ۽ اوهان جا خير خواه ۽ مددگار هجن.
گورنمنٽ، مسلم ليگ ۽ چونڊون
عالم آشڪار آهي ته 1901ع ڌاري انگريز سرڪار ڪانگريس جي مخالف ۾ مسلم ليگ کي کڙو ڪيو. ٿورڙا سرڪار جا پيارا خانبهادر سال ۾ يا ٽن سالن ۾ هڪ ڀيرو ڪنهن هنڌ گڏجي ڪانگريس جي خلاف ٺهراءَ پاس ڪندا هئا، بادشاهه سلامت جي وفاداريءَ جي تلقين ڪندا هئا ۽ هندن جي خلاف مسلمانن جا ڪي حق طلب ڪندا هئا جن ۾ سندن کي فائدو هوندو هو. پر انگريزن ترڪن جي خلاف اٽلي ۾ بلقانين سان همدردي ڏيکاري. پوءِ ته خود انگريزن ۽ ترڪن جي وچ ۾ لڙائي به لڳي. تنهن ڪري مسلمانن جون دليون انگريزن کان ڦرنديون ويون ۽ مسلم ليگ ڪانگريس سان ميلاپ ڪرڻ لڳي. خلافت جي گوڙ بعد انگريزن وري هندن ۽ مسلمانن کي ويڙهائي وڌو. ويتر هندن مسلمانن سان فراخدلي ڏيکارڻ بدران تنگدلي ۽ تعصب ڏيکاريو. تنهنڪري انگريزن ڪاميابيءَ سان محترم محمد علي جناح کي ڪانگريس جي خلاف ڪيو ۽ ليگ کي زور وٺائڻ لاءِ نوابن خانبهادرن وغيره جي مدد ڏني. جيڪي مسلمان انگريزن جي خلاف هئا ۽ جيل ڪاٽيا هئائون سي گهڻو ڪري ليگ مان نڪري ويا. پوءِ ليگ جو ڪم ٿيو رڳو ڪانگريس جي مخالفت ۾ ٺهراءَ پاس ڪرڻ ۽ پاڪستان جي طلب ڪرڻ.
خدا جي فضل سان پاڪستان مليو ۽ مسلم ليگ جي ڪارڪنن کي وڏا وڏا عهدا ۽ ٻيا فائدا مليا، ۽ مسلم ليگ دفن ٿي ويو. جيڪي ماڻهو هاڻي پاڻ کي مسلم ليگي سڏائين ٿا تن گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ ڇا ڪيو آهي؟ ڪجهه به نه. پر نقصان ته ڪروڙين جا ڪيا اٿن، ۽ ظلم ۽ تباهيون ۽ بد انتظاميون به بي حساب ڪيون اٿن. هن وقت پاڻ کي مسلم ليگي اهي ٿا سڏائين جن جي هٿ ۾ طاقت آهي ۽ چاهين ٿا ته طاقت اسان جي هٿن مان نه وڃي. گويا هاڻوڪا وزير ايم اين اي گورنر ۽ سندن مددگار ئي مسلم ليگي آهن. جيڪي ٻيا چاهين ٿا ته اسان به ايم اين اي ٿيون ۽ وزير ٿيون تن کي غدار ۽ ڪافر سڏيو ٿو وڃي. جيڪڏهن ائين آهي ته چونڊن تي ڪروڙين رپيا تباهه ڇو ٿا ڪيا وڃن ۽ ڇو قوم کي تباهيءَ ۾ وڌو وڃي ٿو. اهڙين چونڊن کان بهتر ته ائين آهي ته گورنمنٽ پاڻ ميمبر چونڊي بلڪ ان کان بهتر ائين آهي ته اسيمبلي هئڻ ئي نه گهرجي.
اسيمبليءَ لاءِ ٽڪٽون انهن کي ڏنيون وڃن ٿيون جي اڪثر ڪري زميندار آهن. سڀ ڪنهن کي معلوم آهي ته 95 في سيڪڙو زميندار جاهل ۽ بد اخلاق ظالم آهن. پوءِ انهن کي ٽڪٽ ڇو ٿي ڏني وڃي؟ انهيءَ لاءِ ته غريب وزير ٿيڻ جي ڪوشش ئي نه ڪندا ۽ وزارتون وري به اسان ئي ٺاهينداسين. عوام پيڙجن تي ڀلي پيڙجن. زور وارن کي ٽڪٽون ڏئي وري انهن کي سڄي گورنمنٽ ۽ عملدارن کي بيجا ۽ بيقاعدي مدد ڏيڻ آهي. عوام کي هڪڙي هٿ سان ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ ٻئي هٿ سان ووٽ جو حق کسي وٺڻ. ڇو نه ٿي گورنمنٽ اعلان ڪري ته ٽڪٽ ڏيڻ جو دستور بند ڪيو وڃي ۽ ڇو نه ٿي سرڪار هر هڪ ووٽر جي ڌيان تي آڻي ته توهان ووٽ انهيءَ کي ڏيو جو علم ۾ ٻين کان وڌيڪ هجي ۽ اخلاق ۾ بهتر هجي ۽ عوام جو خير خواهه هجي؟ سبب پڌرو پيو آهي ته جن جي هٿن ۾ طاقت آهي سي نٿا چاهين ته آزاد چونڊون ٿين ۽ اسان ٿڏجي وڃون. سيفٽي ايڪٽ اهو بيقاعدي قانون آهي جنهن جي وسيلي ڪنهن به ماڻهوءَ کي بنا ڪيس هلائڻ جي جيل ۾ رکي سگهجي ٿو. اسلام ڪو اهڙو قانون سيکاريو آهي ڇا؟ اهو قانون اڪثر ڪري مخالفن کي دٻائڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو، جي ويچارا ميمبر ۽ وزير ٿيڻ چاهين ٿا. مسلم ليگ آهي ئي ڪونه سا حقيقت اهڙي چٽي آهي جهڙو سج. جيڪڏهن ڪو چمڙو پنهنجي انڌائيءَ سببان سج کي نه ڏسي سگهي ته پوءِ سج جو ڪهڙو قصور؟ ڏٺو ويو آهي ته چونڊن بعد هڪدم وزارتن لاءِ خود ليگي سڏائيندڙن جي وچ ۾ ويڙهه شروع ٿي ويندي آهي. ٻه ليڊر ۽ ٻه پارٽيون ٺهنديون ۽ هر هڪ پارٽي ميمبرن کي پاڻ ڏي آڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. ميمبر به ان وقت آڪڙ جي آسمان تي چڙهي ويندا آهن. پوءِ ڪن کي وزارت آڇي پنهنجي طرف ڪيو ويندو آهي ته ڪن کي پارليامينٽري جو عهدو ڏيئي خريد ڪبو آهي ته ڪن کي ٻيا فائدا آڇي عهد اقرار ڏئي پنهنجي پاسي ڪيو ويندو آهي. مثلن ڪن کي چيو ويندو آهي ته مان تنهنجي پٽ يا ڀائٽي کي وڏي نوڪري وٺائي ڏيندس ته ڪن کي چيو ويندو آهي ته مان توکي 110 قلم جي زد کان بچائيندو رهندس، تو ڀلي چوريون ڪرائيندو رهه. ٽي (3) وزير ڪافي هجن ته به ڇهه (6) وزير مقرر ڪيا ويندا آهن. پارليامينٽري سيڪريٽري ته ڪو به ڪم ڪونه ڪندا آهن ته به کين هڪ هزار رپيا مهينو مفت ۾ ڏنو ويندو آهي ۽ پبلڪ ۽ عوام جو پيسو اهڙي طرح لٽيو ويندو آهي جو خدا جي پناهه!
مٿي چيو اٿم ته ليگي سڏائيندڙ پاڻ ۾ ئي وڙهندا رهندا آهن.
ڏسو محترم سنائي سيد کي، سنڌ مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ هو ته به ليگي ليڊرن مرحوم شيخ غلام حسين ۽ محترم کهڙي سان ٽڪٽن به نسبت ٽڪرجي پيو ۽ ليگ مان ڪڍيو ويو. چونڊن بعد خود محترم کهڙي مرحوم شيخ صاحب کي چيف منسٽري تان ڪيرائڻ چاهيو مگر محترم جناح کيس روڪي وڌو. وري جڏهن مرحوم شيخ صاحب گورنر ٿي ويو ۽ کهڙو صاحب چيف منسٽر ٿيو تڏهن خود سندس ڪئبنيٽ جا وزير مير صاحب ۽ پير صاحب سندس خلاف اٿي کڙا ٿيا ۽ جناح صاحب کيس ٿڏي پير صاحب کي وزير اعظم بنايو. اڃا ٿورو وقت مس گذريو ته پير صاحب اسيمبليءَ مان ئي ڪڍيو ويو. پوءِ مير صاحب چيف منسٽر ٿيڻ چاهيو مگر کهڙي پارٽيءَ سيٺ يوسف هارون کي اڳواڻ بنائي پنهنجي وزارت ٺاهي. اڃا ڪجهه وقت مس گذريو ته خود سيٺ صاحب سان به اڻبڻت شروع ٿي ويئي. کيس ڪنهن به تڪ مان ٽڪٽ نه ڏني ويئي. تنهن ڪري هن ڇا ڪيو جو مير صاحب ۽ قاضي صاحب کي وزارت مان ڪڍي محترم مولا بخش ۽ محترم رحيم بخش کي وزارت ۾ آڻي سکر تڪ مان بنا مقابلي پاڻ چونڊايائين. پوءِ ته سيٺ صاحب جي اهڙي حالت ٿي جو مجبورن وري مير صاحب ۽ قاضي صاحب کي وزارت ۾ آندائين. پر آخر چيف منسٽري ڇڏي هليو ويو. هاڻي وري ٻڌجي ٿو ته خود کهڙي صاحب ۽ قاضي صاحب جي وچ ۾ اڻبڻت شروع ٿي ويئي آهي.
ناظرينو! هاڻي پاڻ فيصلو ڪيو ته هيءَ مسلم ليگ آهي يا وزارت ۽ طاقت هٿ ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن سانن جي ويڙهه لڳي پيئي آهي. وڙهن سان لتاڙجن ٻوڙا! ويچارا عوام ٻوهي ۾ اچي ويا آهن. چور، ڌاڙيل، ظالم زميندار، ظالم پوليس ۽ ٻيا عملدار سڀ کين ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙي رهيا آهن. سڌريل ملڪن جا مزدور به پنهنجون موٽرون ٿا رکن. هتي ته هارين کي رڳو لسي به ڍؤ تي ڪا نه ٿي ملي. سياري جي سرديءَ ۾ سوٽي قميص به ڪن کي ڪا نه هوندي آهي. ڪن کي سوڙ آهي ته ڪن کي رلهي به ڪانهي. بيمارين جي علاج لاءِ به گهڻن کي پيسو ڪونه هوندو آهي. پر سڀ کان خراب ڳالهه هي آهي ته نه سندن ڍڳو ڍور سلامت آهي، نه عزت سلامت نه جان سلامت ۽ نه عورت جي عظمت سلامت آهي. کين علم ۽ دين کان به محروم رکيو ويو آهي.

چونڊن ۾ ڪميڻيون حرڪتون
جڏهن چونڊن جو وقت اچي ٿو تڏهن گهڻن جي لاءِ مزو مچي ٿو. ايديٽر صاحب پيسا وٺي ڪري اميدوارن جي فائدي ۾ قلم کي خوب جوش ڏيارين ٿا، ۽ اوهان عوام سمجهو ٿا ته جيڪي ايڊيٽر صاحب لکن ٿا سو وحي کان به وڌيڪ سچ آهي. بهر خدا چونڊن به نسبت ايڊيٽرن تي اعتبار نه ڪيو. پنهنجون اکيون کولي پاڻ ڏسو. پير ۽ مرشد به وڏيون رقمون وٺي پنهنجي مريدن کي برغلائڻ لاءِ نڪري نروار ٿيندا آهن. اوهان عوام چوندا آهيو ته اسان کي پنهنجي مرشد جو حڪم ضرور مڃڻو آهي. اوهان کي اها خبر نه ٿي پوي ته ڪٿي مرشد جو حڪم، ڪٿي خود خدا جو حڪم. اوهان جي مرشد ته پيسا وٺي کيسا ڀريا پر توهان کي ڪهڙو ضرور پيو آهي جو خدا جي نافرماني به ڪيو ۽ پنهنجي پير تي ڪهاڙو به هڻو. ظالمن کي ووٽ ڏيئي طاقتور بنائڻ جي معنيٰ آهي پنهنجو خانو خراب ڪرڻ ۽ ملڪ جي ٻيڙي ٻوڙڻ. مولوي صاحب جي فائدي ۾ وعظ ڪندا آهن ۽ قرآن شريف جون آيتون مٺڙي آواز سان پڙهي غلط تاويل ٻڌائي جاهلن کي برغلائيندا آهن. تنهن کان پوءِ اهي چالاڪ اميدوار سڀني زميندارن ۽ پڄنديءَ وارن کي پيسا ڏيئي يا لالچون ۽ اميدون يا ڌمڪيون ڏيئي پنهنجي طرف ڪندا آهن ۽ اهي به اوهان مسڪينن کي لٺ يا چٽ يا ٻئي ڏيکاري توهان کان ووٽ حاصل ڪندا آهن.
توهان عوام اهو بلڪل خيال ڪو نه ڪندا آهيو ته ميمبر ٿيڻ لاءِ وڌيڪ لائق ڪير آهي. توهان چوندا آهيو ته فلاڻو اميداوار اسان جي قوم جو سردار آهي، هو به چانڊيو يا جوڻيجو آهي ۽ اسان به چانديا يا جوڻيجا آهيون. تنهنڪري اسان کي ذات واري اميدوار کي ووٽ ڏيڻ گهرجي. اسلام موجب سڀ مومن مسلمان ڀائر آهن. ذات پات جو ڀيد فقط ڪافرن وٽ آهي. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته اي انسانو! مون اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو آهي. پوءِ اوهان جون ذاتيون ۽ قبيلا ٺاهيم انهيءَ لاءِ ته هڪ ٻئي کي سڃاڻو. (مگر) الله وٽ ته اوهان مان اهو وڌيڪ عزت وارو آهي جو تقويٰ (پرهيزگاري ۽ نيڪ عملن) ۾ اوهان سڀني کان وڌيڪ آهي. ازانسواءِ هيءَ ڳالهه ضرور خيال ۾ رکو ته ميمبري ڪو پنهنجي عزت وڌائڻ ۽ پنهنجي ماڻهن کي فائدن ڏيڻ لاءِ ناهي، پر اٽلندو خود قربانين ڪرڻ ۽ سڄي قوم جي خدمت ڪرڻ لاءِ آهي. ظلم ۽ رشوت ڪڍي انصاف امن امان ۽ آسودگي حاصل ڪرڻ لاءِ آهي. تنهنڪري توهان ووٽرن کي فقط هي خيال رکڻو آهي ته ڪهڙو اميدوار علم ۽ اخلاقن ۾ بهتر آهي ۽ قوم جو وڌيڪ خير خواهه آهي. پوءِ انهيءَ کي ووٽ ڏيو اگرچه هو مسڪين ڪوري موچي هجي، اگرچه هو ٻيءِ ذات جو هجي ۽ اگرچه هو اوهان جي تڪ ۾ رهندڙ ئي نه هجي.
پر انهن سڀني کان وڌيڪ خراب ڳالهه هيءَ آهي ته چونڊن وقت گهڻيون ئي زبردستيون، ظلم ۽ بيقائدگيون ڪيون وڃن ٿيون. 1946ع واري چونڊ ۾ خود گورنر صاحب سر فرنسز مڊي پنهنجي يارن کي چونڊائڻ لاءِ ور کڻي سندرو ٻڌي بيٺو. سڄي سنڌ ۾ گشت ڪري زميندارن ۽ سرڪاري علمدارن تي زور رکيائين ته ڪيئن به ڪري ليگ جي ٽڪٽ وارن کي ڪامياب ڪيو. سو ڪن هنڌن تي ته اڌ رات ۽ اسر جي وقت پيتيون ڪوڙن ووٽن سان ڀريون ويون. جڏهن سچا ووٽر ڏينهن جي وقت ووٽ ڏيڻ آيا تڏهن کين هڪاليو ويو. جيڪي ووٽر مري ويا هئا يا بيمار هئا يا ٻاهر ويل هئا تن بدران به ٻيا ماڻهو آڻي ووٽ داخل ڪرايا ويا. مخالف اميدوارن جي ايجنٽن گهڻائي واڪا ڪيا ۽ ثابتيون پيش ڪيون پر سرڪاري عملدار پاڻ جو ليگ وارن جو طرف وٺي بيٺا هئا سي مظلومن جا واڪا ڇو ٿا ٻڌن. اهڙا اتفاق به گهڻا ٿيا جو جن ووٽرن کي مخالف اميدوارن کي ووٽ ڏيڻو هو تن جو پيپر ڦري پاڻ منڌيئڙو پائي پيتيءَ ۾ وڌو ويو. قاعدي موجب ووٽ ڳجهو آهي. پيتي پرڀرو لڪل هنڌ رکبي آهي جتي ووٽر وڃي لڪي منڌيئڙو پائي پيتيءَ ۾ پيپر وجهي اچي. پر گهڻن ئي ووٽرن کي ائين ڪرڻ نه ڏنو ويو. عوام کي ۽ چڱن ليڊرن کي گهرجي ته هر هنڌ ميٽنگون ڪري سرڪار کي چتاءُ ڪن ته يا ته چونڊن جو سرشتو بند ڪجي يا وري ٽڪٽين ڏيڻ جو سرشتو بند ڪجي يا ته بيقاعدگيون سختيءَ سان بند ڪجن نه ته ضرور فساد ۽ خونريزيون ٿينديون. يقين آهي ته سرڪار اهي ڳاليهون قبول ڪونه ڪندي جنهن لاءِ مٿي سبب ڏنا ويا آهن. پر جيڪڏهن عوام سجاڳ ٿيندا ته الله تعاليٰ ڪونه ڪو رستو کولي ڏيندو. الله تعاليٰ ڪارساز آهي. ڏسو تازو دادو ۾ ڇوٽي چونڊ ٿيڻي هئي. اتي جيڪي بيقاعدگيون ٿيون سي عالم آشڪار آهن. گورنر صاحب کي اپيل ڪئي ويئي جا هن مهينن بعد رد ڪري ڇڏي. هاڻي تازو قمبر شهداد ڪوٽ واري ڇوٽي چونڊ ۾ به سرڪاري ڪامورن دست اندازي ڪئي ۽ ووٽن واري ڏينهن جيڪي زبردستيون ۽ بيقاعدگيون ڪيون ويون تنهن مان اوهان عوام ۽ نيڪ ليڊرن کي اندازو ڪرڻ گهرجي ته اڳتي هلي ڇا ٿيڻو آهي. پر همت نه هاريو.
همت مردان مدد خدا. الله تعاليٰ جو هڪڙو قانون هي به آهي ته ظالم پنهنجي ظلم ۾ وڌندو ويندو آهي تان جو پاڻ کي پاڻ پنهنجي هٿن سان تباهه ڪندو آهي. پهاڪو آهي ته ڏمرجي ڏيهه ڌڻي ته نه ڏسي ڏنگايون. پر هنن جي ته سرسيءَ مان اوهان کي ۽ ملڪ ۽ قوم کي فائدو پوڻو ڪونهي. فائدو تڏهن پوندو جڏهن اوهان سجاڳ ٿيو، ڪمر همت ٻڌو، پاڻ کي نظام هيٺ آڻيو، ايڪ ٿيو ۽ نيڪ ٿيو. پوءِ خدا توهان ساڻ آهي.

نظام
ڪنهن ڳوٺ يا ٽن چئن ڳوٺن يا هڪ محلي جا ووٽر يا سڀ بالغ مرد اٽڪل 500 کن گڏجي پاڻ مان 3 يا 5 علم ۽ اخلاقن وارا ماڻهو چونڊين. پوءِ اهي مسڪين هجن توڙي شاهوڪار، زميندار هجن توڙي واپاري يا وڪيل. اهڙيءَ طرح سڄي تڪ مان اٽڪل 150 چونڊيل عيوضي هڪ هنڌ گڏ ٿي پاڻ مان 3 يا 5 اهڙا ماڻهو چونڊن جي علم ۽ اخلاقن ۾ ۽ عوام جي خيرخواهي ۾ ٻين کان بهتر هجن. اهي چونڊيل عيوضي نامينيشن پيپر ڀرين ۽ پوءِ هڪ جي فائدي ۾ ٻيا دست بردار ٿين. جيڪڏهن خود ليگ به اهڙي ماڻهوءَ کي ٽڪٽ ڏئي جو سچ پچ علم ۾ اخلاقن وارو هجي ۽ عوام ۽ مسڪينن جو خيرخواهه هجي ته پوءِ ان جو مقابلو ڪرڻ نه گهرجي، بلڪ ان جي فائدي ۾ دست بردار ٿي ان جي مدد ڪجي. توهان ڏسندو ته اهڙو ماڻهو ضرور حق ۽ انصاف جو پاسو وٺندو.
مان سمجهان ٿو ته اهڙو نظام قائم ڪرڻ سولو ڪو نه آهي. زميندار ۽ ڪامورا هر طرح رنڊڪون وجهندا، مگر ڪوشش ضرور ڪرڻ گهرجي. نيٺ ڪاميابي حاصل ٿيندي. ڇو ته خدائي قانون آهي ته سچي ڪوشس ڪرڻ سان نيٺ حق جي فتح ٿئي ٿي.
جيستائين مٿئين قسم جو نظام قائم ٿئي تيستائين هر هڪ تڪ جي نيڪ ماڻهن کي خوب پروپيگنڊا ڪرڻ گهرجي. توهان هن ڪتاب ۾ اڳي ئي پڙهيو آهي ته حضرت جن مديني جي حاڪم ٿيڻ لاءِ پاڻ ڪوشش ڪانه ڪئي پر مديني جي ماڻهن پاڻ دعوت ڏيئي کين مديني جو بادشاهه بنايو. ساڳيءَ طرح چئن خليفن پاڻ خليفي ٿيڻ لاءِ خواهش ظاهر نه ڪئي. پر ماڻهن کين زور ڪري خليفو بنايو. حضرت عمر پنهنجي وفات کان اڳي ڇهن ماڻهن جا نالا ڏسيا. 1 - حضرت عثمان 2 - حضرت علي 3 - حضرت عبدالرحمان بن عوف 4 - حضرت سعد بن ابي وقاص (فاتح ايران) 5 - حضرت صالحه ۽ 6 - حضرت زبير. انهن مان حضرت عبدالرحمان ته خليفي ٿيڻ کان انڪار ڪيو. حضرت عثمان حضرت عليءَ کي خليفو ڪرڻ چاهيو. آخر گهڻن جي راءِ تي حضرت عثمان کي خليفو ڪيو ويو.
هن مان هڪ ڳالهه هيءَ ڏسي سگهو ٿا ته خلافت يا حڪومت يا ميمبري يا گورنري ذاتي فائدن يا ذاتي عزت وڌائڻ لاءِ ناهي. پر قوم جي خدمت ڪرڻ لاءِ آهي ۽ قوم کي ئي پنهنجا حاڪم چونڊڻا آهن. اهي حاڪم قوم جا پگهار ٿا کائن تنهنڪري قوم جا خادم ۽ زيردست آهن ۽ کين قوم سان وفادار ٿي رهڻو آهي ۽ رات ڏينهن قوم جي ڀلي جا ڪم ڪرڻا آهن. اهو ئي سبب هو جو ڪو به خليفي ٿيڻ لاءِ اهڙيءَ طرح خواهشمند نه هو جهڙيءَ طرح اڄ جا ماڻهو ميمبريءَ لاءِ وزير ٿيڻ، گورنر يا سفير ٿيڻ ۽ ڪلڪٽر ٿيڻ لاءِ خواهشمند آهن ۽ هزارين ناجائز حيلا ٿا هلائين. ظاهر آهي ته هو پنهنجي غرض لاءِ نه ڪي قوم جي خدمت لاءِ اهڙا حيلا ٿا هلائين. پوءِ ڇو اهڙن خود غرض ماڻهن کي ووٽ ڏجي جي پنهنجن مطالبن لاءِ ملڪ ۽ قوم کي تباهه ڪندا رهن. ٻي ڳالهه هيءَ ڏسي سگهو ٿا ته سچي چونڊ اها آهي جنهن ۾ ماڻهو پاڻ گڏجي منٿ ڪري ڪنهن نيڪ ماڻهوءَ کي اميدوار بيهارين ۽ کيس ووٽ ڏين. جڏهن اهو نيڪ ماڻهو ميمبر ٿئي ته ائين نه ٿئي ته اٽلندو هو ووٽرن جو احسان مڃي. هو پنهنجا فائدا ڪونه وٺندو پر تڪليفون وٺي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندو. ملڪ ۽ قوم کي خوشحال ۽ آسودو ڪرڻ لاءِ ايترو ته ڪم ڪرڻو آهي جنهن جو اندازو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. پهريائين ته ڪامورن جي رشوت، چورن جون چوريون ۽ ظالمن جا ظلم بند ڪرڻا آهن. پوءِ ٻيا به سوين ڪم ڪرڻا آهن.

سنڌ جي نيڪ ماڻهن کي اپيل
نيڪ ماڻهن کي مان گهڻي ادب ۽ نياز سان اپيل ٿو ڪريان ته عمل جي ميدان ۾ ٽپي پئو. هٿ پير هلائڻ کان سواءِ خدا به ڪنهن جي مدد ڪانه ٿو ڪري. توهان جو پهريون فرض هي آهي ته هر هڪ ووٽر کي خوب ذهن نشين ڪرايو ته ووٽ جي اهميت ڇا آهي ۽ ووٽ ڪهڙي قسم جي ماڻهوءَ کي ڏجي. ٻيو فرض اوهان جو هي آهي ته ووٽرن کي نظام هيٺ آڻيو ته پنهنجا عيوضي پاڻ پنهنجي ضمير موجب چونڊين ۽ ٻين جي برغلائڻ تي برغلائجي نه وڃن. توهان کين چئو ته بيشڪ توهان تي ظالمن جو دٻاءُ پوي ٿو ۽ توهان کانئن ڊڄو ٿا تنهنڪري توهان واعدو ڏيو ٿا ته اسان ووٽ فلاڻي کي ڏينداسين. بعضي ته توهان کي قرآن شريف تي قسم به کڻايو وڃي ٿو ته توهان قسم تي واعدو ڏيو ٿا. پر قرآن مجيد ۾ فرمايل آهي ته غلط ڪم لاءِ يا گناهه جي ڪم لاءِ قسم تي واعدو ڪيو ته به اهو وعدو نه پاڙيو.اگرچه توهان کي خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان به ڊڄڻ نه گهرجي تنهن هوندي به جيڪڏهن ڊڄو ٿا ته پوءِ وعدو ڀلي ڏيو، مگر ووٽ ڏيڻ وقت توهان کي ڳجهو ووٽ ڏيڻ ڏين، ته پوءِ ووٽنگ پيپر تي ٻه ٽي منڌيئڙا ڏيئي ڪم از ڪم ووٽ ته خراب ڪري ڇڏيو. ظالم جي ڪاوڙ کان بچڻ لاءِ ائين چئي سگهندو ته مان ته پاڻ گهڻا ووٽ ڏنا، مون کي ڪهڙي خبر ته ائين ڪرڻ سان ووٽ خراب ٿيندو آهي؟ جيڪي بيقاعدگيون ٿين سي نيڪ مردن کي ٻڌايو ته هو جيڪي ڪري سگهن سو ڪن. پر وڏو زور هن ڳالهه تي ڏيو ته خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي کان ڊڄڻ اسلام جي بلڪل خلاف آهي. فقط الله جي ٻانهپ ڪريو، فقط کانئس مدد گهرو، مٿس ئي توڪل رکو ۽ رڳو کانئس ڊڄو، پوءِ هو ڪارساز توهان جي جرائت ۽ نيڪ عملن جو اجر اوهان کي ضرور ڏيندو.

لا اله الا الله محمد الرسول الله
لا اله الا الله جي معنيٰ آهي ته اسان جو معبود (جنهن جي ٻانهپ ڪيون سو) فقط الله آهي. اسان جو مقصود ۽ مطلوب به فقط الله آهي. جڏهن اسان الله جي ٻانهپ ڇڏي زميندارن ۽ ڪامورن جي ٻانهپ اختيار ڪئي ۽ هنن فرعونيت اختيار ڪري خدائي جي دعويٰ ڪئي، تڏهن ته اسان ذليل، سڃا ۽ تباهه ٿي وياسين ۽ ڌارين ڪافرن جي غلاميءَ هيٺ اچي وياسين. محمد رسول الله جي معنيٰ آهي ته حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ الله جو رسول يعني پيغام پهچائيندڙ آهي. هن اسان کي قرآن مجيد جو پيغام پهچايو. هاڻي اسان تي فرض آهي ته قرآن مجيد معنيٰ سان پڙهون ۽ ان تي عمل ڪيون. افسوس جو اڄوڪي زماني ۾ رڳو زبان سان ڪلمون شريف پڙهون ٿا، مگر نڪي ان جي معنيٰ سمجهڻ جي ڪوشش ٿا ڪيون نڪي ان تي عمل ٿا ڪيون.
غير مسلمانن علم ۽ عقل جي وسيلي اسان کان اخلاقن ۾ به بهتر ٿي ويا آهن ۽ دولت ۾ به برتر آهن ۽ اسان تي غالب به آهن. افسوس جو اسان قرآن هوندي به پست پئجي وياسين ۽ ٻيا دنيوي علم جي ڪري اسان تي غالب پئجي ويا. جرمني، جاپان، آمريڪا وغيره اوتري قدر ترقي ڪري ٿا وڃن جيتري قدر منجهن اخلاق بهتر آهن. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته هو علم ۽ عقل ۾، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ ۾ ۽ محنت ۽ ڪفايت شعاري ۾ اسان کان گهڻو بهتر آهن. هنن جو عملي ڪلمون آهي لا اله الا قومنا يعني اسان جو خدا فقط اسان جي قوم آهي. هو پنهنجي قوم لاءِ قربانيون ڪن ٿا ۽ پنهنجي قوم کي اوج تي پهچائين ٿا. پر افسوس جو پنهنجي قوم جي ظاهري فائدي لاءِ ٻين قومن سان ظلم ڪن ٿا. تنهن ڪري خون خوار لڙائيون لڳن ٿيون ۽ تباهه ٿين ٿا. سچو ڪلمون شريف اهو آهي ته فقط الله ئي اسان جو خدا آهي جو رب العالمين آهي، تنهن ڪري اسان کي سڀني ماڻهن ۽ قومن سان انصاف ۽ رحمدلي سان پيش اچڻ گهرجي. مگر افسوس ته اسان مسلمانن جو عملي ڪلمون يورپي قومن جي ڪلمي کان به گهڻو بدتر آهي. اسان جو ڪلمون آهي لا اله الا انا يعني مان ئي خدا آهيان، ۽ خود غرضي ئي منهنجو مقصود ۽ مطلوب آهي. مان دولت جو پوڄاري آهيان مون کي زور ۽ زر جي طلب آهي انهيءَ لاءِ ته مان دنيائي موجون ماڻيان ۽ عيش عشرتون ڪيان. مان پنهنجي غرضن لاءِ قوم کي به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. عقل ۽ کيڏ سان قربان ڪندو رهيو آهيان ۽ قوم مون کي ليڊر سڏي رهي آهي. افسوس آهي قوم جي جاهليت تي جو مڪارن ۽ ظالمن کي پنهنجي مٿان حاڪم بنائي رهي آهي.

ووٽ جي اهميت
ووٽ خدائي امانت آهي جنهن کي غلط استعمال ڪرڻ سان سڄي قوم جي مصيبتن جو گناهه ووٽ ڏيندڙ تي پوي ٿو.
ووٽ جو حق پهريائين اسلام عوام کي ڏنو مگر معاويه ۽ يزيد اهو حق کسي ورتو. هاڻي يورپي ماڻهن کان اسان به ووٽ جو رواج سکيو آهي. مگر ووٽ جي اهميت ۽ ووٽ جي معنيٰ عوام کي بلڪل ڪانه ٿي سيکاري وڃي. ووٽ ڏيڻ جي معنيٰ آهي حاڪم چونڊڻ، ان جي بيعت ڪرڻ ۽ ان کي حضرت رسول الله ﷺ ۽ خلفاءِراشدين جو جانشين ڪرڻ. مسلمان جيڪڏهن حضرت جن ۽ خلفاءِراشدين جي تاريخ پڙهن ته کين خبر پئجي وڃي ته حاڪمن ۾ ڪهڙا اخلاق هئڻ گهرجن ۽ ڪيئن هنن کي امن امان قائم رکڻ گهرجي ۽ ڪيئن مسڪينن کي ڏاڍن جي ظلم کان محفوظ رکجي ۽ ڪيئن قوم کي بلند اخلاق، آسوده حال، طاقتور ۽ غالب ڪجي. سندن تاريخ مان معلوم ڪري ٿو سگهجي ته حاڪم انهن کي مقرر ڪرڻ گهرجي، يعني ووٽ انهن کي ڏجي جن ۾ خود غرضي نالي ماتر به ڪانه هجي ۽ قوم جي خدمت لاءِ سندن دل تڙپندي هجي. اها سچي ڳالهه آهي ته هن وقت حضرت ابوبڪر صديق جهڙا انسان ملڻ مشڪل آهن. پر انهيءَ جو اهو مطلب ناهي ته انهيءَ ڪري ڪنهن به ظالم بدمعاش کي ووٽ ڏيئي وزير بنائي ڇڏجي. اسان وٽ جيڪي ماڻهو موجود آهن تن ۾ سڀ آڱريون برابر ناهن. اڄوڪن چڱن ۽ خراب ماڻهن جي وچ ۾ به ايڏو تفاوت آهي جيڏو اونداه ۽ روشنائيءَ جي وچ ۾ يا اڇاڻ ۽ ڪاراڻ جي وچ ۾. عوام پاڻ به سمجهي سگهن ٿا ته فلاڻو فلاڻي کان اخلاقن ۾ بهتر آهي خود زميندارن ۾ به چڱا ماڻهو آهن. مثلن ٽنڊي باگي وارو مرحوم مير غلام محمد خان جنهن مدرسي جو بنياد وڌو تنهن لکين رپيا قوم لاءِ خصوصن لاڙ جي مسلمانن لاءِ قربان ڪيا. نالن وٺڻ کان مان حذر ٿو ڪيان مگر سچ پچ ڪي زميندار اهڙا به آهن جي ٻين کان صد بار بهتر آهن. زميندارن کي ڇڏي ٻين ماڻهن جا مثال ٿو ڏيان. دادو ضلعي ۾ جناب علي بخش چنا صاحب مسٽر شفيع محمد صاحب وڪيل جناب عبدالعزيز صاحب سولنگي ۽ ٻيا نه رڳو اعليٰ تعليم يافته آهن پر اخلاقن ۾ به گهڻن کان چڱا آهن ۽ گهڻي قدر ديندار آهن. اهڙا ماڻهو سنڌ ۾ ٻه ٽي سو ته ضرور هوندا. جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کي اميدوار بيهاري ڪامياب ڪجي ته ملڪ جون حالتون هڪدم ڦري وينديون، چوريون ۽ رشوت خوريون بند ٿي وينديون، انصاف ۽ امن امان قائم ٿيندو ۽ عوام آسوده حال ٿي ويندو. وڏي چڱائي هيءَ ٿيندي جو قوم جا اخلاق بلند ٿيندا ۽ ممڪن آهي ته ذري گهٽ حضرت ابوبڪر صديق جهڙا انسان به پيدا ٿي پون. مان وري به نيڪ مردن ۽ عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته خدا جي واسطي حضرت جن ۽ خلفاءِ راشدين جي گاديءَ تي اهڙا ماڻهو نه وهاريو جي زنا ۽ شراب خوري ڪندڙ، چوريون ڪرائيندڙ، ڀنگ وٺندڙ يا رشوتون کائيندڙ هجن، جي ڪوڙا منافق ٺڳبار هجن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪندڙ هجن. توهان انهن کي ووٽ ڏيو جي ايماندار هجن ۽ ٻين انسانن جا خيرخواهه هجن.
اي نيڪ مرد! جيستائين اهڙو نظام قائم ڪيو جو عوام پنهنجو عيوضي پاڻ چونڊين تيستائين توهان جو فرض آهي ته توهان پاڻ خود قرباني ڪري ميمبريءَ لاءِ بيهو ۽ نامينيشن پيپر ڀريو. فڪر ناهي جيڪڏهن ناڪامياب ٿيو. خدا وٽان اوهان کي وڏو اجر ملندو. ناڪاميابي ڪاميابين جو بنياد آهي. ڏسو هوائي جهازن جي ٺاهڻ وارن پنهنجون جانيون قربان ڪيون مگر آخر ايتري ڪاميابي حاصل ٿي جو اڄ بادشاهه ۽ راڻيون به تفريح لاءِ هوائي جهازن جي سواري ڪن ٿيون. اهو خدائي قانون آهي ته ڪوشش ثابت قدميءَ سان ۽ ناڪاميابين ۽ قربانين سان آخر ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي. جيڪڏهن توهان هن ڀيري ڪامياب نه ٿيندؤ ته قوم کي ايتري قدر سجاڳ ڪري سگهندؤ جو ٻين چونڊن ۾ اوهان مان ڪي ڪامياب ٿي ويندا. ۽ ان کان پوءِ ايندڙ چونڊن ۾ گهڻا نيڪ ماڻهو چونڊبا.
اسان جي ملڪ ۾ جيڪي سياسي پارٽيون پئي ٺهيون آهن سي به انگلينڊ جي انڌي تعليم سببان. اسان وٽ اڃا ڪو اصولن جو تفاوت آهي ئي ڪونه. تنهنڪري پارٽيون شخصي بنياد تي قائم ٿيون آهن، مثلن پهريائين مرحوم شيخ غلام حسين ۽ محترم سر شاهنواز خان ڀٽو جي وچ ۾ چٽاڀيٽي هئي. شيخ غلام حسين اهڙي کيڏ کيڏي جو سر شاهنواز خان چونڊجي ڪونه سگهيو ورنه وزير اعظم ضرور سرشاهنواز خان ڀٽو ٿئي ها. اهڙيءَ طرح اڄ تائين رڳو وزارتن هٿ ڪرڻ لاءِ پارٽيون پئي ٺهيون آهن. حقيقت ۾ پارٽيون ٺاهڻ اسلام جي خلاف آهن. في الحال وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي رشوت ۽ چوريون بند ڪرڻ ۽ امن امان قائم رکڻ. ان لاءِ ضروري آهي ته فقط هن اصول تي چونڊون ٿين ته جيڪو وڌيڪ علم وارو ۽ بهتر اخلاقن وارو انصاف پسند اميدوار هجي تنهن کي ووٽ ڏجي.
اميدوار کان هيٺ ڏنل ڳالهين جا ۽ اهڙا ٻيا وعدا لکائي وٺجن. پوءِ جيڪڏهن هو ميمبر يا وزير ٿئي ۽ اهي وعدا پورا نه ڪري ته ٻئي ڀيري کيس ووٽ ڏيڻ نه گهرجي:-
1) آءُ فقط الله جي ٻانهپ ڪندس ۽ ڪنهن کي ساڻس شريڪ نه ڪندس. قرآني حڪمن جي خلاف ڪنهن جو به حڪم نه مڃيندس.
2) آءُ قرآن مجيد هر روز ڪم از ڪم ڏهه منٽ معنيٰ سان پڙهندس ۽ ٿي سگهندو ته پاڙيوارن کي پڙهي ٻڌائيندس.
3) آءُ زنا، چوري، شراب خوري ۽ جوا بازي نڪي ڪندو آهيان نڪي ڪندس. بلڪ انهن جي بند ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشس وٺندس.
4) آءُ رسائي ۽ رشوت نڪي وٺندس، نڪي ڏيندس.
5) آءُ پاڻ کي يا ٻين کي بيجا ۽ نامناسب فائدا نڪي پاڻ کي ڏيندس نڪي ٻين کان وٺي ڏيندس.
6) سرڪاري عملدارن جو انتظام خراب نه ڪندس، بلڪ کين چڱي انتظام رکڻ ۽ ڏوهن بند ڪرڻ ۾ مدد ڪندو رهندس.
7) مان خودغرضيون ڦٽي ڪري ملڪ جي ڀلي لاءِ پنهنجي سڀ طاقت صرف ڪندس.
8) مان رسائي، رشوت ۽ پوليس ۽ زميندارن جا ظلم بند ڪرڻ جي لاءِ سخت ڪوشش وٺندس ۽ ٻهراڙيءَ ۾ چوريون وغيره بند ڪرائي امن امان قائم ڪندس.
9) عوام يعني هارين ۽ مزدورن جي حالت سڌارڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس. منهنجو خاص مقصد اهو ٿيندو ته ڪامورو يا ڪو به ٻيو ماڻهو ڪنهن به مسڪين کي نه گار ڏيئي سگهي نه چماٽ هڻي سگهي نه بيگر وهائي سگهي. ملڪ ۾ پوري پوري آزادي خودداري مساوات ۽ اُخوت پيدا ٿي وڃي.
10) آءُ اها به ڪوشش وٺندس ته مزدورن ۽ هارين جي مالي حالت سڌري ۽ هو خوش زندگي گذاري سگهن. هنن کي ڪم از ڪم اَنُ، کير، مکڻ، ڏڌ جي ڪمي ڪانه هجي. گوشت، مڇي، ڀاڄيون به خريد ڪري سگهن. سياري جي لاءِ گرم ڪوٽ ۽ سوڙيون ڪافي هئڻ گهرجن. سندن گهر صاف ۽ هوادار هجن. ڍڳن ڍورن ۽ گاهه وغيره لاءِ جدا لانڍيون هجن. کين تعليم مفت ڏني وڃي ۽ مرڪزي ڳوٺن ۾ خيراتي اسپتالون هجن. کين تعليم مفت ڏني وڃي ۽ مرڪزي ڳوٺن ۾ خيراتي اسپتالون هجن. جيئن ڪنهن به مسڪين کي دوا درمل تي خرچ ڪرڻو نه پوي. مان اهڙيون رٿون ٺاهيندس جن موجب مزدور ۽ هاري هر قسم جا گهرو هنر سکي پنهنجو فرصت جو وقت سجايو ڪن ۽ وڌيڪ پيسا ڪمائي سگهن وغيره.
آخر ۾ مان دائمي سعادت ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ نسخو ٿو ڏيان جنهن کي مان نالو ٿو ڏيان قومن جي دائمي زندگي ۽ طاقت لاءِ اسلامي اڪسير.
علم سان گڏ عمل تقويٰ ۽ نيڪ اخلاق
دولت سان گڏ سادگي محنت ۽ سخاوت
حڪومت سان گڏ نماڻائي عدل ۽ انصاف