پڙهائڻ جو هنر
تعليم جي مقصدن ۽ متن بابت هتي فقط ٿورن لفظن ۾ لکون ٿا. تعليم جو مقصد رڳو اهو ناهي ته انسان لکڻ، پڙهڻ ۽ ليکو چوکو ڪرڻ سکي. نه وري رڳو اهو آهي ته جيڪي ڪتابن ۾ پڙهي، سو ياد ڪندو وڃي؛ پوءِ اُهي ياد ڪيل ڳالهيون کيس دنيا ۾ ڪارائتيون هجن يا نه، انهن کي چڱيءَ طرح پرُجهي پروڙي اُنهن تي عمل ڪري دنيا ۾ فائدو وٺي يا نه. تعليم جو سچو مقصد آهي اهڙي واقفيت حاصل ڪرڻ، جا دنيا ۾ ڪارائتي ٿئي. نه رڳو اهڙي واقفيت حاصل ڪرڻ، پر اُن واقفيت تي عمل ڪرڻ، چڱيون ۽ ڪارائتيون عادتون پرائڻ پڻ تعليم جو خاص مقصد آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته تعليم جو مقصد آهي بدني، دماغي، مالي، اخلاقي ۽ روحاني ترقي. تعليم اهڙيءَ طرح سوالن جي رستي ڏجي، جو شاگرد کي غور ۽ خوض ڪرڻو پوي ۽ دماغ کي ڪم آڻي، خيال ڪرڻ جي طاقت کي زور وٺائي. بلڪ شاگردن کي عملي تربيت ڏجي ۽ جيڪي هنن کي روزمره اٺن ئي پهرن ۾ ڪرڻو آهي، سو اهڙيءَ طرح ڪرائجي جئن ڪرڻ گهرجي. انهيءَ طرح تعليم ڏيڻ سان علم ۽ ڪتابن لاءِ چاهه پيدا ٿئي ٿو ۽ مطالع مان اهڙو مزو ٿو اچي، جهڙو ٻين ڳالهين مان هرگز نه ايندو. جنهن کي مطالع ڪرڻ جو شوق ڪونهي، سو گويا اڻ پڙهيل آهي، ڇو ته جيڪڏهن هن کي علم وڻيو هجي ها ۽ علم پڙهڻ مان مزو اچيس ها ته وڌيڪ ڪتابن مطالعو ڪرڻ کان ڪيئن رهي سگهي ها. شايد هن کي علم مان مزي اچڻ بدران نفرت ٿي اچي. سنڌ ۾ به گهڻا مولوي اهڙا آهن، جي مطالعو بلڪل ڪو نه ٿا ڪن. چئبو ته هنن کي اسلام جو علم وڻيو ته ڪو نه، پر اٽلندو شايد کين اُن کان نفرت آئي (نعوذ بالله منها)
ارمان جي ڳالهه آهي جو اسان جا معلم ملا ُ خواه مولوي ڪن صدين کان وٺي ترقي ڪرڻ بدران پٺتي هٽندا ويا آهن. انهيءَ ۾ سندن قصور ڪونهي، پر زماني جي گردشن ۽ بيقدريءَ جو نتيجو آهي. هاڻي به هو محنت ڪن ٿا، پر پوري رهنمائي نه هئڻ ڪري سندن گهڻي محنت ضايع ٿي ٿئي. سندن پڙهائي اهڙي آهي، جو ستَ ورهيه کن پارسيءَ تي لڳي ٿا وڃن ۽ اهڙا ست ورهيه عربي پڙهڻ تي. پوءِ به جيڪي ٿورا شاگرد ڪامياب ٿي نڪرن ٿا، سي نه عربي زبان ڳالهائي ٿا سگهن نه عربي ۾ خط پٽ لکي ٿا سگهن ۽ نه وري اڻ پڙهيل عربي ڪتاب يا عربي اخبارون پڙهي ٿا سگهن. ازان سواءِ تعليم چڱيءَ طرح نه ملڻ ڪري اسلامي تعليم جون خوبيون، فلسفا ۽ فائدا نه سمجهيا اٿن، جنهن ڪري اسلام جو شوق نه پاڻ کي اٿن نه ٻين کي اسلامي تبليغ ڪرڻ جو چاهه يا قابليت اٿن، بلڪ هو اسلامي ڪتابن جو پڙهڻ ئي ڇڏي ٿا ڏين. اهڙا ماڻهو جي مطالعو کان پري ٿا ڀڄن، سي اڻ پڙهيل آهن بلڪ اڻ پڙهيلن کان به بدتر.
ڏٺو ويو آهي ته پارسي پڙهائڻ ۾ مولوي سڄي سٽ جي معنيٰ ٻڌائن ٿا، جا شاگرد طوطي وانگر ياد ڪري ٿو ڇڏي، مگر ان سٽ جي ڌار ڌار لفظن جي معنيٰ ڪانه ٿي اچيس. اُستاد سٽ پڙهائيندو ۽ اُن جي معنيٰ ياد ڪرائيندو ٿو وڃي. مگر طالب علم نڪي پارسي زبان ٿو سکي، نڪي پڙهيل سٽن جو مطلب ٿو پروڙي ۽ سمجهي. بهتر ائين آهي ته پهريائين سوليون آکاڻيون نثر ۾ پاڙهجن، هر هڪ لفظ جي معنيٰ ٻڌائجي، پوءِ سڄي جملي جي معنيٰ طالب علم پاڻ ٺاهي ٻڌائي ۽ مطلب به سمجهائجي. ائين ڪرڻ سان طالب علم کي اهو فائدو ٿيندو، جو جيڪي لفظ اڳي سکيل هوندو، تن جي معنيٰ ڪو نه پڇندو، باقي جيڪڏهن ڪو نئون لفظ جمله ۾ ايندو ته رڳو اُنهيءَ نئين لفظ جي معنيٰ پڇندو. رفته رفته هو گهڻن جملن جي معنيٰ پاڻ ڪڍي ويندو، فقط ڪنهن ڪنهن جملي ۾ ڪنهن نئين لفظ جي معنيٰ پڇڻي پونديس يا لغت ۾ ڏسندو، تنهن کان سواءِ پهريائين سليس سنڌي جملا ڏجن، جن جو ترجمو پارسيءَ ۾ طالبعلم ڪن. رفته رفته ڏکيا جملا، آکاڻيون، خط ۽ مضمون پارسيءَ ۾ لکي ويندا. ازان سواءِ پارسيءَ ۾ گفتگو ڪرڻ ۽ تقرير ڏيڻ جو استعمال به ڪرائجي.
اهڙي طرح عربيءَ ۾ صرف ۽ نحو جي ياد ڪرائڻ تي تمام گهڻي محنت ڪئي ٿي وڃي. بهتر ائين آهي ته شروعات ۾ ئي سليس عربي جملا ۽ آکاڻيون سيکارجن نحو جا قاعدا انهن جي وسيلي سمجهائجن.
انگلينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ به پارسيءَ ۽ عربيءَ سيکارڻ جا مدرسا آهن، اُتي پڙهائي اهڙي قسم جي آهي، جو هڪ يا ٻن سالن ۾ زبان سکي ٿي وڃجي ۽ تقرير، تحرير ۽ مطالعو ڪرڻ جي اهڙي طاقت پيدا ٿي وڃي ٿي، جو هو مجلس ۾ ليڪچر ڪري ٿا سگهن، تصنيفون لکي ٿا سگهن ۽ اڻ پڙهيل ڪتاب ۽ اخبارون پڙهي ٿا سگهن.
مطلب ته پڙهائي جي هنر جي به حد ئي ڪا نه رهي آهي. جيڪي اسان جا ملا ٻارهن مهينن ۾ سيکاري سگهن ٿا ۽ هندستان جا چڱا معلم ٽن مهينن ۾ سيکاري سگهن ٿا، سو ولايت جا هوشيار ماستر ساڳيو ڪم هڪ مهيني ۾ سيکاري سگهن ٿا. اسان جي معلمن کي اها به خبر ڪانهي ته شاگردن کي باقاعدي قطار ۾ وهارجي ۽ درجي وار شاگرد پاڻ ۾ گڏ وهارجن ۽ هر هڪ درجي جي شاگردن کي گڏي سبق سيکارجي. گڏي سيکارڻ ۾ محنت گهٽ ڪرڻي ٿي پوي. مثلن جيڪڏهن ڪنهن درجه ۾ ڏهه شاگرد آهن ته هر هڪ کي ڌار سبق سيکارڻ ۾ ڏهوڻ محنت ڪرڻي پوندي، پر جيڪڏهن سڀني کي گڏي سبق سيکارڻ جي تجويز هوندي ته ڏهين پتي محنت ڪرڻي پوندي. اگرچه اسان جي لوڪلبورڊ اسڪولن جا ماستر به ڪو پڙهائي جو هنر چڱو ڪو نه ٿا ڄاڻن ته به ملا اسڪولن جي معلمن کي به گهرجي ته سندن پڙهائي جا طريقا ڏسن ۽ کانئن پڇن. ائين ڪرڻ سان به ڪجهه نه ڪجهه ترقي ٿي پوندي.
(ملا مخزن فبروري 1931ع)